اچي هنڌ وَساءِ، جي تو ري سيرَ سُڃان ٿيا.
(2)
ڪانگل! وَڃُ قريب ڏي، هَلِي هَرڪارا
اڱڻَ ڏِجِ عجب جي، لَمِي لامارا
پُهائِج پِرِين کي، ڳَل ڪَري ڳارا
اي سدا سوڀارا! محب موٽائي آڻِ تون.
(3)
ڪانگَل! چئج قريب کي، زاغَ! ڪري زاري:
اَٺَئي پَهَرَ اوهان ري آه مَن کي مُونجهاري
الله لڳ اسان وٽ آءُ منهنجا منٺاري!
تان حمل هِڪَ واري، ڏِسي لاهي ڏُکَڙا.
(4)
ڪانگَل! ڏجِ قريب کي، تُرت خبر تازي:
توبہ ڪيم توڏَ کئون مَڃُ الله لڳ آزي
پيريءَ منجهه پَرِيُون ڪيون مون سان مجازي
ٿيءُ رب ڪارڻ راضي، حمل حُج ڦِٽي ڪئي.
(5)
ڪانگَل! ڏِج قريب کي، هيءَ نيئي خوب خبر:
جانِبَ جِئري ڪين مَٽيندس، دوست اوهانجو در
مان ڪڏهينِ ڪا مِهِر پويئي، لاهين ڏوٺَ ڏَمر
رحم ڪري ٿِينءَ راضي، منهنجا درد لاهين دلبر!
اِها آسَ اميد رکيو ٿو حمل اچي هر هر
جانسين ڪانڌي نِينِ قَبر، تانسين اٿم آسرو.
(6)
ڪانگَل! چئج قريب کي، حالُ وڃي هيڪر
منهنجو تنهن محبوب سان حال وڃي هيڪر:
منهنجو اُڏائي ڪيترا، هِيڻا ٿيا هيڪر
پاڻهين پير ڀَري ڪَري، جي حالُ پُڇو هيڪر
تان حمل چئي هيڪَرُ، ماڻهن منجهه مَٿي ٿئي.
(7)
ڪانگَل! چئج قريب کي، هَٿَ ٻَڌي ٻيئي
منهنجو تنهن محبوب کي ڏج نياپو نيئي:
ٻُڌي حال حمل جو اَچج اَڄيئي
تان ساجن سڀيئي، توکي سُورَ سُڻائيان.
(8)
ڪانگَل! چئج قريب کي، پيري پَر ڌَري:
منهجي تو ريءَ سپرين! ساعت ڪين سري
اچين هوند حمل چئي، پِرين! پير ڀَري
ته صدقو ساه ڪَري، هيءُ ٻانهو تنهنجي ٻاجهه تؤن.
(9)
ڪانگل! چئج قريب کي، تون عرض ڪري آهون
ڏج روئي تون ڏک مؤن، دردن جون دانهون:
تُنهنجيءَ حب حمل چئي، ٿو روز ڏسان راهون
ٻاجههَ ڀَريون ٻانهون، اچي مون ڳَل ڏي منهنجا
پرين!
(10)
ڪانگل! چئج قريب کي، نيئي نياپا
چَئجان چڱيان ڪري، ڏيئي ڏوراپا:
سٽِيُم تو ساجن لئي، سَڱ ۽ سِياپا
جيءَ جا جياپا! هيڪر آءُ حمل چئي.
(11)
ڪانگلَ! چئج قريب کي، ساري سَهس سَلام:
دلبر منهنجي دل کي، تو دوست وڌا
هن دام
کائڻ ناه خوشيءَ جو، نيڻن ننڊر حرام
هاڻي هِتِ حمل چئي، ٿو اچي نا آرام
الله لڳ انجام، ڪَرِ ڪي محب! مِلَڻ جا.
(12)
ڪانگَل! چئج قريب کي، نِوڙي ساڻ نياز:
مون کي عشق اوهان جي اندرئون ڪِيو آواز
نڪا عبادت اُڄهي، نڪا نفل نماز
ڏِسي حال حمل کي تون کڻي نيڻَ نواز
تُنهنجي محب مجاز، پِڃاري جان پِڃيو.
