سلطان محمود بکري ۽
شاهه طهماسپ جا لاڳاپا
سيد حسام الدين راشدي
ترجمو: غلام محمد لاکو
[هي پيپر محترم سيد حسام الدين راشدي سال 1972ع ۾، ايران شناسن
جي 2ـــ بين الاقوامي ڪانگريس تهران ۾ پڙهيو هو.
هي پيپر تازو اسلام آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“
نمبر: 9 (بهار 1366 شمسي هجري) ۾ ڇپيو آهي. نظريهء
ضرورت تحت رسالي جي اهلڪارن هن مقالي جو عنوان
تبديل ڪري ”ايراني درٻار ۽ سنڌ جي درٻار جا ڏهين
صدي هجريءَ ۾ تعلقات“ موضوع سان ان کي ڇاپيو آهي.
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هن پيپر جي اهميت سبب ان کي
”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو ويو آهي].
ڏهين صدي هجري (قمري) ۾ بخارا کان دهلي تائين، قديم گهراڻا ختم
ٿيا ۽ ٻين خاندانن انهن جي جاءِ والاري. قديم
حڪومتون ختم ۽ نيون قوتون نسري نروار ٿيون.
شيبانين جو خاتمو (906 هه / 1500ع)، صفوي سلطنت جو
قيام 907 هه / 1502ع)، هرات جي تيموري خاندان جو
زالن ۽ اولاد جي ڪثرت سبب گل ٿيڻ (913 هه/
7-1506ع)، بابر جو فرعانه کان ڀڄي ڪابل ۽ قنڌار ٿي
قابض ٿيڻ (928هه /1521ع) ۽ هندستان ۾ نئين
بادشاهيءَ جو بنياد رکڻ (932 هه/ 1526ع)، شاهه بيگ
جو قنڌار ۾ بابر هٿان شڪست کائڻ ۽ سنڌ طرف اچي سمن
جي خاندان کي ختم ڪري نئين حڪومت ٺاهڻ (927 هه
/1520ع)، شير خان سوري هٿان همايون جي شڪست ۽ سنڌ
۾ پناهه نه لهڻ (1 ــ رجب 947 هه / 2ـــ نومبر
1540-9ــ ربيع الثاني 950 هه/ 17ــــ جولاءِ
1543ع) ۽ شاهه طهماسپ جي درٻار ۾ پهچي، تخت ۽ تاج
جو هن بادشاهه جي مدد سان واپس وٺڻ ـــ هي سڀ
واقعا ڏهين صدي هجريءَ جي ابتدائي چوٿائي ۾ ٿي
گذريا
*.
انڪري ايران جون قديم سياسي، ملڪي ۽ علمي حالتون
توڙي هند ـــ پاڪ ننڍي کنڊ جو نقشو به بدلجي ويو.
اهوئي سبب آهي جو پوءِ ننڍي کنڊ تي، صدين تائين
ايران جي برتري جاري رهي. هتان جي ملڪي ماحول ۽
اجتماعي سياست کي جن به اميرن، عالمن ۽ مدبرن
تشڪيل ڏني ۽ نئين زندگي بخشي، اهي يا ته ايراني يا
وري توراني هئا.
سلطان محمود بکري ۽ سندس خاندان به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جن
ڏهين صديءَ جي ابتدا کان وٺي آخر تائين هرات، ڪابل
۽ قنڌار توڙي سرزمين سنڌ تي مهمون سرانجام ڏنيون.
امير ذوالنون ارغون ۽ شاهه بيگ ارغون جي وقت سلطان
محمود جو پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش ڪابل، قنڌار، بست
۽ زمين داور تي قائم رهيو (1). ان بعد هي ان ملڪ
مان تڙيا ويا ۽ اچي سنڌ تي قابض ٿيا. هن خاندان جي
ڪجهه ماڻهن خاص ڪري پيءُ جي موت کان پوءِ، سلطان
محمود ملڪي معاملن جي لاهن چاڙهن ۾ اڻ مٽ نشان
ڇڏيا. شاه حسن ارغون جي وفات ( 962 هه / 1555ع) تي
جڏهن سندس ڪو وارث نه هو، سلطان محمود اتر سنڌ ۾
سيوهڻ کان سبيءَ تائين پنهنجي الڳ سلطنت جو بنياد
رکيو (2).
سلطان محمود جا وڏا خوارسڪان جا هئا، جيڪو اصفهان ۾ تحصيل ”جي“
جو هڪ ڳوٺ هو (3). مير محمد معصوم بکري پنهنجي
”تاريخ سنڌ“ ۾ سندس خانداني سلسلو هن ريت لکيو
آهي: ”سلطان محمود بن مير فاضل بن مير عادل بن
احمد خواجه.“ وڌيڪ لکي ٿو ته: احمد خواجه جو واسطو
ٽن پيڙهين ذريعي ملڪ محمود نان ده (ماني ڏيندڙ)،
سان لڳي ٿو جو اصفهان ۾ پهچ ۽ سخا ڪري مشهور هو
(4). جنهن وقت امير تيمور اصفهان کان تاراج ڪيو
(789 هه/ 1387ع) (5)، ان وقت محمود جو وڏو ڏاڏو
احمد خواجه، امير ذوالنون ارغون جو پيءُ اميرحسن
جي هٿ چڙهيو ۽ ان وقت کان شاهه حسن ارغون (پوٽو
امير ذوالنون) جي وفات تائين هي خاندان ساڻن گڏ
رهيو.
