’تاج‘ جا نظم به شاهڪار آهن، هن انهن ۾ نهايت
طاقتور
Imagery
علامتن، مترنم لفظن ۽ بي پناهه ردِم جي ذريعي جان
وجهي ڇڏي آهي.
“If
the poetry is intuition and expression, the
fusion of sound and imagery, what is material
which takes on the form of sound and imagery? It
is the whole man; the man who thinks and wills,
and loves, and hates, who is strong and week,
sub- lime and pathetic, good and wicked, man in
the exaltation and agony of living, and together
with the man, integral with him, it is all
nature in its perpetual labour of evolution. But
the thoughts and actions and emotions of life,
when sublimated to the subject matter of poetry
are no longer the thought that Judges, the
action effectually carried out, the good and
evil, or the Joy and pain actually done or
suffered. They are all now simply passions and
feelings immediately assuaged and calmed, and
transfigured in imagery. That is magic of
poetry.”
۽ ’تاج‘ پنهنجي شاعريءَ ۾ اهو
magic
پيدا ڪيو آهي.
’تاج‘ پنهنجي نظمن ذريعي جيڪي
Communicate
ڪري ٿو، تنهن تائين پهچڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه نه
آهي. مثلاً سندس نظم ’زندگيءَ کي فنا ناهي‘ ۽
’ادارڪ‘ وغيره ڪيڏا نه اونها آهن، جن جي پاتال
تائين پهچي معنيٰ جا موتي آڻڻ آسان ڳالهه نه آهي ۽
ان لاءِ ڪتاب درڪار آهن. سندس نظمن مان رڳو ’درد
جو انگاس‘ ئي ڏسو: هن نظم ۾ ’تاج‘ جي سامهون
زندگيءَ جي متحرڪ، غير فاني ۽ جامع هئڻ جو مسئلو
آهي، جنهن کي هو شعوري طور حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل
لڳي ٿو، جڏهن هو ان پيچيده (Complex)
صورتحال ۾ منجهي پوي ٿو، تڏهن هو پاڻ کي پنهنجي
ذات ۾ محدود ڪري ٿو. هتي شاعر جيڪا ’ذات جي قيد‘
واري علامت ڏيکاري ٿو، سا ڪيترن ئي طريقن ۾ پاڻ کي
ظاهر ڪري ٿي. هتي شاعر پاڻ کي ’انسانيت‘ (ماڻهو)
جو نمائندو سمجهي ٿو ۽ سچ به ائين ئي آهي.
“The humanist poet is nucleus of his world, the
focus of intelligence and intellectual progress.
هو ٻاهرين دنيا کي وحشت ۽ بربريت سان ڀريل ڏسي، انسانيت جي قيد
کي ئي پاڻ لاءِ ترجيح ڏئي ٿو ته جيئن هو ٻاهرين
دنيا جي مروج نظام کي تهه و بالا ڪرڻ لاءِ ڪو
مضبوط هٿيار هٿ ڪري سگهي. هو زندگي کان منقطع ٿي
ذات جي آغوش ۾ پناهه وٺي مڪمل آرام ڪرڻ گهري ٿو،
اِن لاءِ ته جيئن هو مزاج جي مڪمل ڪيفيت مان ڪا
طلوع ٿيندڙ سراسر روشني، خير ۽ صداقت پيدا ڪري
سگهي. هيءَ ’ذات جي قيد‘ ۾ رهڻ وارو مسئلو مذهب ۾
به اهم آهي ۽ قلب ماهيت لاءِ ضروري آهي. اهو ساڳيو
مسئلو اڄڪلهه نفسيات جو موضوع بحث پڻ آهي. نفسيات
وارن ان کي
The night journey جو نالو ڏنو آهي. شاعر جي زندگي، جيڪا اگرچه تنها آهي، ليڪن
ٻاهرين شر سان ڀريل دنيا، جنهن ۾ فساد، پاپ، ظلم،
دهشت، بربريت، افلاس، حق سلبي، زبان بندي، خود
نيلامي ۽ روپ بهروپ شامل آهن، ان کان چڱي آهي. ان
ڪري هو ذات جي قيد مان نڪري سستو ٿيڻ يا پنهنجي
خودداري يا پنهنجي منصبِ انسانيت تان هيٺ لهڻ نه
ٿو گهري يا بهروپيو ٿيڻ نه ٿو چاهي. جيڪو يقيناً
سندس ذات جي آدرش جي خلاف آهي. اڄڪلهه جي جديد
شعرا حضرات جي اڳيان اهو ئي اهم مسئلو آهي. مغربي
نقاد ان جي نشاندهي هن ريت ڪن ٿا:
“The modern poet is before all things honest. He
does not write for fame, nor for money, he would
be disappointed if he did. He merely writes to
vent his own bitterness, his own sense of
disparity between the ugliness of the world and
the beauty of the world that might be. He is
trapped in a mechanical Civilization. Every
where about him are steel cages and grinning
futile faces of slaves. There is no beauty in
the characteristic product of age-machinery;
that is sentimental notion. There is no beauty
in anything rational only, at the best, the
harmony of numbers. Beauty emerges from the
unknown, often from the insane. It may be a
combination of objective facts, but it is
generally an irrational and unforeseen
combination. It may inhabit the sphere or
intelligence, but control intelligence. It is the
pattern of intelligence but not intelligence
itself.”
