سنڌالاجي ــــ سنڌ جي
ثقافت جو امين ادارو
غلام رباني آگرو
[نوٽ: سنڌالاجي جي سلور جوبلي تقريبات ـــ ڊسمبر 1987ع جي لوڪ
سنگيت محفل ۾ مهمان خصوصي طور ڪيل تقرير جو متن.]
سنڌ يونيورسٽيءَ جا لائق ۽ فائق وائيس چانسيلر محترم مظهر الحق
صديقي صاحب.
سنڌ جي قابل فخر نياڻي، سنڌالاجيءَ جي ڊئريڪٽر محترمه مهتاب
راشدي صاحبه.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائق صد احترام استاد صاحبو.
سنڌ جا عالي مرتبت اديبؤ، منهنجا هم قلم ساٿيو ۽ عزيز ڀائرو.
پيارا شاگردو.
اڄ اسان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ممتاز ۽ مستعد اداري انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي جي سلور جوبليءَ جو جشن ملهائي رهيا
آهيون. اڄ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پنهنجي حياتيءَ
جا پنجويهه ورهيه پورا ڪري، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾
پير رکيو آهي. ان لحاظ کان اڄوڪو ڏينهن تاريخي
ڏينهن آهي، ۽ اڄوڪي رات تاريخي رات آهي.
هن مبارڪ موقعي جي مناسبت سان ڀاءُ مظهرالحق صديقي ۽ ڀيڻ مهتاب
باوقار جلسن ۽ راڳ سنگيت جي رنگا رنگي محفل سجائڻ
جو اهتمام ڪيو آهي، مان انهيءَ فيصلي تي ٻنهي ڄڻن
کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سندن
شڪريو ادا ڪريان ٿو جو هن تقريب ۾ مون کي سڪ سان
ياد فرمايو اٿن. اجازت هجي ته حافظ جي لفظن ۾ کين
هيءَ دعا ڏيان ته:
تاجهان باشد به نيکي در جهانت باد نام.
دوستو! اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ڊئريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ مون
کي ملڪ جي مڙني علمي ۽ ادبي ادارن کي ڏسڻ ۽ سندن
ڪم جي معائني جو موقعو ملندو رهي ٿو. اها ڳالهه
درحقيقت منهنجي فرائض ۾ شامل آهي. چنانچه مان
چترال، گلگت، هنزه ۽ اسڪردوءَ کان وٺي ڪوئيٽا ۽
ڪراچيءَ تائين مختلف علمي ادارا ۽ تنظميون ڏسندو
رهيو آهيان. انهن مان ڪي ته واقعي قابل تعريف ڪم
ڪري رهيا آهن. پر مان پوريءَ ذميواريءَ ۽ پوري
اعتماد سان اوهان کي اها ڳالهه
ٻڌائي سگهان ٿو ته ملڪ جي ڪنهن به علمي اداري جو
ڪم ۽ ڪاميابي سنڌالاجي کان وڌيڪ نه آهي.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو نالو اداره سنڌ شناسي آهي. ان لحاظ
کان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته هن اداري تي سنڌ جي
علم، ادب، تهذيب ۽ تمدن جي ڄاڻ سڃاڻ رکڻ، ان جي
پرگهور لهڻ، ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جا فرض عائد ٿين
ٿا. اها نهايت ڳري ذميواري آهي. جيڪي دوست سنڌ جي
تاريخ ۽ تمدن سان آشنا آهن، تن کي بخوبي معلوم آهي
ته سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي روايت ڪيتري طويل ۽
ڪيتري گهري آهي. اهو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ
جي تهذيب في الحقيقت سنڌونديءَ جي دين آهي.
سنڌ جي تاريخ تي جيڪي اوائلي ۽ اهم ڪتاب لکيا ويا آهن، تن ۾
علامہ سيد سليمان ندويءَ جو ڪتاب ’عرب و سنڌ ڪي
تعلقات‘ گهڻو مشهور آهي. ڪتاب ۾ قديم سنڌ جو ايترو
ته احوال ڏنل آهي جو ان جو نالو عرب و هند ڪي
تعلقات رکجي ها، ته به موزون ٿئي ها. بهرحال، سيد
صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ سنڌو درياءَ جي عظمت جي هڪ
عجيب روايت بيان ڪئي آهي. لکي ٿو ته:
”ايڪ روايت هي ڪه جنت سي چار دريا نڪلي هين ــــ نيل، فرات،
جيحون ارو سيحون. نيل تو مصر ڪا دريا هي جس پر مصر
کي زراعت ڪا دارومدار هي ــــ اس طرح فرات ڪي جو
اهميت عراق ڪي سرسبزي اور شادابي ڪي لئي هي وه
ظاهر هي ـــ جيحون ترڪستان ڪا درياهه هي اور سيحون
کي متعقل هي ڪه هندستان ڪي دريا ڪا نام هي ـــ ڪيا
جنت ڪي اس چوتهي دريا ڪو گنگا سمجها جائي؟ بعض
لوگون ني اس ڪو دريائي سندهه قرار ديا هي.“
سيد صاحب جي بيان ڪيل اها روايت ظاهر ۾ ته ڄڻ ديومالائي دور جو
هڪ داستان آهي، جڏهن انسان هن ڌرتيءَ تي ئي جنت جي
تلاش ڪندو هو، ليڪن در حقيقت اها روايت بهرحال
سنڌو درياءَ جي لافاني عظمت ۽ اهميت جو روشن دليل
آهي.
