سنڌي افسانوي ادب ۾
نسيم کرل جو مقام
(مختصر جائزو)
ماهتاب محبوب
جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ جيڪي به شاهڪار ڪهاڻيون لکيون ويون
آهن، انهن ۾ گهڻو حصو نسيم کرل جي ڪهاڻين جو آهي.
نسيم جون ڪهاڻيون هن جي سچي، کري ۽ بي باڪ شخصيت
جيان زندگيءَ جي ڪَڙين مِٺين حقيقتن جو سَچو، کرو
۽ بي باڪ اظهار آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي بلند رتبو عطا ڪرڻ واري
نسيم کرل کي ڪهاڻي لکڻ جي ڏات به هئي ته ڏانءُ به
هو. سندس ڪهاڻي شروعات ۾ ئي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ
وٺي هلندي آهي ۽ پڙهندڙ توڙ تائين ڪهاڻيءَ جي
جادوءَ ۾ گم هوندو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ توريل تڪيل
جملا، چيدا چيدا لفظ ۽ محاورا هوندا آهن ۽ سندس
لکڻيءَ ۾ درياشاهه جي سير جهڙي رواني هوندي آهي.
هو بيشڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام ۽ ٻوليءَ جو بي تاج
بادشاهه آهي، جنهن وٽ نج سنڌي لفظن ۽ محاورن جو
وڏو ذخيرو هو، ۽ لکڻ وقت اهي لفظ، جملا ۽ محاورا
سندس ٻڌا ٻانها هئا، جن مان هو پنهنجي مرضيءَ موجب
پيو چونڊ ڪندو هو.
زندگي ايڏي ته رنگارنگ آهي جو ڪوبه ليکڪ ان جي سمورن رنگن کي
چٽي نٿو سگهي. هو پنهنجي ذهني لاڙن ۽ سماجي پس
منظر مطابق، زندگيءَ جي انيڪ رنگن مان ڪي رنگ
چونڊي انهن کي ڪهاڻيءَ جو روپ ڏئي ٿو، ان ڪري ڪو
نازڪ ۽ نرم جذبن جو ليکڪ آهي ته ڪو سماجي
ناانصافين ۽ اڻ وڻندڙ حقيقتن جو. نسيم کرل زندگيءَ
جي سچائين جي تلخين ۾ قلم ٻوڙي بنا ڪنهن هٻڪ ۽ ڊپ
ڊاءُ جي، وڏي جرات سان لکيو. هن انسان جي ڀلائي،
زندگيءَ جي اعليٰ قدرن ۽ سماجي انصاف لاءِ لکيو،
هن جون ڪهاڻيون انسانذات سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽
ناانصافين جي خلاف فنڪاراڻو احتجاج آهن.
نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ نه رڳو ڳوٺاڻي زندگي ۽ اتي جا مسئلا آهن،
پر شهري زندگي به پنهنجي سمورين تضادن سان ساهه
کڻندي نظر ايندي.
نسيم سدائين اعليٰ سماجي مقصد ماڻڻ لاءِ ڪهاڻي لکي آهي. جتي هن
جون ڪهاڻيون ڪافر، چوٽيهون در، گذريل واردات،
پهرين مراد ۽ مساوات وغيره سماجي بي رحمين جو
ڀرپور اظهار ٿيون ڪن، اتي سندس ’مڪسڊ گرل‘، ’پويون
پهر‘ ۽ ’ڪرنٽ‘ جهڙيون هلڪيون ڦلڪيون ڪهاڻيون عام
ماڻهن جي ننڍڙين ننڍڙين گهرجن، سندن نفسياتي لاڙن،
اندر جي تضادن ۽ متضاد سماجي روين جا عڪس به ٿيون
پسائين. فني لحاظ کان به نسيم جون ڪهاڻيون مڪمل
آهن، جيڪي فن ۽ ٽيڪنڪ جون سڀئي تقاضائون پوريون ڪن
ٿيون.
نسيم معاشري جي ڪنهن به واقعي يا ڪنهن به ڪردار تي لکندو هو ته
ڪهاڻيءَ جي سٽاءُ، گفتگوءَ جو انداز، ڪردارنگاري ۽
انهن ڪردارن جو سماجي پس منظر، اهڙي ڀرپور انداز
سان چٽيندو هو، جو سندس ڪهاڻي پنهنجي الڳ ۽ زندهه
وجود سان هڪ ئي تاثر کڻي اڀرندي هئي. اهوئي سبب
آهي جو هن ڪڏهن به محض جديديت جي شوق ۾ اهڙي پلاٽ
ليس يا ’اينٽي اسٽوري‘ ڪهاڻي نه لکي، جنهن ۾ رڳو
احساساتي شعبده بازي ۽ لفظن جون قلابازيون هجن.
