مقـالا
”ڀائرو! جيڪڏهن اوهان ۾ غيرت آهي، ته اُتو ــــ پنهنجي اباڻي
ورثي جي سنڀال ڪريو. جا ٻولي مخدوم ابوالحسن،
مخدوم محمد هاشم، سيد عبداللطيف ڀٽائي، بزرگ
گروهڙيءَ ۽ ٻين عاليشان هستين جي هنج ۾ پلي آهي، ۽
جيڪا لفظن ۽ اصطلاحن ۽ ٻين ڪلامي خوبين جي ڪري
ڪنهن به ٻوليءَ کان گهٽ نه پر گهڻو بلند ۽ بالا
آهي، تنهن کي اوهين نڌڻڪو ڇڏي ڏيندا؟ جنهن قوم کي
’ادب‘ نه آهي، سا اڄ ڪنهن به قطار ۾ نه آهي:
جيڪڏهن اوهان پنهنجو ادب وساريو، ته ڌوٻيءَ جي
ڪُتي وانگر نه گهر جا ٿيندا، نه گهاٽ جا! اکيون
پَٽيو، جاڳو، پنهنجو ورثو سنڀاليو، ـــ نه ته سُتت
اوهان کي پڇتاءُ جون تريون مهٽيون پونديون.“
ــــــ شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو
ٺٽي جو وجودي بنياد يا
ٺٽي شهر جو اصل نسل
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ٺٽو شهر، جيڪو هن وقت سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن ۾ هڪ ضلعي صدر مقام
آهي، سو ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيو، سا حقيقت راز ۽
اسرار جي پردن ۾ ڍڪيل رهي آهي. سنڌ جي روايتي
داستانن موجب ٺٽي شهر جو بنياد به اوتروئي قديم
آهي، جيترو قديم شهر ملتان جو. اهڙن داستانن جي هڪ
روايت موجب چئن زائفائن مان [جن چئني مان هر هڪ
اها دعويٰ ٿي ڪئي ته هوءَ ئي سڀني ۾ وڏي آهي] هڪ
چيو ته:
جڏ ٺٽي ٿي ٺاهه ڪيو، اڏيو ٿي ملتاڻ
تڏ سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي.
ٺٽي جي بڻ بنياد بابت لکيت ۾ آيل حقيقتن ۾، هڪ مبهم ۽ موهوم
خيالي اشارو امير خسرو (1255-1325ع) جي هڪ شعر ۾
ملي ٿو، جيڪو 678هه (1279ع) کان 683هه (1284ع)
دوران ملتان ۾ پنهنجي قيام واري عرصي ۾ ٺٽي ۾ آيو
ٿو ڏسجي. اهو مخصوص شعر ڪهڙي خاص تاريخ تي جوڙيو
اٿس تنهن جي پڪي خاطري ڪانه ٿي ملي، پر اندازي
موجب اهو شعر 1279ع ۽ 1325ع جي دوران ئي چيو ويو.
بهرحال هڪ ڳالهه يقيني آهي ته ٺٽي جي ابتدائي
آباديءَ وارو دور اهوئي ساڳيو آهي جڏهن سنڌونديءَ
جي وچ وارو وهڪرو تبديل ٿيو.
هي اهوئي دور آهي جڏهن سومرا خاندان جي حڪمراني زوال پذير هئي،
جنهن جو (اصل) سبب هيءُ هو جو سنڌونديءَ پنهنجي
”پراڻ سرشتي“ وارو وچون وهڪرو تبديل ڪري گهڻو
اولهه طرف مغرب وارو رخ ورتو، جنهن کي آساني خاطر
”ٺٽي وارو سلسلو“ چئي سگهجي ٿو. زوال پذير سومرا
قوم جي خوشحاليءَ جو دارومدار ئي انهيءَ پراڻ
سلسلي تي هو، جنهن ۾ (پوءِ) پاڻيءَ جي آوت گهٽ کان
گهٽ ٿيندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هنن جي طرف جي
زمينن تي فصل متاثر ٿيڻ لڳا ۽ سندن اقتصادي حالت
ڪمزور ٿيڻ لڳي. انهيءَ جي برعڪس ٻئي طرف يعني
اولهه ۾، سمن زميندارن جي زمينن کي جهجهو پاڻي
جُڙڻ لڳو. سومرا قوم جي خيرخواهن جي دلين ۾ به ٻين
وانگر اهو گمان گهر ڪري ويو ته درياءَ پنهنجو رخ
انهيءَ ڪري بدلايو آهي جو روهڙيءَ ڀرسان اروڙ وٽ
ڪو بند ٻڌل آهي، جنهن جي ڪري هاڪڙي (اُڀرندي ناري)
۾ پاڻيءَ جي آوت گهٽجي وئي آهي، تنهن سبب هو
آسروند ٿي اميدون ساري دعائون پنڻ لڳا ته شل اهو
بند ڀڄي ڀور ڀور ٿئي ۽ سومرن کي سک ۽ سڪار موٽي
ملي.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڳي ٻنڌ اروڙ
بهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
انهيءَ سان گڏوگڏ هنن عام ماڻهن کي اهو چتاءُ به ڏنو ته ڏسجو
متان پراڻ جي اوڀر وارا سومرن جا پرڳڻا ڇڏي اولهه
طرف سمن واري اراضي ڏانهن لڏي وڃي ويهو، جنهن جو
صدر مقام ننگر (ٺٽو) آهي:
متان ويجها ماڙهئا، ننگر جي آڌار
پراڻا پرار، نوان مَ اڏجو نجهرا.