ارغون سان گڏ ترخان به سنڌ ۾ آيا جن جو تعداد گهڻو هو، جڏهن ته
مير فاضل ڪوڪلتاش، جو خاندان چند ماڻهن تي مشتمل
هو (6). ان جي باوجود به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته ترخانن
جي دشنمي ۽ رقابت هوندي به، سلطان محمود اڌ سنڌ جي
مسلط ٿي ويو. وٽس جانباز ۽ وفادار سپاهي هئا،
جنهنڪري پاڻ ترخانن تي حاوي رهيو. پاڻ مشڪل ڪمن کي
سمجهڻ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو.
سندس شخصيت نهايت دلچسپ هئي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ جهڙس
سياسي بصيرت جو مثال گهٽ ملي ٿو.
پاڻ جنهن وقت حڪومت جي واڳ ورتائين، اهو دور خطرن سان پُر هو.
ٺٽي جو حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان سندس سخت دشمن هو ۽
سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو ڪڍ هو، هندستان ۾ همايون
بادشاهه، شاه حسن جي موت کان هڪ مهينو اڳ (9ــ
جمادي الاول 962 هه/ 10 اپريل 1555ع)، لاهور تي
قبضو ڪيو هو (3 ـــ ربيع آلاخر 962 هه / 24 ــ
فيبروري 1555ع)، ۽ ٽي مهينا پوءِ (2 ــ شعبان 962
هه / 22 ــ جون 1555) سرهند وٽ سورين کي شڪست ڏئي،
ٻيو ڀيرو سرزمين هند تي مغلن جو جهنڊو ڦڙڪايائين.
همايون بادشاهه پڻ سلطان محمود جو دشمن هو. جڏهن
هو شيرشاه سوري هٿان شڪست کائي سنڌ پهتو هو (28 ــ
رمضان 947 هه /24 ــ فيبروري 1541ع ـــ7 ربيع
الثاني 950 هه / 17 ــ جولاءِ 1543ع)، تڏهن سلطان
محمود پنهنجي ولي نعمت، شاهه حسن ارغون جي حڪم
موجب، هر جاءِ تي سندس مزاحمت ڪئي هئي ۽ کيس ڪٿي
به آرام ڪرڻ نه ڏنائين. ايتري تائين جو مجبور ٿي
کيس ايران وڃڻو پيو. مير معصوم موجب سلطان محمود
هٿان جيڪا شڪست بادشاهه همايون کي آئي ۽ سندس
بهترين امير ڪتب آيا، انڪري هو سنڌ ڇڏي ايران طرف
پناه وٺڻ لاءِ مجبور ٿيو (7).
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سلطان محمود خان پنهنجي اباڻي وطن سان
نسبت برقرار رکي، شاهه حسن جي دور ۾ (920 هه/
1524ع ـــ 962 هه/ 1555ع)، جڏهن پاڻ اڃا بکر جو
نائب حاڪم هو، ايرانين ۽ خاص ڪري ديني بزرگن سان
رستو پيدا ڪري، خط ۽ ڪتابن جو تبادلو جاري ڪيائين.
جڏهن ارغونن ۽ ترخانن ٺٽي ۾ شاه حسن جي پڄاڻيءَ
ڌاري بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو (محرم 962 هه/ نومبر
1554ع)، تڏهن سلطان محمود بکر مان فوجي جٿا ساڻ
ڪري، پنهنجي ولي نعمت جي مدد لاءِ خود روانو ٿيو.
سيد جعفر مشهدي ٻي منزل تي اچي ساڻس مليو ۽ روضهءَ
رضويه جي نقيبن پاران، نقارن جو هڪ جوڙو پيش
ڪيائين (8). ان کي پنهنجي حڪومت لاءِ سٺو سوڻ
سمجهي وڏي احترام سان قبول ڪيائين.
جنهن وقت سلطان محمود ايران سان لاڳاپا پئي وڌايا، تڏهن پاڻ هن
حقيقت کان غافل نه هو؛ ته جيسين همايون بادشاهه جي
دل ۾ ڪدورت باقي هوندي، ايسين پاڻ اطمينان سان
حڪومت نه ڪري سگهندو. مرزا شاه حسن جي وفات وقت
اتفاق سان، ترڪ امير البحر سيدي علي رئيس به موجود
هو، سو عيسيٰ ترخان جي بجاءِ سلطان محمود جي ويجهو
اچي ويو. سلطان محمود به هن لاڳاپي مان فائدو ورتو
۽ جڏهن امير البحر هندستان جو ارادو ڪيو، تڏهن کيس
صورتحال کان واقف ڪري صلح جي درخواست ڪيائين.
سلطان محمود سان بخت ياوري ڪئي. سيدي علي رئيس کيس بادشاهي،
خوشنودي لاءِ شاهي مهر (دستاويز) موڪلي ڏني (9).