ٽيڪنڪ جي خيال کان نسيم کرل ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪي گهڻا تجربا کڻي نه
به ڪيا آهن، پر ان کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته
سندس هر ڪهاڻي هڪ نئون ۽ ڪامياب ادبي تجربو آهي.
نسيم کي لفظن جي اجائي هيرڦير ۽ گهڻي پٽاڙ پسند نه هئي، ڇاڪاڻ
جو کيس ان ڳالهه جي ڄاڻ هئي ته ڪهاڻي حقيقتن جي
اظهار کي چئجي ٿو ۽ نه لفاظي، اوپري ۽ اجائي پٽاڙ
کي! اهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين لاءِ هو دعويٰ سان
چوندو هو ته بلاشڪ انهن جي ڪهاڻين مان صفحن جا
صفحا ڪڍي ڇڏجن ته به سندن ڪهاڻي متاثر نه ٿيندي.
پر جي منهنجي ڪهاڻيءَ مان رڳو هڪ ٽڪرو ئي ڪڍي ڇڏبو
ته سڄي ڪهاڻي کوکلي ۽ بي معنيٰ ٿي پوندي.
نسيم پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪڏهن به سياست ۽ انقلاب کي گهلي نه آندو،
نه ئي سياسي يا انقلابي مسئلن کي ڊسڪس ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي، البت اهڙا سياسي مسئلا، جن جو سڌو سنئون
واسطو عوام يا سماج سان آهي، تنهن جي نشاندهي بنا
ڪنهن تبليغ جي ضرور ڪئي آهي. هو ڀرپور سياسي ۽
سماجي شعور رکندڙ انسان هو ۽ کيس سياسي معاملن جي
پوري ڄاڻ هئي؛ ان هوندي به هن ڪهاڻيءَ ۾ سياست کي
آڻڻ مناسب نه سمجهيو ۽ سياست کي ادب کان الڳ رکڻ
جي سدائين پئي تلقين ڪئي. اهو سندس عقيدو هو ته
سياست ۽ ادب ٻه جدا جدا پليٽ فارم آهن: اديب لاءِ
سياسي شعور جو هجڻ ته لازمي آهي، پر اهڙو ادب پيدا
ڪرڻ، جيڪو ادب گهٽ ۽ سياست وڌيڪ هجي، هڪ غير ادبي
ڳالهه آهي.
نسيم کي پنهنجي قلم، پنهنجي ڏات ۽ ان جي اظهار جي قوت تي وڏو
اعتماد هو، پر ان جي معنيٰ اها هرگز ناهي ته هو
ادبي تنقيد ۽ اديب کان ٿيل ادبي غلطين جي اصلاح جو
قائل نه هو. جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکندو هو ته ور ور
ڪري دوستن کي ٻڌائيندو ۽ کانئن صلاح وٺندو هو.
جيڪڏهن ڪو سندس ڪهاڻيءَ تي تنقيد ڪندي کيس ڪا سٺي
صلاح ڏيندو يا سندس ڪنهن ادبي غلطيءَ جو احساس
ڏياريندو هو ته ان کي يڪدم قبول ڪري، ڪهاڻيءَ ۾
ڦيرگهير آڻي ڇڏيندو هو.نسيم جو خيال هو ته سڀ کان
وڏو نقاد ليکڪ پاڻ آهي. هو جيڪڏهن تنقيدي نظرن سان
پنهنجي ڪهاڻيءَ جو جائزو وٺندو ته کيس پنهنجون
اوڻايون پاڻهي نظر اچي وينديون. ان کان پوءِ ليکڪ
جا ادبي دوست هن جا وڏا نقاد ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن
ادبي ساڙ يا ٻئي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نه، پر ادبي
ايمانداريءَ سان تنقيد ڪري، ليکڪ جي ادبي خامين ۽
ڪوتاهين جي نشاندهي ڪندا آهن... باقي هو انهن
نقادن جو قائل ئي نه هو جيڪي ناڪام اديبن مان ڦري
نقاد ٿيندا آهن ۽ پنهنجي ادبي ناڪامين جو بدلو
تنقيد جي صورت ۾ وٺندا آهن.
نسيم کرل کي دنيا جي ادب جو وسيع مطالعو هو، پر هو ڪڏهن به ڪنهن
وڏي ليکڪ کان ان حد تائين متاثر نه ٿيو جو سندن
فن، ان اديب جي فن جو عڪس ٿي پوي. نسيم جي پنهنجي
شخصيت ۾ وڏي انفراديت هئي، اهائي انفراديت هن
پنهنجي فن ۾ به قائم رکي ۽ ڪنهن به عظيم اديب جو
پڙاڏو نه ٿيو.
