سيڪشن؛ رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 1988ع (1 ۽ 2)

 

صفحو :10

(13) نوجوان مسلم اسٽوڊنٽ ائسوسئيشن

هي ائسوسئيشن سن 1931ع ۾ قائم ڪئي ويئي هئي. تاريخ 21 ۽ 22 مئي 1933ع تي هن ائسوسئيشن پاران جماڻي هال شڪارپور ۾ مسلم اسٽوڊنٽ ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن جي مختصر رپورٽ ماهوار سنڌو مئي 1932ع جي مهتممي نوٽ ۾ هن طرح شايع ٿي هئي:

”شڪارپور جماڻي هال ۾ ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن تاريخ 21 ـــ 22 مئي مسلم اسٽوڊنٽ ڪانفرنس ٿي گذري. پريزيڊنٽ ڊاڪٽر عطا محمد کي ڪيو ويو هو. چيئرمين مسٽر عبدالرحمان شيخ ۽ پريزيڊنٽ ڊاڪٽر عطا محمد شيخ جيڪي تقريرون ڪيون، تن ۾ خاص زور ان تي ڏنو ويو ته مسلمان، بئنڪن ۽ ٻين کان جن سان پئسي جو وهنوار ڪن ٿا، تن کان وياج ضرور وٺن، ڇو ته وياج وٺڻ اسلام ۽ شريعت موجب روا آهي. ٻيو ته مسلمانن ۾ وديا ڦهلائڻ لاءِ ڪي اپاءُ اختيار ڪرڻ گهرجن. جي سڀ مسلمان علم وارا ٿين ته جيڪر جهالت منجهائن دور ٿي وڃي، ۽ فساد، جي هندو مسلمان وقت بوقت ٿين ٿا، سي جيڪر بند ٿي وڃن. بمبئيءَ جي فسادن تي ارمان ظاهر ڪيائون. ٽيون مسلماني زناني تعليم تي بحث مباحثو هليو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته جيسين مسلم زالن ۾ علم ڪونهي، تيسين مسلم قوم ۾ سڌارو اچڻ مشڪل آهي. چوٿين ڳالهه اها ٻڌائي وئي ته اسلام سيکاري ٿو ته سڀني ڌرمن ۽ انهن جي نبين ۽ اوتارن کي عزت ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي اوتار ۽ نبي خدا جا پيارا آهن ۽ سڀ ڌرم يا مذهب سچا آهن. سيڪريٽري چيو ته مون کي ڪرشن، گوتم، گرونانڪ ۽ ٻين لاءِ عزت آهي. ڪانفرنس ۾ مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته سود يشي ٿيو [1].

جون 1933ع ۾ هن ائسوسئيشن پاران حضرت رئيس الاحرار مولانا محمد علي جوهر جي ياد ۾ خانپوري در جي ڀرسان مسلمانن جي عام فائدي لاءِ ”محمد علي لئبرري“ نالي هڪ اسلامي ۽ ادبي لئبرري قائم ڪئي ويئي هئي [2].

سن 1935ع مطابق 1354 هه ۾ جناب اشفاق احمد صاحب جي ڪتاب ”خون ڪي آنسو“ جو سنڌي ترجمو ”رت جا ڳوڙها“ نالي محترم لطف الله بدوي شايع ڪرايو. ان وقت هن ائسوسئيشن جو سيڪريٽري مسٽر عبدالستار اي ميمڻ هو ۽ پوءِ 1944ع کان محترم احسان احمد بدوي کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. هي سوسائٽي بعد ۾ ڪجهه سالن کان پوءِ بند ٿي ويئي.

 

(14) سي اينڊ ايس ڪاليج

شڪارپور جي مشهور سي اينڊ ايس (چيلا سنگهه سترامداس بجاج ۽ سيتداس تيرٿداس پنجابي) ڪاليج جو بنياد 1932ع ۾ پيو. هي ڪاليج پهريائين شڪارپور جي اڳوڻي ميونسپل آفيس ۾ قائم هو. هن ڪاليج جو مهورت مسٽر ايڇ. ٽي. سورلي، آءِ. سي. ايس.، اڳوڻي ڪليڪٽر ضلع سکر جي 17 جون 1934ع تي ڪيوهو. ڪاليج جي نئين بلڊنگ تيار ٿيڻ کان پوءِ هن جي اسٽيج تان ڪجهه مشاعرا به ڪرايا ويا هئا، جن مان ڪجهه طرحي ۽ باقي غير طرحي هئا. 27 آگسٽ 1933ع تي هيٺين مصرع طرح هيٺ مشاعرو ٿيو هو:

”بتن جو شان ڀي يارو ته شان ڪبريائي آ“

ساڳي سال پڻ هنن مصرع طرن هيٺ مشاعرا ٿيا هئا.

”سج چڙهي آيو مٿي اٿ ننڊ مان بيدار ٿي“

”ڪوئي آ شاد شاهي ۾ ڪوئي شادان فقيريءَ ۾“

جيڪي شاعر انهن مشاعرن ۾ حصو وٺندا هئا، انهن ۾ آغا صوفي، لطف الله بدوي، هولا رام ”پورن“، ڀڳوانداس کتري، قادر بخش ”حقير“ ۽ غلام حسين واگهو جن جا نالا قابل ذڪر آهن.

آڪٽوبر 1933ع کان هن ڪاليج جي مخزن ”اپر سنڌ ڪاليج مخزن“ جي نالي پهريائين حشمتراءِ چئٿرام ملڪاڻي جي ادارت ۾ شايع ٿيندي هئي ۽ بعد ۾ وري سائين کيئلداس وليرام بيگواڻي ”فاني“ پڻ مخزن ايڊٽ ڪندو هو.هن مخزن ۾ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن کان علاوه شهر جي اديبن ۽ شاعرن جون تحريرون پڻ شايع ٿينديون هيون.

 

(15) آپ سڌارڪ منڊل

هي منڊل سن 1932ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور تعليمي اداري خوبسنگهه/ منگهن مل سرتو مل هندو سنڌي اسڪول نمبر اول (هاڻوڪي پرائمري لکيدر اسڪول) پاران قائم ڪيو ويو هو. هن منڊل جو روحِ روان ٺڪر هولارام سهجرام هو. هن منڊل پاران ٻاراڻي رسالي ”ٻالڪ“ کان علاوه خاص ڏينهن تي پڻ يادگار ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪري ٻارڙن ۾ مفت تقسيم ڪيا ويندا هئا. آڪٽوبر 1935ع ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر ٺڪر هولارام سهجرام جو ترتيب ڏنل 24 صفحن تي مشتمل نسخن جو هڪ ڪتاب ”قدرتي گهرو علاج“ نالي شايع ڪيو ويو هو. هن منڊل پاران اسڪول جي ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون به شايع ٿينديون هيون. ورهاڱي کان پوءِ هي منڊل بند ٿي ويو.