(13)
ڪانگَل! چئج قريب کي، تون نياپو هيءُ نروار:
راتيان ڏينهان روح ۾ آه تُنهنجي طلبَ تنوار
ڪنهن دم وِسرين ڪينڪي، تون محب مٺا منٺار
هيڪر آءُ حمل چئي، تان دوست ڏسان ديدار
سِگهو سُهڻا يارَ! وَرجِ ويرمَ نَه سَهان.
(14)
ڪانگل چئج قريب کي، اوٽُ ويهي اولي
پُرزو ڏيج پِرِينِ کي کَنڀڙن مون کولي
منهنجو عرض الله لڳ، چنهنب چئج چولي
ته: بَندي ٿي
بندگيون چَيُون، گوندر مؤن گولي
تُنهنجيءَ سِڪ سوراخ ڪيا سي ڦڦڙ ڏس ڦولي
جيڪي ٻاجهه مَنجهئون ٻولي، سا کِيانتا! ڏِج خبر
تون.
(15)
ڪَہُ ڪانگا! ڪَرِ باتِ، اڄ عجيبَ اچڻ جي
اچي ويهه اکين تي، لَنئه سَٻاجهي لات
اچن هوند حمل چئي، اَڄ پِرِين اڄ رات
تان ڪانگل تُنهنجو وات، مصريءَ ساڻ مِٺو ڪريان.
(16)
ڪالهونڪرَ ني ڪانءِ، ٿو کِنيباتو خبرن ڏِئي
اچو ويهي اَنگههَ تي، ٿو ڪانءِ ڪري ”ڪان“ ”ڪان“
ٻولي مون ٻروچ چئي، مامَ پروڙي مان
حمل! ٺَري ٿو هانءِ، آيا ڪي آيا پرين.
(17)
ڪانگو ڪَر مٿي ڪَيُون، ٿو لَوي منجهه لَوي
لغاري چئي لات ڪَيُون، ٿو چڱيءَ ڀَتِ چوي:
ٿيو خوش اَوي، آيا ڪي آيا پرين.
(18)
ڪانگَ ٻُڌائي ڪانگَ، پڙهي پرين جي پارَ جي:
سِگها ايندا سپرين، سَوَلا ٿِيڙنِ سانگَ
دِلَ جا ميٽيا دانگَ، ڪانگَ ٻُڌائي ڪانگَ سا.
داستان ڏهون
بيت: سر بروو سنڌي
[فصل- 1]
(1)
مون کي ماءَ! مجاز، ڇِني تان ڇيتيون ڪيو
آيلَ! ڪَم نه اُڄهي، نڪي نفل نمازَ
حمل! حَبيبن جي رمز ڇَپايم رازَ
اَلستي آوازَ، منهنجو چِتُ چَريو ڪيو.
(2)
موهيسَ مخمورن، نيڻن ناز پِرِين جي
اندر منجهه عجيب جا، ٿا پلپل پُورَ پَوَنِ
حمل چئي هيءَ دلڙي سَنگائي سُورن
گهايَسي جن گهُورَنِ، تن گهُورَنِ تان گهوري وڃان.
(3)
چشمن جان چشمانَ تنهنجون، اکيون آب حيات
جن سو پيتو پاڪ رهيا، سڀ سختيءَ کَئون سَڪرات
موتي مرندا ڪين اُهي، سي هُونِ هَميش حيات
حمل هِهڙي ڏاتي، ڪَنِ نيڪَنِ نصيب ٿئي.
(4)
جهڙا هئڙا ڪالهه، اڄ نه اهڙا سپرين
نا سو کِلڻ خوشيءَ جو، نا سا چلڻ چال
منهنجي اڄ عيبن جي، ڪنهن ڳُجهي سُڻايَنِ ڳالهه
حمل! ههڙي حال، مون کئون مُنهن مَٽي ويا.
(5)
جهڙا هُئڙا رات، اڄ نه اهڙا سپرين
مون کان مُنهن مَٽي ويا پره ڦُٽي پِرڀاتَ
منهنجي اڄ عيبن جي، ڪنهن بُري سڻاين بات
حمل! هُونِ حياتِ، مانَ مِلن مون ڪڏهين.
