ترڪي ۽ سنڌ جو ثقافتي
۽ لساني ڳانڍاپو
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
غزنوين جي ڪاهن کان اڳ، ننڍي کنڊ تي ترڪ قبيلن ـــ ڪشن ۽ وائيٽ
هُنز جون يلغارون به ٿيون، ظاهر آهي ته انهن جي
آمد به هن خطي تي ڪي اثر ڇڏيا هوندا. پر ڪنهن محقق
اڃا انهن جو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ انهن جي نشاندهي
نه ڪئي آهي.
ديسِ فطرت يعني اسلام عرب واپارين ۽ ملاحن ذريعي ننڍي کنڊ ۾
پهتو، جن گهڻو اڳ مڪران ــ هندي سمنڊ جي ڪنارن ۽
خليج بنگال تي اچي پنهنجون آباديون قائم ڪيون. پر
712ع ۾ محمد بن قاسم هٿان سنڌ ۽ ملتان جي فتح ننڍي
کنڊ ۾ اسلام جي تاريخ جون نئون باب کوليو، ۽ هتان
جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت اسلامي اثر کان مستفيد ٿيڻ
شروع ٿي. ٽي صديون پوءِ وچ ايشيا جي ترڪ مسلمانن
هجرت ۽ فتحن ذريعي ترڪيءَ جو رخ ڪيو ۽ انهن مان
ڪيترا هن ڌرتيءَ تائين به پهتا.
عربن جي فتح کان پوءِ ڪيترا مسلمان هندي سمنڊ جي ڪنارن، سنڌ،
پنجاب ۽ ڪشمير ۾ اچي آباد ٿيا، ۽ اهو سلسلو غزنوي
خاندان جي حڪمرانيءَ تائين هلندو رهيو. سلطان
محمود غزنوي کان وٺي 19 صدي جي اڌ تائين، هن ننڍي
کنڊ جو وڏو حصو ترڪن، ترڪستان ۽ آذربائيجان جي
حڪمرانيءَ هيٺ رهيو. ارغون ۽ ترخان جن 1521ع کان
وٺي 1612ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي، سي پڻ ترڪ هئا.
ان ڪري انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ ۽
هنڌ جي تاريخ، ترڪن جي تاريخ سان ڳنڍي پئي آهي.
انهيءَ رشتي سبب ترڪيءَ ۽ ترڪن سنڌ خواهه هند جي
ثقافتي ۽ لساني خزاني تي اثر ڇڏيا آهن، تن جي
آساني سان نشاندهي ڪري سگهجي ٿي.
ننڍي کنڊ ۽ ترڪي جي وچ ۾ پهريون دفعو ثقافتي لاڳاپن جي ابتدا
1453ع ۾ قسطنطنيه جي فتح بعد سلطان محمد ٻئي، جنهن
کي فاتح قسطنطنيه (استانبول) سڏيو وڃي ٿو (1481
ـــ 1451) جي دور ۾ ٿي. انهن لاڳاپن جو جوڙيندڙ هو
سلطان محمود شاهه جو وڏو وزير محمود گاوان (1481
ـــ 1461) جنهن دولتِ عثمانيه جي تجارتي سرحدن کان
ڦهلائي بلقان تائين آندو هو (1).
سلطان سليم پهرئين (1520 ـــ 1512) جي ايامڪاريءَ ۾ انهن لاڳاپن
۾ اڃا به وڌيڪ وسعت پيدا ٿي. هن هٿان مصر ۽ عرب
دنيا جي فتح کان پوءِ ترڪن جي سياسي، سماجي،
ثقافتي ۽ تجارتي دنيا جي پکيڙ ۾ وسعت آئي ۽ ترڪي
ثقافت خواهه ٻولي کي اثرانداز ٿيڻ جا وڌيڪ موقعا
مليا. هن ئي حڪمران پنجاهه جنگي ٻيڙا ٺهرائڻ جو
حڪم نامو صادر ڪيو هو ته جيئن مسلم هند مان
پورچوگيزن جي پاڙ پٽي وڃي (2). جڏهن انهيءَ حڪمران
۽ سندن جاءِ نشين سلطان سليمان خان جي دور حڪومت ۾
ڳاڙهو سمنڊ ترڪن جي اختيار هيٺ اچي ويو ته عثماني
ترڪن کي پهريون دفعو سڌوسنئون ننڍي کنڊ سان رابطي
قائم ڪرڻ جو موقعو مليو (3).
1536ع ۾ گجرات جي حڪمران بهادر شاهه پنهنجو سفير موڪلي سلطان
سليمان خان کان پورچوگيزن خلاف مدد گهري هئي، جيڪي
ان وقت الهندي هندستان جي ساحلي وسندين تي قابض ٿي
چڪا هئا (4). سلطان سليمان انهيءَ عرض جي جوڳي موٽ
ڏني ۽ خادم سليمان پاشا جي اڳواڻي ۾ 1538 ۾ پنهنجو
بحري ٻيڙو موڪلي پورچوگيزن جون ڪنهن حد تائين
پاڙون پٽايون.
1553ع ۾ هندستان جو ئي سرحدن اندر ترڪ امير البحر سيدي علي رئيس
۽ پورچو گيزن جي هندي سمنڊ جي سيني تي جهڙپ ٿي.