هن وقت تائين اهو تصور ڪيو ويندو هو ته سنڌو درياءَ جنهن قديم
انساني تهذيب جو بنياد وڌو، اها ساڍا چار هزار
ورهيه قديم آهي. آثار قديمہ جي ماهرن ان ڳالهه ۾
هن کان اڳ اهو اضافو ڪيو هو ته موهن جي دڙي کان
آمريءَ جي تهذيب 600 کان 800 ورهيه وڌيڪ قديم آهي،
ليڪن اوهان کي معلوم آهي ته سبيءَ جي ڀرسان تازو
مهرڳڙهه وٽ فرانسسي ماهرن هڪ دڙو کوٽيو آهي، جنهن
جي تهذيب ست هزار ورهيه قديم آهي. مهرڳڙهه جي
ڀرسان نوشهري جو ٻيو دڙو به کوٽيو ويو آهي، جو به
ايترو ئي پراڻو آهي. ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب
قديم سنڌ ۾ انهن دڙن کي دمدما ڪوٺيو آهي. مان اهي
ٻئي دڙا هڪ دفعو نه پر ڪيترا ڀيرا ڏسي آيو آهيان،
۽ اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته درحقيقت مهر ڳڙهه جي
تهذيب قديم سنڌي تهذيب جي هڪ اڳوڻي ڪڙي آهي، ڇو ته
سبيءَ تائين صاف سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي. سبيءَ تائين
سمورو علائقو سنڌو درياءَ جو ميداني علائقو آهي.
بلوچستان جا جبل ان کان بعد شروع ٿين ٿا. سبي صدين
جون صديون سنڌ جي تاريخ جو حصو رهي آهي. ڪلهوڙن جي
دور تائين، اها سنڌ جي حڪومت جي تسلط هيٺ هئي.
دولهه درياءَ خان سنڌ جي سرحد تي سبيءَ وٽ ارغونن
سان مقابلا ڪيا هئا ۽ کين شڪست فاش ڏني هئي.
هاڻي اوهان ذرا تصور ڪريو ته جيڪا تهذيب ست هزار ورهيه قديم
هوندي، جتي جنت مان درياءَ وهي ايندا رهيا آهن، ان
جا رهاڪو ڪيڏا نه مهذب ۽ متمدن هوندا. ان جي زبان
ڪيڏي نه شاهوڪار هوندي. ان ٻين ٻولين جا هزارين
ورهين جي عرصي اندر ڪيترا نه لفظ جذب ڪيا هوندا.
چنانچه سنڌ جي سرزمين جي علمي ۽ ادبي روايت ڪيڏي
نه پڪي ۽ پختي هوندي. سنڌ جي ثقافت ۾ ته دوستو
انڊلٺ جا سمورا رنگ سمايل هوندا.
انسٽيٽيوت آف سنڌالاجي متعلق منهنجو اهو تصور آهي ۽ ان سان
منهنجون اهي اميدون وابسته آهن ته هي ادارو سنڌ جي
علم ۽ فضل جي اها سموري امانت سنڀاليندو. هن اداري
جي توسيع ٿيندي، نوان نوان شعبا کلندا ۽ نيون نيون
اسڪيمون تيار ٿينديون. مون کي پورو يقين آهي ۽
الله جي رحمت ۾ اميد آهي ته انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جو مستقبل نهايت روشن ۽ درخشان آهي.
سنڌ جي ماڻهن کي هن اداري سان دلي محبت آهي.
انشاءِ الله هو هميشہ ان کي ساهه سان گڏ سانڍيندا.
هو اداري جي بنياد گذارن ڊاڪٽر رضي الدين صديقي،
مرحوم پير حسام الدين راشدي، مرحوم محمد حنيف
صديقي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا ۽ ڀيڻ مهتاب راشديءَ جهڙين قدآور شخصيتن جي
سونهري لفظن ۾ لکڻ لائق خدمتن سان گڏ، هن اداري جي
ننڍن وڏن ڪارڪنن جي پورهئي کي نه وساريندا، جن هن
اداري کي اوج تي رسائڻ ۾ پاڻ پتوڙيو آهي. منهنجي
مراد فقط عبدالقادر جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سان نه آهي، پر اداري جو هر غريب ڪارڪن، چاهي اهو
چوڪيدار هجي يا پٽيوالو، سنڌ جي ماڻهن جي تحسين جي
لائق آهي ۽ سنڌ جي سچن ماڻهن مان هميشہ خير ۽
نيڪيءَ جي توقع رکي سگهجي ٿي.
تازو مان اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي هڪ اعليٰ عملدار
ڊاڪٽر هيلن جي گهر دعوت تي مدعو هوس، هيلن پنهنجي
هڪ ٻيءَ آمريڪي سهيليءَ سان واقفيت ڪرائي، جنهن کي
مون ٻڌايو ته مان سنڌ جو آهيان. تڏهن هن پنهنجي
مڙس کي سڏ ڪيو. سندس مڙس ملتان جو رهاڪو آهي. سڪ
سان ڀاڪر پائي مليو ۽ مون کي چيائين ته اسان وٽ هڪ
پراڻي چوڻي آهي ته:
راوي راشڪان،
ستلج سالڪان،
چناهه عاشقان،
سنڌ صادقان.
يعني راوي راشڪن، سخت جان محنتي ماڻهن جو مسڪن آهي. ستلج جي
ميدانن ۾ سالڪ رهندا آهن. چناب عاشقن جو آستانو
آهي ۽ سنڌو سچن ماڻهن جي سرزمين آهي.
دعا آهي ته خداوند ڪريم سنڌ کي سدائين شاد ۽ آباد رکي! ان جي
خدمت گذار عالمن، اديب، استادن، شاگردن ۽ ادارن کي
زنده ۽ پائنده رکي!