ان وقت موجود خطرو ٽري ويو ۽ چند مهينن کان پوءِ
همايون بادشاهه به فوت ٿي ويو (10 ـــ ربيع الاول
963 هه/ 28 ــ جنوري 1556ع).
سلطان محمود ان دوران شاه طهماسپ کي پنهنجو مددگار ۽ دوست
سمجهي، چند ڀيرا پنهنجو سفير موڪلي بخشش ۽ لقب
حاصل ڪيو. مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۾ اچي ٿو ته سال
965 هه (57 ـــ 1558ع) ۾ شاه ايران، سلطان محمود
کي ’خان‘ لقب عطا ڪيو (10) هن لقب کي گورگاني
(مغليه) مؤرخن سطحي سمجهي اهميت نه ڏني، ۽ هميشہ
کيس سلطان محمود بکري ڪري لکيو اٿن. سنڌ ۾ هي لقب
سندس نالي جو حصو بنجي ويو ۽ سڀني سنڌي تاريخدانن
کيس سلطان محمود خان بکري طور ياد ڪيو آهي. هن لقب
سان گڏ کيس علم، نقاري، ڏهه هزاري جهنڊي ۽ سروپاءِ
سان نوازيو ويو(11).
همايون جي وفات سان ختم ٿيل خطرو وري موٽي آيو. سندس جانشين
اڪبر جوان، بلڪ نوجوان هو. جڏهن همايون جي لاءِ
سلطان محمود خان تڪليف پيدا ڪئي، تڏهن عمرڪوٽ ۾
اڪبر ڄائو (5 ــ رجب 949هه/ 15 ــ آڪٽوبر 1542ع).
هي ٻار ڇهن مهينن جو هو ته همايون سنڌ ڇڏي ايران ۾
پناه ورتي. جيتوڻيڪ پيءُ هن واقعي کي وساري ڇڏيو،
ليڪن پٽ ان کي فراموش نه ڪيو هو. هو انتقام لاءِ
تيار هو. انهن خاص ماڻهن جي اڪثريت اڃا زنده هئي،
جن تڪليفون ڏٺيون هيون ۽ اهي ڳالهيون ڪري سندس
(اڪبر) ياد کي تازو ڪندا هئا. اڪبر جو استاد ۽
هاڻي سپہ سالار توڙي خانخانان بيرام خان ۽ اڪبر جي
پڦي گلبدن بيگم انهن ڏينهن جا ڏکويل زنده هئا،
انڪري مصيبت اچڻ جو خطرو هر وقت موجود هو.
سلطان محمود خان اهي خطرا ڏسي، ڏاهپ ڪري خانخانان بيرام خان جي
هڪ عزيز تردي بيگ جي ڌيءُ گوهر تاج خانم سان شادي
ڪري ورتي. مير معصوم لکي ٿو: عجيب طريقو رٿي شهر ۽
بازار ۾ هڪ دستور سان قبا تيار ڪرايائون ۽ متعدد
مجلسون ڪري قسمين قسمين مزا ورتائون. ظاهر آهي ته
ڪو ماڻهو ستهٺ سالن جي عمر ۾ شاديءَ جو اهڙو جشن
نٿو ڪري. کيس نه ته مباشرت جي ضرورت هجي ٿي ۽ نه
وري نبوي سنت جو طريقو پورو ڪرڻ مقصد هو. هن
واسطيداري پيدا ڪرڻ جو هڪ ئي سبب هو، ته جيئن
بيرام خان تان ناگوار ۽ اڻ وڻندڙ صورتحال کي دفع
ڪجي (12). اڪبري درٻار جو هي پراڻو ملازم جڏهن
عتاب ۾ آيو ۽ منصب تان معزول ٿيو ۽ ڪعبة الله جي
زيارت تي سنڀريو، تڏهن ڪجهه وقت بکر ۾ ٽڪڻ
گهريائين ٿي. سلطان محمود خان موقعي جي نزاڪت ڏسي،
مٽيءَ مائٽيءَ جو واسطو ترڪ ڪري، ٻٻرلوءِ جي ’چهار
باغ‘ کي ويران ڪرائي ڇڏيو، ته جيئن بيرام خان ان
سرسبز ۽ شاداب جاءِ تي رهي نه پوي (13). همايون
بادشاهه به ان جاءِ کي گهڻو پسند ڪيو هو. هي عمل
سندس حالت سمجهڻ جو هڪ وڏو دليل آهي.
اڪبر سان گهڻي ويجهڙائيءَ کي سلطان محمود خان پسند نه ٿي ڪيو،
ڇو ته ان ريت پنهنجي حڪومت وڃڻ جو امڪان هئس. هن
کان پري ٿيڻ به نه ٿي چاهيائين. جنهن ۾ پڻ حڪومت
وڃڻ جو خطرو ڏٺائين ٿي، انڪري سياسي طرح شاهه
ايران کان، خاص عنايتون حاصل ڪرڻ جي راهه هموار
ڪيائين.