جيتوڻيڪ طوفان جي آفت سيدي علي رئيس جي قوت کي
گهٽائي ڇڏيو هو، پر پوءِ به هن جي بهادريءَ جي هاڪ
اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. پورچوگيزن سان
وڙهندي ۽ طوفان جو مقابلو ڪندي گجراتي حڪمران جي
حدن ۾ پهتو. ان وقت هن وٽ ڪوبه ٻيڙو اهڙيءَ حالت ۾
صحيح سلامت ڪونه بچيو هو، جو هو پاڻيءَ ذريعي وطن
واپس موٽي سگهي. ان ڪري کيس خشڪي ذريعي موٽڻو پيو
هو.
سيدي علي جو چوڻ آهي ته گجرات جي حڪمران هن کي گورنر جو عهدو
آڇيو هو، پر وطن جي اُڪير کيس اهو قبول ڪرڻ کان
روڪيو، پر ان هوندي به هن پنهنجا 200 جوڌا جوان
گجراتي سلطان جي حوالي ڪيا ته جيئن اهي ملڪ دشمن
قوتن جو خاتمو آڻي، گجرات ۾ امن امان قائم ڪن.
1555ع ۾ سيدي علي رئيس سنڌ ذريعي ترڪي موٽيو. انهن ڏهاڙن سنڌ تي
مرزا شاهه حسن ارغون جي حڪمراني هئي. سيدي علي
رئيس ترڪي پهچڻ کان پوءِ ”مرآة الممالڪ“ نالي
سفرنامو لکيو، جنهن ۾ هن تنهن دؤر جي ڄڻ ته تاريخ
کي سموهيو آهي. اهو ترڪي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب
آهي، جنهن ۾ سورهين صديءَ جي سنڌ جي ثقافتي ۽
سياسي حالتن جو نقشو چٽيو ويو آهي. هن انهيءَ ڪتاب
۾ حڪمرانن جي رويي جو خاڪو چٽيو آهي، درگاهن ۽
خانقاهن جو احوال ڏنو آهي ۽ سنڌ واسين جي مهمان
نوازي جي واکاڻ ڪئي آهي. انهيءَ وقت سنڌ جو حڪمران
شاهه حسن ارغون، ترخانن سان لڙاين ۾ مصروف هو. هتي
به کيس سنڌ جي حڪمران آڇ ڏني ته سندس بازو بڻجي
پئي، پر سيدي علي کي وري به انڪار ڪرڻو پيو. پر
پوءِ به هو شاهه حسن ارغون پاران ترخانن سان
وڙهيو، ۽ هن جي ماڻهن انهيءَ ويڙهه ۾ اسلحي جي
استعمال وارين صلاحيتن جي ڀرپور استعمال ڪيو.
سيدي علي رئيس پهريون ترڪ آهي، جنهن ترڪيءَ ۾ سنڌ کي روشناس
ڪرايو. هن اميرالبحر، سياح ۽ جوڌي جوان جو سفرنامو
هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. هن جي ڪتاب
”مرآةالممالڪ“ پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه تسليم ڪرڻي
پئي ٿي ته ترڪي ان وقت به سنڌ ۽ هند سان لساني ۽
ثقافتي رشتن سبب ملي پئي هئي.
سيدي علي رئيس کان وٺي هندستان ۾ مغل سلطنت جي خاتمي تائين ننڊي
کنڊ ۽ ترڪي جا لاڳاپا نه رڳو قائم ۽ دائم رهيا، پر
انهن ۾ وقت ۽ حالتن جي مطابق پختگي به ايندي رهي.
پر پوءِ به ننڍي کنڊ تي برطانوي حڪومت قائم ٿي ته
سنڌ ۽ هند ترڪي جي انهن رشتن ناتن کي نظرانداز نه
ڪيو. اهوئي سبب آهي جو ”خلافت تحريڪ“ جي حوالي سان
هتان جا ماڻهو سالن جا سال ترڪيءَ جي اخلاقي،
سياسي ۽ مالي مدد ڪندا رهيا. انهيءَ عرصيءَ ۾ ترڪي
ثقافت کي هتان جي عوام پنهنجي ثقافت ڪري ورتي.
ترڪي جي مشهور شخصيتن جا ڏينهن ملهايا ويا. سندن
نالن پٺيان يادگار قائم ڪيا ويا. اخبار ”الوحيد“
جو اجراءَ به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. عوام لٽي
ڪپڙي ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ پاڻ کي ترڪن جي ويجهو آڻڻ شروع
ڪيو. ترڪي ٽوپيءَ جو رواج انهيءَ ئي دور ۾ پيو.
ترڪي ٻولي، تاريخ ۽ مسئلا اديبن جي قلم جو موضوع
بڻجي ويا.
سنڌ ته انهيءَ وقت کان ئي ترڪيءَ جو اثر قبول ڪيو، جڏهن هتي
ارغونن ۽ ترخانن جي حڪمراني شروع ٿي؛ ڇو ته اهي
قبيلا خود ترڪ هئا ۽ چيو ويندو آهي ته ”عوام جو
دين پنهنجي حاڪمن جهڙو ٿيندو آهي“، تيئن حاڪمن جي
ثقافت به سنڌين جي ثقافت تي اثرانداز ٿي.
اسان کي ڄاڻ آهي ته عربن جي آمد کان وٺي انگريزن جي آمد تائين
سنڌ ۾ فارسي ۽ عربي ٻولي کي سرڪاري حيثيت رهي. پر
هندستان جي ٻين هنڌن تي، حڪمران گهراڻي ۾ ترڪي
زبان ڳالهائي ويندي هئي. اهڙن حڪمرانن سنڌ تي به
حڪومت ڪئي. سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ترڪي لفظ شامل ٿيا
آهن ۽ ترڪي ٻوليءَ سنڌيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو آهي.