خوشا شيراز وصغش بي مثالش،
خداوند نگهدار از زوالش.
”جبران خليل جبران“
محمد حسين ”ڪاشف“
جبران خليل. جبران جو نالو عالمي ادب جي تاريخ ۾ نهايت ئي عزم ۽
احترام سان ورتو وڃي ٿو. سندس ادبي ۽ فڪري عظمت جو
انڪار اڄ تائين ادب جي تاريخ ۾ ناممڪن رهيو آهي.
جبران هڪ شخصيت نه پر هڪ ٿاٽ ۽ ادبي آئيڊيالوجي جي
حيثيت سان سڃاتو ۽ ڄاتو وڃي ٿو. سندس هر تحرير جو
لفظ ۽ هر تصوير جو نقش سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
جبران جي ادبي شخصيت اهو سمنڊ آهي، جنهن ۾ مشرق
توڙي مغرب جي فلسفي ۽ حڪمت جا درياءَ اچي ڇوڙ ڪن
ٿا. دنيا جي ادبي تاريخ ۾ اهڙيون شخصيتون گهٽ ملن
ٿيون، جن پنهنجي فڪر جي ڇاپ عالمي ادب ۽ سوچ جي
ڌارن تي ڇڏي هجي.
جبران هڪ جڳ مشهور اديب، شاعر ۽ مصور هو. هن ادب ۽ آرٽ جا اهي
موتي وڻجيا آهن ۽ اهو وکر وهايو آهي، جو وقت
گذرندي به پئي پراڻو نه ٿيڻو آهي. جڏهن به کيس
پڙهجي ٿو ته اهي آبدار موتي ملن ٿا، جن جي جيتري
تعريف ڪجي اها ٿوري آهي. جبران خليل جبران موضوع،
حيثيت، توڙي اسلوب جي لحاظ کان دنيا جو ناميارو ۽
مک اديب آهي. عقليت ۽ فڪر جي تاريخ ايترو ئي قديم
آهي، جيترو خود انسان ذات. ائين برابر آهي ته عقل
۽ فڪر کي عام حيثيت ۾ جتي وهمي تصور ڪيو وڃي ٿو،
اتي تاريخ جو مطالعو اسان تي اهو ظاهر ڪري ٿو ته
انسان پنهنجي عقلي ۽ فڪري قوت کي زندگيءَ جي تجربي
۽ مشاهدي ۽ مسلسل جدوجهد کان پوءِ ان کي حاصل ڪيو
آهي ۽ سندس اهو عمل ارتقا پذير آهي. جيڪو تاريخ جي
هر دور ۾ جاري رهيو آهي ۽ رهندو ايندو. عقليت ۽
فڪر جي انهيءَ نڪتي تي سوچ جي عمل دنيا جي اندر
ڪئين ڏاها ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن جي فڪري
سرمايه کي تاريخ ڪڏهن به نظرانداز نٿي ڪري سگهي.
جبران خليل جبران به هڪ اهڙي ئي ادبي ۽ ڏاهپ واري
شخصيت هو، جنهن پنهنجي فني تخليق ۾ عقل ۽ فڪر جي
ڌارن کي فني آميزن سان هڪ اهڙو آدرش بخشيو آهي جو
پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته جيئن هو سندس
بيان مقصديت ۽ شعوري ڪيفيت جي حقيقت کي سمجهي
سگهي. هر وڏي ڏاهي جي انهيءَ ڪيفيت جي گهرائيءَ
تائين پهچڻ لاءِ ان جي مخصوص خاصيتن جو خاڪو اسان
جي ذهن ۾ هئڻ گهرجي ته جيئن داخلي طور ان جي خيال
۽ فڪري پرواز ۽ احساس تائين پهچي سگهجي.
جبران پنهنجي نظريه جي لحاظ کان هڪ انتها پسند انسان هو. جنهن
ماحول ۾ هن اک کولي اهو نهايت ئي عجيب هو، جنهن ۾
هر سماجي خرابي موجود هئي. رياڪاري ۽ دوکيبازيءَ
جي هوءَ هئي سرمايدارن ۽ جابر ماڻهن جي حڪمراني
موجود هئي. مذهبي رهنمائن قوم جي اٻوجهه عوام جي
ساده لوحي مان هر طرح جو فائدو ٿي ورتو. کين خيرات
جو حڪم ڏيئي پنهنجي عُبا ۽ قُبا کي مستحڪم پئي
ڪيو. ارباب علم و دانش جي فڪر جي ڪا اهميت نه هئي.
ائين کڻي چئجي ته ان وقت جو ماحول علمي توڙي فڪري،
اخلاقي توڙي اقتصادي قدرن جي ڊاهه ڊوهه جو شڪار
هو. حضرت مسيح جي تعليم جنهن جو لبنان مرڪز هو.
اها قريب، قريب ختم ٿي چڪي هئي. اهڙي ڏکئي وقت ۾
”جبران“ هڪ وڏي مصلح ۽ فلسفي جي صورت ۾ اڀريو ۽
پنهنجي فڪري جدت جي نواڻ سان ادب جي دنيا تي
ڇانئجي ويو. دنيا جي ادب ۽ فڪر جي تاريخ ۾ جتي
گوئٽي، شيڪسپير، آسڪروائلڊ، ٽيني سن، دوستاوسڪي،
گورڪي، چيخوف، موپاسان ۽ ٻين مغربي اديبن جو نالو
نظر اچي ٿو، اتي مشرقي طرز جي اديبن مان واحد
شخصيت ”جبران خليل جبران“ جي آهي، جنهن پنهنجي
مخصوص طرز فڪر ۽ اسلوب نگارش سان دنيا جي هر ادبي
۽ فڪري تحريڪ کي متاثر ڪيو ۽ مشرق جي خيالن جي
ترجماني ڪئي. ننڍن ننڍن موضوعن ۾ پنهنجي تحرير جي
وسيلي هن فڪر جو اظهار ڪيو آهي. جيڪو ماڻهوءَ کي
هر سماجي ڏاڍائي تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. دنيا
جي ادب ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. دنيا جو هي
واحد اديب، شاعر ۽ مفڪر آهي، جنهن جي لکتين کي
دائميت حاصل آهي.