(6)
پَلڪ مَ ٿيءُ پَري، دلبرَ دوستَ اکينِ کئون
منهنجي توريءَ سپرين! ساعت ڪين سَري
ڏِسيو ڏِسيو ڏُک لاهِيان، ٿو هردم هانءُ ٺَري
وِڇوڙي جي واءُ کئون، ٿو منهنجو ڏِيل ڏَري
ڦوڙائي فراق کئون، ٿِي ڦُري دل ڦَري
قادِرُ گَڏ ڪَري، حمل! هميشہ ڏينهڙا.
(7)
منهنجا ڏج محبوب کي سنيها ساري
پانڌي! چئج پرين کي رت هنجهون هاري:
رويو راهه اوهان جي، ٿو نِتِ نِتِ نِهاري
ويٺُون وساري، هاڻي ڪيئن حَمل کي.
(8)
حمل چئي: هڪ ڏينهن، مون وٽ آءُ منهنجا پرين
وسارِيُئي وَرهين کي، سو نَئون اچي ڪَر نِينهن
مون تي مِهرئُون مينهن، وَري آءٌ وَساءِ تون.
(9)
حمل! هڪ ساعت، مون وٽ اچي منهنجو پرين
تان ڏک وڃن سڀ ڏيل مؤن، روح وَٺي راحت
پرين سان پاهَت، منهنجي روز ميثاق کئون.
(10)
سانڍيم سَدائي، هڪ توهان جي ساه ۾
اندر ۾ اُڌمان ڏئي، سا ڪَل نه ڪنهن ڪائي
حمل! چئي: هيءَ دل تو گهُورن سان گهائي
جا لئون اوهان لائي، سا ڪنهن دم وسري ڪينڪي.
(11)
سِڪندَي ٿيڙم سالَ، تو سڪ نه لاٿي سپرين!
اَٺئي پهَرَ اندر م،آ تنهنجي سڪ سُنڀالَ
اچين هوند، حمل چئي، ڪَري ڀَلائي ڀال
ته ملڪ مَڏِيُون سڀ مالَ، سِرَ سُوڌو صدقي ڪريان.
ڪافي
ادا پانڌي چئج پَرِ کي، سڀ سنيها ساري
1.
تُنهنجي اچڻ لئي ويچاري، نِت واٽون ٿي نهاري
2.
هن نماڻيءَ جي نِجهُري، واڳ ايندون ڪڏهن واري
3.
سُورَ سَليان جي سپرين! ڏک ڏونگَر وِجهن ڏاري
4.
حال حمل جو معلوم توکي، وڃي ويٺُون ڪيئن وساري!
[فصل- 2]
(1)
گهايَسِ تُنهنجيءَ گهُورَ، جا سڄڻ! ڏني تو سامهين
اَٺئي پَهرَ انهيءَ ۾، آه دِل چَري چَڪچُور
هِهڙي حال حمل جو، معلوم تو مذڪور
سُڻي منهنجا سور، تَرسُ نه پُيئي تِرَ جيترو.
(2)
ڪيهي ڏوهَ ڏَمَر، ٿو مو سان ڪرين منهنجا پرين
تُنهنجي باهه برهه جي، جا آهي آڳ اندر
ڪڍان هوند، حمل چئي، تنهن مؤن ٻاڦ ٻَهر
ته وَڻ ٽِڻَ شَجَرَ شَهَر، ساعت منجهه سڙي وڃن.
(3)
سِڪ مڙيئي سُور، سورَ ڀي سِرجَيا سِڪ مون
صبر سِڪ وڃائيو، ماٺ نه اچي مور
دانهون درد فراق منهنجي جون ڏيہَ ٻُجهن ٿيون ڏور
حمل! هي ڪَلوُر، جو ساجن سُڻي ئي ڪينڪي!
(4)
حمل پنهنجي حال جي ڳالهه ڪري ڪيهي
سورن مون سان سپرين، جانب! ڪئي جيهي
ساري ڳالهه سڻائيان، جي توکي ڀي تيهي
تان مون سان گڏ ويهي، تون ڀي روئين رت ڦڙا.