ارغونن ۽ ترخانن ذريعي ڪيترائي ترڪي اصطلاح، محاورا ۽ لفظ
سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا. ان کان سواءِ ماڻهن جا نالا،
کاڌي پيتي جي شين جا نالا، لٽي ڪپڙي سان واسطو
رکندڙ شين جا نالا اڄ به سنڌيءَ ۾ موجود آهن، جن
جو بنياد ۽ اصل نسل ترڪي زبان آهي.
نه رڳو ايترو، پر اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي تي به ترڪي ثقافت
جا اثرات نمايان طور تي نظر اچن ٿا. رهڻي ڪهڻي جا
ڪيترا طور طريقا، عمارتون، ۽ رسمون، وڏا ڏينهن
ملهائڻ جا ڍنگ ۽ ٻيون ڪيتريون اڻ ڳڻت ڳالهيون اسان
کي ترڪي ثقافت جي ياد ڏيارين ٿيون. مغل سلطنت جي
خاتمي (1857ع) تائين اسان جا ڪيترا عالم ترڪي زبان
۽ علم و ادب جي مطالعي ۾ مهارت رکندا هئا. اهوئي
سبب آهي جو امير خسرو جي ترڪي شاعري اڄ ڏينهن ننڍي
کنڊ ۾ محفوظ رهي سگهي آهي. ان کان سواءِ ملان
فيضي، هن جو ڀاءُ ابوالفضل، شيخ فيض الله، شهاب
الدين احمد، ملان عبدالحڪيم سيالڪوٽي، ٻيا ڪيترا
عالم دولت عثمانيه ۾ ڀليءَ ڀت ڄاتا سڃاتا ويندا
هئا. هنن جون قلمي ڪاوشون استنبول تائين پهچي شهرت
ماڻي چڪيون هيون ۽ سندن قلمي ڪتابن کي اڄ به ترڪي
جي علمي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ۽ پڙهيو وڃي
ٿو.
پاڻ ڪيترن ئي اهڙن لفظن جي لڙهي ٺاهي سگهون ٿا، جيڪي سنڌي کان
سواءِ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ به اڄ سوڌا ڪم اچن ٿا.
پر انهن جو اصل نسل يا رشتو ناتو ترڪي زبان سان
آهي. جهڙوڪ: ”آپا“، ”چپقلش“، ”چڪ“، ”چُل“،
”سوغات“، ”قورمو“، ”يلغار“ وغيره.
اهي ته اهڙا لفظ هئا، جيڪي ترڪيءَ جا آهن، پر ان کان سواءِ کوڙ
اهڙا لفظ پڻ موجود آهن، جيڪي سنڌي ۽ ترڪي ۾ ته
استعمال ٿين ٿا، مگر انهن جي اصل نسل يا بُڻ بنياد
جي خبر نه ٿي پئي؛ مثال: ”بابا“، ”پلاءُ“، ”سلوار“
وغيره.
ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ سنڌ ۾ جيڪي ترڪ قبيلا آباد ٿيا
هوندا، تن مان سنڌي ”ترڪ“ ۽ ”قزاق“ شايد انهيءَ
دور سان واسطو رکن ٿا. انهن ذريعي به ڪيترا ترڪي
زبان جا لفظ سنڌيءَ ۾ به اهڙي ۽ انهيءَ معنيٰ ۾
اصلي صورت ۾ موجود آهن. جهڙوڪ: بيرڪ، ڪارا.
ان کان سواءِ ڪيترا نالا به پاڻ کي ترڪي اصل جا نظر اچن ٿا.
جيئن: خاتون، قليچ.
سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ به موجود آهن، جيڪي پنهنجي معنيٰ ته
بدلائي چڪا آهن، پر آهن اصل ۾ ترڪي ٻوليءَ جا.
مثال: ”اوطاق“، ”ڪپتان“ / ”ٿان“، ”بيبي“، ”چاق“.
ان کان سواءِ سنڌي ۾ اهڙا لفظ به موجود آهن، جيڪي ٻين پاڪستاني
ٻولين ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ اهي وري ترڪي زبان ۾ به
آهن. جيئن: ڪاڪا (ڪاڪو).
سنڌي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ اهڙا لفظ به استعمال ٿيندا رهن
ٿا. جيڪي ترڪي ۾ به استعمال ٿين ٿا. پر اصل ۾ اهي
ترڪي ٻوليءَ جا لفظ ڪونهن. پر انهن مڙني ٻولين جي
”گڏيل ورثي“ جي حيثيت رکن ٿا. جهڙوڪ: افندي
(يوناني لفظ)، بارود (يوناني لفظ) (5).
منهنجي ڳاڻاٽي موجب 3500 لفظ اهڙا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت ترڪي ۽
پاڪستاني ٻولين ۾ استعمال ٿين ٿا. انهن جو تفصيل
منهنجي ڪتاب ”ترڪي، پاڪستان ۽ ايران ۾ استعمال
ٿيندڙ مشترڪ لفظن جو ورثو“ ۾ ملندو. پر هتي اهو
مناسب ٿيندو ته آءٌ ترڪي اصل وارن لفظن جو ذڪر
ڪريان ۽ ترڪي گرامر جي اهڙين خصوصيتن جي نشاندهي
ڪريان، جن سنڌي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين تي اثر
ڇڏيو آهي.