’تاج‘ وٽ احترام ذات آهي. هن کي خبر آهي ته شخصيت
ڪيترين ئي خوبين جي مجموعي تي مشتمل آهي، جن مان
ڪنهن به هڪ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ شخصيت جو
هر جزو ايترو ئي قابلِ احترام آهي، جيتري ذات آهي.
ان ڪري ’تاج‘ پنهنجي ذات يا شخصيت جي قرباني ڏيئي،
زماني جي لذتن لاءِ سازبان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
هو تيستائين خارجي دنيا جي ڪنهن به پهرويئي سان
ملڻ لاءِ تيار نه آهي، جيستائين هو پنهنجي ذات جي
بند خول کان ٻاهر نه ٿو اچي، يعني مصنوعي روپ کي
خيرباد چئي، حقيقي روپ اختيار ڪري، سچائي ۽ صداقت
جو نمائندو ٿي اچي ۽ ڪو اعليٰ آدرش کڻي اچي ته
پوءِ ئي ان سان ملاقات ممڪن آهي. ’تاج‘ هڪ اهڙو
شاعر آهي، جيڪو تاريخ جي ڪرب کان آگاهه آهي ۽
معاشري جي اونچ نيچ ۽ ان جا مغلظات کيس پنهنجي
لائحه عمل متعين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته
هو جڏهن پنهنجي داخلي دنيا کان ٻاهر خارجي دنيا ۾
ليئو پائي ٿو ته کيس رنج والم کان سواءِ ڪجهه نظر
نه ٿو اچي. هربرٽ ريڊ (Herbert Read)
جديد شاعر جو قيود و متناهيات متعلق لکندي چوي ٿو:
“Today the poet could only gain the conditions
of contemplation by renouncing civilization by
retiring to hermitage or a desert Island. To be
part of our civilization is to be a part of
ugliness and hast, and economic barbarism. It is
to be a butterfly on the wheel.
اِن ڪري ’تاج‘ به ٻين جي واٽ وٺڻ بجاءِ پنهنجي
واٽ تلاش ڪري ٿو. سندس نظم ”پڌرنامون“ اهڙي بغاوت
جو اعلان آهي. ان مان معلوم ٿيو ته هو پنهنجي لاءِ
اهڙا آدرش چونڊڻ چاهي ٿو، جيڪي ٻين کان قطعاً
مختلف هجن يعني هو موجوده معاشري ۽ تهذيب جون
اکيون ٻوٽي مقلد ٿيڻ نٿو گهري، ڇاڪاڻ ته هر وڏو
شاعر ڪنهن تاريخي لهر يا دور جو محتاج نه هوندو
آهي ۽ نه ئي سندس فني علويت ۽ ارتقا ۾ ڪو ان دور
جو هروڀرو ايڏو حصو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن
ائين هجي ها ته پوءِ انساني تاريخ ۾ ڪي اهڙا دور
به گذريا آهن، جن جو سماجي
Impact
ته تمام وڏو آهي، ليڪن ان دور جي ادبي اوسر ۾ ڪابه
اهميت ڪانه رهي آهي. مثلاً سنڌ جي تاريخ ۾ ارغونن
۽ ترخانن جو دور اهڙو گذريو آهي، جنهن جا پنهنجا
سماجي (Social
Implications)
اثرات ته آهن، پر ان ۾ ڪو قابل ذڪر ادب پيدا نه
ٿيو آهي يا اسان جي ويجهڙ واري دور ۾ صنعتي انقلاب
جو مثال وٺو، بادي النظر ۾ صنعتي انقلاب جو ڪيڏو
نه ڏهڪاءُ آهي، جنهن روزمره جي معاشي زندگيءَ کي
لوڏي ڇڏيو آهي، مگر ادب ۽ آرٽ ۾ اهڙو Phase
شاذو نادر ملندو، جنهن ۾ ان جو
ڪو ايڏو وڏو اثر ٿيو هجي. البت ڪي اڻ ٽر تبديليون
وري صنعتي انقلاب جي ڪُک مان پيدا ٿيندڙ سماجي
انقلاب ۽ ان کان بعد سائنسي تحريڪ (
Scientific movement)
جي ڪري آيون آهن. ان ڪري ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه
ٿيندو ته تاج برابر ون يونٽ واري دور ۾ اڀريو آهي،
پر هو ان جي سڌيءَ طرح پيداوار
Product
نه آهي. جيڪڏهن ون يونٽ واري گهل سنڌ صوبي کي نه
وڪوڙي ها ته به هو ايڏو ئي شاعر هجي ها، جيڏو هُو
اڄ آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته تاج ڪو
سياسي اٿل پٿل جو محتاج نه آهي. ڇاڪاڻ ته سياسي
اٿل پٿل جي پيداوار وارا شاعر پروپئگنڊا جو شڪار
ٿي، ان دور سان مخصوص ٿي ويندا آهن ۽ انهن جي
سڃاڻپ ان دور جي سياسي اٿل پٿل جي حوالي سان ئي ٿي
سگهندي آهي. پر تاج جيئن ته مستقل اقدار جو شاعر
آهي، ان ڪري هن جي شاعري ڪنهن دور سان مخصوص نه
آهي. مشهور نقاد هربرٽ ريڊ به تقريباً اهڙي ئي
ڳالهه چئي آهي:
“Art transcends the conditions that create it,
and cannot therefore be explained by those
conditions.