(5)
تُنهنجي رِيجههَ رِهاڻ، ڪنهن دم وِسَري ڪينڪي
راتو ڏينهان روڄ جي، آه تو ڏي تاڻو تاڻ
اچين هوند حمل چئي، هيڪر مون وٽ هاڻ
تان ڳَري لڳي توساڻ، روئي روئي رَڄ ڪريان.
(6)
ڳالهيون اٿم ڪي، توسان دلبر! دل جون
چوان چئي نه سگهان، ساجن! مُنهن تي سي
ڏسي حال حمل جو، ڪو دوست! دلاسو ڏي
نه ته هاڻي هيءُ اڳتي، ويندُءِ محب! مري ڪَري.
(7)
ساجن! توسان سور، جيڪر ڳرهيان ڳالهڙيون
پر جانب! ڪين جهلي سگهان، جا گهاءَ وَڻي ٿي گهُور
تُنهنجي دوست دلاسي ريءَ، ٿي دل وڃي وَهلور
هاديءَ لڳ حمل چئي، ڏُک اچي ڪر ڏور!
پُورَنِ مٿي پور، جانب! تنهنجا جيءَ ۾.
(8)
ساجن! تُنهنجي سڪ جي، آه اندر ۾ اُڻ تُڻ
ڦوڙائي فراق جا، ٿا چاڪ ڪرن چُڻ پُڻ
هيڪر حالُ حمل جو، ساجن تان سُڻ سُڻ
تُنهنجون ڳالهيون ۽ ڳُڻ ڳُڻ، ڪنهن دم وسرن ڪينڪي.
(9)
ساجن! تُنهنجي سِڪ ڪَيا اندرِ آکيرا
راتيان ڏينهان روح ۾ ڪيا وَهَمِن واهيرا
اچين هوند حمل چئي، ڏِينهان ڏه ڀيرا
تان جان جگر جيرا، توکي دوست دعا ڪرن.
(10)
آءُ گهڻو ئي ساريان، ڪي ساجَن! تون سارين
ڏِسان ڪونه ڏيہ ۾، ٻيو پِرِين! تو پارين
پهَريَئون قرب قريب ڏيئي، پوءِ موٽي ٿو مارين
مارين جِيارين، آهي حمل هٿ اوهان جي.
(11)
ساعت ساعت سپرين! توکي ٿو ساريان
سهڻي صورت تنهنجي، ڪنهن ويلُ نه وسارِيان
تو لئي هِت حمل چئي، هنجهون ٿو هاريان
گَنگهر ٿو گهاريان، تو ريءَ ڏُکيا ڏينهڙا.
(12)
سورن سَوَ هزار، لِکڻُ ليکو ناه ڪو
وَهمَن وَڌي وَڻَ ڪيا، ڏُکن مُڪا ڏار
دڳا ڪريو تان دوست اچي، حمل چئي هيڪار
تان ساجن تَئون سو وار،
صدقو ساهه
سِسِي ڪريان.
(13)
ساجَن! سدائي، جئر هُئين جهان ۾
مون کي، تو منهنجا پرين!
ڪا لئون
ڳُجهي لائي
اندر آڳ عشق جي، تو دلبر دکائي
حمل چئي هن حال جي، ڪَل پوَئي ڪائي:
تان جاني جدائي، هوند موٽي مون سان نه ڪرين.
(14)
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه؟
سانڍڻ سڪ سڄڻ جي، مشڪل آه محال
اندر ۾ اُڌمان ڏئي، وِيسند نا هِڪ وال
حَمل! هيءُ حوال، ڪنهن پَري پهچي پِر کي.
(15)
ڇا ڪيڙي ڇا ڪاههَ! مون جهڙي مسڪين تي!
غُصو هن غريب تي، توکي محب مناسب ناه
هادي لڳ حمل چئي، مون تئون مِهر مَ لاه
پوتَلُ پَهرئين ڪنان، آه توسان ساهه پساهه
هيءُ ساجن! ناهه
صلاح، جو دل
کَسي دَڙڪا ڏئين.