(الف) ترڪيءَ جا سنڌي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ ڪم ايندڙ /
استعمال ٿيندڙ لفظ: آغا، اتا ترڪ، اتاليق، اردو،
ازبيڪ، استانبول (استنبول)، ايلچي، بيگ، بيگم،
پاشا، توپ، توپچي، توپ خانو، تغرو، تاتار، ترڪيات،
تُمن، تئو، تمغو، توزڪ، چقمق، ڇت، چمچو، خان،
خانو، خاقان، داروغو، ڏاڏو (دادا)، تمنچو، قزلباش،
ڪپ، قاشقو.
حوالا
1. Prof. Dr. Halil Inalcik,
Bursa,
Belleten Say 93, 1960, Vesika 3, 12,40. See also
Bernard Lewis, “The Mughals and the ottomans,”
Pakistan Quarterly, Vol: VIII, No: 2, p 5.
2. See in the Topkapi Saray archives of
Istanbul. Written by Amir Kasim Shirwani (d.
1511 A. D.) the Governor of Jeddah, to Muzaffer
Shah, the King of Gujrat, under the order of
Sultan Salim, T.S. M.A. No: E. 938 Castenheda,
IV, 18 and IV, 41 (M.l. Dames J.R.A.S January,
1921, p. 13) Says: Selim urged on the
Construction of a large fleet, but did not live
to see its completion.”
3. Bernard Lewis, op. cit., p. 5.
4. Turkish Lutfi Pasha, Istanbul, 1341, pp. 357 -8; Akhbar-ul-
Yamani ff. 33 b, 34 a’ Philip Baldaeus. “A
Description of the Most Celebrated East India
Coasts of Malabar and Coromandal in Churchill`s
A Collection of Voyagcs or Travels, Vol.
III, London, 1704.
5. Dr Mughal, M. Yakub, Heritage of Common Words in use in
Turkey, Pakistan and Iran, Ankara, 1980.
ماخذات
1. Agakay, Mehmet Ali: Turkiye Sozluk, Turk Dil
Kurumn Yayinlari-say: 247, Ankara, 1966.
2. Ahmet Vahit (Moran): English-Dictionary,
Istanbul, 1929.
3. Bedeviyan, A.K.: IIIustrated Polyglottic Dictionary of
Plant Names, in Latin Armenian, English, French,
German, Italian and Turkish Language,
I. pp-644; II. Pp. 455.
4. Fahir Iz and H.C. Hony: An English-Turkish Dictionary,
Oxford, 1955.
5. Jarring Gunner: An Turki-English Dictionary.
Lund, 1964, pp. 338.
6. Jarring Gunner: Uzbek Texts from Afghan Turkish with
glossary,
Lund,
1938.
7. Kadiri Huseyin Kazim: Turk Lugati, Vol. 1-4,
Istanbul 1927-1945.
8. Red House, Sir James W.: A Turkish and English Lexicon.
Constantinople, 1921.
9. Semseddin Sami, Fraschery: Kamus-i-Turki
Istanbul 1317/1901, 1-11,pp. 1575.
10. Seyh Suleyman Efendi: Cagatay vc Turki Osmani Lugati,
Istabul, 1298. 1298, pp. 320.
11. Zenker, J. Th: Diclionnaire ture-arabe person Turkish-arabisch-persisches
Handwor terbuch,
Leipzig, 1866-1876.
چنڊ موريا جو مقام
(ٿرپارڪر ۾ تاريخي اهميت وارو قبرستان)
پروين ٽالپر
سنڌيڪار: لعل جسڪاڻي
سمورو ننڍو کنڊ ۽ خاص طور سنڌ جو شهر، ڳوٺ، جنهن ۾ ڪي مشهور، ڪي
وري گمنام، پر نهايت وڻندڙ، سادا ماڳ ۽ مڪان، ڪي
آثار قديم وارن جا کوٽايل جڳ مشهور ٿاڪ، مطلب ته
اسان وٽ چئني پاسن کان سڀيتا جو هڪ وڏي ڪائنات
پکڙيل آهي، جنهن ۾ صدين کان هزارين سنڌي سڀيتائون،
هن مقدس ماءُ جي پيٽ ۾ سانڍيل پوتر امانت جيان،
اسان جو ماضي، اسان جو ورثو آهن.
ڏٺو وڃي ته ٿرپارڪر جي تاريخ جو پوريءَ ريت جائزو وٺڻ لاءِ تمام
گهڻو وقت گهرجي ۽ في الوقت موضوع، ٿرپارڪر ضلعي جو
”چنڊ موريا جو مقام“، هڪ ڦٽل قبرستان آهي. هن
مقالي کي هڪ مڪمل تحقيقي رپورٽ نه سمجهڻ گهرجي، پر
هي بنيادي يا مشاهدي طور مختصر حوالا سمجهيا وڃن،
تنهنڪري ”چنڊ موريا جو مقام“ بابت هن تحقيقي رپورٽ
کي هڪ شروعات سمجهيو وڃي. ممڪن آهي ته هن تلاش ۽
تحقيق ۾ ڪن اهم نقطن جي وضاحت موجود نه هجي پر
يقين آهي ته هيءَ تحقيق گهڻ ـــ پهلو ڳولها ۾ اڳتي
هلي معاون ثابت ٿيندي.