“The poet is not a direct product of civilization. It can not
maintained that the greater the civilization,
the greater will be its poets.”
”ترقي پسند تحريڪ“ جيئن آءٌ منڍ ۾ لکي آيو آهيان
ته ”بالشويڪ انقلاب“ جي اثرات جو سڌو سنئون نتيجو
آهي. ”بالشويڪ انقلاب“ مارڪسزم جو پيدا ڪيل ٻچڙو
آهي. مارڪسزم (Marxism)
جو بنياد جدلياتي ماديت
(Dialectical Materialism)
تي آهي، جنهن ۾ طبقاتي ڪشمڪش تي يقين رکيو وڃي ٿو.
ڪارل مارڪس ۽ اينگلز مطابق انساني سماج جا مختلف
نمونا ان ملڪ جي اندر ڪنهن مخصوص دور ۾ رائج
پيداوار جي طريقن ۽ ورهاست مان اڀرن ٿا، جيڪي
سياست، قانون، مذهب، فلسفي، ادب ۽ آرٽ تي محيط
آهن. خود اينگلز وضاحت ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
“These departments, all react upon one an other
and upon the economic base. It is not ghe case
that economic situation is the sole active cause
and everything else only a passive effect. But
there is a reciprocal interaction within a
fundamental economic necessity, which in last
instance always asserts itself.”
”ترقي پسند ادب“ جو موضوع بلاشڪ ”اشتراڪيت“ آهي.
”ترقي پسند ادب“ جي حوالي سان اشتراڪيت هڪ
فلسفيانه نظام به آهي ته هڪ اقتصادي طريقو، جنهن
جا آدرش ۽ اصول نرالا آهن. ’ترقي پسند اديب‘
اشتراڪيت کي وڏي پس منظر (Wide perspective)
۾ ڏسن ٿا، جنهن جو بنياد ”موقعن جي هڪجهڙي فراهمي“
۽ ”ٻئي جي محبت مان ناجائز فائدو حاصل نه ڪرڻ“ جي
اصولن تي ٻڌل آهي. ترقي پسند حضرات انساني سماج ۾
هر شيءِ کي معاشي زاويهء نگاهه سان ڏسن ٿا. هنن جي
خيال موجب ادب، اخلاقيات، سياست ۽ مذهبيات وغيره
سڀ اقتصادي تعبير جا محتاج آهن. جيتوڻيڪ بورزوائي
اديب به معاشي مسئلي کي گهٽ اهميت ڪونه ٿا ڏين،
ليڪن بورزوائي ۽ ترقي پسند اديبن ۾ بنيادي طور
زاويهء نگاهه جو فرق آهي. هنن ٻنهي وٽ ترجيح ۽
توجيهه جو فرق آهي. سرمايدارانه ادب ۾ بورزوائي
اديب مزدورن جي حقن جي مقابلي ۾ سرمايدار جي
اختيارن ۽ پيداوار ۾ بي تحاشا اضافي جي ڳالهه ڪن
ٿا، پوءِ ان لاءِ سندن توجيهه وطن ۽ قوم جو حوالو
به ٿي سگهي ٿو. پر ترقي پسند اديب هر حالت ۾ ۽ هر
حوالي جي باوجود مزدورن جي حقن جي حمايت ڪن ٿا. ان
ڪري ترقي پسند اديب ”ادب براءِ ادب“ ۽ ادب جي خالص
جمالياتي نظرين جي مخالفت ڪن ٿا. سندن نقطهء نظر
موجب اهي شيون ادب ۾ ”آفيم“ آهن، جنهن سان محنت
ڪندڙن جي ذهن کي اقتصادي مسئلن کان موڙيو وڃي ٿو.