محمود کي ’خان‘ لقب عطا ٿيڻ بعد، شاهه طهماسپ جو ايلچي حق بردي
بيگ لعلن جو هار، تاج، جڙاءَ دار ڪمربند، قيمتي،
سروپاءِ، ڇٽ، اتاغه، جيغهء زلف، عقار ۽ ٻيون قسمين
قسمين نوازشون ۽ بادشاهي انعام
*
کڻي بکر ۾ حاضر ٿيو (14). سير جو جوڳو استقبال
ڪري، سلطان محمود کيس گهڻي عزت ڏني. هي عمل
بادشاهه اڪبر جي ڏيکاءُ کان علاوه پنهنجي پراڻي
دشمن مرزا عيسيٰ ترخان تي رعب وجهڻ لاءِ پڻ هو.
مير معصوم لکي ٿو: حق بردي بيگ سڄو سال بکر ۾ رهيو
۽ جڏهن واپسيءَ جو ارادو ڪيائين، تڏهن سلطان محمود
خان ساڻس گڏ سيد ابوالمڪارم سبزواريءَ کي سفير ڪري
موڪليو(15). هن صفوي درٻار ۾ مهربانيون حاصل ڪيون.
سال 971 هه/ 1563ع جي باري ۾ صاحبِ عالم آراي
عباسي لکي ٿو: ’سن نو سئو ايڪتهر ۾ سلطان محمود
خان بکر ۽ سنڌ جي حاڪم پنهنجي سفير ابوالمڪارم کي
موڪليو. هن گهڻي وفاداريءَ، ۽ عقيدت ۽ موروثي
سچائي ڏيکاريندي، قيمتي تحفا به موڪليا هئا (16).
شاهه طهماسپ ٻيو ڀيرو به حق برديءَکي سلطان محمود خان جي درٻار
۾ موڪليو ۽ مير معصوم موجب هن ڀيري کيس ’خانخاني‘
لقب عطا ڪيو ويو. هو لکي ٿو: ’ٻيو ڀيرو حق برديءَ
کي مير ابوالمڪارم سان گڏ ڏياري موڪليو. سلطان
محمود خان کي ”خان خاني“ لقب ۽ طرحين طرحين نوازشن
۽ مهربانين سان نوازيو‘ (17). سلطان محمود خان وٽ
حق برديءَ جي اچڻ ۽ هن لقب ملڻ جو سال مقرر ڪرڻ
ذرا مشڪل آهي، ڇو ته مير معصوم واقعاتي تسلسل ۽
تاريخن جي درستگيءَ ۾ لاپرواهه ڏسجي ٿو. هن ڏس ۾
تاريخ معصومي سن 970 هه / 1562ع لکي ٿي، جڏهن ته
عالم آراي عباسي سال 971 هه/ 1563ع ڏنو آهي. مير
ابوالمڪارم جي واپسي احسن التواريخ پڻ هن سال ۾
ڄاڻائي ٿي. جيئن اچي ٿو ته: سن نو سئو ايڪهتر ۾
شاهه عالم پناهه جي درٻار ۾ قاصد ۽ سوکڙيون
موڪليائين. سلطان محمود خان بکر جي حاڪم
ابوالمڪارم هٿان تحفن جا ڪئين قسم موڪليا... شاهه
دين پناهه قاصدن (سفيرن) کي قيمتي خلعتون بخشي
واپس موڪليو (18).
بهرحال سلطان محمود خان لقب ’خان خاني‘ سان مشهور نه ٿيو (19) ۽
اهڙو اشارو به ايراني تاريخن ۾ نه ٿو ملي. حقيقت ۾
هي لقب ايراني نه هو، بلڪ خاص گورگاني (مغليه)
درٻار جو هو. هن ڏس ۾ مير معصوم غلطي ڪئي آهي. اهو
سلطان محمود خان ئي هو، جنهن گهريو ٿي ته بيرام
خان جي وفات بعد، گورگاني درٻار جو هي اعليٰ ترين
لقب کيس ڏنو وڃي. سندس خيال هو ته ان لقب ملڻ سان،
هو پاڻ کي پنهنجن داخلي دشمنن، مرزا عيسيٰ ترخان ۽
پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقي کان محفوظ رهندو. ان
ريت ان منظوريءَ لاءِ مير ابوالمڪارم (20)، کي
صفوي درٻار ۾ موڪلي ڏنائين. ايراني بادشاهه وٽان
سفير حق برديءَ جي منزل اڪبري درٻار ڏي هئي. هو
چند ڏينهن بکر ۾ رهي پوءِ اڪبري درٻار ڏي روانو
ٿيو ڏسجي ٿو.