انهن حوالن جي لحاظ کان ٺٽو ان وقت تائين هڪ ننڍي ڪي وڏي نگر(
يا نگري) جي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو ــ يعني ملڪ جي
گاديءَ جو هنڌ بنجي چڪو هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ نگر يا
نگريءَ جي مستند معنيٰ آهي ڪنهن رياست يا ملڪ جي
راڄڌاني، جنهن ۾ حاڪم رهندو هجي. شروع کان وٺي اڄ
تائين سنڌ جي ماڻهن عام طرح ٺٽي لاءِ هڪ مقبول ۽
مروج نالي طور ٺٽو نگر (يا ننگر) يا فقط نگر جو
لفظ پئي ڪتب آندو آهي. انهن بيتن ۾ جيڪي تاريخي
اشارا سمايل آهن تن موجب ان وقت سومرن جي حڪومت
[1050ع کان 1350ع] زوال پذير هئي، جيتوڻيڪ سندن
آخري بادشاهه اڃان به پراڻ جو دو ــــ آبي وارن
علائقن توڙي ان جي اڀرندي وارين ايراضين تي حڪومت
ڪندڙ هئا. هي دور تيرهين صديءَ جي آخر کان چوڏهين
صديءَ جو وچ تائين جو دور هو.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو آهي ته ٺٽو سنڌونديءَ جي پيدا ڪيل
بستي هئي ۽ هن سنڌوءَ جي ڪُک مان ان وقت ۽ ان حالت
۾ جنم ورتو، جڏهن ندي پنهنجو وچون پراڻ سلسلي وارو
وهڪرو مٽي گهڻو اولهه طرف ٺٽي وارو رخ اختيار ڪيو.
سنڌ جي ماڳن مڪانن جي نالن واري پس منظر جي روشني
۾ خود لفظ ”ٺٽه“ جي معنيٰ مان انهيءَ حقيقت جي
ڪافي حد تائين تصديق ۽ تائيد ٿئي ٿي.
”ٺَٽِي“، ”ٺٽ“ ۽ ”ٺٽو“، اهي ٽيئي لفظ هڪڙي ئي صفاتي معنيٰ رکندڙ
آهن، جنهن جو مطلب آهي سنڌونديءَ جي [يا ان جي
ڪنهن به دائمي وهندڙ شاخ جي] ڪناري واري آبادي
جڏهن اهڙي ڪابه بستي عارضي هوندي آهي، جنهن ۾ فقط
ماڇي مهاڻا پنهنجي مڇي جو شڪار گڏ ڪري رکڻ ۽ نيڪال
ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا هجن ته اُن آباديءَ کي مياڻي
يا مياڻ سڏبو آهي، پر جي اها آبادي جهجهي ۽ وڌيل
آهي ۽ ان ۾ مهاڻن کان علاوه هاري ڪڙمي پڻ پنهنجي
چوپائي ڳائي مال جي ڌڻن سان ٿانئيڪا آهن ته پوءِ
ٿوري مال واري وسنديءَ کي ٺَٽِي ـــ (ٺَٽِي معنيٰ
ڌڻ) ـــ ان کان وڌيڪ ڌڻ ڌنارن واري وسنديءَ کي ٺٽ
۽ اڃا به وڌيڪ گهڻي ڌڻ ڌنارن جي وسنديءَ کي ٺٽو
چئبو. اهڙا نالا فقط اهڙين وسندين تي هوندا جيڪي
لازمي طور تي مکيه درياءَ جي ڪپ تي يا ڪنهن دائمي
وسندڙ شاخ تي آباد ٿيل هجن. سنڌو ندي ۽ ان جي ڦاٽن
تي ڪيتريون ئي ٺٽيون ۽ ٺٽ (1) موجود هئا، پر تاريخ
۾ انهن مان فقط هڪ وڏي ۾ وڏي وسندي يعني ”ٺٽو“ جو
ذڪر موجود ۽ مشهور آهي.