”چندر موريا جو مقام“ نالي قبرستان، ميرپورخاص کان ڪجهه ميلن جي
پنڌ تي، جهلوري روڊ تي آهي. تاريخ جي هڪ شاگرياڻي
جي حيثيت ۾، آثار قديم واري تحقيق جي ڏس ۾، چنڊ
موريا جي مقام واري جاءِ تي بيهي انسان جو ذهن
ننڍي کنڊ جي تاريخي ماضيءَ ڏانهن هليو وڃي ٿو ۽
خاص طور چندر گپت موريا جي دور بابت سوچڻ لڳي ٿو ۽
اهڙو خيال اچي ٿو ته، ڪٿي ”چنڊ موريا“ جو واسطو
”چندر گپت موريا“ سان نه آهي؟
تاريخي حوالن مطابق، چندر گپت موريا قديم ڀارت جو هڪ اهڙو ته
مهان حاڪم هو، جنهن جي دؤر ۾ پهريون ڀيرو هندستان
جي هڪ اوائلي، مضبوط ۽ منظم سلطنت جو ”مگدهه“ جي
نالي سان بنياد پيو ۽ ان کان وڌيڪ سندس جڳ مشهور
گرو ۽ وزير چانڪيه پنهنجي ڪتاب ”ارٿ شاستر“ ۾ هن
چندرگپت کي هڪ مثالي راجا ۽ مثالي راڄڌاني بابت
تمام گهڻيون خوبيون ڄاڻايون آهن. چندرگپت موريا جي
باري ۾ سڀ کان پهريائين اسان کي هڪ يوناني مورخ
”ميگسٿنز“ جي جڳ مشهور ڪتاب ”انڊيڪا“ ۾ حوالو ملي
ٿو، جنهن ۾ چندرگپت موريا کي ”سينڊرو ڪاپٽس“ سڏيو
ويو آهي. چندر گپت موريا جي حڪومت جو دور 322 ق. م
کان 297 ق. م آهي. هي حاڪم موريا سلطنت جو باني ۽
جڳ مشهور قديم ورش جي حاڪم اشوڪ اعظم جو ڏاڏو هو،
جيڪو سڪندراعظم جو سهيوڳي هجڻ کان علاوه هڪ روايت
مطابق هڪ سڪندراعظم سان مليو پڻ هو. چندرگپت موريا
جي وقت ۾ قديم ڀارت ورش بابت پهريون دفعو هڪ مستند
تاريخ پڻ لکي وئي، پر اها کڻي بدقسمتي چئجي جو اها
لکيل تاريخ سندس آخري ڏينهن بابت الائجي ڇو خاموش
آهي؟ ميگسيٿنز جي ڪتاب ”انڊيڪا“ موجب اسان کي فقط
اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته هو پنهنجي پٽ جي حق ۾
دستبردار ٿيو هو ۽ پنهنجي راڄڌاني کي الوداع چئي،
پوءِ سنياس اختيار ڪيائين. هاڻي سوال ٿا پيدا ٿين
ته آخر چندرگپت ڪيڏانهن ويو؟ سندس آخري آرامگاهه
ڪٿي آهي؟ هن ڏس ۾ چانڪيه جو ڪتاب ”ارٿ شاستر“ پاڻ
ڏي توجهه ڇڪائي ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
چانڪيه جنهن ٻار جي پرورش ڪئي ۽ کيس تعليم ۽ تربيت
ڏني هئي، اهو ٻار اڳتي هلي ڀارت ورش جي تاريخ ۾
مهان سپوت چندرگپت جي نالي سان هرواسي ٿيو. هن
ڪتاب مان وڌيڪ اهڃاڻ معلوم ٿئي ٿو ته هڪ مثالي
حاڪم لاءِ مثالي سلطنت ٺاهڻ ۽ ان کي مضبوط بنياد
تي هلائڻ کان پوءِ بهتر آهي ته هو پنهنجي رضا ۽
خوشي سان تخت تان دستبردار ٿي جيوت جا باقي ڏينهن
سنياس وٺي. چندر گپت موريا جهڙي عالي مرتبي واري
حاڪم لاءِ پڻ اهو ضروري هو ته هُو پڻ سنياس وٺي ۽
اها ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته هن پڻ سنياس ضرور ورتو
هوندو ۽ پنهنجي بنهه وڏي ۽ ويڪري سلطنت کي خيرباد
چئي ڀارت ورش جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ وڃي ٿانئيڪو ٿيو
هوندو. اهو پڻ ممڪن آهي ته هو موجوده سنڌ ۾ اچي
رهيو هجي. صدين کان سنڌ جي ڀلاري مٽي ننڍي کنڊ ۽
ان کان ٻاهرين رشين، صوفين، ڏاهن ۽ مڻيادار مڙسن
لاءِ هميشہ ڪشش جو سبب بڻي آهي. ڇا چندرگپت جهڙو
غير معمولي ذهين حاڪم سنڌ جي ازلي ڪشش کان بچي
سگهيو ٿي؟ هن ڏس ۾ تمام گهڻيون فرضي ڳالهيون،
داستان، قصا ۽ جدا جدا روايتون موجود آهن.
چندرگپت جي باري ۾ گذريل صديءَ ۾ باقاعدي تحقيق جو ڪم انگريزن
جي دور ۾ ٻن انگريز محققين، لوئيس رائيس ۽ جي ـــ
ايف ـــ فليٽ نالي ڪيو. لوئيس رائيس ٻڌائي ٿو ته
چندر گپت پنهنجي آخري ڏينهن ۾ جين ڌرم کان تمام
گهڻو متاثر ٿيو ۽ تخت کي خيرباد چئي، هڪ جين متي
جي گُرو نالي ”ڀدواڀو“ سان گڏجي ڏکڻ هندستان ۾
ميسور جي ويجهو هڪ ٽڪري ”چندگيري“ وٽ تپسيا ڪندي
پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏينهن پورا ڪيا.