اسان کي خبر آهي ته شاهه طهماسپ ۽ اڪبر بادشاهه ۾، قنڌار جي
معاملي ڪري رنجش موجود هئي. ان هوندي به ٻنهي
بادشاهن ۾ چڱا تعلقات هئا. هي اندازو شاهه طهماسپ
کي موڪليل جواب مان ٿئي ٿو، جيڪو ابوالفضل
’اڪبرنامہ‘ ۾ محفوظ ڪيو آهي. هو لکي ٿو:’سن 972
هه/ 1564ع ۾ شاهه طهماسپ جو ايلچي يڪجهتيءَ جي
گلدستي ۽ هن درٻار جي تحفن سان گڏ پهتو. سلطان
محمود خان بکري ٻانهپ جو اظهار ڪيو ۽ سندس خواهش
هئي ته هو خانلر خاني يعني ’خانخاني‘ جو لقب هن
درگاهه مان حاصل ڪري. اڳ ۾ منصب، روڪڙ ۽ سفارش تي
ملندا هئا، پر جڏهن اڪبر مسند تي ويٺو ته اهي لقب
اهليت جي بنياد تي ڏيڻ شروع ڪيا ۽ سفارشن کي رد
ڪيو ويو. ان صورتحال ۾ جڏهن هي لقب منعم خان کي
مليل هو، انهيءَ ڪري عذر ڪيو ويو ۽ ايلچيءَ کي
واپس موڪليو ويو (21). هن منجهيل عبارت مان اڪبر ۽
طهماسپ جي لاڳاپن جي صورتحال سامهون اچي ٿي.
منهنجي تحقيق موجب حق بردي هي پيغام آندو ۽ ابوالمڪارم سان گڏ
بکر پهچي پوءِ اتان اڪبري درٻار ڏي ويو. هن سفارت
کي مير معصوم صحيح طرح نه سمجهيو، ان ڪري شاهه
طهماسپ جي سفارش جي حوالي سان گفتگو ڪندي، هن لقب
ڏيڻ کي مذڪوره بادشاهه ڏي منسوب ڪيائين.
شاهه طهماسپ کي اڪبر جي پهتل جواب مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان
محمود کي اڪبر ’اعتبار خان’ جو لقب ڏنو هو ۽
مستقبل ۾ پڻ وڌيڪ نوازشن جو وعدو ڪيو (22). هن
حوالي کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪوبه ماخذ هن لقب جو ذڪر
نه ٿو ڪري. تاريخ مير معصوم، اڪبرنامه ابوالفضل ۽
پوين ڪتابن مان تذڪرة الامراء ڪيولرام سڀئي هن
متعلق خاموش آهن. پويون ڪتاب خاص انهن اميرن بابت
آهي، جن کي بادشاهن وٽان لقب مليل هئا. ان ۾ به
سلطان محمود خان کي ’اعتبار خان‘ جي لقب سان ياد
نه ڪيو ويو آهي (23). چئي نه ٿو سگهجي ته بادشاهه
اڪبر جي خط ۾ ڇو ۽ ڇا لاءِ اهڙو اشارو ٿيل آهي؟
ميرزا عيسيٰ ترخان سن 973 هه/ 1565ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس ظالم
ترين پٽ مرزا محمد باقي مسند نشين ٿيو (24)، جنهن
کي سلطان محمود سان دشمني پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾
ملي ۽ هن به ان کي برقرار رکيو.
سلطان محمود خان ۽ شاهه طهماسپ ۾، سن 973 هه / 1565ع کان پوءِ
تاريخن ۾ سفيرن جي اچ وڃ جو احوال ڪونه ٿو ملي. پر
ان زماني جي واقعن مان اهڙا اشارا ملن ٿا، ته
سلطان محمود جو ايران سان خاص تعلق آخر تائين
برقرار رهيو. مرزا باقي سن 974 هه/ 1566ع ۾ اڪبر
بادشاهه کي هڪ درخواست موڪلي ۽ شڪايت ڪئي ته سلطان
محمود، سندس حدن ۾ قنڌار جي قزلباشن جي لشڪر سان،
دخل اندازي ڪري ٿو، جنهن لاءِ کيس تنبيہ ڪئي وڃي
(25). هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سلطان محمود، جو
شاهه طهماسپ جي ڀائٽي ۽ قندار جي والي سلطان حسين
مرزا (984 هه/ 1576ع)، سان ويجهو واسطو هو.
پرآشوب ۽ پرخطر زندگيءَ جا اسي سال پورا ڪرڻ بعد، هاڻي سلطان
محمود خان ڪمزور ۽ ٿڪل هو. پيري مٿس حاوي ٿي چڪي
هئي. کيس پٽاڻو اولاد نه هو، جو کانئس پوءِ حڪومت
جي واڳ سنڀالي. هڪ نياڻي ’بکري بيگم‘ نالي هيس، جو
کانئس پوءِ اڪبر کي نڪاح ۾ ڏنائين (26)، ۽
گهريائين ته باقي حياتي آرام ۽ سڪون سان گذاري.
ليڪن موت کيس ٻن سالن کان وڌيڪ مهلت نه ڏني ۽ 8
ـــ صفر 982هه / 30ــ مئي 1574ع تي جلندر جي مرض
وگهي چوراسي سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو. ٻه سال
پوءِ 984 هه/ 1576ع ۾ سندس مربي ۽ محسن شاهه
طهماسپ به مري ويو. اهڙيءَ ريت خير سان هنن ٻن
شخصن جا لاڳاپا به پورا ٿيا.