ٺٽي جي موجوده محل وقوع يا بيهڪ توڙي ان جي چوڦير پراڻي سنڌوندي
۽ ان جي شاخن جي پاتالن جي ان سان سڌي سنئين سنٻنڌ
جي صورتحال مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ٺٽو سنڌونديءَ
جي شاخن جي وچ ۾ واقع هو؛ تنهن جي معنيٰ ته هيءَ
رستي آبڪلاڻيءَ جي موسم مئي، [جون کان آگسٽ ۽
سيپٽمبر] دوران پوريءَ طرح محفوظ رهندي هئي.
انهيءَ حقيقت جي تصديق سلطان فيروز شاهه جي ٺٽي
خلاف مهمن [1350-1265ع] ۽ ان بعد شاهه بيگ ارغون
جي هٿان ٺٽي جي فتح [1520ع] بابت تاريخ ۾ ڏنل
حوالن مان پڻ ٿئي ٿي. انهن مان سراج عفيف جي تاريخ
فيروز شاهي ۽ ادراڪيءَ جي بيگلارنامي ۾ ڏنل حوالا
ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستند آهن. ادبي لکيتن ۾
ٺٽي جو ”آب پنجاب“ [يعني سنڌوندي] ۽ ”درياءِ“
[يعني ان جي واهن يا شاخن] جي وچون وچ واقع هئڻ جو
وڌيڪ پڪو حوالو، سلطان فيروز شاهه جي دور حڪومت
(1351-1388ع) جي شاعر مطاهر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو.
اهي شعر چوڏهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي دوران چيل
آهن.
هاڻي سوال آهي ته آيا ٺَٽيءَ يا ٺٽ جي شروعاتي ننڍي آبادي مکيه
درياهه جي ڪپر تي قائم ٿي يا ان جي ڪنهن شاخ جي
مکيه وهڪرن جي پاڻ ۾ هڪٻئي سان ڪهڙي موافقت هئي؟
انهن سوالن جو جواب هٿ ڪرڻ لاءِ اسان کي درياءِ جي
بالڪل مٿي اترئين موڙ واري ماڳ توڙي هيٺئين
ڊيلٽائي وهڪري کي نظر ۾ رکي ان بدلايل رخ کي
سمجهڻو پوندو، جيڪو ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ وقوع پذير
ٿيو (يعني اهو ڏسڻو پوندو ته ٺٽي جي اوسي پاسي
واري ايراضي ۾ سنڌوءَ جي رخ بدلائڻ وقت بالڪل مٿي
ڪهڙي نقطي تي موڙ کاڌو ۽ هيٺ تي ڪهڙي ڊيلٽائي شڪل
اختيار ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سندس رخ بدليو).
انهيءَ سلسلي ۾ هيٺين مفروضن کي (جيڪي گهٽ ۾ گهٽ
ظاهر طور ڪافي حد تائين اعتبار جوڳا به آهن ۽ حسب
ضرورت دليل طور پيش ڪرڻ جهڙا به) نظر ۾ رکڻو
پوندو: (1) مکيه درياهه، موجوده نواب شاهه ۽ سڪرنڊ
تعلقن جي ايراضين ۾ ڪنهن هنڌ تي پراڻ ڏانهن رخ
رکندڙ پنهنجو اوڀر ــ ڏکڻ وارو وهڪرو مَٽي [ٺٽي
ڏانهن رخ رکندڙ] اولهه ـــ ڏکڻ طرف موڙ کاڌو؛ (2)
درياهه جي انهيءَ نئين وهڪري، يعني اولهه ــ ڏکڻ
واري وهڪري، (پهرين) شهدادپور، نصرپور ۽ ٽنڊي محمد
خان جو رخ ورتو ۽ اڳتي وري ڏکڻ ـــ اولهه طرف موڙ
کائي ٺٽي ڏانهن رخ رکيو؛ (3) درياهه، اتر ۾ چليا ۽
ڏکڻ ۾ خان سومرا ڳوٺ واري ايراضي مان ڪنهن هنڌ ان
پنهنجي مکيه وهڪري ۾ ڦيرو کائي وڃي ڏاکڻيون پاسو
ورتو ۽ اهڙيءَ ريت ٺٽي واري ايراضيءَ جي اڀرندي لڳ
ويجهو ٿي وهڻ لڳو. ڏکڻ طرف موڙ واري ور وٽان نديءَ
جي هڪ معاون شاخ کانئس ڪٽجي جدا ٿي وئي، جا بعد ۾
انهيءَ پراڻي ڪلريءَ جي خشڪ ڍوري ۾ داخل ٿي وئي
[جيڪو اسلامي دور کان گهڻو اڳ هڪ مکيه درياءَ هو]،
بعد ۾ اها شاخ اڳتي ٻن شاخن ۾ ڦٽي نڪتي. انهن مان
هڪڙي شاخ اتر ۾ مڪلي جي ٽڪرين وچان وهندي اڳتي ڏکڻ
ـــ اولهه طرف گهاري جي رخ تي وهڻ لڳي، جڏهن ته ٻي
شاخ مڪلي واري ٽڪر جي اُڀرندين ڪڇ مان ڦيرا کائي
پوءِ ڏکڻ طرف وهڻ لڳي.