هن جي انهن خيالن پڙهڻ کان پوءِ جيڪي هن سماجي ڏاڍاين، مذهبي
ڪٽرپڻي ۽ ماڻهوءَ جي مٿان ماڻهوءَ جو استحصال ۽
ماڻهوءَ جي محبت، حسن، عشق، مطلب ته فرد جي مڙنئي
ڪيفيتن جي سلسلي ۾ جن به ويچارن جي اپٽار ڪئي آهي،
اهي حقيقت پسنديءَ سان ڀرپور آهن. سندس انهن خيالن
جي اظهار سبب ڪيترا ماڻهو کيس ڪافر ڪوٺيندا هئا ۽
ائين چيو ويندو هو ته ”جبران“ جي سڀني ڪتابن کي
ساڙي ڇڏجي. ڇاڪاڻ ته هن جي تحرير نوجوانن جي اخلاق
کي بگاڙي ٿي. انهيءَ عام خيال کان متاثر ٿي هن
”خليل ڪافر“ لکيو. جنهن ۾ هن انهن اعتراضن ۽ ماڻهن
جي انهيءَ تنگ نظريءَ کي وائکو ڪيو آهي. جنهن جي
آڌار تي ”جبران“ کي ڪافر ڪوٺيو ٿي ويو. هن جي آڏو
”حياتي، نظر اچڻ وارين انهن سطحي شين جو نالو نه
هئي، بلڪ لڪل حقيقتن جو نالو آهي، جيڪي انسان ۾
سمايل آهن. هي ظاهري طور نظر اچڻ واري شيءِ نه پر
اندر ۾ محفوظ ۽ مختصر علم جو نالو آهي.“
ماڻهو جي چهري مان نه پر دلين سان سڃاتا وڃن ٿا. ”جبران“
زندگيءَ جي جن تلخين ۽ تڪليفن کي ڏٺو، انهن هن ۾
سچائيءَ جو عنصر پيدا ڪيو. جنهن ڪري سندس هر تحرير
۾ صاف گوئي، سچائي ۽ سماجي شعور نظر اچي ٿو.
پنهنجي نقطهء نظر مڃائڻ لاءِ وٽس ڪو به دليل وارو
طريقو نه آهي. جيئن منطق جي زبان ۾ هوندو آهي.
بجاءِ ان جي حقائق جي زبان ۽ لفظن جي حسَن ۽ احساس
جي ڪمال سان پنهنجو نقطهء نظر بيان ڪري ٿو. اهوئي
سبب آهي جو سندس هر فن پارو منفرد ۽ موثر آهي.
هر اعليٰ جذبات رکڻ واري انسان وانيگر ”جبران“ حق جي اظهار ۾
نهايت ئي اعليٰ ظرفي کان ڪم ورتو آهي. هن جڏهن به
پنهنجي انهن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ته انهن ۾
اسان کي سچائي بکندي نظر اچي ٿي، جيئن هڪ هنڌ چوي
ٿو ته:
”ماڻهن اسان جي ٻانهن جي قوت ۽ طاقت سان عبادت گاهون، گرجائون ۽
محل تعمير ڪيا آهن، جن جي مٽي ۽ پٿر اسان جي پٺن
تي کنئي ويئي آهي. انهن جي طاقت سان بلند مينار
ٺهيل آهن، ته پوءِ انهن کي اندر وڃڻ کان ڇو ٿو
روڪيو وڃي. زمين جو هر شخص مالڪ آهي ته پوءِ غريبن
کي ان کان ڇو ٿو محروم رکيو وڃي. اسان کي اها ماني
ڇو نٿي ملي، جنهن جا تيار ڪندڙ اسين پاڻ آهيون.“
جبران جو ڪجهه لکيو، پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي لکيو آهي. ڪهڙي
به ڪڙي ڳالهه هجي، جبران ان جي پرواهه نه ڪئي ۽ نه
وري کيس اهو خوف هو ته سندس لکڻين جي ڪري ماڻهو هن
کان نفرت ڪندا يا وقتي حڪومت کيس ملڪ نيڪالي ڏيئي
ڇڏيندي. سندس آڏو حق ۽ ان جي حقيقتن جو اظهار
مقصود هو، جنهن کي لڪائڻ سندس فطرت جي خلاف هو.
اهوئي سبب آهي جو کيس ڪافر ۽ ملحد ڪوٺيو ويو.
جبران جو نقطه نظر سندس هر تقرير ۾ پڌرو آهي. اندر
جي آواز ۽ روح جي انهيءَ ازلي تڙپ ۽ خواهش کي هن
ڪڏهن به دٻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن انهيءَ
کي روحاني اساٽ ۽ تلاش کي خداوندي محبت جو سايو
تصور ٿي ڪيو. پنهنجي چاچي جي پٽ کي هڪ خط ۾ هڪ هنڌ
هيئن لکي ٿو ته: ”ماڻهو چون ٿا ته آءٌ حق ۽ انصاف
جي قانون جو دشمن آهيان. مون کي خانداني رشتن ۽
پراڻين روايتن کان نفرت آهي. ائين چوڻ وارا واقعي
سچا آهن، ڇاڪاڻ ته مون کي سچ پچ انسانن جي ٺاهيل
قانونن کان نفرت آهي ۽ روحاني شفقت سان محبت آهي.