سلطان محمود جي تعريف ڪندي مير معصوم لکي ٿو ته گهڻن صفتن جو
مالڪ هو، بهادر ۽ سخي هو، سندس همٿ مشهور آهي ۽
سندس طبيعت ۾ ڏاڍي تکائي هئي. جڏهن ڪاوڙيو هو ته
آپي مان نڪري ويندو هو، خونريزيءَ کان به ٽارو نه
ڪندو هو، بلڪ ٿوري وهم ۽ بدگمانيءَ تي ماڻهن جو
گهرٻار برباد ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي شخص جي تاريخ
وفات به ”دربهشت آسود 982“ مان لڌائين (28).
حوالا ۽ حاشيا
(1) ڏسو: قنڌار جي آس پاس ۾ بابا حسن ابدال (بابا ولي)، جي مزار
تي ڪتبو (920 هه) تصب ڪيل فاضل ڪوڪلتاش (رسالو
آريانا، ڪابل، پرچو ڏهون، سال ڇهون؛ ۽ تحفة الڪرام
مؤلف جو ڇاپو، حصو اول جلد ٽيون، ص 5 ـــ 192، سال
1971ع). شاعر مولانا صبيحي جي حڪايت مان ظاهر آهي
ته مير فاضل ظالم حاڪم هو (زمين داور) ۽ سندس ظلمن
کان خلق ڏاڍي پريشان هئي (بدايع وقايع واصفي،
ماسڪو ايڊيشن، ص 57 ـــ 1156، ۽ تحفة الڪرام ص
495).
(2) سلطان محمود، شاهه بيگ جي زماني ۾ بکر جو حاڪم هو (مير
معصوم تاريخ سنڌ ص 122)، ۽ پوءِ شاهه حسن جي دور ۾
بکر، سبي ۽ شال سندس حوالي هئا (تاريخ طاهري، ص
72، سنڌي ادبي بورڊ). ولايت سبي سن 950 هه ۾ سندس
حوالي ٿي (تاريخ سنڌ مير معصوم، ص 220). ان ڪري
ابتدا کان بکري منسوب ۽ مشهور ٿيو. تاريخ طاهري
موجب ملتان جي فتح کان پوءِ شاهه حسن سن 933 هه ۾
ملڪ جو هي حصو سلطان محمود جي حوالي ڪيو... بکر
پهچي محمود خان بن فاضل ڪوڪلتاش کي اتي (بکر) حاڪم
ڪيائين. صوبي جي مهمن کي سيوهڻ جي سرحدن کان سبي ۽
گنجابه تائين سندس حوالي ڪيائين. (ص 72).
(3) معجم البلدان ج 2، ص 415 ۾ خراسڪان بابت لکيل آهي ته:
’خراسکان بفتح اولہ و بعد الالف سين و آخره نون
بين قري اصفهان.‘ فرهنگ جاگرافياي ايران: خوارسڪان
(ج 10، ص 80 ــ 216) اصفهان ۽ يزد جي رستي تي آهي.
جي لاءِ ڏسو: فرهنگ جاگرافياي ايران (ج 10، ص 60
ــ ص 216)، فرهنگ آباد هاي ايران (حصو اول، ص
126). جي رازد هستانهادي شهرستان اصفمان) ثابت آهي
۽ خوارسگان بجاءِ حراسگان آهي (ص 170) منتخب
التواريخ اٽڪي غلط لکيو آيو ته ’اصل ايشان از ملوک
جره من اعمال اصفهانست’ (خطي). ۽ ان متعلق تاريخ
مير معصوم ۾ به غلط لکيو آهي. اچي ٿو: ’موضع
خراسان اهل ايشان از ملوک چين (؟) من اعمال
دارالسلطنت اصفهان‘ (ص 218). گنجينہ تاريخ اصفهان
۾ خوارسگان ثابت آهي (ص 303). اصل ۾ هي ڪاتب جي
غلطي آهي ۽ عبارت هن ريت هجڻ گهرجي:
ايشان اهل موضع خراسگان از بلوک‘ جي من اعمال...)
(4) تاريخ سنڌ مير معصوم، ص 218.
(5) عراق ۽ عجم تي ٻئي وقت تيمور سن 789 هه/ 1387ع، اصفهان جي
رهاڪن کي نابود ڪيو هو( ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي:
هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ، قلمي
*،
ص 189 حاشيو، بحواليه تزک تيموري ــ ظفر نامہ ــــ
روضة الصفا ـــ حبيب السير).
تفصيل لاءِ ڏسو: تاريخ مير معصوم ۽ تحفة الڪرام، مؤلف جو ڇاپو،
ص 200. هي خاندان سنڌ ۾ چند ماڻهن تي مشتمل هو.
انهن جو سلسلو سلطان محمود جي موت تي ختم ٿيو.
(7) مرزا شاهه حسن ارغون ۽ همايون درميان جوڻ وٽ جنگ لڳي، جنهن
۾ همايون جا ناليرا امير سلطان محمود هٿان مارجي
ويا. مير معصوم موجب: ”هن واقعي کان بادشاهه جي دل
ڏاڍي غمگين ٿي... جنهن ڪري سنڌ تان دل کڻي قنڌار
جو پڪو ارادو ڪيائين (ص 179). پڻ ڏسو: تاريخ
طاهري. مصنف هن ريت سلطان محمود کي ياد ڪيو آهي:
’محمود بدبخت، اوباش، بدمعاش. ڪوڪلتاش‘ (ص74).