زندگيءَ سان ٿيندڙ بي انصافين لاءِ فني ۽ ادبي نوع ۾ انصاف
سليندڙ نسيم، خود بي انصافين جو شڪار ٿي ويو ته نه
ڪو داد ٿيو ۽ نه فرياد، پر اسان به سندس ڪهاڻي
’چوٽيهون در‘ کي سامهون رکندي، سندس ڪيس ان
بادشاهه جي حوالي ڪيو آهي، جنهن جي انصاف جون حدون
تمام وڏيون آهن.
لطيف، ڪالرج، هيمنگوي
(سامونڊي فلسفي جا ٽي شاهڪار)
بدرالدين اڄڻ
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب پنهنجي قدامت، فصاحت، سلاست، جدت ۽ فلسفي
جي نقطه نگاهه کان ايتروئي وسيع ۽ اعليٰ، اتم ۽
آفاقي آهي، جيترو دنيا جون ٻوليون ۽ انهن جو علم
ادب آهي. آفاقي ادب اهو چيو ويندو آهي، جيڪو هر
دور ۾ زنده هجي ۽ ان دور جي حالتن جي ترجماني ڪندو
هجي. سنڌي ادب جي حوالي سان اسان شهنشاهه لطيف جي
ٻن سُرن هرهڪ سر سريراڳ ۽ سر سامونڊيءَ کي عالمي
ادب جي ٻن (شاهڪارن) هرهڪ: سموئل ٽيلر ڪالرج جي جڳ
مشهور نظم ”پوڙهو ملاح“
(Ancient Mariner) ۽ ارنيسٽ هيمنگوي جي ناول سمنڊ ۽ پوڙهو ماڻهو
Oldman & the sea جو تقابلي جائزو پيش ڪنداسين ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
(ڪنداسين) ته شاهه لطيف جا فقط ٻه سُر انگريزي ادب
جي ٻن شاهڪارن کان گهڻو مٿي آهن. فرق صرف اهو آهي
ته اهي انگريزيءَ ۾ آهن ۽ تڏهن دنيا ۾ مشهور ٿي
ويا آهن. پر اسان جي آفاقي شاعر کي اسان انگريزي
ٻولي ۾ نه آندو آهي، تنهنڪري ٻي دنيا وارا ان کان
اڻ واقف آهن.
سموئل ٽيلر ڪالرج انگريزي ادب جو مشهور شاعر، نقاد ۽ فلسفي ٿي
گذريو آهي. سندس شاهڪار نظم پوڙهو ملاح
(Ancient Mariner) دنيا ۾ مشهور آهي. ان جي پلاٽ بابت ائين چيو ويندو آهي ته
انگريزي ادب ۾ ٽي شاهڪار آهن، جن جو پلاٽ مڪمل
يعني
Perfect
آهي. هڪڙو پلاٽ هن نظم جو آهي، ٻيو پلاٽ ٽام جونس
(Tam
Jones)
هينري فيلڊنگ جي ناول جو آهي ۽ ٽيون پلاٽ آهي بين
جانسن جي ڊرامي دي اليڪيمسٽ جو.
ڪالرج هن نظم ۾ جزا ۽ سزا جي فلاسافي ڏني آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو
غلط ڪم ڪري ٿو ته هن جي سزا به شروع ٿئي ٿي ۽ هو
ڪنهن به نموني اها ڀوڳنا ڀوڳي ٿو. وري جڏهن توبهه
تائب ٿئي ٿو ته هن جي نجات شروع ٿئي ٿي. ان سان گڏ
نظم ۾ مافوق الفطرت جا منظر به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾
وچ سمنڊ ۾ هڪڙي ٻيڙي ۾ هڪ ساهوارو ۽ ان جو موت
ڍاري راند ۾ مصروف ڏيکاريا ويا آهن. هرهڪ ان
جدوجهد ۾ آهي ته ٻئي تي فتح حاصل ڪري، پر نتيجو
ڪونه ٿو نڪري؛ جنگ جاري آهي. شاعر ان ڪشمڪش کي
آخري سٽن ۾ هن ريت سهيڙي ٿو.
He pray eth best, who loveth best
All things, both great and small
For, the dear God, who loveth us
He made and loveth all.
ترجمو:
”جيڪو سڪ سان سجدو ڏئي ٿو ان جي عبادت اتم آهي. هر ننڍي وڏي
شيءِ سان پيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته مولا سائين سڀني
اسان کي ٺاهيو آهي ۽ پنهنجي تخليق کي پيار ڪري
ٿو.“
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ ڪائنات، پيار جي پيداوار آهي. الله
تعاليٰ هن کي پيار مان پيدا ڪيو آهي، تنهنڪري ننڍي
خواهه وڏي شيءِ کيس پياري آهي.