 

(16) سنڌي ساهت منڊل

هن ساهته منڊل شڪارپور جي مسٽر بولچند وسومل راجپال ايڊيٽر ”سنڌو“ سن 1933ع ۾ مسٽر شيوارام ڀاڳچند لالا جو ڪتاب ”ٽالسٽاءِ جون اخلاقي آکاڻيون“ ۽ مسٽر روچيرام گنگارام سڏاڻي جو ڪتاب ”آزاد خيال زالون“ شايع ڪرايا. هي ڪتاب تعليم کاتي پاران 31 مارچ 1936ع ۾ اسڪول ماسترن ۽ ٻارن جي لئبررين لاءِ منظور ڪيا ويا ۽ پوءِ نومبر 1936ع ۾ وري سيڪنڊري اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب ۽ پرائمري ماسترن ۽ شاگردن لاءِ لئبرري طور منظور ڪيا ويا هئا.

 

(17) انجمن همدرد اسلام شڪارپور

هيءَ انجمن سن 31 ـــ 1930ع ۾ برپا ڪئي ويئي هئي. هن انجمن جو صدر محترم علي بخش سومرو ۽ سيڪريٽري عبدالوهاب ولد نور محمد سومرو کان علاوه احمد نواز عرف غلام رسول سومرو جن هئا. هن انجمن پاران مسلم اجمل لئبرري پڻ قائم ڪئي ويئي هئي. انهيءَ کان علاوه نائيٽ اسڪول به قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ديني تعليم ۽ پرائمري تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. هن انجمن پاران اسلامي ڏينهن تي پمفليٽ ۽ ڪتابچا شايع ڪرائي مفت تقسيم ڪيا ويند هئا.

سن 1936ع ۾ عيد ميلاد النبي جي موقعي تي هن انجمن پاران ’اسان جو مدني آقا‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪرائي مفت تقسم ڪيو ويو هو.

 

(18) هريجن شيوڪ سڀا

هي سڀا 20 ـــ اپريل 1933ع تي سوامي رامداس مهراج کٽ واري درٻار وٽ شهر جي معزز هندو ۽ هريجن جي هڪ ميڙ ۾ سڀا پت ڪئي ويئي هئي. هن سڀا جا هلائيندڙ هئا، شري سيٺ لڻيداسنگهه سترامسنگهه بجاج (بئنڪر)، تنورمل ڪيولرام هندوجه، سالداس مرهنداس جئسنگهه، چئنراءَ ويريانداس جماڻي، تاراچند گاجرا، ڊاڪٽر گوبند رام پنجابي ۽ ماستر هولارام سهجرام ٺڪر. هريجن شيوڪ سڀا پاران 8 مئي 1933ع تي گانڌي ڏينهن ملهايو ويو ۽ ورت رکيو ويو هو، تاريخ 23 ـــ کان 29 ـــ مئي 1934ع تائين ”هريجن هفتو“ ملهايو ويو هو، جنهن مان 6 ڏينهن صدر ۾ ڌار ڌار نموني پرچار ڪيو ويو هو ۽ هڪ ڏينهن شهر ۾ پبلڪ ميٽنگ ڪوٺائي ويئي هئي، جنهن ۾ هڪ ڌرمي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. 1935ع ۾ ”هريجن هلچل ۽ هندو شاستر“ نالي هڪ ڪتاب ڇپايو ويو هو. هن ڪتاب تي ماهوار ’سنڌو‘ ڊسمبر 1935ع جي سمالوچا ڪالم ۾ هن طرح تبصرو ڪيو ويو هو.

”شڪارپور هريجن شيوڪ سڀا، مٿين نالي سان هڪ ننڍڙو پستڪ ڇپايو آهي، جنهن ۾ هندو ڌرمي شاسترن مان دليلن سان ثابت ڪيو ويو آهي، ته اڇوت پڻو هندو ڌرم جي خلاف آهي. اهو ڪتاب هرهڪ هندوءَ جي نظر مان ڪڍڻ يوگيه آهي.“

 

(19) انجمن اشاعت اسلام

هيءَ جماعت سن 1932ع ۾ قائم ٿي. هن جماعت جو صدر پير فضل احمد سرهندي هو. هن جماعت پاران مولانا عبدالڪريم چشتي مرحوم جا ڪجهه ڪتاب شايع ڪرايا ويا هئا، جن مان ’جواهرات‘، ’سلطان الهند‘ ۽ ’صراط المستقيم‘ قابل ذڪر آهن. تاريخ 26 ــ 27 ۽ 28 ــ اپريل 1934ع تي هن جماعت پاران شڪارپور ۾ پهرين اپر سنڌ مسلم ڪانفرنس ۽ چوٿين اپر سنڌ تبليغ ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي هئي.

 

(20) سلسله ڪتب انجمن تصنيف وتاليف

هيءَ انجمن ريبع الاول 1345هه ۾ سحبان سنڌ حضرت مولانا عبدالڪريم چشتي برپا ڪئي هئي. هن انجمن پاران مولانا چشتيءَ جا هيٺيان ڪتاب شايع ڪرايا ويا هئا، امير ماويه سيد المرسلين ۽ خلفاءِ راشدين.

  

(21) جمعيت اپر سنڌ علماءِ

اهل سنت والجماعت شڪارپور

هن جماعت پاران سنڌ جي بيباڪ عالم دين سحبان سنڌ مولانا عبدالڪريم چشتي مرحوم جا ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ؛ امام اعظم ۽ اظهار حق کان علاوه ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا هئا.

 

(22) پرمانند ڀنڊار

هي ڀنڊار شڪارپور جي هڪ سنت سوامي پرمانند چوڪسرام چگهه آسراڻي جي نالي سان منسوب آهي. هي ڀنڊار سن 1935ع ۾ قائم ڪيو وپيو هو. هن ڀنڊار جو مقصد هو سنتن جا جيون چرتر شايع ڪرڻ. هن ڀنڊار پاران جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا آهن، اهي سوامي پرمانند جا ئي ترتيب ڏنل ۽ لکيل آهن.

هن ڀنڊار پاران جي ڪتاب شايع ٿيا، انهن ۾ ’آتم پرڪاش‘، ’برهم وديا‘ (نومبر 1940)، ڌرم تتو (23 ـــ نومبر 1939ع)، آنند ڀنڊار (15 ـــ نومبر 1937ع)، گرهست ۾ برهمچريه (1 ـــ جنوري 1941ع) ملي سگهن ٿا. ورهاڱي کان پوءِ هي ڀنڊار سوامي پرمانند جي انڊيا وڃڻ کان پوءِ ختم ٿي ويو.