روحاني شفقت جنهن کي سڄي دنيا جي قانونن جي پيڙهه
يا بنياد چوڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شفقت انسانن لاءِ
خدا جو حسين سايو آهي.“ ٻئي هنڌ پنهنجي متعلق
جبران چوي ٿو ته.
”منهنجو نفس منهنجو صلاحڪار ۽ مُشير آهي ان مون کي انهن آوازن
سان نوازيو ۽ انهيءَ ڪيفيت سان همڪنار ڪيو آهي،
جيڪي زمان ۽ مڪان جي بندش ۽ زبان ۽ بيان کان
مٿاهان آهن.“
جبران جي شخصيت جي ٺاهه جوڙ ۾ تاريخ ۽ زندگي جي ڪيترن ئي واقعن
جو دخل رهيو آهي. فرانسيسي انقلاب جيڪو جبران جي
پيدائش کان سؤ سال اڳ رونما ٿيو. جنهنڪري عيسائي
فرقي (يسوع) فرانس مان جلاوطني اختيار ڪئي ۽ لبنان
۾ اچي پناهه ورتي. لبناني عيسائين جي اڪثريت
”ماروينين“ تي مشتمل هئي، انهيءَ فرقي کي ڪيٿولڪ
عيسائين کان ڪليسائي نظام تحت وڌيڪ رعايتون مليل
هيون، جنهن ۾ ماروني پادري کي شادي جو حق مليل هو.
جبران جي والده به هڪ ماروني پادري جي ڌيءَ هئي ۽
سندس عربي ۽ فرانسيسي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪيل هئي،
جنهن جي هنج ۾ هن (جبران) هيج مان پرورش ورتي.
”خليل جبران“ جمهوريه لبنان ۾ بشريٰ ڳوٺڙي ۾ 6 ــ ڊسمبر 1883ع ۾
اک کولي ۽ پنهنجي پهرئين چيخ بلند ڪئي، جيئن هر
پيدا ٿيندڙ ٻار جو دستور آهي. بشريٰ، قاديشيا وادي
جي هڪ پنڍڙي پهاڙي جيڪا صوفن جي وڻن سان ڇانيل
هئي، ان جي ڪناري تي هو. جبران شروع ۾ پنهنجي ڀاءُ
”پطرس“ سان گڏ ابتدائي تعليم لاءِ اسڪول ۾ ويو، پر
سندس ذهانت استادن جي تعليم کان مطمئن نه هئي.
مدرسي کان واپس اچي پنهنجي ماءُ کان ان باري ۾
سوال ڪندو هو، جيڪا انهيءَ سلسلي ۾ سندس رهبري
ڪندي هئي.
لبنان جي ٻوسٽ وارين حالتن کان جبران جو خاندان مايوس ٿي چڪو هو
۽ لبنان کي ڇڏي آمريڪا وڃڻ ٿي چاهيو، جنهن ۾ پطرس
ڪامياب ٿيو. عازم سفر ٿيڻ وقت والده کيس چيو ته
”هاڻي آءٌ سمجهي ويئي آهيان ته هتي نه تنهنجي
زندگي ٺهي سگهي ٿي ۽ نه مستقبل شاندار ٿي سگهي ٿو.
تون جوان آهين، آءٌ توکي خدا جي حوالي ڪريان ٿي،
ليڪن تون پوئين ۽ آءٌ پهرئين جهاز ۾ قدم رکنداسين.
تنهنجو ڀاءُ جبران ۽ ڀينرون مريانه ۽ سلطانه به
مون سان گڏ هونديون.“ 1894ع ۾ جڏهن ڪامله خليل
جبران ۽ پنهنجي ٻين ٻارن کي آمريڪا وٺي آئي ته ان
وقت سندس حالت ڇا هوندي، ان جو تصور ڪرڻ کان ٻاهر
آهي.
جبران کي مصوري جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو، جنهن کي سندس
ماسترياڻي تاڙي ورتو ۽ ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ هڪ
ماڻهوءَ کي ساڻ وٺي ۽ جبران ڏانهن اشارو ڪري چيو
ته هي ڇوڪر هٿ سان تصويرون ٺاهي ٿو. اهڙي ريت
جبران جي انهيءَ مصور سان ملاقات ٿي ۽ هن جو رجحان
پڙهڻ جي بجاءِ مصوري ڏي راغب ٿيو. ان وقت جبران جي
عمر صرف چوڏهن سال هئي. ٻئي ڏينهن اسڪول مان اچڻ
بعد ”جبران“ اڪيلي سر انهيءَ جاءِ جي ڳولا شروع
ڪئي، جنهن جو پتو کيس مصور ڏنو هو. جبران پنهنجي
ڌن ۾ پهه پچائيندو رهيو ته آءٌ پنهنجي حُسن بيان ۽
پاڪيزه اخلاق سان انهيءَ مصور کي قائل ڪندس.