(16)
ڪَرُ کَنيو ڪَرهنِ، مون سان منهنجا سپرين
ٻڌائي ٻين کي، ڪُلَ جي ڪن وجهن
ڳجهي مام ملڻ جي، ٿا مون کي محب ڏينِ
هِنئين مؤن حمل چئي، ٿا سوجهيو سُورَ ڪَڍن
کَرَ ٿا خوش ٿِينِ، ته جيڪس اڄ جدا ٿيا.
(17)
ڪاڻ ڪَنين جي ڪاڻ، آءٌ ڪاڻون ڪڍان ڪِن جون
نه ته ڪير ڪاڻون، ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻَ!
اسين پاڻ اُتامرا،
ڪنهن جي ڪڍون نه ڪاڻَ!
پر حمل! سُرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻُون ڪڍون ڪن جون.
[فصل-3]
(1)
مون وٽ هوءِ حبيب، پاسي م ٿيءُ منهنجا پرين!
ڇاکي سور سَڌون ڪَنِ، جي اوڏو هوئين عجيب!
توڙي لِک طبيب، توريءَ چڱي نه ٿيان.
(2)
توريءَ چڱي نه ٿيان، توڙي هُونِ طبيب هزار
تُنهنجو نظر نصي ٿئي، هيڻيءَ کي هيڪار:
تان اندر مون آزار، اَڄهِين اُٿي وڃي.
(3)
اَڄهِين اُٿي وڃي، درد نه ٽِڪي دَم
وَجههُ مَ ويچاريءَ ڏَنہُ، خالق ڪارڻ خَم
هيءُ هَڏ چم لَحم، تُنهنجي جهوريءَ جهوريو.
(4)
تنهنجي جهوريءَ جهوريو، تنهن جو ٿيءَ طبيب
ماري موٽي نه پُڇيئي، ايءُ عجب آه عجيب!
رُليو شال رقيب، جنهن هيڏا وچ وچون وِڌا.
(5)
هيڏا وچ وِچون وِڌا، مُنافق مردار
مُلڪن ۾ مشهور هُوا، جنهن ڪوجهي جا ڪِردار
عالَم جي سردار، دشمن سو دفع ڪيو.
(6)
دشمن سو دفع ڪيو، ويو ڏُرتُ وچا
ڪُتو ڪالهه مري ويو، باري ڪِيو بَچاءِ
اڱڻ هلي اڄ آءٌ، تان اسان تون عِيدان ڪريون.
(7)
اسان تون عيدان ڪريون، وَريو ورق وصال
هِجَر جو حمل چئي، قادر ڪڍيو ڪال
صاحب مڃيو سوال، ويو درد دفع ٿي.
(8)
جاري مؤن جهاتي، پرِين پاتي پير ڀَري
پاڪيزي پرين جي، مون صورت سڃاتي
ڳڻي ڳڻيان ڪيتريون صفتون صفاتي
ظاهر ڪير ذاتي، حمل! حسن حبيب جي.
(9)
جڏهانڪر جاني، مون کي منهن ڏيکاريو
وَري وِسري ڪينڪي، اها پرين پيشاني
پَسي هوت حمل چئي، ٿي هِنئڙي حيراني
اها نفس نيشاني، رَهي آهي روح ۾.
(10)
سڄڻ سڄوئي سِڪ، سڪ ڀي نانءُ سڄڻ جو
صورت سڪ سڄڻ جي، سڪ ۾ ڪيائي لِڪ
ماکيون مٺِي ڀانئيان، پِريان سندي پِڪ
حمل! هاسي هڪِ، پَر جُسي منجهه جدا ٿيو.
(11)
مون کي محبوبن، ڪوٺي چيو ڪَن ۾:
سُڻي سمجهي ڳالهڙي، منهنجي لائج من
ٻِيائي ڏيئي ٻَن، هوءِ حق سان هِڪ حمل چئي.
(12)
پس پيهي منجهه پان، پَري ڏور مَ پِر کي
”نحن اقرب اليہ من حبل الوريد“ حمل! هِتِ سڃاڻ
ساجن تو هي ساڻ، ويجهو روح رڳن کئون.
|