 

(23) هريشچندر ساهتيه منڊل

هي ساهتيه منڊل سن 1935ع جي شروعات ۾ سنتداس رامچند ڀاٽيه ’ناز‘ ايڊيٽر شڪارپور گزٽ ۽ گوبندرام ’ستايل‘ سکر نواسي جن قائم ڪيو هو. هن ساهتيه منڍل جي هڪ شاخ شڪارپور ۽ ٻي سکر ۾ هئي.

31 ــ مئي 1935ع تي ڪوئيٽا ۾ هڪ خطرناڪ زلزلو آيو هو، جنهن ڪري ڪيتروئي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. انهيءَ ڪري پوري هندستان ۾ غم جي لهر ڇانئجي ويئي هئي. ان موقعي تي سنڌ مان شايع ٿيندڙ اخبارن ۽ رسالن تمام دکدائڪ ايڊيٽوريل لکيا هئا. انهن کان علاوه ڪجهه ڪتاب پڻ شايع ٿيا هئا. ان سلسلي ۾ هن ساهتيه منڊل پاران جولاءِ 1935ع ۾ ”ماتمي ڳوڙها“ نالي هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جي هندو مسلم شاعرن جي ڪوئيٽه جي زلزلي متعلق نوحا ۽ مرثيه خواني ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 18 شاعرن جو ڪلام شايع ٿيل آهي. 24 ــ صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾ هي ڪتاب جيوترام هوتچند جي ديوي پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. هن ساهتيه منڊل پاران ٻيو هڪ ڪتاب ”شام سندر“ جي نالي سان شايع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پڻ سنڌ جي مشهور شاعرن جو عشقيه ۽ ناصحانه ڪلام شايع ٿيل هو.

 

(24) ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور

ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور پاران سن 1939ع ۾ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جو هڪ ڪتاب ”هندو مسلم ۽ انساني ايڪتا“ نالي شايع ڪرايو ويو هو.

11 ـــ مئي کان 18 ـــ مئي 1947ع ۾ شڪارپور شهر ۾ تندرستي جو هفتو ملهايو ويو هو. ان موقعي تي به پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي جو 25 ـــ صفحن تي مشتمل هڪ ڪتابچو ”صحت بچائڻ ۽ عمر وڌائڻ جا چوڏهن چونڊيل قاعدا“ شايع ڪرايو ويو هو. انهيءَ کان علاوه خاص ڏينهن تي پڻ ميونسپل ڪاميٽيءَ پاران ”شڪارپو گزٽ“ (پمفليٽ) ۽ ٻيا يادگار ڪتاب  شايع ٿيندا هئا.

 

(25) خوبچند بوڪسيلر ۽ پبلشر

ورهاڱي کان اڳ شڪارپور شهر مان جن ادارن ادب ۽ تعليم جي خدمت ۾ چڱو پاڻ موکيو هو، انهن مان خوبچند بوڪ سيلر ۽ پبلشر جو نالو به خاص اهميت رکي ٿو. شڪارپور سنڌ جي مشهور قلمڪار سائين جهامنداس ڀاٽيه جو مشهور ڪتاب ”سائين قطب شاهه“ به خوبچند ئي 1947ع ۾ ڇپايو هو. مسٽر خوبچند ادبي ڪتابن کان علاوه تعليمي ۽ درسي ڪتاب به شايع ڪرائيندو هو. شڪارپور شهر ۾ تعليم کي عام ڪرڻ ۽ غريب شاگردن جي مدد لاءِ هي صاحب اڌوراڻا ڪتاب خريد ڪري، انهن کي نوان جلد ڏيئي غريب شاگردن کي اڌ قيمت ۾ ڏيندو هو. هن کي ٻه دڪان هئا: هڪ ننڍي بازار ۾ ۽ ٻيو جماڻي هال جي نزد سبيل وٽ.

 

(26) ڀوڄراج پوڪرداس اينڊ سنس

بوڪسيلر ۽ پبلشر

شڪارپور شهر جي مشهور ڪتب فروش پوڪرداس جي سپاتر ڀوڄراج سن 1940ع کان ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو جاري ڪيو. هن پوڪرداس جا ڪيترائي ڪتاب ٻيهر شايع ڪرايا هئا.

 

(27) نئين دنيا ڪتاب گهر

هن ڪتاب گهر جو سڀاپتي هو سائين گوبند پنجابي صاحب. پروفيسر ملڪاڻي ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”سرد آهون“ جو 1942ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر (شڪارپور) پاران ڇپيو هو، جنهن ۾ آکاڻيون هن منڊل جي بانيڪار گوبند پنجابيءَ جون لکيل هيون [3].

سائين گوبند پنجابي 22 جولاءِ 1985ع جي خط ۾ مون کي لکيو آهي ته. ”1940ع ۾ پهريون ڪتاب ”سرد آهون“ ڇپايو هوم ــ ان کان اڳ ۾ برڪت علي ”آزاد“ جو لکيل ”نوجوانن ڏانهن“ ڪتاب نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ڇپايو هوم. پوءِ ته ڏهاڪو ننڍا ننڍا ڪتاب 100 کن صفحن جا جدا جدا وشين تي شايع ٿيا، پر اهي سڀ مارڪسواد جي بنياد تي هئا.“

 

(28) بزم ـــ ادب

هي ادبي ادارو سن 1941ع ۾ شڪارپور ۾ برپا ڪيو ويو هو. هن جو روحِ روان شڪارپور سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر مرحوم لطف الله بدوي هو [4].

(29) نوجوان مسلم سنڌي ادبي سوسائٽي

هي سوسائٽي 19 ـــ جنوري 1941ع تي قائم ڪئي ويئي هئي. هن سوسائٽي جا پهريان عهديدار هئا.

صدر:                  جناب لعل بخش ابڙو

نائب صدر:            جناب نظر محمد بابلاڻي

سيڪريٽري:           جناب لعل محمد ”لعل“

پروپئگنڊا سيڪريٽري:    جناب جعفر علي شيخ

خزانچي:                       جناب امير علي شيخ

آڊيٽر:                  جناب شفيع احمد علوي

هن سوسائٽي جي آفيس شيخ محله ۾ مسٽر نظر محمد بابلاڻي جي اوطاق ۾ قائم هئي. هن سوسائٽي جو مقصد هو مشاعرا ڪرڻ، مضمون نويسي کي ترقي وٺائڻ، نثر کي عروج تي رسائڻ ۽ فن تقرير کي زور وٺائڻ لاءِ تقريري مقابلا ڪرائڻ. هن سوسائٽيءَ جي هر ميمبر کي درماهه 2 ـــ آنه چندو ادا ڪرڻو پوندو هو.