آخرڪار هن مصور جو گهر ڳولي لڌو جتي هڪ ڪرسي تي هڪ
خاتون ويٺل هئي، جنهن کي مصور مخاطب ٿيندي چيو ته
”هي آهي اهو شامي نوجوان جنهن جو ذڪر آئون اڳهرو
اوهان سان ڪري رهيو هوس. مون کي هن جي تصويرن ۾
عجيب تخيل ۽ فني ذوق سمايل نظر اچي ٿو.“ انهيءَ
عورت پنهنجو هٿ جبران ڏانهن ملائڻ لاءِ وڌايو. هٿ
ملائن سان کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جو سڄو رت
سندس چهري تي اچي ويو آهي ۽ سندس بدن ۾ هڪ سرسراهٽ
پيدا ٿي ويئي. جبران پنهنجون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون
ته جيئن اهي ان عورت جو کليل سينو ۽ اگهاڙيون
ٻانهون ڏسي نه سگهن. ”جبران“ جي انهيءَ حالت کي
محسوس ڪندي ان عورت وراڻيو ته اوهان ڏاڍا شرميلا
معلوم ٿيو ٿا. اوهان جا نرم، نرم سهڻا سونهري،
ڊگها وار عموماً جيئن فنڪارن جا هوندا آهن، ائين
معلوم ٿين ٿا. اوهان ته هينئر ئي فنڪار معلوم پيا
ٿيو. جبران وراڻيو ته آئون فنڪار نه پر فن سان
محبت ڪندڙ آهيان. جبران جڏهن مصور جي گهران نڪتو
ته سندس کيسي ۾ صرف ڪاغذ جو هڪ پرزو هو جنهن تي
انهي عورت جو پتو لکيل هو. اها عورت هڪ وڏي مالدار
ماڻهوءَ جي زال هئي، جنهن کي سندس مائٽن دولت جي
لالچ تي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرائي هئي، جنهن
کي هن بنهه پسند نٿي ڪيو. جنهن سبب هن جي دل احساس
محروميءَ جو شڪار هئي. جبران جهڙي خوبصورت، خوبرو
ڳرٽ نوجوان سان ملاقات هن جي دل ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ۽
تمنا پيدا ڪئي. ٻئي ڏينهن جبران ان عورت جي ڏنل
پتي تي سندس گهر پهتو ته هن سندس نهايت ئي اتساهه
سان استقبال ڪيو ۽ ساڻس ملندي چيو ته جو ڪجهه
ڪالهه ٿيو ان لاءِ آئون معذرت خواهه آهيان. اڄ
آئون نه تنهنجي وارن سان کيڏنديس ۽ نه وري ڪو
تنهنجي پيشاني چمنديس، ڪالهه اهو سڀڪجهه تنهنجي
محبوب حسن ۽ شخصيت جي ڪري ٿيو. چڱو اوهان مون کي
منهنجي تصوير جي متعلق ڪجهه ٻڌايو؟ جبران وراڻيو
ڪاش! تنهنجي تصوير ٺاهڻ لاءِ جيڪڏهن ”ليونارڊ“
پنهنجي قبر مان اٿي اچي ته به هو تنهنجي انهن اکين
کي پرسڪون بنائي نه سگهندو ۽ انهيءَ اضطراب کي
ظاهر ڪندو جيڪو تنهنجي اندر ۾ اڌمان ڏيئي رهيو
آهي.“ جبران لاءِ اها ملاقات عجيب هئي جنهن ۾ هن
هڪ قسم جو ڪيف ۽ سرور محسوس ڪيو، انهيءَ ملاقات ئي
هن جي زندگي ۾ انقلاب آندو. پيار ۽ احساس، حسن ۽
احساس محبت جيڪو سندس دل ۾ هو. اهو جذبات جي شڪل ۾
ظاهر ٿيو. انهيءَ ڌاري جي وهڪ کي روڪڻ جبران جي وس
کان ٻاهر هو. اها عورت سندس لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ واسطي
تيار هئي. ڇاڪاڻ ته کيس جبران ۾ هڪ پيار ڪندڙ،
ڌڙڪندڙ ۽ حساس دل نظر آئي. جبران جي محبت جي اها
پهرين لغزش هئي، جنهن هن کي زندگيءَ جي سرور سان
روشناس ڪرايو. انهيءَ واقعي جبران تي نهايت گهرو
اثر ڪيو ۽ هن پاڻ کي هڪ اهڙي موڙ تي محسوس ڪيو،
جنهن ۾ هن لاءِ ٻيو ڪو چارو نه هو ته هو لبنان
واپس وڃي ۽ پنهنجي فڪري ۽ فني اوسر کي ڪو نئون رخ
ڏي ۽ پنهنجي مادر وطن جو نئين سري سان مطالعو ڪري،
پنهنجي والد سان ملي ۽ سرياني زبان تي دسترس حاصل
ڪري.
لبنان ۾ چار سال رهڻ بعد جڏهن جبران واپس بوسٽن پهتو ته سندس
خاندان جي حالت نهايت رحم جوڳي هئي، ڀيڻس سلطانه
سلهه جو شڪار ٿي چڪي هئي، جنهن ۾ آخر هن پنهنجي
جان جان ـــ آفرين جي حوالي ڪئي. جنهن جي موت تي
جبران پنهنجي ڀاءُ ”پطرس“ کي چيو ته آئون سلطانه
لاءِ نٿو رئان، پر آئون ان لاءِ ٿو رئان ته ”هن جي
مرڻ سان خدا مري چڪو آهي.“ سلطانه جي موت تي غور
ڪندي جبران هن نتيجي تي پهتو ته ”زندگي گذرندڙ آهي
۽ موت ايندڙ آهي. زندگي لباس آهي ۽ موت عرياني،
زندگي هڪ کليل خيال آهي ۽ موت هڪ لڪل رازِ خدا
زندگي به آهي ته موت به“ اهڙيءَ ريت انهي سقيم
حالت ۾ جبران جي ماءُ ”ڪامله“ ۽ ڀاڻس ”پطرس“
زندگيءَ جي ناتي کان ڌاڳا ڇني هميشه هميشه کان
کانئس موڪلائي ويا. (سلطانه 4 ــ اپريل 1902ع)،
(پطرس 13 ـــ مارچ 1903ع) ۽ سندس والده (10 جون
1903ع) ۾ وفات ڪئي. باقي جبران ۽ مريانا جو خاڪي
وجود وڃي رهيو. جبران جي سڄي محبت مريانا ۾ مرڪوز
ٿي ويئي. جيڪا سندس خاندان جي آخري نشاني هئي.