هندستان ۾ جڏهن ’ترقي پسند مصنفن جي انجمن‘ جو
بنياد رکيو ويو ته انهن پنهنجي ابتدائي منشور ۾
ترقي پسند ادب جي پڻ وضاحت ڪئي:
”اِس وقت هندوستان مين انقلابي تبديليان رونما هو رهي هين...
پراني تهذيبي ڍهانچون ڪي شڪست وريخت ڪي بعد سي
ابتڪ همارا ادب ايڪ گونہ فراريت ڪا شڪار هي...
هندوستاني اديبون ڪا فرض هي ڪ وه هندوستاني زندگي
مين رونما هوني والي تبديليون ڪا ڀرپور اظهار
ڪرين، اور ادب مين سائنسي عقليت پسندي ڪو فروغ دين
جس سي خاندان، مذهب، جنس، جنگ اور سماج ڪي باري
مين رجعت پسندي اور ماضي پرستي ڪي خيالات ڪي روڪ
ٿام ڪي جا سڪي. ان ڪا فرض هي ڪه وه ايسي ادبي
رجحانات ڪو نشو و نما پاني سي روڪين جو فرقه
پرستي، نسل، تعصب اور انساني استحصال کي حمايت
ڪرتي هين... هم چاهتي هين ڪه هندوستان ڪا نيا ادب
هماري زندگي ڪي بنيادي مسائل ڪو اپنا موضوع بنائي
ـــ يه بوک، پياس، سماجي پستي اور غلامي کي مسائل
هين. هم ان تمام آثار ڪي مخالفت ڪرين گي جو همين
لاچاري، سستي اور توهم پرستي ڪي طرف لي جاتي هين.
هم ان تمام باتون ڪو جو هماري قوت تنقيد ڪو
ابهارتي هين اور رسمون اور ادارون ڪو عقل ڪي ڪسوٽي
پر پرکتي هين، تغير اور ترقي ڪا ذريعه سمجهه ڪر
قبول ڪرتي هين.“
’تاج‘ پاڻ کي ترقي پسند سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، ليڪن هن جي
ترقي پسندي ادب جي دائري تائين آهي. ڇاڪاڻ ته هو
ترقي پسنديءَ جي معرفت سياست جي يرقان زده فضا ۾
داخل ٿيڻ پسند نٿو ڪري. هو ادب کي محض اشتراڪيت ۽
مارڪسزم جي جڙتو اصولن تي پڻ هلائڻ جو حامي نه
آهي. ڇاڪاڻ ته ادب هڪ اهڙو ميدان آهي، جنهن لاءِ
مارڪس ۽ اينگلز به ڪي مجرد اصول ڪونه گهڙيا آهن ۽
نه ئي هو ٻيئي ادب کي مارڪسزم جي ٺيٺ ۽ جامع اصولن
تي هلائڻ جا حامي آهن. ان ڪري ’تاج‘ پنهنجي
شاعريءَ کي سستي شهرت يا ٺلهي نعريبازيءَ جو ذريعو
ناهي بڻايو. هن خواهمخواه ترقي پسنديءَ کي ٺونسڻ
لاءِ اخلاقيات يا مذهب کي گنديون گاريون نه ڏنيون
آهن ۽ نه وري انتها پسند سياست جو شڪار ٿيو آهي.
مطب ته ’تاج‘ هڪ اهڙو ترقي پسند آهي، جيڪو ترقي
پسنديءَ جي اصولن کي سمجهڻ جي سگهه رکي ٿو، ان ڪري
هو ان معاملي ۾ به پنهنجي معيار تان لهي سطحيت
اختيار نه ٿو ڪري، حالانڪ اهو سندس عقيدي جو مسئلو
آهي. هن ترقي پسنديءَ کي محض فيشن طور اختيار نه
ڪيو آهي، بلڪ اها انسانيت جي پرچار ۽ حقيقت
پسنديءَ جي منزل مقصود تائين پهچڻ جو ذريعو آهي.
اهوئي سبب آهي جو هن نيشنلزم جهڙي محدود نظريه جا
جهنڊا ڪلهي تي نه کنيا ويا آهن. هو ترقي پسنديءَ
جي حقيقي مفهوم کي پائي نه سگهيو آهي. هن مريضانه
جنس پرستي ۽ لذت پسنديءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ
نه ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته کيس اها خبر آهي ته اهڙيون
سستيون شيون بهرحال ترقي پسنديءَ لاءِ هاڃيڪار
آهن. تاج پنهنجي شاعري کي ٺلهي جذباتيت کان
بچائيندي غريبن ۽ مزدورن جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس
لهجي ۾ شائستگي، حقيقت پسندي، همدردي ۽ درد سمايل
آهي.