 

(30) زندگي پبليڪيشن

هي پبليڪيشن شڪارپور جي مشهور صحافي بهاري لعل هريرام ڇاٻڙيا سن 1946ع ۾ قائم ڪئي هئي. هن پبليڪيشن پاران سندس ترجمو ڪيل ناول ”ويرداس“ (شرت بابو جو) ۽ ”ٻه ڀينر“ (تاگو جو) شايع ٿيا هئا.

 

”تاج بلوچ“ ــــ هڪ رومانوي شاعر

(’خوشبوءَ جو زهر‘ جي حوالي سان اڀياس) 

امير علي چانڊيو

 

انقلابِ فرانس کان پوءِ دنيا ۾ فڪري خواهه معاشرتي سطح تي وڏو انقلاب ’بالشويڪ انقلاب‘ هو. جيتوڻيڪ ’بالشويڪ انقلاب‘ فڪري ڏسائن جي لحاظ کان منفرد هو، ليڪن پوءِ به ان جو خمير فرانسي انقلاب جي ڪُک مان سرجيو هو. ’بالشويڪ انقلاب‘ پراڻي سوچ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ انساني فڪر، سياست، تهذيب ۽ معاشرت تي ان جو زبردست اثر ٿيو. پراڻي سوچ ۽ پراڻي تهذيب شڪست وريخت جو نذر ٿي ويئي. رجعت پسندي جي خاتمي آڻڻ ۽ پراڻن خيالن جي ترويج خلاف هرهنڌ محاذ قائم ٿيڻ لڳا. روسي انقلاب جو منصئه شهود تي رونما ٿيڻ کان پوءِ ادب ۽ فن تي اڻ مٽجندڙ نقش چٽجي ويا. ادب ۽ فن، جو اڳي خالص انفراديت زده هو، سو هاڻي اجتماعيت سان روشناس ٿيڻ لڳو. ادب ۽ فن جتي اڳي رڳو خيالي ۽ تصوراتي دنيا ۾ تخليق ٿيندو هو، ان کي عوام جو عڪاس، زندگيءَ جو رهبر ۽ ماحول جو ترجمان قرار ڏنو ويو. اهو هاڻي ’ادب براءِ ادب‘ نه، بلڪ ’ادب براءِ زندگي‘ هو.

ادب جو پڻ بنياد زنگيءَ سان پيوست آهي. زندهه ۽ سچو ادب اهو آهي، جيڪو سماج کي بدلائي، بني نوع انسان جي خدمت جو فرض انجام ڏئي، ۽ ان سان گڏوگڏ زندگيءَ جي ارتقا جو علمبردار هجي. اهي ’بالشويڪ انقلاب‘ جا اثرات هئا جو 1935ع ڌاري لنڊن جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻي ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جو پايو وڌو ويو، جنهن جي ذريعي ادبي دنيا ۾ ترقي پسندي باقاعده ۽ منظم طور تي داخل ٿيڻ لڳي. برصغير ۾ ان تحريڪ سائنسي طور ادبي شعور پيدا ڪيو، ۽ ادب کي پنهنجي ذات جي بند خول کان ٻاهر ڪڍي معاشري ۾ وهندڙ ۽ اڀرندڙزندهه حقيقتن سان روشناس ڪرايو. مذهب جي قدامت پسندانه تعبير ۽ جنس )Sex) مروجه ۽ دقيانوسي روايتن تي وار ڪيو. ظاهر آهي ته اسان جي سنڌ پڻ ان اثرات کان دور رهي نٿي سگهي. ليڪن اهي ترقي پسند رجحان سنڌي ادب ۾ هڪ ٻئي حوالي سان داخل ٿيا، حالانڪ ان جا اڻ لکا اهڃاڻ ’فاني‘ ۽ ’اياز‘ ۽ ٻين تخليقن ۾ ملن ٿا، جن کي ڪنهن منظم تحريڪ جي حيثيت حاصل نه هئي

آزاديءَ کان پوءِ چند سالن اندر پاڪستان جي سياست جيڪا اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم هئي، تنهن ۾ وڏيون تبدليون آيون. ننڍين قوميتن جا حقوق فوجي جنتا جي زور تي دستبرد ڪيا ويا ۽ زبردستي ون ـــ يونٽ ۽ هڪ ـــ ڪرائي (Parity) جا اصول لاڳو ڪيا ويا. اهوئي وقت هو جڏهن سنڌ ۾ ترقي پسند رجحانن کي مهميز ملي ۽ منجهن تيزي ائي ۽ سنڌي ديب به هندستاني اديبن وانگر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ لڳا. ون ـــ يونٽ جو قيام هڪ اهڙو مرحلو هو، جنهن ننڍن صوبن ۽ ننڍين قوميتن جي احساسِ محرومي ۾ شدت آڻي ڇڏي ۽ سندن توجهه خود ـــ تحفظ ڏانهن ڇڪايو، جنهن ۾ شاعرن جو وڏو ڪردار آهي. ون يونٽ دوران ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو ڪردار، سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي فعالي ڪردار جو نقطهء اتصال آهي، يعني (1) رومانوي تحريڪ (2) ترقي پسند تحريڪ ۽ (3) حقيقت پسند يا عقليت پسند تحريڪ وغيره. ان کان اڳ ۾ اسان جا سنڌي شاعر ۽ اديب انهن تحريڪن کان خالي خال واقف هئا. مذڪوره تحريڪن سنڌي ادب کي شدت سان متاثر ڪيو ۽ انهن تحريڪن جي زيرِ سايه سنڌي ادب مثالي ترقي ڪئي، جنهن ڪري ادب ۾ نت نوان نوان تجربا ۽ نوان رجحان جنم وٺڻ لڳا. انهن جي زير اثر پيدا ٿيندڙ ادب جو معيار عالمي سطح جي معيار کان ڪنهن به طرح پوئتي نه آهي.