جبران اهو وقت، جنهن ذهني پيڙا ۽ عذاب ۾ گذاريو، اهو هڪ فنڪار،
ڪلاڪار، ڪوي، مصور، اديب ۽ شاعر لاءِ چئلينج هو،
جنهن کي جبران پهرئين ڏينهن کان قبول ڪري چڪو هو ۽
زندگي جي انهيءَ اذيتـناڪ وهڪ سان نڀائي رهيو هو.
باوجود انهن صدمن جي منجهس فڪري انتشار پيدا نه
ٿيو،بلڪ هن واقعات ۽ حالات جي دنيا جو گهرائي سان
مطالعو مشاهدو ڪيو ۽ زندگي جي اسباب ۽ عدل تي هن
جي هئڻ ۽نه هئڻ تي ان جي ڪيفييت ۽ ڪميت تي غور
ڪندو ۽ انهن جي تهه تائين پنهنجي احساس ۽ شعور کي
پهچائيندو رهيو، جنهن هن ۾ فڪري پختگي ۽ سچ چوڻ جي
ڪيفيت پيدا ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ جبران گهڻو ڪجهه
ڪيو، جنهن ۾ سندس مشهور عربي مقالو ”الموسيقي“
آهي، جتي هو پنهنجي خيالن کي لفظن جي تاڃي پيٽي ۾
اڻندو رهيو. اتي هو ليڪن جي خاموش زبان ۾ پڻ
چترڪاري ڪندو رهيو، جنهن ۾ وڌيڪ سکيا لاءِ هن يورپ
جي وڏن شهرن ۽ پيرس ۾ پڻ پير گهمايا. جبران جي
تصويرن جي پهرئين نمائش عام زندگي جي حقن ۾ ڪو
اهڙو ردِ عمل نه ڪيو، جنهن جو اثر جبران کي دل
وٽان مليو هجي. هڪ ڏينهن جبران پنهنجي ننڍڙي دڪان
۾ انهيءَ نمائش متعلق سوچيندو رهيو ته ڇا: منهنجي
فن ۾ ڪمي آهي يا منهنجي انهن تصويرن جي مقصد کي
ڏسندڙ سمجهي نه سگهيا آهن. واقعي اهو سچ آهي ته فن
جي تڪميل فنڪار جو موت آهي. ڪاش ائين نه ٿئي ته
چڱو هي اڃا انهن خيالن ۾ هو ته هڪ عورت ٽن مردن
سان سندس دڪان ۾ داخل ٿي. جبران جو خيال هو ته
شايد هي عورت ڪا تصوير خريد ڪري. مختلف تصويرون
ڏسندي هن جبران کان ڪئين سوال ڪيا، جن جا جواب
جبران نهايت ئي خنده پيشاني سان ڏنا. جنهن تي هن
عورت سندس شڪريو بجا آندو ۽ چيو ته آءٌ فنڪاره ته
نه پر فن جي پرستار ضرور آهيان!
عورت: ڇا! اوهان فن کان واقف آهيو؟
جبران: ها، مون کي فن تي ڪجهه ڄاڻ آهي.
عورت: اوهان هن مصور کي سڃاڻو ٿا، جنهن جون هي تصويرون ٺاهيل
آهن؟
جبران: مصور خود اوهان جي آڏو حاضر آهي.
هن عورت جبران سان هٿ ملايو ۽ چيائين ته مون کي اوهان جون
تصويرون ۽ فني مهارت ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مسٽر
جبران منهنجو نالو ميري هاسڪل آهي ۽ آءٌ مس هاسڪل
اسڪول جي پرنسپل آهيان. ميري هاسڪل جبران کي
پنهنجي اسڪول ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، هن جي ملاقات
مشيلن سان ٿي، جيڪو سندس زندگي جو ٻيو انقلابي قدم
هو. اهڙي ريت جبران جي ملاقات ميري سان ٿي. اهي سڀ
واقعا زندگي جي جن وقتن ۾ ٿيا ۽ جنهن صورت ۾ ظاهر
ٿيا، انهن جبران جي شخصيت، فن ۽ فڪر جي تعيمر ۾
وڏو ڪردار ادا ڪيو. مشيلن جبران کان وڏي عمر هوندي
به جنهن طرح سان پيار جو ناتو نڀايو، انهيءَ جبران
جي شخصيت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ائين چئجي ته:
”ساجن اڳ ئي سهڻو، ٻيو مٿانئس موڙ“
واري ڪار هئي. جبران هڪ فنڪار، دانشور ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ گهڻو
ڪجهه تخليق ڪيو. سندس شهرت آمريڪا کي اورانگهي وچ
مشرق جي وادي کي پنهنجي فڪر جي خوشبوءِ سان معطر
ڪري ڇڏيو. جبران جي تحرير جو گهڻو حصو عربي ۾ هو،
جنهن کي سندس پرستارن انگريزيءَ ۾ آندو ۽ هن جو
ڪجهه انگريزيءَ ۾ لکيو، ان کي عربيءَ ۾ آندو ويو.