محقق لوئيس رائيس سال 1874ع ۾ پنهنجي تحقيق دوران ميسور ويجهو
هڪ ٽڪريءَ تي ٽُڪيل اهڙي عبارت ڳولي لڌي، جنهن ۾
چند جين وارن گُروئن تپسيا ڪندي پنهنجا ڏينهن پاڻ
پورا ڪيا هئا. هن عبارت ۾ جن جين گُروئن جا نالا
ٽُڪيل هئا، انهن ۾ خاص گرو ”آچاريه پرڀو گپت“ جو
ذڪر هو. محقق رائيس سنسڪرت جو غلط ترجمو ڪندي مٿي
ڏنل نالي واري گروءَ کي ٻه جدا جدا فرد ٻڌايو،
جنهن ۾ هڪ کي جين ـــ گُرو ”ڀدراڀو“ ۽ ٻئي کي چندر
گپت موريو“ ڄاڻايو آهي.
هت اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مٿئين نالي واري جُوءِ ۾ تمام
گهڻيون جين روايتون موجود هيون، جنهن ۾ هڪ روايت
”سراوڙان بلگوله“ پڻ هئي، جنهن کي لوئيس پنهنجي
تحقيق ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هن ٽڪريءَ جي سامهون هڪ ٻي
ٽڪري هئي، جنهن تي ڪنهن ماڻهو جي پير چٽيل هو ۽
محقق لوئيس هن ماڻهوءَ جي پير واري نشان کي ”چندر
گپت موريا“ جو پير هجڻ جي دعويٰ ڪئي. محقق لوئيس
پنهنجي تحقيق جي دفاع جن ڳالهين جي بنياد تي ڪيو،
اهي هي آهن:
(1) سراوڙان بلگوله روايت.
(2) جين ـــ گرو ۽ انهن جي چيلن جي لڏپلاڻ.
(3) پٿر تي ٺهيل ماڻهوءَ جو پير ۽ ٽڪريءَ تي ٽُڪيل روايت.
هن کان پوءِ ٻئي محقق، جي ـــ ايف ـــ فليٽ، پهرئين محقق ڻوليس
رائيس تي شديد نڪتچيني ڪئي، جنهن ۾ هن سندس ثبوتن
کي ڪمزور، غير مدلل ۽ هڪ اهڙو ”ڀانيو“
(Hypothesis)
قرار ڏنو، جنهن جو ڪوبه بنياد ڪونه هو. سڀ کان پهرين محقق فليٽ
پٿر واري عبارت کي ليٿو گرافڪ شهادتن جي روشنيءَ ۾
ثابت ڪيو ته اها عبارت وڌ ۾ وڌ اٺ سؤ ساله پراڻي
هئي. عبارت هن ريت هئي: ”هيءَ عبارت هڪ شخص پرڀو
چندر جي وفات وقت جوڙي وڃي ٿي.“ رائيس مطابق هي
ماڻهو چندرگپت موريا هو. پر محقق فليٽ هن سان متفق
ناهي ۽ دليل ڏيندي چيو ٿو ته پرڀو چندر جو موت اٺ
سئو سال اڳ ۾ ٿيو هو ۽ سندس چندرگپت موريا سان
ڪوبه واسطو نٿو ٿي سگهي، ڇو ته چندر گپت موريا جي
حڪومت جو دور اڄ کان ٻه هزار سال اڳ ۾ ثابت ٿي چڪو
آهي.
فليٽ مطابق لوئيس رائيس هڪ غير مستند روايت تي ڀروسو ڪيو ۽
سنسڪرت عبارت جو غلط ترجمو پيش ڪري، هڪ مونجهارو
پيدا ڪري ڇڏيو. هن ڏس ۾ فليٽ جي تنقيد جائز ۽ قابل
قبول سمجهه ۾ اچي ٿي. هن ڳالهه مان صاف ظاهر آهي
ته ميسور ۾ جنهن جاءِ کي چندر گپت موريا جي آخري
آرامگاهه جي طور تي مشهور ڪيو ويو ۽ هن سلسلي ۾
جيڪي ثبوت فراهم ڪيا ويا، اهي صحيح ثابت ڪونه ٿي
سگهيا. بهرحال محقق فليٽ پنهنجي تحقيق جي روشنيءَ
۾ ميسور واريءَ جاءِ تي چندر گپت موريا جي قبر
موجود هجڻ واري ڳالهه کي بلڪل رد ڪري ٿو ۽ هنن ٻن
محققن کان پوءِ ٻئي ڪنهن به محقق چندر گپت موريا
جي آخري آرامگاهه تلاش ڪونه ڪئي. پر فليٽ جي
نڪتچيني آئنده جي محققن لاءِ رستا روشن ڪري ڇڏيا.
سراوڙان بلگوله جي روايت جو نئين سري کان جائزو وٺڻ کان پوءِ
ذهن ۾ اهو خيال ويهي رهيو ته ميسور جي جاءِ تي
ٿرپارڪر ۾ موجود ”چندر موريا جي مقام“ جو ڪو واسطو
چندر گپت موريا سان هجي. هي خيال ان ڪري پيدا ٿيو
ته ”چندر گپت موريا“ ۽ ”چنڊ موريا“ نه صرف هڪ ٻئي
سان مشابهه آهن، پر چنڊ مويرا، چندر گپت موريا جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، ڇو ته سنڌيءَ ۾ ”چنڊ“ چون، ته
وري سنسڪرت ۾ ”چندر“ چون، باقي رهيو موريا، اهو
ٻنهي جاين تي موجود آهي.