’تاج بلوچ‘ به ان دور جي پيداوار آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ سنڌي ادب کي متاثر ڪندڙ ٽنهي تحريڪن جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان دور ۾ اسان وٽ ڪافي قداور شاعر پيدا ٿيا، ليڪن هو سياسي نعريبازي جي تيز وهندڙ درياءَ ۾ ڪک پن وانگر لڙهي ويا ۽ پنهنجي حيثيت کي لوئي ويٺا. طبقاتي نعريبازي، سياسي نعريبازي، قوميتي يا فرقيوارانه نعريبازي ۽ ٻيون اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي نعريبازيون، جن ۾ جذباتي لحاظ کان زبردست ڪشش موجود هئي، ان هلچل ۾ تمام گهٽ شاعر پنهنجو توازن برقرار رکي سگهيا. ’تاج‘ بلوچ هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو ان ساري هنگامي کي سالم عقل ۽ هوش سان ڏسي ٿو ۽ پرکي ٿو. سندس تيز ادارڪ ان جو ڪامياب ڇيد ڪري ٿو. هو ٻين وانگر جذباتي رؤ ۾ وهي نٿو وڃي ۽ پنهنجي فن کي پروپيگنڊا جي چکيا جو نذر ٿيڻ نٿو ڏئي. اهائي خوبي کيس ٻين شاعرن کان نرالو ۽ ممتازڪري ٿي. ’تاج‘ جي شاعريءَ ۾ بنيادي ڳالهه ان جو شعري تجربو آهي، جيڪو سندس ادراڪ جي اعليٰ پهچ ۽ ذات جي اٿاهه گهراين مان سرجي ٿو. هونئن ته هر شاعر جو ذاتي ادراڪ ٻئي کان مختلف هوندو آهي. شعري تجربي ۾ احساس ۽ فڪر جي هڪ اهڙي يڪسانيت وجود ۾ اچي ٿي، جيڪا ٻنهي جو قدرِ مشترڪ آهي، جنهن کي نظرانداز ڪري ڪوبه شاعر ڪابه معياري تخليق پيش ڪري نٿو سگهي. اهڙو تجربو شاعر جي حس (Sensation) جي تيزيءَ تي مدار رکي ٿو ته هو ڪهڙي قسم جي واقعن، حالتن ۽ شين جو اثر قبول ڪري ٿو ۽ ڪنهن کي رد ڪري ٿو. هو ڪهڙي جذبي کي پنهنجي لاءِ چونڊڻ ضروري سمجهي ٿو ۽ ڪهڙي جذبي کي محض پاسيرو رکي ڇڏي ٿو! سندس ذهن جي بساط تي واقعن جا ڪهڙا مهرا، تعلقات ۽ فڪر جي ڪامياب چال هلي سگهن ٿا.

سندس سوزِ حيات، يادِ ماضي، غمِ زندگي ۽ غمِ دوران ڪهڙو آهي؟ ان قسم جي ۽ اهڙي قسم جي ٻين ڪيترن ئي جزن مان ملي جلي اڀرندڙ مجموعي تاثر ڪهڙو آهي؟ يا اهو جذبو شاعر جي ڪمزور زبان کي ڪهڙا ۽ ڪيڏا زوردار لفظ مهيا ڪري ٿو، ٻين لفظن ۾ اهو شاعر ڪهڙين علامتن، ڪهڙن ستعارن، ڪهڙن تمثيلن ۽ ڪهڙين عڪسن (Images) ذريعي ظاهر ٿيڻ پسند ڪري ٿو! شاعر جو امتحان دراصل اهڙي تجربي مان ٿئي ٿو. سندس علم، وسعتِ مطالعه، عروض جي ڄاڻ ۽ بحث مباحثا وغيره سڀ اوراقِ پارينه آهن، اهي سڀ سندس ننڍپڻ جون لاڳاپيل ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر (شعري تجربو انهن جي گرفت کان الڳ وانجهيل آهي. ڇو ته هاڻي سندس ذهن جي افق تي اڀرندڙ تشبيهون، استعارا، زبان، محاورا ۽ علامتون سندس احساس ۽ فڪر مان رچيل ٿين ٿيون. ان مرحلي تي ٻولي ۽ لفظ شاعر جي شعري تجربي جو لازمي حصو بڻجي وڃن ٿا، جن جي مدد سان هو نيون معنائون تلاش ڪري ٿو. اِن ڪري هر دور ۾ شعري تجربي جي آويءَ مان تمام گهٽ شاعر پچي نڪتا آهن. باقي اڪثريت صرف مجلسي يا آورد دوران شاعرن جي نظر ايندي، جيڪي محض اشاعتِ اشعار، تقاريظِ ناقدين جي زور تي پنهنجو وجود برقرار رکيو اچن. ليڪن ’تاج‘ جو تجربو بلڪل انوکو آهي. سندس فڪر جي اساس ۽ حس جي تيزي سندس همعصر شاعرن کان بلڪل مختلف آهي. هو معاشري جي ڪهڙي به پهلوءَ تي لکي، عشق تي لکي، حسن تي لکي يا ڪنهن منظر تي لکي، ليڪن سندس ڪاوش ۾ تخليقي وهڪرو زور شور سان نظر ايندو ’تاج‘ جي ڪلام کي اِن ڏس ۾ خاطري سان پيش ڪري سگهي ٿو. ”تاج“ پڻ ون ـــ يونٽ واري دؤر جو شاعر آهي ۽ ان کان پوءِ کان پوءِ ايوب خان وارو ساهه منجهائيندڙ دور به مٿس گذري چڪو آهي. ٽن جنگين جي ڀوڳنا، مهانگائي، سياسي بدمعاشي ۽ سامراجي پروپيگنڊا وغيره اهڙيون شيون آهن، جن کان ’تاج’ به ضرور متاثر ٿيو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ اهڙا Temporal اشارا به موجود آهن. ليڪن هن ۾ آفاقي (Universal) اشارا جهڙوڪ عشق، محبت، آزادي، افلاس، ڪشمڪش، غمِ حيات، غمِ دوران، تنهائي، ناتمام خواهشون، تاريخ جو ڪرب، اميد وياس پڻ سندس شعري تجربي ۾ شامل آهن. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترائي نظم مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. ’درد جو انگاس‘، ’پوياڙيءَ جي پيهي تي‘ ۽ ’ٻڌيمان‘ وغيره مذڪوره Theme جي لحاظ کان ڪنهن به وضاحت جا محتاج نه آهن.

’تاج’ وٽ خالص پنهنجي شخصيت آهي، هن جي پنهنجي ذات (Self) آهي ۽ هن جو بلڪل پنهنجو زاويه فڪر آهي، جنهن جي گَهَرن تَهن مان پچيل ۽ رچيل تخليق جنم وٺي ٿي. ’تاج‘ هڪ طرف انسان دوست شاعر آهي ته ٻئي طرف حقيقت پسند (Realist) پڻ، ليڪن انهن سڀني کان وڌيڪ هو هڪ رومانوي شاعر آهي. سندس رومانويت ۾ Humanism, Realism, Modernism, Progressive ideas, جو اهڙو ته حسين  امتزاج ملي ٿو، جو ’تاج’ کي ڪنهن به هڪ زوايه فڪر جو شاعر ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هو محض ڪارن ڪارين، ٻوڙن گونگن ۽ مزدورن جو شاعر نه آهي؛ هو حُسن جو شاعر آهي، پيار ۽ محبت جو شاعر آهي، جوان جذبن ۽ امنگن جو شاعر آهي؛ سڀ کان وڌيڪ ته هو نوجوانن جو شاعر آهي. ’تاج‘ جي رومانويت ”سه ابعادي“ (Three dimensional) آهي. سندس رومانيت عورت، انسانيت ۽ محروميت جي گرد ڦري ٿي. تاج فطرت جي حسن جو پرستار ۽ شيدائي آهي، پر ورڊسورٿ (Words worth) وانگر بي جان شين جي حسن جو شيدائي نه آهي، بلڪ هو محترڪ حسن پائڻ جو جذباتي پرستار آهي. ان ڪري هو فطرت جي سموري خوبصورتيءَ کي عورت يا محبوبه جي مادي شڪل ۾ ڏسي ٿو.