اهڙيءَ ريت مشرق ۽ مغرب جي تحريري ميلاپ هڪ فڪري
ڳانڍاپي جي راهه پيدا ڪئي. جبران پنهنجي فني
شهپارن جي تخليق ۾ رڌل هوندي به پنهنجي فڪري اوسر
لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سندس تخيلقي مواد جي
مطالعاتي جائزي بعد ڏسجي ٿو ته مٿس نٽشي، زرتشت،
بوعلي سينا، سينٽ آگسٽائين ۽ الفريڊ جي فڪر جي ڇاپ
۽ اثر نظر اچي ٿو. هو امام غزالي ۽ حضرت علي رضه
جي جڳ مشهور تصنيف ”نهج البلاغه“ کان به متاثر
ڏسجي ٿو ۽ جن هنڌن تي هو مسئله تناسخ جو قائل ۽
پرچارڪ نظر اچي ٿو، جيڪو هندومت جو آواگون جو ٻيو
نالو آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته جبران جي نظر
جديد توڙي قديم فلسفيانه نظرين توڙي مذهبن جي
تعليم تي گهري هئي. باوجود هيڏي مقبوليت ۽ فڪري
ڪمال جي سندس ذهن ۾ اهو خيال هو ته هو ڪنهن اهڙي
تحرير جي تخليق ڪري، جيڪا الهامي صورت جو درجو
رکندڙ هجي
*.
اهوئي سبب آهي جو خطبات جي صورت ۾ هن
(The prophet) (النبي) جي تخيلق ڪئي، جنهن ۾ هن ”ابن مريم“ جي تشخص کي نظر ۾
رکي پنهنجي شهپاري جي رچنا رچي. ”النبي“ جبران جو
اهو ڪتاب آهي، جنهن جي بنياد تي ”ميئر آرنلڊ“ چوي
ٿو ته ”جبران اديبن جو امام آهي.“
دنيا جو هي سڄاڻ ۽ ڏاهو انسان، جنهن علم، ادب مصوري ۽ شاعري ۾
واهڙ واهي ڇڏيا ڪڏهن به زندگيءَ جي تلخين ۽ مصيبتن
آڏو نه جهڪيو؛ پر پنهنجي ارادي تي هميشہ اٽل ۽
اڏول رهيو. پرديسي هوندي به پنهنجي ديس کي
ڏورانهين ڏيهه ۾ به هڪ کن پل نه وساريو.
بقول لطيف:
”وطن جن وساريو، حيف تنين هوءِ.“
تي ڪاربند رهيو. جڏهن به حسن ۽ خوبصورتي، نزاڪت ۽ نفاست،
محبوبيت ۽ محجوبيت کي هن بيان ڪيو آهي ته پنهنجي
لبنان جي ڌرتيءَ ۾ بيان ڪيو آهي. اتي جي عشروت ۽
بعلبڪ ديوتائن، صنوبر ۽ بنفشه جي گلن جي هٻڪار ۽
مهڪ کي هن هر قدم تي ترجيح ڏني آهي.
سندس لکڻين کي مطالع ڪجي ٿو ته انهن مان هر وقت نواڻ محسوس ٿئي
ٿي ۽ فڪر جا ڪئين گوشا انڊلٺ جي رنگن وانگيان
جرڪندا ۽ خم کائيندا نظر اچن ٿا، جن ۾ جبران جي
شخصيت ٻهڪندي نظر اچي ٿي ۽ ائين پيو ڀاسجي ته
انگريزي توڙي عربي ٻولين جا لفظ پنهنجي نکار ۽
اظهار لاءِ جبران جا ڳولائو آهن ۽ غلام آهن. سندس
تحرير ۽ تصور ۾ اهي موتي پُوتل آهن، جيڪي قاري جي
ذهن کي نهايت ئي مٿانهين منزل تي وٺي وڃن ٿا.
جبران پنهنجي فن ۽ ڪلا جي وسيلي اهو ڪجهه ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو هو سماجي، فڪري ۽ روحاني
طور ڪائنات جي اندر حقدار آهي. سندس لکڻين ۾ فلسفي
۽ فڪر جا، ڏات ۽ ڏاهپ جا نهايت ئي دقيق ۽ ڏکيا
مسئلا بيان ڪيل آهن. هو انسان کي محض مجبور تصور
نٿو ڪري، نه وري هو هن کي ڪائنات ۾ ڪو جاهل ۽
ڪمزور تصور ڪري ٿو. هو انسان کي ڪائنات جو حسن ۽
ان کي پنهنجو حق ڄاڻائي ٿو. وٽس عمل ۽ حقيقت جي
ڳولا، ان تي سوچ ۽ ويچار، ڪائنات ۽ زندگيءَ جي
حسن، عشق ۽ محبت، مذهب ۽ ڪفر مطلب ته زندگيءَ جي
هر سماجي ۽ روحاني قدرن لاءِ هڪ خاص نقطهءنظر آهي،
جنهن کي هن پنهنجي رچنائن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. اڄ به سندس انهيءَ دنگيءَ جي داڻن جو حسن
هڳاءُ جوت ۽ جرڪ جڳ کان نرالي ۽ ان جو آمليهو ملهه
آهي.
فن ۽ فڪر جي دنيا جو هي جڳ مشهور شاعر، اديب، مصور
۽ فلسفي هڪ ڪار جي حادثي ۾ 10 ـــ اپريل 1931ع ۾
هن عالم خاڪي ۾ صرف پنهنجي انهن نه وسرندڙ انيڪ
تحريرن ۽ تصويرن کي ڇڏي هيمشہ هميشہ لاءِ موڪلائي
ويو.
|