هن ڏٻري لاش کي پوريو ڇوٿا؟
ڪفن دفن لئه تڙپو ڇوٿا؟
ڊوڙو ڇوٿا؟
هن ڏٻري لاش کي پوريو ڇوٿا!!؟
ڌرتي تنگ ــــ
لٺو، ڪورو، ڏاڍا مهانگا
ٻيڻي تنهن کان آه قبر جي کوٽائي،
قبرستان جو رستو.
ڏور گهڻو ۽ ڏاڍو اوکو!
کڻي انهيءَ کي هلندو ڪير!
قل انهيءَ تي پڙهندو ڪير!
گل انهيءَ تي چاڙهڻ خاطر
پئسو پنجڙ ڏيندو ڪير!؟
ڌپ اچي ٿي!!
پنهنجي دانوڻ ۾ جهاتي پايو،
ڪيڏا بدبودار آهيون!!
* * *
هي به مئو آ سک وگهي،
هي به مئو آ بک وگهي.
اچو ته سندس هڪ ٻئي نظم ”شاعر ۽ پتنگ“ جو ٿورو مطالعو ڪريون.
آءٌ ليڪن،
ڪنهن جي کَهُري ۽ پسيني سان ڀريل،
زخمي بدن جي ياد ۾.
جنهن جون اکيون ڄڻ ته ويران کوهه
جنهن جو چهرو زرد زرد
پيٽ سان پٿر ٻڌل
جيڪو چمنيءَ جي دونهين کي.
پاڻ ٻاري ڀي سلامت ٿو رکي،
جيڪو سونا سنگ ڌرتيءَ مان اُپائي،
پاڻ فاقا ٿو ڪڍي
جنهن جي ڏاٽي ۽ هٿوڙي تي اڃا،
زنگ ڪو ناهي چڙهيو،
جيڪو ظاهر ۾ گهڻو ڪمزور آهي پوءِ ڀي،
ڏاڍ جي اکين ۾ ٿو اکيون وجهي،
ظلم کي ڏارڻ ۽ ٽارڻ واسطي،
پنهنجي هستي کي بچائڻ ۽ مڃائڻ واسطي،
جڳ ۾ ناانصافي، ناهمواريءَ جي خلاف آهي.
رات ڏينهن هلچل ۾ جو آهي رڌل
امن جو پيغامبر،
منهنجو سو محبوب آ.
مٿئين نظم کان علاه ’خوشبوءِ جو شهزادو‘، ’دل دوزخ، دل جنت‘ ۽
’ٽريفڪ سگنل‘ وغيره م تاج جيڪو نقشو چٽي ٿو، ان تي
روشني وجهڻ لاءِ هڪ ٻيو مضمون درڪار ٿيندو. بهرحال
مٿئين نظم جي سٽاءَ تي غور ڪبو ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ
يا شاعرانه مبالغو نظر نه ايندو. اها هڪ ننگي
حقيقت آهي، جنهن کي ’تاج‘ پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪيو
آهي ۽ پنهنجي فن جي معراج تائين رسائي ڇڏيو آهي.
شاعر ’امن جو پيغامبر‘ ۽ ’منهنجو سو محبوب آهي‘ جا
جملا ڪتب آڻي نظم کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي. نظم ۾
شاعر پنهنجي طرفان نه ته ڪا تجويز (Suggestion)
پيش ڪئي آهي ۽ نه ئي جذباتيت جو اضافو ڪيو آهي،
جيڪو هڪ وڏي شاعر جو ڪم آهي. هن کي صرف ڪنهن هڪ
هنڌ جي پورهيت سان لڳاءُ نه آهي، هڪ هنڌ جي غريب
سان انس نه آهي، پر هو ته پوري عالمي سطح تي غريب
۽ پورهيت جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن جو اشارو سندس هنن
سٽن يعني
’مان جو پيغامبر،
منهنجو سو محبوب آهي.‘
مان ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جو فن مقاميت کان ماورا ۽ آفاقيت جو
حامل آهي. ان ڪري تاج جي شاعري ۾ سطحيت ۽ عاميانه
پن گهٽ آهي. ان کان علاوه جڏهن اسين سنڌي ادب جو
مطالعو ڪريون ٿا، جيڪو ون يونٽ واري دور يا ان کان
بعد وارن سالن جي پيداوار آهي ۽ ان ۾ اسان کي
سياسي نعريبازي جو غلغلو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هر شاعر ۽
اديب پاڻ کي نوجوان طبقي ۾ مقبول بنائڻ لاءِ سياسي
جوش و خروش جي لهر ۾ لوڙهي ڇڏيو ته جيئن کيس اهڙي
طبقي ۾ مقبوليت ۽ مشهوري حاصل ٿي سگهي. بلاشڪ
ڪيترائي شاعر، ان سياسي حوالي سان سنڌي زبان ۽ ادب
۾ نانءَ چڙهيا، پر سندن شاعري وقت جي لَٽَ هيٺ
لَٽجي ويئي، يعني اهڙن شاعرن جي اڪثريت پاڻ کي
سماج جي ڌارا جي حوالي ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن عوام ۾
قوميت پرستيءَ جو زور آهي ته هنن اهڙا شعر لکيا،
جيڪڏهن عوام ۾ اشتراڪيت جو يا مذهب دشمنيءَ جو يا
جنس پرستيءَ جو رجحان تيز آهي ته سندن شاعري به ان
رجحان جي پوئلڳ آهي، يعني اهڙا شاعر مرغ بادِ نما
آهن. انهن وٽ پنهنجي ذات يا پنهنجي سوچ يا ته آهي
ئي ڪانه يا اگر آهي ته پوءِ اها سستي شهرت کان
زياده اهم نه آهي. ليڪن تاج جي شاعري اهڙي ڪنهن به
فريبي يا عارضي رجحانن جي وارياسي ديوار تي بيٺل
نه آهي، جو ان کي وقت جي هوا ڊاهي کڻي ڍير ڪري. هن
وٽ سڄو ترقي پسندانه فڪر آهي، جنهن مان سندس
تخليقون جنم وٺن ٿيون. هن جي سوچ ڪا بي وزن (Weightless)
ڪک پن نه آهي. جو هوا جي جهوٽن جي رخ تي وَهي هلي.