ارنيسٽ هيمنگوي، پنهنجي ناول ’سمنڊ ۽ ڪراڙو‘
(Old man and the sea)
۾ زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر ڪيو
آهي.سڄي ناول جو تت انهن لفظن ۾ سمايل آهي ته
”انسان کي فنا ته ڪري سگهجي ٿو پر هن جي مرضيءَ
خلاف کيس جيتي نٿو سگهجي.“
انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي:
“Man can be destroyed but can not be defeated”
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته زندگي ڏکن ڏاکڙن ۽ ڪشمڪش جو
نالو آهي، يا ڪن وري زندگيءَ کي ڪنڊن جي سيج سڏيو
آهي. اڃا به ڪي ماڻهو زندگي کي سورن ۽ سختين سان
ڀريل پيالي جيان سمجهن ٿا، پر زندگيءَ ۾ سختين آڏو
جهڪڻ ۽ تڪليفن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ بزدليءَ جي
نشاني آهي، جيڪا ڪنهن به دين ڌرم ۾ جائز نه آهي.
ان طرح سان پوڙهو ملاح زندگيءَ جي ڏنل ڏکن سان جنگ
جوٽيندو ڏيکاريو ويو آهي. هو بک، ڏک، اُس ۽ گرميءَ
۾ سمنڊ جي بي رحم لهرن سان وڙهندو رهي ٿو، ۽ همٿ
نٿو هاري. آخر ۾ سندس آزمائش پوري ٿئي ٿي، جيڪا
چوويهن ڪلاڪن ۾ ڦهليل آهي، جڏهن سندس ڏکن جو سج
لهي ٿو ته هن جي تڪليف به گهٽ ٿئي ٿي. اهو هو
مختصر احوال انگريزي ادب جي مٿين ٻن شاهڪارن جو،
جيڪي عالمي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.
هاڻي اسان لطيف سائينءَ جي ٻن سرن کي، جن ۾ سمنڊ، ٻيڙياتن، انهن
جي وَنين ۽ سندن زندگيءَ جو ذڪر ڏنل آهي، انهن
منجهان مٿال پيش ڪري اهو ثابت ڪنداسين ته لطيف
سائين مٿي ذڪر ڪيل عالمن ۽ اديبن کان گهڻو مٿي
آهي. پهريائين جڏهن اسان ڪالرج ۽ لطيف جي تقابلي
جائزو وٺنداسين ته ائين چئبو ته ٻئي شاعر آهن.
ڪالرج کي وڏي شهرت مليل آهي. هن جي دنيا تصوراتي (Imaginative)
آهي ۽ هن جا ڪردار ٻي دنيا جا يعني (Super- natural)
پيا لڳن، پر جڏهن لطيف جي شاعريءَ تي نظر ٿا وجهون
ته ان ۾ اسان کي سچائي، پنهنجائپ ۽ زنده جاويد
ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي جيوت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي،
انهن ۾ ڪابه مصنوعيت ۽ هٿ ٺوڪي ڳالهه ڪانهي.
وري جڏهن هيمنگوي ۽ لطيف کي ٿا ڀيٽيون ته اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
هيمنگوي هڪ ناول نگار جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾
ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پر لطيف وري به هڪ شاعر، بزرگ
۽ فلاسافر جي روپ ۾ اسان آڏو آهي. هيمنگوي به لطيف
جيان انساني جيوت ۽ ان جي جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي،
پرهن جو عرصو هڪ ڏينهن جو آهي ۽ ان دوران ئي پوڙهي
جي آزمائش پوري ٿيو وڃي. مگر لطيف جو پيغام نه فقط
هڪ مُند يا هڪ ماڻهوءَ جي واسطي آهي پر اهو هر
موسم ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ آهي، پر ان کان به مٿي
آهي. يعني اهو مستقل جدوجهد جو پيغام آهي ۽ ايندڙ
نسلن لاءِ به آهي. لطيف اهو سنيهو پنهنجي ديس
واسين ۽ ڌرتيءَجي رکوالن مرد توڙي زالن لاءِ ڏنو
آهي، ڇاڪاڻ ته مردن سان گڏ عورتون به هن سماج جي
ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿينديون رهيون آهن.
ان طرح سان ڪالرج، هيمنگوي ۽ لطيف جو تقابلي جائزو پيش ڪندي،
اسان اهو فخر سان چئي سگهون ٿا ته شاهه لطيف جي
شاعري جامع، مڪمل، اعليٰ ۽ ارفع، آفاقي ۽ الهامي
آهي ان ۾ عالمي شاهڪار بڻجڻ جون اهي سڀ خصوصيتون ۽
اقدار موجود آهن، جن جي ڪري اسان لطيف جي شاعريءَ
کي آفاقي چئي سگهون ٿا. اسان پنهنجي موقف کي ثابت
ڪرڻ خاطر ڪجهه تاريخي حقيقتون پيش ڪريون ٿا.