(8) تاريخ مير معصوم، ص 189.
(9) ڏسو: مراة الممالک سيدي علي رئيس (ڇاپو، 1313). ٻيو ڇاپو از
مؤلف رسالو مهراڻ، حيدرآباد، ص 113 ـــ 175
(1971ع). سيدي علي رئيس سنڌ ۾ 20 ـــ ربيع الاول
کان 15 ـــ شعبان 762 هه تائين رهيو (پنج مهينا،
پنج ڏينهن).
(10) لقب ’خان‘ لاءِ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام، جلد ٻيو، ص
897 ـــ898 هن ۾ اچي ٿو ته مغل (گورگاني) دور ۾
ننڍي رياست جي حاڪم کي سلطان چوندا هئا ۽ سلطان،
خان جو زيردست هوندو هو ۽ خان ولايت جو صاحب هوندو
هو (بار تولد). دائرة المعارف فارسيءَ ۾ غلام حسين
صاحب لکي ٿو: ترڪي تيمورين وٽ ’خان‘ جو لقب وڏي
حڪمران جي صورت ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ خاص وڏن
اميرن لاءِ مقرر آهي. مغلن جي زماني ۾ ازبڪ لاءِ
خان جو لقب بادشاهيءَ جو نشان هو (بادشاهه کي خان
چوندا هئا) ۽ خانيءَ جي لقب کي صفوي وڏو شمار ڪندا
هئا ۽ فقط وڏن اميرن کي اهو لقب ڏيندا هئا. ايران
۾ صفوي دور ۾ خان جو لقب گهڻو ڪري ولايت جي حاڪم
لاءِ مخصوص هو (ص 879). لغت نامہ دهخدا موجب: مغل
سلطنت کان هي لقب ايران ۾ آيو ۽ هن کان اڳ هي لفظ
ايران ۾ ان معنيٰ ۾ استعمال نه ٿيندو هو. ايران ۾
خان جا هم معنيٰ لفظ: آقا، خواجه، مدهنز استعمال ۾
هئا (حرف خ، ص 152).
(11) تاريخ مير معصوم، ص 223. متن ۾ اکر ’اقوا‘ ڪاتب جي غلطي
آهي. حقيقت ۾ هي اکر ’قور‘ آهي، جنهن کي ترڪيءَ ۾
’جبہ وسلاح‘ چون ٿا.
(12) تاريخ مير معصوم، ص 223.
(13) مير معصوم لکيو آهي: ’سن نو سئو ڇاهٺ ۾ خبر پهتي ته بيرام
مڪي ڏي روانو ٿيو آهي. سلطان محمود خان ٻٻرلوءَ جي
چهار باغ کي ويران ڪرڻ جو حڪم ڪڍي تباهه ڪرائي
ڇڏيو، ڇو ته جيئن جنت آشياني (همايون) کي جاءِ وڻي
هئي ۽ هو هت گهڻو وقت رهي پيو هو... متان هن کي به
هي جڳهه وڻي ۽ هو هتي ڪجهه وقت ترسي. بيرام خان جي
ولي بيگ ذريعي سلطان محمود خان سان قرابت هئي.
انڪري کيس بکر جي راهه کان اچڻ جي نيت هئي. هي خبر
ٻڌي... پٽڻ رستي گجرات رخ ڪيائين (ص 224). مير
معصوم سال جو تعين 966 غلط ڪيو آهي. هي واقعو سال
968 ۾ واقع ٿيو، جڏهن بيرام خان اڪبر بادشاهه کان
ڏکوئجي حجاز طرف روانو ٿيو ۽ پوءِ گجرات ۾ قتل ٿي
ويو (ڏسو: مقالات الشعرا، مولف جو ڇاپو، ص 99).
(14) تاريخ مير معصوم، ص 225.
(15) ايضاً.
(16) عالم آراي عباسي، جلد اول، ص 116، تهران.
(17) تاريخ مير معصوم، ص 225.
(18) احسن التواريخ، ص 442، بڙده سال 1931ع.
(19) بيورج موجب: هندستان ۾ بابر جي زماني ۾ ’خان خانان‘ جو لقب
رائج ٿيو. دولت خان (؟) جو پٽ دلاور خان پهريون
ماڻهو آهي، جيڪو خان خاني جي لقب سان سرفراز ٿيو.
هي لقب خاص هندي مغلن وٽ رائج هو (دائرة المعارف
اسلامي، جلد 2، ص 898). لغت نامہ دهخدا ۾ انندراج
جي حوالي سان اهڙيءَ طرح اچي ٿو: چين جو بادشاهه
به اهڙي لقب سان مخاطب ٿيل آهي. نظامي چوي ٿو:
خان خانان روانہ گشت ز چين
تا شود خانہ گير شاه زمين
هرهڪ قبيلي جو سردار ۽ اڳواڻ جدا هو، پر انهيءَ سڀني هڪ رئيس
”خانخانان“ جي فرمانبرداري ڪئي ٿي (رودڪي: سعيد
نفيسي). مقدم اميرن کي گورخان يعني خانخانان چون
ٿا (جهانگشاي جويني). دولت خان کي دلاور خان نالي
پٽ نه هو ۽ نه وري دلاور نالي ڪنهن شخص کي هي لقب
مليل هو (مؤلف).