هو پنهنجي ذات ۽ شخصيت کي بيحد اهم ڄاڻي ٿو. سندس
نظم ”درد جو انگاس“، ”پڌرنامون“ وغيره ۾ ان جو
اٻٽار آهي.
ڪنهن جو آڳو نه ڪو پيڇو آهيان،
پنهنجي اودراڪ جو سايو آهيان.
تاج جي شاعريءَ ۾ نواڻ آهي، جدت آهي، تغزل آهي ۽ ترنم آهي. سندس
”گيت“ ۽ ”وايون“ به سندس غزل وانگر منفرد آهن. هن
کي گيت ۽ وائي لکڻ جو خاص ڏانءُ آهي. جيتوڻيڪ
”وائي“ هڪ پراڻي صنف آهي ۽ ان گهاڙيٽي ۾ قديم خواه
جديد شاعرن تمام گهڻو لکيو آهي ۽ نوان نوان تجربا
۽ نوان نوان خيال آندا آهن، پر تاج ان ميدان ۾ به
ڪنهن کان پٺتي نه آهي. اگرچه تاج برابر گهڻيون
وايون نه لکيون آهن، پر جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، اهو
کيس ”وائي“ جي ميدان ۾ هڪ مقام ڏيارڻ لاءِ ڪافي
آهي. تاج، جيڪا وائي لکي ٿو، ان کي وائي جي فني
قدرن سان هم آهنگ ڪري لکي ٿو. تاج کي وائي جي فن
جي ڄاڻ آهي، ان ڪري تاج جي واين کي ڇند جي اصولن
تي تورجي تڪجي يا کڻي موسيقيت جي ماڻ ۾ ماپجي، ته
به بنهه پوريون هونديون. هتي مان سندس هڪڙي وائيءَ
مان ڪجهه بند قارئين جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪندس:
جوڀن پڪي ٻير، الو ميان،
جوڀن پڪي ٻير.
جيڪو ايندو ڪنڪر هڻندو،
ڪنهن کي روڪي ڪير، الو ميان
جوڀن پڪي ٻير!
ساڙ سڙيو آ پاڙو سارو.
پيار سان تنهن کي وير، الو ميان؛
جوڀن پڪي ٻير.
گج ۾ ساڳي بوءِ بدن جي،
ڌوٻيءَ ڌوتي مَير، الوميان؛
جوڀن پڪي ٻير.
مٿين وائي موضوع ۽ هئيت جي لحاظ کان وائيءَ جي تقاضائن کي ڪي
قدر پورو ڪري ٿي. وائيءَ ۾ ’الوميان‘ جا لفظ اسان
جي روايتي سنڌي موسيقيءَ جو آلاپ آهن. جيڪڏهن شاعر
هتي اهي لفظ منتخب نه ڪري ها ته هڪ طرف وائيءَ جو
اسلوب بدلجي وڃي ها ۽ ٻئي طرف ان ۾ اها موسيقيت به
نه رهي ها، جيڪا وائيءَ لاءِ ضروري هوندي آهي.