سنڌ جا ماڻهو سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ڌاران وڻج واپار خاطر
ڏيساور ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ وڏا جهاز ته ڪونه
هئا، تنهنڪري هو پنهنجن ننڍن ۽ پراڻي قسم جي ٻيڙن
۾ چڙهي ويندا هئا ۽ سمنڊ جي سختين، لهرن جي لاهن
چارهن، ڪُنن جي ڪڙڪاٽن ۽ طوفانن جي خطرن کان ڪونه
ڊڄندا هئا. ڪيترا ته پنهنجيون قيمتي جانيون به
وڃائي ويهندا هئا. شاهه صاحب سمنڊ جي ڏاڍ ۽ ڏمر ۽
لهرن جي خوفناڪ لوڏن مان بچڻ خاطر الله سائين کي
ٻاڏائي ٿو:
لُڙَ، لهريون، لس ليٽ، جت انت نه آب جو،
الله ات مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽ،
لڳي ڪام لپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.
اڳتي هلي لطيف سائين فرمائي ٿو ته نيڪ نيتي ۽ بهادريءَ سان
جيڪڏهن ڪو قدم کڻبو ته الله سائين پاڻهي ان ۾ برڪت
وجهي ٿو ۽ اها مشڪل آسان ٿيو پوي.
سيويو جن سبحان، وير نه وڙهي تن سين،
توبهه جي تاثير سان، تري ويا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،
ڪامل ڪشتيبان، وچ ۾ گڏين واهرو.
شاهه لطيف، ٻيڙياتن کي صلاح ٿو ڏئي ته جيستائين هو سمنڊ جي
اونهاين ۾ نه ويندا، تيستائين املهه ماڻڪ ڳولي نه
سگهندا. روحاني طرح سان به اهو صاف ظاهر آهي ته
جيڪڏهن اسان ايمان پختو نه ڪنداسين ته روحاني راز
۽ رمزون حاصل ٿي نه سگهنديون. مٿاڇري ڄاڻ مان ڪجهه
هڙ حاصل ڪونه ٿيندو.
ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
پسندا سيئي، اصل اکڙين سان.
لطيف سائينءَ جون هيءَ سٽون عالم آشڪار آهن ۽ ڪنهن کان به لڪل
ناهن، جن ۾ پاڻ فرمايو اٿن ته جيڪو به ماڻهو، الله
سائين ۽ ان جي مخلوق جي صدق دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان
خدمت ڪندو ته ان جو اجورو ۽ ڦل ضرور ملڻو آهي.
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو ان جي.
شاهه صاحب سهڻي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ اهو صاف ٻڌايو آهي ته هر عمل ۾
الله سائينءَ جي مرضي شامل هوندي آهي. انسان جون
خواهشون ايتريون ته گهڻيون آهن جو اهي سڀئي پوريون
ٿي نه ٿيون سگهن ۽ سڄو دارومدار نيڪ نيتي ۽ نيڪ
ارادي تي آهي.
هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي سٽي صاحب،
ڪڍي اونهي ڪن مان، اي آگي جو عجب،
ايءَ سائين جو سبب، جيئن ٻڏا اڪاري ٻار مان.
لطيف سائين سامونڊين کي سمنڊن جي سخت چڙهندڙ وير جي خطرن کان
خبردار ڪندي، کين تلقين ٿو ڪري ته هو سستي ڇڏين
۽ننڊ ڦٽائين، ورنه ننڊ کين نهوڙي ڇڏيندي.
بندر جان ڀئي، ته سکاڻان مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهي،
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
ڪالرج ۽ هيمنگوي سامونڊين جي سختين ۽ سورن جو ذڪر ڪيو آهي، پر
لطيف هڪ قدم اڳتي وڌي انهن جي ساٿياڻين يعني
سامونڊي عورتن جو ذڪر به ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي
مردن جي مشڪلاتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن ۽ پنهنجن
ڀتارن جي جدائيءَ جا سور سهنديون رهن ٿيون ۽ هنن
جي باسلامت واپسيءَ لاءِ هر وقت الله سائينءَ کي
ٻاڏائينديون رهن ٿيون ته جيئن هو پنهنجي سڄڻن سان
ملي سڪ لاهين ۽ خوشيون ڪن.
سَر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.
لطيف سائين هڪ سامونڊي عورت جي لفظن ۾ ڪهڙي نه سهڻي نموني سان
ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي ڀتار کي ڪيئن ياد ڪندي رهي
ٿي ۽ ان ڳڻتيءَ ۾ ڳرندي رهي ٿي ته شال مان به
پنهنجي ساٿي کي ياد رهان، جيئن مان هروقت کيس ياد
ڪندي رهان ٿي:
لاهيان جي نه چتان، الا! ان مَ وسران،
مڙهيو منجهاران، جيءَ منهنجو جن سين.