چنڊ موريا جي تاريخي اهميت ئي روشني وجهڻ لاءِ ضروري هو ته
ٿرپارڪر ضلعي جي روايتي لوڪ ادب ۽ عوامي داستانن
جو اڀياس ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ هن ضلعي جي سرحد
مان ملندڙ علائقو، جهڙوڪ: راجسٿان وغيره جي باري ۾
وڌيڪ معلومات حاصل ڪجي. هن ڏس ۾ سنڌ گزيٽيئر 1874ع
کان تحقيق جو آغار ڪيو ويو.
گزيٽيئر مان معلوم ٿئي ٿو ته ويرا واهه کان 14 ميل اتر ۽ اولهه
طرف ڪجهه پراڻا مندر آهن ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهي
مندر جين ڌرم جا ٿي سگهن ٿا. هنن مندرن ۾ گوڙيچه
نالي هڪ وڏو بُت موجود هو. هن شهر جي ويجهو هڪ
قديم وسندي پاري نگر جا آثار مليا آهن، جيڪي اٽڪل
ڇهن ميلن ۾ پکڙيل آهن. پاري نگر جو بنياد رکڻ وارو
ڌرم سنگهه نالي هڪ شخص هو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو
آهي ۽ پاري نگر جو بنياد ڪڏهن پيو. البت اهو معلوم
ٿئي ٿو ته اهو شهر سورهين صدي عيسويءَ ۾ تباهه ٿيو
هو. هن وقت پنج يا ڇهه مندر هت موجود آهن ۽
ٿرپارڪر جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ضروري ٿيندو ته
انهن مندرن جو اڀياس ڪيو وڃي، ميسور ۾ ته لوئيس
رائيس ۽ فليٽ کان علاوه ٻين ڪيترن محققن پڻ تاريخ
تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان ساڳي
نوعيت جو ڪم ٿرپارڪر ضلعي ۾ قطعي ڪونه ٿيو آهي.
چنڊ موريا جو مقام ۽ ان جي ويجهڙائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ ٻه عوامي
داستان تمام گهڻو هرواسي ٿيا آهن، جن هن مقام ۾
موجود خاص قبر کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. پهرين
روايت مطابق ”چنڊ“ ۽”موريا“ ٻه شخص هئا. ڪي چون ٿا
ته هو پيءُ ۽ پٽ هئا. هن ڏس ۾ ٻيو رايو اهو آهي ته
هو ٻيئي شخص، گرو ۽ ان جو چيلو هئا، جن ٻنهي تمام
گهڻو پري کان ڪهي اچي هن جڳهه کي پنهنجي تپسيا
لاءِ چونڊيو هو. هڪ دفعي پراڻ دريا ۾ ڪا تمام وڏي
ٻوڏ آئي ۽ هو ٻئي تپسيا ڪندڙ پرڏيهي ٻڏي مري ويا ۽
ڏينهن ٻن کان پوءِ سندن لاش دريا جي ڪنڌيءَ تي
ترندا نظر آيا، جن کي ڳوٺاڻن پاڻيءَ مان ڪڍي
دفنائي ڇڏيو، ڇو ته انهن مان هڪ شخص روحانيت کي
پهتل هو ۽ عقيدي جي اظهار طور ماڻهو ان شخص جي
سندس رتبي مطابق مزار ٺاهي ڇڏي هئي، جتي اڄ تائين
عقيدتمند هر سال ميلو لڳائن ٿا.
هت پيءُ ۽ پٽ، گرو ۽ چيلي وارين ٻنهي روايتن ۾ ٻڏي مرڻ واري
ساڳي روايت موجود آهي. پر هت هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه
اها ٻڌائي وڃي ٿي ته گرو هڪ ڏينهن ناراض ٿي چيلي
جي قبر کي ڌڪ هنيو ته سندس قبر غائب ٿي وئي ۽ هن
وقت فقط گرو جي قبر هن مقام ۾ موجود آهي. تحقيق جو
هن روايت سان ڪوبه واسطو ڪونهي. بهرحال هتان جا
رهاڪو هن روايت تي سڀ متفق آهن ته ”چنڊ موريا“
نالي ڪو پرڏيهي ماڻهو ضرور موجود هو. هاڻي اهو
سوال ٿو پيدا ٿئي، ته ”چنڊ موريا“ ڪير هو؟
”چنڊ موريا جي مقام“ تي هر سال هڪ ميلو لڳي ٿو، جتي هڪ عام سنڌي
ميلي وانگر ماڻهو گڏ ٿي جدا جدا راندين، رسمن ۽
تماشن ۾ حصو وٺن ٿا ۽ ممڪن آهي ته هي سڀ رانديون
رسمون ۽ تماشا ڪٿي چندرگپت جي دور جو ثقافتي ورثو
هجن.
”ارٿ شاستر“ ۽ ”انڊيڪا“ ٻنهي ڪتابن ۾ چندرگپت موريا جي شوق ۽
شغل واري بابت ۾ هن راجا جي دلچسپين ۾ ٻيڙين جي
ڊوڙ، گهوڙا ڊوڙ ۽ جانورن جا ميلا لڳائڻ شامل آهن.