تو جي وار هوا تي ڇوڙيا ـــ

ميگهه ملهار جي موسم موٽي،

چڪ ۾ پوتيءَ جي ڪُنڊ جهلي،

پير جي نَنهن سان

تو جي ڌرتيءَ کي کوٽيو

خوشبو جو ساگر ڇلڪي پيو

تو جو مرڪيو

ڌرتيءَ کان اُڀ ـــ ڪنارين موتيا مهڪيا،

چانديءَ جي جلون جو نور ٻري پيو...

(خوشبوءَ جو زهر ص 80)

ڪيئن موهينديون رنگ رنگ ساڙهيون،

جنهن کي هرکايو ڇِيٽ جي چولي.

مون سان بَس جي سفر ۾ قهر ڪيا،

جهُمڪين، دهري، نَٿ ۽ بُولي.

 

جيئن ابر آسوندَ رهي سِپ سمونڊ جي،

مون کان سواءِ هوءَ ائين تڙپندي هئي.

 

منهن جي اڱڻ اچي هُو جڏهن سهڙندي هئي،

خوشبو ڳلي ڳلي ۾ پئي مهڪندي هئي.

 

ڄڻ عطر ۽ عنبير کي شرمائيندي هئي،

ڇوڙي ڪُلهن تي وار جڏهن جهومندي هئي...

 

چانڊوڪين جو روپ وٺي جرڪندي هئي،

ڪا باه لائي برف ۾ ائين ٻهڪندي هئي.

ڪو رنگ هو، بهار هئي، روشني هئي. (ص 60)

 

هن جون اکيون شراب جهڙيون اکيون،

هن جون پلڪون ڪا چيٽ جي لوري،

وار ڄڻ اڻٽيهينءَ جي اونداهي،

هن جو چهرو زمين تي ڪو چنڊ لٿل،

هن جا چپ ڄڻ گلاب جون پتيون،

قد مانجهاندڙيءَ کي مات ڪري،

گفتگو ڄڻ ته جلترنگ وڄي،

جو هو مرڪي ته زندگي مرڪي،

موت کي چاهي جي حياتي ڏي،

هن جون اکيون شراب جهڙيون اکيون،

جي ڏسي ڪوئي مست مست ٿئي،

بن پيئڻ جي ڪوئي ڳائي ۽ جهومي.

 

ڪنهن جي بدن جي سهاڻ،

ڇا منڊيو آ مانڊاڻ،

وار ڦڳڻ جون راتيون،

چهرو چوڏهينءَ چانڊاڻ،

اڄ ته سڃاڻي به نه ٿي،

ڪالهه هئي جا مون ساڻ.

’تاج‘ جي رومانيت جو امتيازي پهلو هيءُ آهي ته هن جي رومانيت ٻين وانگر تخيلي نه آهي، ليڪن تخليقي ضرور آهي. ’تاج’ جي رومانوي دنيا حقيقت سان تعلق  رکي ٿي. هن جي محبوبه ڪا اپسرا يا جل ــ ديوي (Nymph) نه آهي، بلڪ اها هن دنيا جي جيئري جاڳندي حقيقت، حسن و لطافت جو مرصع ’عورت‘ آهي، جنهن جي هٿن جي چوڙين جي کنکناهٽ، وارن جي عطربيز خوشبوءِ، ڳلن جي لالاڻ، جا چهري جو نور آهي، قد مانجهادڙيءَ وانگر ڊگهو ڊگهو ۽ وڻندڙ آهي، اک مَئه جو پيالو آهي، بلڪه جنهن جو انگ انگ نسواني حسن جو شاهڪار آهي. هن جي رومانيت ۾ گهمندڙ ڦرندڙ پيڪر جو عڪس آهي. ’تاج‘ خلائي رومانيت کي زمين آشنا ڪيو آهي ۽ اسان کي انسان جي متنوع ۽ بيڪران حسن ڏانهن متوجه ڪيو آهي. تاج جي رومانيت تي عورت جو مادي پيڪر ايترو ته غالب پيل آهي، جو زندگيءَ کي به خوبصورت ۽ سينگاريل عورت جي روپ ۾ ڏسي ٿو، نه صرف ايترو بلڪ هو زندگيءَ کي به عورت وانگر ماڻڻ ۽ چوڙڻ جو خواهشمند آهي. عورت جي حسن و جمال ۽ ٺٺ ٺانگر جي جذبي جي غلبي ڪري، ڪٿي ڪٿي سندس شاعري ۾ فرائڊ واري رومانيت (Fruadian Romanticism) جو عڪس جهلڪي ٿو.

روز ساڙهيون ٿي نيون بدلائي،

هن جي چپڙن تي نوان رنگ رچن

هن جي پلڪن تي ڇمر ڀي گهايل

نيڻ ميخاني جون ماٽيون گهاٽيون،

هٿ مينديءَ ۾ رتل،

۽ نئين ڪنوار جيان،

روز پازيب نوان ٿي پائي

ڇير ڇمڪائي جڏهن؛

هار سينگار ڪري ٿي نڪري

جنهن به محفل ۾ وڃي،

پنڊپاهڻ ٿي پون ٿا ماڻهو

۽ جي مُرڪي ته وري ساهه کڻن ٿا ماڻهو

هڪ ڪري هن جي بدن جو جادو

سڀ کي خوشبو جي زهر ۾ جڪڙي

اهڙو زهر آب ڪري ٿي تخليق

جيڪو پيئي سو جيئي

هن جي جذبن کي جو سمجهي ڄاڻي

هن جي جوڀن کي جو چوڙي ماڻي،

هوءَ رڳو آهه انهيءَ جي سانئڻ،

هوءَ رڳو آهه انهيءَ جي سانئڻ.