(20) مير معصوم موجب: ’مير ابوالمڪارم ولد مير غياث الدين محمد
سبزواري، مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود خان جي
اميرن جي سلسلي ۾ داخل هو. سلطان محمود هن کي عراق
جي بادشاهه شاهه طهماسپ ڏي سفر ڪري موڪليو هو. کيس
شاهه کان سلطاني لقب مليل هو. خوش طبع، علمي
ڪمالات سان سينگاريل ۽ موزون طبع جو مالڪ هو (ص
239). مقالات الشعرا مان ظاهر آهي ته سلطان جو لقب
محمود خان کي مليو هو... کيس سفير ڪري موڪليائين.
هو سندس لاءِ نوازشن سان گڏ خطاب سلطان وٺي واپس
ٿيو (ص 17). ماثر رحيمي ۾ آهي ته.... عراق موڪليو
ويو ۽ هو لقب سلطانيءَ سان سرفراز ٿيو (2: 337) ۽
ساڳئي ڪتاب ۾ آهي ته ملان محب علي سنڌي، سنڌ جي
حاڪم مرزا باقي ترخان طرفان مير ابوالمڪارم سلطان
سبزواريءَ جي ملازمت ۾ هو. جنت مڪاني شاهه طهماسپ
... کان سلطاني خطاب سان سرفراز ٿيل هو (3: 489).
سندس والد کي تحفة الڪرام جي صاحب، مير غياث
الدين عرف سلطان رضائي العريضي سبزواري لکيو آهي:
هر حبيب السير جي مصنف خواند مير جو پوٽو ۽ سلطان
جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو هو (3: 127، قديم ڇاپو) مير
ابوالمڪارم کي محمود خان ايلچي ڪري شاهه اسماعيل
صفويءَ ڏي موڪليو هو، ته سندس لاءِ قسمين قسمين
نوازشون ۽ لقب سلطان وٺي اچي (3: 128، قديم ڇاپو).
عالم آراي عباسي يا احسن التواريخ ۾ جتي
ابوالمڪارم جو ذڪر آيو آهي، اتي ان خطاب جو ڪوبه
اشارو نٿو ملي. مير معصوم، مير قانع يا عبدالباقي
نهاوندي پڻ چٽو نه لکيو آهي، جنهنڪري هي چوڻ ڏکيو
آهي، ته سلطاني لقب محمود خان لاءِ هو يا وري
ابوالمڪارم کي ڏنو ويو هو.
غلام حسين مصاحب (دائرة المعارف) ۾ لکي ٿو: هن لقب جي مقبوليت
حاڪمن، اميرن ۽ اهل سنڌ جي بادشاهن وٽ هئي. ان
مشهوري ۽ مقبوليت جي نسبت سان لقب ’سلطان’ آهستي
آهستي گم ٿيڻ لڳو. صفوي دور ۾ لقب سلطان عثماني
بادشاهن جو ٿي پيو ۽ ايران ۾ حاڪم لاءِ هي خطاب ڪم
اچڻ لڳو. مثال طور حاڪم سلطانيہ ۽ حاڪم بروجرد
لاءِ هن زماني ۾ خطاب سلطان رکيو ويو (1: 22 ـــ
1323، ڇاپو 345).
(21) اڪبرنامہ (2: 237؛ تحفة الڪرام مؤلف جو ڇاپو، ص 197).
(22) ڊاڪٽر رياض الاسلام، انڊوپرشين رليشنس، ص 49 ـــ 50، تهران
ايران، سال 1970ع. هن خط جو متن عالم آرايء عباسي
(برٽش ميوزم 7654:
Add)،
ص 178 تي موجود آهي. ان کي پهريون ڀيرو هن مقالي
جي مؤلف تحفة الڪرام (1971ع) ۾ ڇاپيو آهي، ص 495.
(23) برٽش ميوزم جو نسخو، ص 8، نمبر 16703
Add.
(24) تاريخ سنڌ مير معصوم، تاريخ طاهري؛ حاشيه مڪلي نامہ ۽ تحفة
الڪرام.
(25) اڪبرنامہ، 2: 278 ـــ 279 (ڪلڪته ايڊيشن)، ۽ بدايوني، 2:
91 (ڪلڪته، 1931ع). عبارت هن ريت آهي: ’سلطان
محمود قلعي جي والي قنڌار جي قزلباشن جي مدد سان،
هن بندي جي ولايت ۾ دخل اندازي ڪن ٿا.‘ (پڻ ڏسو:
تحفة الڪرام، ص 495).
(26) پندرهين رجب (980) تي بکر کان روانو ٿيو (تاريخ سنڌ مير
معصوم، ص 230).
(27) تاريخ سنڌ مير معصوم، ص 235؛ بدايوني، 2: 135 ـــ 176.
(128) تاريخ سنڌ مير معصوم، ص 237.
|