آخر ۾ اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته شاهه لطيف فلسفي خيالن
جي اڏام ۽ آفاقي قدرن جو صاحب آهي. ڪالرج ۽
هيمنگوي کان سامونڊين جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي پيش
ڪرڻ ۾ ڪافي اڳڀرو آهي. فرق صرف اهو آهي ته انگريزي
ٻولي جي ڪري هو دنيا جي سڀني قومن ۾ ڄاتا ۽ سڃاتا
وڃن ٿا، جڏهن ته شاهه لطيف تي اسان وٽان ايترو ڪم
نه ٿيو آهي، جو عالمي ادب ۾ کيس اعليٰ ڪري ليکيو
وڃي.
شڪارپور جون ادبي انجمنون
۽ اشاعت گهر
[آزاديءَ کان اڳ ـــ 1843 ـــ 1947ع]
انور ”فگار“ هڪڙو
انگريزي راڄ ۾ سن 1853ع ڌاري جديد سنڌي آئيويٽا تيار ٿيڻ کان
پوءِ، سنڌ جي مختلف وڏن شهرن ۾ جديد تقاضائن جي
پيشِ نظر اشاعتي ادارا قائم ٿيندا رهيا ۽ مختلف
موضوعات تي سنڌي علم و ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ
ڪتاب شايع ٿيندا رهيا. انهن مشهور شهرن ۾ شڪارپور
شهر به پنهنجي انفرادي حيثيت کي مڃرايو. هتان وقت
بوقت طبي، اسلامي، ڌرمي، سياسي، تعليمي ۽ ادبي
ڪتاب شايع ٿيندا رهيا. موضوع جي مطابقت موجب انهن
اشاعت گهرن کان علاوه ادبي انجمنن جي ادبي ۽
تاريخي حيثيت تي به روشني وجهجي ٿي.
(1) پوڪرداس اينڊ سنس
سنڌي نثر خواهه نظم جي وڌ ۾ وڌ ڪتابن جي اشاعت جو سهرو هتان جي
مشهور پوڪرداس ٿانورداس جي سر سونهي پيو.
لطف الله بدوي لکي ٿو ته سن 1882ع ڌاري سرڳواسي مسٽر پوڪرداس
ننڍڙي پئماني تي ڪتب فروشي جو دڪان کوليو
[1] جڏهن ته ڊاڪٽر
غلام علي الانا جن لکن ٿا ته 1886ع کان مسٽر
پوڪرداس شڪارپور واري ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو جاري
ڪيو
[2]. منگهارام ملڪاڻي
لکي ٿو ته: شڪارپور مان مسٽر پڪرداس 1885ع ۽ سکر
مان ماستر هريسنگهه 1888ع جي ڪتبخانن مان ڪيترا
ازغيبي ۽ ڪرامتي (Super
Natural)
قصا نڪرندا آيا
[3]. پوڪرداس صاحب
نصابي ڪتابن کان سواءِ ابتدائي نثر جا ڪتاب، قصن،
ڪهاڻين، داستانن ۽ ناولن کان علاوه ڪيترائي نثر جا
ڪتاب، قصن، ڪهاڻين، داستانن ۽ ناولن کان علاوه
ڪيترائي شعر و شاعري جا ڪتاب ابو الحسن جي سنڌي
(جهڙوڪ: نورنامه، جنگناما) ۽ مولودن جا ڪتاب وغيره
۽ جديد سنڌي آئيويٽا ۽ ليٿوگرافي ۽ جديد ٽائيپ ۾
شايع ڪرائي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي امر ڇاپ ڇڏي.
(2) ڌرم اپڪار اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي
شڪارپور شهر جي هن ڊراميٽڪ سوسائٽي جو سڀاپتي ديوان ٺاڪرداس
ناگراڻي هو. هن سوسائٽي پاران وقت بوقت ڪيترائي
ناٽڪ اسٽيج تي آندا ويا، جن مان چند ناٽڪ شايع به
ڪرايا ويا هئا. هن سوسائٽيءَ سن 1898ع ۾ گاگن
سنگهه آتماسنگهه آڏواڻي جو لکيل ناٽڪ ”شڪنتلا
دشينت“ شايع ڪرايو
[4]. سائين محمد
عثمان ڏيپلائي جن لکن ٿا ته، ڌرم اپڪار ڊراميٽڪ
سوسائٽي پاران چانڊومل جا لکيل ڊراما ”مهجور“ ۽
”چندر“ شايع ڪيا هئا
[5].
(3) هوپفل اڪيڊمي
شڪارپور سنڌ جي مشهور تعليمي اداري هوپفل اڪيڊمي (هاڻوڪي هاءِ
اسڪول نمبر 2) مان سن 1908ع کان ڪتابن شايع ڪرائڻ
جو سلسلو جاري ڪيو ويو هو. هن اڪيڊميءَ پاران
پهريائين اڳوڻي هيڊ ماستر بجارام خوبچند جو
”سندرٻالي“ ناول ڇپايو ويو هو. ان کان پوءِ مئي
1914ع کان هڪ ماهوار رسالو هوپفل اڪيڊمي ميگزين
جاري ڪيو ويو، جيڪو سنڌي ۽ انگريزي ڀاڱن تي مشتمل
هو. ان بعد سن 1941ع ۾ ڪشنچند واڌومل گوڪلاڻي جو
ڪتاب پراچين هندستان نالي ڇپايو ويو هو.