شاعر جي لفظي چونڊ مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هو
وائيءَ جي گهاڙيٽي جي نازڪ فني تقاضائن کان واقف
آهي ۽ هن وائيءَ ۾ انهن تقاضائن جو ڀرپور خيال
رکيو آهي ۽ انهن کي نڀايو آهي. اگرچه ’وائيءَ‘ جو
ڪينوس (Canvas)
اسلوب خواهه موضوع جي لحاظ کان ڪافي محدود آهي،
جنهن کي آورانگهڻ سان وائي وائي نٿي رهي، منهنجي
چوڻ جو مطلب آهي ته ”وائي“ داخليت جي اظهار جي
مخصوص صنف آهي، ليڪن ’تاج‘ هتي اختراع ڪندي، ۽
وائيءَ جي محدود ڪينوس کي متاثر ڪرڻ بغير
’معروضيت‘ سان آشنا ڪري ڏيکاريو آهي. مٿينءَ
وائيءَ ۾ معروضيت ۽ موضوعيت ٻئي اهڙيءَ طرح ته
نباهيل آهن جو وائي انهي جي حسين امتزاج جو هڪ
دلفريب مرقع ٿي پئي آهي. وائيءَ جي اصلوڪي انداز
کي برقرار رکندي، شاعر ان ۾ ڪيڏي نه جدت پيدا ڪئي
آهي، جنهن ۾وري رومانيت جو نرم نرم ڇهاءُ دماغ کي
مسرور ڪري ڇڏي ٿو. شاعر هن ۾ لفظ اهڙيءَ طرح ته
جڙيا آهن جو اهي موتين ـــ مالها وانگر پيا معلوم
ٿين. لفظن جي اها ترتيب ئي موسيقيءَ جي نرم سُرن
جو موجب آهي. پهرين مصرع ۾ ’جيڪو ايندو‘ ۽ ’ڪنڪر
هڻندو‘ ۾ واوَ جو ورجاءُ، لفظ ’جيڪو‘ جو ڪاف ۽ لفظ
’ڪنڪر‘ جا ڪاف سُر کي زور وٺائن ٿا. هيٺين سٽ ۾
’ڪنهن کي‘ جو ڪاف ’روڪي’ جو ڪاف ’ڪير’ جو ڪاف
مترنم سر پيدا ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح اوهان هن وائيءَ
جي آخري بند کي ڏسو، بندش ڪيڏي نه چست آهي، ان ۾
رواني آهي، پالوٽ آهي، ڪيڏو نه انوکو ۽ نئون نڪور
خيال آهي. هڪ مست بڻائيندڙ خيال آهي. حالانڪ لفظ
اهي ئي ساڳيا، عام ۽ سادا لفظ ڪتب آندا ويا آهن،
جن ۾ ڪابه تشبيهه وغيره استعمال نه ڪئي ويئي آهي.
سواءِ ڪنهن صنعتي موشگافين جي سچ پچ ته اهڙن سادن
لفظن جي ذريعي اهڙو من ـــ لڀائيندڙ خيال ’تاج‘ جي
رومانيت جي ڪمال جو دليل آهي، جيڪو شايد ئي ٻئي
ڪنهن شاعر وٽ ملي سگهي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته اهي
لفظ، انهن جو انتخاب ۽ اها ترتيب اندر جي اوت آهي،
جتي شاعر جو ذهن، خيال، روح ۽ زبان پاڻ ۾ هڪ ٿي
وڃن ٿا. (منهنجو اشارو وائي جي هنن سٽن ڏانهن
آهي:)
”گج ۾ ساڳي بوءِ بدن جي ـــ ڌوٻيءَ ڌوتي مير الو ميان“
سر جيمس اهڙي انداز نگارش لاءِ لکيو آهي:
“The truth is that the writer`s art consists
above all in making us forget that he uses
words. The harmony he seeks is a certain
correspondence between the movements of his mind
and the phrasing of his speech, a correspondence
so prefect that the undulations of his thought,
born of the sentence stir us sympathetically,
consequently the words, taken individually, no
long count. There is nothing left but the flows
of meaning which pervades the words, nothing but
two minds, without the presence of an
intermediary, which appear to viberate
sympathetically. The rhythm of speech has, then,
no other object than the reproduction of the
rhythm of thought.”
’تاج‘ نه صرف غزل، نظم ۽ وائي لکي سگهي ٿو، پر هو
’گيت‘ جو به جواڻ جماڻ شاعر آهي. ’گيت‘ ۽ ’غزل‘
موضوع جي اعتبار کان هڪٻئي جا هم شريڪ آهن. جيئن
ته ’غزل‘ ’تاج‘ جو من پسند ميدان آهي، ان ڪري تاج
جو گيت سان به اوتروئي اُنس آهي. گيت ۽ غزل ۾ حِد
فاصل صرف ’هيئت‘ ۽ ’داخليت‘ آهي. غزل خارجي ۽
داخلي ٻنهي ڪيفيتن کي پاڻ ۾ سموهي ۽ سميٽي ٿو، پر
گيت ۾ ’داخليت‘ جو عنصر غالب رهي ٿو. گيت عام جي
شاعري آهي ۽ غزل خاص جي. ’تاج‘ گيت لکڻ وقت ان جي
تاڃي پيٽي ۾ وسعت آڻي ٿو. ان ۾ رقت، ندرت،
سوزگداز، سلاست، سادگي ۽ مترنم لهرن جي رواني پيدا
ڪري ڇڏي ٿو:
منهنجون آهون واڪا،
پولارن ۾ ٻُرندا،
تو لئه مون جيڪي گيت لکيا،
سڀ ياد ڪري تون روئيندينءَ.