يوناني مورخ هڪ جاءِ تي ”ملهه“ ۽ ”آکاڙو“ لکي ٿو،
جنهن ۾ به اکر ”مل“ ڪتب آڻي ٿو، جنهن جي معنيٰ زور
لڳائڻ آهي ۽ ”آکاڙا“ يعني ورزش واري جاءِ ڪتب آندي
اٿس. هت اها ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي ته يوناني مورخ جي
تشريح ”مل“ ۽ ”اکاڙا“ اڄڪلهه وارو ”ملاکڙو“ ٿي
سگهي ٿو، چندر گپت موريا جي زماني ۾ پڻ ساڳي شئي
موجود هئي. اڄوڪو ملاکڙو، چندر گپت موريا جي دور
جو ثقافتي ورثو آهي. ميلي جي خصوصيت اها آهي ته هن
ميلي جي موقعي تي ٻارن جي جُهنڊ لاهڻ واري رسم ادا
ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سنڌ ۾، پيرن ۽ فقيرن جي مزارن تي
اڪثر ڪري هڪ عام رسم ڏسڻ ۾ اچي ٿي. قديم ايران ۽
قديم هندستان جي موريا دور ۾ پڻ هيءَ رسم ڪنهن نه
ڪنهن طريقي سان موجود هئي. چندر گپت موريا هر سال
پنهنجي مٿي جا وار ڌوئڻ جو افتتاح ڪندو هو ۽ رعيت
ان جي پيروي ڪندي هئي. هي ساڳي رسم ٿرپارڪر جي
”چنڊ موريا جو مقام“ تي هر سال ادا ڪئي وڃي ٿي. پر
اهو سڀڪجهه والدين تڏهن ڪن ٿا، جڏهن کين اولاد نه
ٿئي ۽ باس باسڻ کان پوءِ اولاد نه بچندو هجي. ٽين
خصوصيت اها آهي ته چند گپت موريا کي ”گهوڙن جي
ڊوڙ“ ۽ ”جانورن جي ميلي“ لڳائڻ ۾ وڏي دلچسپي هوندي
هئي ۽ هو هر سال وڏي پيماني تي اِهو ميلو
لڳرائيندو هو. جيڪڏهن هن جڳهه سان چندر گپت موريا
جي آخري آرامگاهه جو واقعي ڪو لاڳاپو ثابت ٿي پوي
ته جيڪر هي ميلو هڪ وڏي اهميت حاصل ڪري وٺي. هت
اها ڳالهه پڻ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ”چنڊ موريا جو
مقام“ سان هندن ۽ مسلمانن ۾ ساڳي قسم جي دلچسپي
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جيئن ته اسان وٽ قومن جي علمن ــــ
(Ethnologhy)
تي سائنسي بنيادن تي ڪابه تحقيق نه ڪئي ويئي آهي.
مثال طور ٿرپارڪر ضلعي ۾ گورچاڻي قوم جا ماڻهو رهن
ٿا. اهو ممڪن آهي ته اڄ کان سوين سال اڳ موجود جين
ڌرم جي مندرن ۾ رکيل بت ”گوڙيچه“ سان هاڻوڪي
گورچاڻي قوم جو واسطو هجي.
جيڪڏهن اهو چئجي ته مناسب ٿيندو ته چندر گپت موريا تاريخ ۾ هڪ
عجيب ۽ غريب شخصيت هو، جنهن کي سڀ کان پهريون دفعو
چانڪيه ”راڄ ڪلم“ جي راند ڪڏندي ڳولهي لڌو. چانڪيه
جي هن ڳولها، چندر گپت کي آخرڪار هڪ تاريخ ساز
شخصيت بڻايو. ان کي پوءِ يوناني مورخ ميگسيٿنز وري
”سنڊرا ڪاپٽس“ جي نالي سان جيڪي تاريخي دستاويز
فراهم ڪيا، اهي چندر گپت موريا جي هڪ ٻي ڳولها
ثابت ٿيا ۽ بعد جي محققن پنهنجي تحقيقاتي ثابتن
سان ثبوت پيش ڪيو ته ”سنڊرا ڪاپٽس“ اصل ۾ چندر گپت
موريا پاڻ هو. هن وقت سندس اقتدار جو زمانو تاريخ
۾ بحث طلب ڪونهي، پر سندس آخري آرامگاهه تي اڃا
تائين پردو ڏنل آهي. ميسور ۾ ڪيل تحقيق جيتوڻيڪ
اها ٽين ڳولها جي هڪ ڪڙي هئي، پر ڪمزور ثابتين سبب
ان کي رد ڪيو ويو.
هن مقاله نگاره ٿرپارڪر جي ”چنڊ موريا جو مقام“ تي ٽن سالن کان
وڌيڪ تحقيق ڪري تمام گهڻي معلومات حاصل ڪئي آهي.
اهو ضروري آهي ته هن معلومات کي سامهون رکي، حڪومت
پاڪستان ۽ ضلعي جي انتظاميا ”چنڊ موريا جو مقام“
جي خاص قسم سان جانچ ڪري. خاص طور تي هن پراسرار
مزار لاءِ هڪ سائنٽيفڪ طريقي سان تحقيقي منصوبو
تيار ڪري ۽ ان کان سواءِ ٿرپارڪر جي مختلف تاريخي
دورن جي تعميراتي آثارن جي تحقيق ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن.
آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته چندر گپت موريا جي آخري آرامگاهه
ڳولهڻ ۾ ميسور جي مقابلي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ تحقيق
ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ثابتيون موجود آهن.
|