جيئن ته مان هن کان اڳ ۾ به اهو ذڪر ڪري آيو آهيان ته ’تاج’ پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي مجرد عورت جي حيثيت ۾ يعني محبوبه جي حيثيت ۾ به رچيو آهي ۽ ان کي علامت طور (Symbolize) به ڪم آندو آهي. اچو ته هن نظم جون چند سٽون ڏسون:

ٺٺ ٺانگر ساڻ تو شادي ڪئي،

گهر وسايئي ــ

ڪار، بنگلو، هر خوشي تنهنجي غلام

تنهنجو سوشل اسٽيٽس

هر گهڙي توکي سلام

اوچي طبقي جون سموريون بيگمات

رشڪ سان توڏي تڪيو، کاميو وڃن،

تنهنجون انڊلٺ رنگ جهڙيون ساڙهيون،

مئچ ڪندڙ پرس پئسن سان ڀريل

خوبصورت سئنڊلن جا ڪيئي جوڙا ـــ

قيمتي سڀ ڳهه ڳٽا ۽ زيورات

هڪ جهڙي زندگي،

بند سوچن جو سمورو سلسلو ـــ

[چند لائينون رهايل]

تون جڏهن چپ چاپ مون ڏي،

پيار جون نظرون کڻي،

ائين نهارندي هئينءَ

ڄڻ ته منهنجا گيت ۽ سارا غزل

ها لکيل تنهنجي لئه

ياد اٿيئي ياڪ سڀ وسري ويئي؟

هاڻ جڏهن مڙس تنهنجو ـــ

پيگ پي مست ٿي

گيت جي منهنجا ئي ڳائيندو رهي

تنهنجو ڪهڙو حال ٿيندو آ پرين،

تنهنجو ڪهڙو حال ٿيندو آ پرين.

اڃان به اچو ته ان ساڳئي نظم جون اختتام واريون سٽون ڏسون:

گيت وايون، نظم ۽ دوها،

منهنجو سرمايو سڄو،

تنهنجي نظرن جا ڪنول

منهنجا غزل

وقف آهن ساڳي مقصد واسطي،

ساڳيو منهنجو آدرش

ساڳيو جيون

ساڳيو منهنجون عام واريون حالتون،

تو به ماڻي زندگي،

۽ مون به چوڙي زندگي.

’تاج‘ هن نظم جو ڪلائيميڪس ڪيڏو نه خوبصورت ڏيکاريو آهي. ذرا لفظن تي غور ڪريو ته شاعر جو انتخاب ڪيڏو نه جاندار آهي. شاعر ’ماڻڻ‘ ۽ ’چوڙڻ‘ جهڙا عام لفظ ڪتب آڻي، انهن ۾ هڪ مڪمل تصور (Concept) ڀري ٿو. هتي اِهي ٻئي لفظ، جن جي معنيٰ ۾ ڪو ايڏو فاصلو ڪونه آهي، تن کي شاعر جاندار بڻائي ڇڏيو آهي. هن شعر ۾ اِهي ٻئي لفظ هڪ مڪمل (Concept) جي نمائندگي ڪن ٿا.

’تاج‘ بلوچ عورت جي حسن جي واکاڻ اهڙي ئي ملائم انداز ۾ ڪري ٿو، جو سندس شعر ۾ پُراسرار غنايت پيدا ٿي پوي ٿي. سندس جذبات جي تيزرو، تنهائين جي پيڙا، جدائيءَ جو درد اهڙي موسيقيت پيدا ڪري ٿو، جيڪا لفظن جي نرم نازڪ فنڪارانه استعمال، مترنم بحرن جو انتخاب، لفظن جي آهنگ ۽ مصرعن جي توريل تڪيل ترتيب مان پيدا ٿئي ٿو ۽ هو ڏسندي ڏسندي نوجوانن جو شاعر بنجي وڃي ٿو. اها خوبي سندس واين، گيتن، نظمن، آزاد نظمن ۽ غزل مطلب ته هر صنف ۾ نمايان ۽ نشانبر نظر اچي ٿي.

اسان اڳ ۾ چئي آياسون ته ’تاج‘ بلوچ ڪنهن مخصوص زاويهء نظر جو شاعر نه آهي، بلڪ هن جي شاعريءَ جا مختلف پهلو آهن. اهڙيءَ طرح هو ڪنهن هڪ ۽ صرف هڪ صنف کي رچيندڙ شاعر نه آهي. ان ڪري کيس صرف ۽ صرف غزل جو شاعر سڏڻ، سندس شاعريءَ کي سيل مهر ڪرڻ برابر آهي. ’تاج‘ جاندار غزل ته چيائي آهن، پر وايون، گيت ۽ نظم به سندس قادرالڪلاميءَ جو دليل آهن. ائين کڻي چئجي ته ’تاج‘ جي شاعريءَ ۾ صنفي لحاظ کان هڪ خوبصورت توازن موجود آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪو اڪثر شاعرن ۾ عدم پيدا آهي. ’تاج‘ اهڙا ته غزل لکيا آهن، جيڪي بلاشڪ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ خوبصورت اضافو آهن، ’تاج‘ جا غزل عموميت ۽ آفاقيت جي صحيح احساس ۽ گهري شعور جو نتيجو آهن، جو هو شعر جي جادو ۽ غزل جي سحر تي ايمان رکي ٿو. شعر ۾ اهو جادوئي تاثير پيدا ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه نه آهي. ان لاءِ رياضت، طبع جي موزونيت ۽ ٻيا ڪيترائي لوازمات آهن، جن کي پوري ڪرڻ کان سواءِ سٺو شعر ڪڏهن به چئي نه ٿي سگهي. ’تاج‘ جا غزل اهڙا شاهڪار آهن، جن ۾ رومان، غمِ حيات ۽ غمِ دوران  جي حسين امتزاج، کين وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. هونئن به زندگيءَ جي هر دور ۾ شاعريءَ ۽ غم جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو ناتو رهيو آهي. شاعريءَ سان غم ۽ غم سان شاعري لاڳاپيل آهن. هيءُ غم شاعري ۾ پنهنجو پاڻهي پيدا نه ٿو ٿئي، بلڪه زماني جي حالتن ۽ ماحول جي ڪڙاڻ تحت پيدا ٿيندڙ جذباتي ۽ ذهني ڪيفيت، گهڻو ڪري اهڙي غم کي وجود ۾ آڻي ٿي. اهو غم ڪو اضطراري غم نه آهي، پر ان جا ڪي محرڪات ٿين ٿا؛ جن جي نوعيت سماجي ۽ معاشي آهي. ان ڪري غم کي غمِ دوران سان تعمبير ڪيو وڃي ٿو. ’تاج‘ جي شاعريءَ م رومان ۽ زندگي ۽ غمِ دوران گڏجي اهڙي ته لطيف ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ’تاج‘ جي شاعريءَ جو ئي حصو آهي ۽ اها ڳالهه کيس ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي ته سندس غزل جا ڪجهه بند کڻي ڏسون:

حسرتون، درد، لڙڪ ۽ آهون،

ڪو اسان جي به دل ته ڇاڇولي،

چوطرف آهي ٻاٽ اونداهي،

پوءِ به ڪوئي روشني ڳولي،

ڪافي هائوس، ميڪدو يا ڪلب،

ٻي طرف ڪونه ’تاج‘ کي ڳولي.

 

زخم هڪڙو ڪو هجي سو چيٺيان،

آءٌ ساروئي ڦٽيو پيو آهيان،

جنهن ۾ آواز نه ڪا موسيقي،

اهڙو خاموش مان سڏڪو آهيان.