منهنجا قصا هوندا،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ چرچا هوندا،
ماڻهو تو کان پڇندا:
سڀ ياد ڪري تون روئيندينءَ.
صنفي لحاظ کان گيت لاءِ ڪو هڪ فارم مقرر نه آهي، ان ڪري تاج به
پنهنجي شاعريءَ ۾ گيتن جي ڪنهن هڪ فارم سان
وابستگي نه رکي آهي. هو به مختلف شاعرن وانگر ان ۾
تنوع ۽ تبديلي آڻيندو رهيو آهي. تاج مذڪوره گيت ۾
گيت ۽ نظم جون خوبيون يڪجاءِ ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اهو
تاج جو گيت جي ميدان ۾ اجتهاد آهي. جهڙيءَ طرح تاج
جي غزلن تي رومانيت جي ڇاپ لڳل آهي، اهڙيءَ طرح
سندس گيت به رومان سان ڀريل آهن. بلڪ ائين کڻي
چئجي ته غلط نه ٿيندو ته تاج نج رومانوي گيتن جو
شاعر آهي. تاج جي گيتن ۾ به سندس غزلن جو ياس ۽
محروميءَ وارو انعڪاس
(Reflextion)
صاف ظاهر آهي. سندس گيتن جو اسلوب ۽ طرزِ ادا نئون
۽ مخصوص آهي. سندس گيتن ۾ تاثير، زبان طاقتور،
منتخب ۽ رومانوي لفظن تي مشتمل آهي. هن جي گيتن ۾
انقلاب جون ڳالهيون گهٽ ۽ شباب جون ڳالهيون زياده
آهن. تاج پنهنجي گيتن کي عاميانه انداز جي بدران
ادبيت، جاذبيت، نغمگي ۽ تغزل عطا ڪيو آهي.
مجموعي طور ’تاج‘ جي شاعري ساڳي
Pattern
تي قائم رهي آهي. ليڪن ٻولي (
Diction)
تاثر، نغمگي، گهرائي ۽ گيرائي جي لحاظ کان ان ۾
ڪافي وسعت آئي آهي. سندس شاعري اڳي جي مقابلي ۾
ڪجهه مشڪل بڻجندي پيئي وڃي، جيئن ’زندگيءَ کي فنا
ناهي‘ وارو نظم وغيره ان جا مثال آهن. تاج جي
موجوده شاعري خاص نظمن ۽ نثري نظمن کي علامتي
اظهار وڌيڪ مشڪل ۽ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪو
شڪ نه آهي ته علامتي اظهار جي شدت قاري ۽ شاعر جي
درميان فاصلو وڌائي ڇڏي ٿي. خاص طور اسان جي سنڌي
ادب ۾ ته علامتي اظهار، عدم ابلاغ (Communication
gap) جو مظهر آهي، ڇاڪاڻ ته جديد تهذيب اسان جي معاشري کي اڃا ايترو
سوڙهو نه گهٽيو آهي، جو هو
Computer age
کي ڇهي رهيو هجي. ٻئي طرف تعليم جو تناسب ۽ معيار
به پورو سارو آهي. انڪري علامتي زبان تائين عام
قاري پهچي نٿو سگهي.
تاج جون شاعرانه صلاحيتون منجمد نه بلڪ متنوع رهيون آهن. سندس
شاعري رومانويت جي غلبي جي باوجود به هڪ سچي ترقي
پسند جي شاعري آهي، جنهن ۾ انسانيت پسندي ۽ حقيقت
پسندي ميڪانيڪي نه بلڪ سچن جذبن جي عڪاس نظر اچي
ٿي. تاج جيڪو ڪجهه لکيو آهي، سو مڪمل خودسپردگيءَ
جي عالم ۾ لکيو آهي. تاج پنهنجو ذهن ۽ دماغ پنهنجي
شعرن ۾ اوتي يا تحليل ڪري ڇڏي ٿو. هو پنهنجي تخليق
۾ جذب ٿي وڃي ٿو ۽ پڙهڻ کان پوءِ ائين پيو لڳي ته
سندس شخصيت جو ”تات پرج“
Extinction of Personality
ٿي ويو آهي. ليڪن اهڙين تخليقن کان پوءِ به سندس
ڏات جواڻ آهي. تاج جي شاعري صاف شفاف شاعري آهي،
جيڪا ڪنهن متجددانه تفلسف ۽ متصوفانه ابتذال کان
پاڪ آهي.
|