(4) شولداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور
مسٽر شولداس، پوڪرداس جو ڀاءُ هو. هن صاحب سن 1910ع کان ڪتابن
ڇپائڻ جو سلسلو جاري ڪيو. شولداس قصن، داستانن،
خطبن ۽ مولودن کان علاوه شعر و شاعري جا ڪتاب پڻ
شايع ڪرايا هئا. هن جو دڪان جواهرڪي بازار شڪارپور
۾ قائم هو.
(5) برهمچريه آشرم
هي آشرم 26 ـــ اپريل 1913ع ۾ سڀاپت ڪيو ويو هو. هن آشرم کي
برپا ڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ ڪارشڻي نارائڻداس جو وڏو
هٿ هو. هن آشرم ۾ هندن جي نونهالن کي ڌرمي تعليم
به ڏني ويندي هئي. اپريل 1933ع ۾ هن آشرم طرفان
’هندو ڌرم‘ نالي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪرايو ويو
هو.
(6) آريه سماج مندر
هي مندر سن 1915ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن مندر جو سڀاپتي ۽ روح
روان پروفيسر تاراچند ڏيئومل گاجرا هو. هن مندر جي
ڪوشش هئي ته هندن کي نشيدار شين جي واپرائڻ کان
باز رکڻ ۽ ڌرم طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش
ڪرڻ. ان ڏس ۾ هن مندر پاران 18 کان 21 جون 1915ع
تائين شڪارپور ۾ ”شڌ آهارسميلن“ ڪيو ويو هو.
فيبروري 1916ع ۾ هن مندر پاران ڊاڪٽر ڪشنچند
موٽومل بولچندڻي جو ڪتاب ”شراب جا جسماني نقصان“
شايع ڪرايو ويو هو.
(7) اسرار صحت دواخانه
شڪارپور شهر ۾ جتي علم و ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪئين اشاعتي
ادارا قائم ڪيا ويا هئا، اتي حڪمت کي به عام ڪرڻ
لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته،
ماضي قريب ۾ شڪارپور جي رهاڪن جي طب سان گهري
دلچسپي هئي، حالانڪ هتان جا ماڻهو سرڪاري ملازمت
سان وابسته هئا ۽ وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيا، تڏهن
به ٻين علمي، ادبي ۽ ثقافتي دلچسپن کان علاوه طب
به سندن محبوب مشغلو هو. مطلب ته هتان جا رهواسي
هر ڌنڌي خواهه هنر جا ڄاڻو پئي رهيا آهن. ورهاڱي
کان اڳ شڪارپور شهر ۾ طب کر فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ طبي
ڪاليج پڻ قائم هو، جنهن ۾ هتان جو نامور حڪيم
ڌنراج مل هاسانند پنجابي طبي تعليم ڏيندو هو. ان
طبي ڪاليج کان علاوه سندس دواخانو ”اسرار صحت“ جي
نالي سان دادوائي روڊ تي واقع هو. سندس هٿ شفا ۽
صحيح علاج ڪرڻ وٽائنس ڏورانهان ڏيهي به اچي علاج
ڪرائي صحتياب ٿي ويندا هئا.
حڪيم ڌنراج مل پنجابي ۽ سندس سپاتر ديوان ڀڄن لال گڏجي 1915ع
کان ”سک جو سنيهو“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو،
جيڪو لڪشمي پرنٽنگ پريس شڪارپور، دياسنگهه ريلومل
بجلي پريس شڪارپور ۽ شڪارپور گزٽ پرنٽنگ پريس
شڪارپور مان 1947ع تائين شايع ٿيندو هو.
انهيءَ رسالي کان علاوه اسرار صحت دواخانه پاران حڪيم ڌنراج مل
جا تصنيف ڪيل هيٺيان ڪتاب شايع ڪرايا ويا هئا.
(1) طلسم حڪمت، (2) رساله امراض مخصوص مرد، (3) جواني جو جٽاءُ،
(4) رساله حمل (حمل جي حقيقت)، (5) ٻچن جي پرورش،
(6) رساله امراض مخصوص زنانه ڀاڱو اول ۽ ٻيو، (7)
تشريح جسماني، (8) تحفه سرماءِ اول، (9) تحفه
سرماءِ ٻيو، (10) ٻوٽين جا گڻ، (11) ڪاريگر، (12)
لذت الوصال.