 

بند ڀڳو لڙڪن جو،

خواب لڙهي ويا آهن،

”تاج“ نڌڻڪو ڄاڻي،

دوست رُسي ويا آهن.

 

زندگي کي نئون ڪو روپ ڏيون،

ڏينهن کهرا جبل جيان آهن،

جيڪي طوفان باهه جا آيا،

منهنجي پلڪن تي جل جيان آهن.

غمِ دوران ۽ غمِ زندگيءَ جي موضوع تي ’تاج‘ پنهنجي غزلن ۾ تمام گهڻو چيو آهي ۽ اهڙا اڻمٽ نقش چٽيا اٿس، جيڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي سيني تي چنڊ وانگر چمڪندا رهندا. اچو ته هي سٽون ڏسون:

ڪيڏانهن اڏاڻي خوشبو،

اجڙيل گهر، گل ۽ گلدان،

پنهنجي ئي من ـــ پيڙا ۾،

ڏک آهي مري ويو انسان.

ڪنهن انگريز نقاد سچ لکيو آهي ته رومانوي شاعر جو پنهنجو جهان آهي، جنهن کي هو پنهنجي Feelings جي حوالي سان ڏسي ٿو.

“The romantic poet is his own Universe, the world for him is either rerjected or as unreal in favour of some phantam world, or is identified with the poet`s own feelings.”

’تاج‘ جو غمِ دوران به زياده تر انفراديت جو آهي، ليڪن ان ۾ حسبِ دستور اجتماعي غم جي به چڱي خاصي جهلڪ موجود آهي. اهو غم، ياس ۽ محرومي ڪجهه تاج جي پنهنجي طبيعت جو جزو آهن ۽ ڪجهه معاشري جو. تاج مسرتن ۽ ولولن جو ڪوڏيو آهي، هو پنهنجي زندگي ۾ وڌ ۾ وڌ مسرتون ۽ خوشيون ماڻڻ ٿو چاهي ۽ اڪتسابِ لذت کي سڀڪجهه سمجهي ٿو. ليڪن سماجي ۽ معاشي حالات سازگار نه آهي. زماني جي گردش سان گڏ تاج جي قسمت به گردش ۾ رهي آهي. مهانگائي، مفلوڪ الحالي، آمدنيءَ جا محدود ذريعا ۽ مواقع جي ڪمي، سڀ سندس تعيش پسندي ۽ تلذذ پسنديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هو جنهن شيءِ جي تمنا ڪري ٿو سا کيس حاصل نٿي ٿئي ۽ هو غمِ محرومي جو شڪار ٿي وڃي ٿو، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ قنوطيت ۽ غم پرستيءَ جا عنصر نمايان نظر اچن ٿا. ليڪن غمِ زندگيءَ سندس شاعريءَ کي اهڙو ته رچيو آهي، جو هو پنهنجي دور جي نمائنده شاعر جو درجو حاصل ڪري ويو آهي.

’تاج‘ ڪيئن تڙپي سگهي ٿو، سو پرائي درد تي؟

پنهنجي هستيءَ کان ئي ناهي جنهن کي آزادي ملي!

’تاج‘ جي غزلن ۾ نهايت ملائم ۽ نفيس رنگِ تغزل بدرجهء اتم موجود آهي. سندس غزل پڙهي ماڻهوءَ کي سرور حاصل ٿئي ٿو، ۽ دل گنگنائڻ ٿي لڳي، ڇاڪاڻ ته غزل ۾ قاريءَ کي ريجهائڻ واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ هڪ اهڙي شاعر جو ڪم آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ ساحري هجي. ’تاج‘ سچ پچ غزل چوڻ ۾ ساحري ڪري ٿو. اچو توهان پاڻ فيصلو ڪريو:

هن بسنتي لباس ڇا پاتو،

اک اک ۾ کڙيا بهار جا رنگ.

گل هوا جي صليب تي لڙڪي،

ڇا نه بخشي ويا قرار جا رنگ.

تون نه آهين ته منهنجي جانِ غزل،

اوپرا ٿا لڳن بهار جا رنگ.

تاج تشنه لبي ڇڏيو ماري،

ورنه ڏسجن ها باده خوار جا رنگ.

اچو ته ننڍڙي بحر ۾ لکيل هن غزل جون چند مصرعون ڏسون:

سڀ وساري ڇڏيون،

آءُ هڪ ٿي وڃون.

 

هو نه پرچي ته ڇا؟

هن کان وڇڙي وڃون!

 

پاڻ وٽ دل ئي دل،

ڇا ڏيون ڇا وٺون.

 

سونهن ڪمزوري آهه،

تاج ڪاڏي وڃون.

’تاج‘ پنهنجي غزلن ۾ نيون تشبيهون، نوان خيال ۽ نوان لفظ اهڙيءَ طرح ته ڪم آندا آهن، جو حيرت وٺيو وڃي. تاج جي غزل ۾ شعريت، تغزل کان سواءِ نغمگي جو پڻ زور آهي. ائين ٿو لڳي ته ڄڻ تاج ڪومل ڪومل ۽ سندر سندر لفظن جي گلابن کي پوئي هڪ هار ٺاهيو آهي. سندس غزلن ۾ جادو جهڙو اثر آهي، جن ۾ انوکا خيال ۽ اڻ ڏٺل جذبا تڙپي رهيا آهن:

مان ته ويس پئي الائي ڪيڏانهن؟

تنهنجي در تي اچي پهتو آهيان.

 

فرش تي ٻار ڪڍيا جي ليڪا،

آنءُ بي نانءُ سو جذبو آهيان.

 

جنهن ۾ نفرت جا وڌا ويا سڪا،

مان اهو پيار جو ڪشتو آهيان.

 

زخم هڪڙو ڪو هجي سو چيٺيان،

آنءُ ساروئي ڦٽيو پيو آهيان.

 

هن اچڻ لاءِ چيو ڀي ناهي،

پوءِ ڇو راهه ۾ بيٺو آهيان.

 

ڪنهن جي يادن جا اٿم ساڻ هجوم،

ڪيئن چوان تاج اڪيلو آهيان.


[1] . مهتممي نوٽ. ماهوار ”سنڌو“ شڪارپور، مئي 1932ع، ص 80.

[2] . پندرهن روزه ”پيغامِ اسلام“ شڪارپور، ايڊيٽر: محمد عبدالڪريم چشتي، 28 جولاءِ 1933ع، ص 11.

[3] . ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال 1977ع، ص 56.

[4] . ’اوج‘ شفيع احمد علوي، مضمون ”سنڌي ادب جي سال 52- 1951ع جو جائزو“ ماهنامه ”نئين زندگي“، سيپٽمبر 1952ع ، ص 12.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com