(8) سنڌي ساهت سميلن شڪارپور
آغا صوفيءَ جي ڪوششن سان 1920ع ڌاري سنڌي ساهت سميلن جو بنياد
پيو. هن ساهت سميلن هيٺ گيت سنگيت جا پروگرام،
ادبي ڪچهريون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا
[6]. هن سنڌي ساهت
سميلن پاران سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ٽين سنڌي
ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. جنهن جي صدارت سنڌ جي
ممتاز اديب ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ڪئي ۽ خاص
مهمان مرزا غلام مصطفيٰ صاحب هو. هن ادبي ڪانفرنس
۾ استقباليه سيڪريٽري جا فرائض آغا صوفي صاحب
سرانجام ڏنا هئا. هن ادبي ڪانفرنس ۾ مضمونن ۽
مقالن جي نشست کان علاوه هڪ طرحي مشاعرو به ٿيو
هو، جنهن جي مصرع طرح هئي:
”تنهنجو عارض مہِ تابان تنهنجو رخ نير انور.“
سن 1933ع ۾ هن ساهت سميلن پاران هيٺين مصرع طرح هيٺ مشاعرو ٿيو
هو.
”ٻڌين ٿو ڪين ڇا ٻوڙا اڇي رڳ سان تن تن ٿي.“
سن 1934ع ۾ منعقد ٿيل مشاعري جي مصرع طرح هئي:
”خدا پيدا ڪئي ساري خدائي يار جي خاطر.“
ساڳئي سال پڻ هيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ڪوٺايو ويو هو.
”گلرخن سان آ محبت ڪجهه نه ڪجهه.“
سن 1935ع ۾ هيٺين مصرع طرح تي مشاعرو ٿيو هو.
”رخِ مهتاب سهڻي تي اسان جي دل فدائي آ.“
[7]
(9) متر منڊلي
هي منڊلي سن 1924ع ۾ برپا ڪئي ويئي هئي. هن منڊلي پاران ’للتا‘
نالي هڪ ناول (؟) سن 1924ع ۾ شايع ڪيو ويو هو.
(10) سرسوتي منڊل
هن منڊل جو سڀاپتي ۽ سرپرست تاراچند ڏيئومل گاجرا هو. هن منڊل
پاران هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا.
(1) شرير جو شترو مانس: (ڊاڪٽر موهن لال)
(2) اٿو ڪاديا: (پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي)
(3) شراب جا جسماني نقصان: (ڊاڪٽر ڪشنچند)
(4) تماڪ نشد يد: (ڊاڪٽر موهن لال)
(5) آچار تي مانس آهارجو اثر: (ڪشنداس جهامراءِ)
(6) مڌ ۽ پئسي جي هاڃ: (ميٺارام ايسرسنگهه)
(7) ڌرمن جو ڌڪيل آچار جو شترو شراب: (تاراچند گاجرا)
(8) ڀنگ جو ڪسنگ: (ڏيئو مل کيمنچد)
(9) گئو اپڪار: (جيوڻ لال).
(11) مولوي محمد عظيم اينڊ سنس
پبلشر ۽ بوڪ سيلر
مولوي محمد عظيم ولد حاجي جمع خان ميمڻ سن 1927ع ۾ شڪارپور شهر
۾ ڪتابن جو دڪان کوليو. هي صاحب نه رڳو ٻين ادارن
پاران شايع ٿيندڙ ڪتاب ۽ درسي ڪتاب وڪڻندو هو، پر
پنهنجي ادري پاران به ڪتاب ڇپرائيندو هو. شروعات ۾
قصا، داستان ۽ شعر و شاعري جا ڪتاب ڇپرائيندو هو.
(12) هري سندر ساهتيه مندر
هي ساهتيه مندر سن 1930ع کان شڪارپور جي مشهور
ليکڪ پروفيسر تاراچند ڏيئومل گاجرا قائم ڪيو. هو
هن ساهتيه مندر طرفان اڪثر ڌرمي ڪتاب شايع ٿيندا
هئا، جي خود تاراچند گاجرا جا لکيل هوندا هئا. هي
ساهتيه مندر پاران جي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان
”ڌرم جي پوڄا“، ”شڌي سناتن ريت آهي“، ”ويرن جي
ويرتا“، ”شيطاني پيالو“، ”هندو سجاڳ ٿيو“، ”هندو
سچيت ٿيو“ ”وشنو جي پوڄا“، ”پراچين ڀارت“، ”برهما
۽ سندس ڌيءَ“، ”وواهه آدرش“ ۽ ”آريه ناري“ گهڻو
مشهور ٿيا. هن مندر پاران شايع ٿيل جملي ڪتاب
جيوترام هوتچند جي ديوي پرنٽنگ پريس چوڙيگر محله
مان ڇپايا ويا هئا. هي ساهتيه مندر ورهاڱي وقت بند
ٿي ويو.
|