سنڌونديءَ جي وهڪري ۾ انهيءَ تبديلي جي نتيجي ۾ سما قوم جا اهي
راڄ، جيڪي مڪلي واري ايراضي ۾ آباد هئا، سي جهجهي
۽ دائمي وهندڙ پاڻي مان سکيا ٿيا. سمن جي پهرين
اهم وسندي، جيڪا سندن راڄ يعني ساموئي جي نالي سان
مشهور ٿي، ۽ جيڪا سندن جاگيرداري اقتدار جو
ابتدائي مرڪز پڻ ٿي، سا مڪلي ٽڪرين جي بالڪل
اُترئين ڇيڙي وٽان وهندڙ ۽ گهاري طرف ويندڙ شاخ جي
کاٻي ڪپر (ڏکڻ طرف) تي آباد ٿيل هئي. تنهن بعد
سندن زرخيز زمينون مڪلي ٽڪرين جي اولهه طرف
وڌنديون ۽ پکڙنديون ويون. تڏهن کان ئي اهو علائقو
’سماڪي‘ (يعني سمن جو علائقو) سڏجڻ لڳو، روينيو
سرشتي جو اهو سرڪل، جنهن ۾ اها ايراضي شامل آهي،
سو اڄ تائين انهيءَ ئي ’سماڪي سرڪل‘ جي نالي سان
سڏجي ٿو. سمن جي ٻي بستي مڪلي سلسلي جي اُڀرندي ڪڇ
مان وهندڙ شاخ جي اُڀرندي (کاٻي) ڪپر تي وڌڻ ويجهڻ
لڳي. هڪ طرف انهيءَ وسنديءَ جون زمينون وڏين زرخيز
ڊيلٽائي ايراضين واريون هيون، جيڪي اُن جي اوڀر ۽
ڏکڻ ـــ اوڀر طرف پکڙيل هيون، ته ٻئي طرف انهيءَ
شاخ جي اولهائون ڪنارو مڪلي جي ٽڪري سببان پاڻي جي
کاڌ کان محفوظ ۽ مستحڪم هو، جنهن ڪري ان جا گهاٽ
ڏاڍي سهولت ۽ سهنج وارا هئا. تنهنڪري اها آبادي،
جا هونئن بنيادي طور محض هڪ مڇي مياڻ رهي ها، سا
نيٺ هڪ ٺٽي بنجي وئي ۽ پوءِ وڌي تهان وڏو ٺٽ بنجي
وئي (3). سمن حاڪمن جڏهن اهو محسوس ڪيو ته اها
صورتحال آمدرفت ۽ نقل و حمل لاءِ وڌيڪ سنائي ۽
فائديمند آهي ته هنن ساموئي مان پنهنجا ديرا کڻي
اچي انهيءَ ٺٽ ۾ قائم ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي
اهو ٺٽ سرڪاري نگر (راڄڌاني) بنجي ويو. اهوئي نگر
ان بعد جلد ئي پنهنجي ايراضي ۽ پکيڙ ۾ وڌندو نيٺ
وڃي وڏو ٺٽو ٿيو ۽ پرُاثر نالي سان مشهور ٿي ويو.
سمن جي نامياري حاڪم ڄام نندي جي مستحڪم ۽ طويل
دور حڪومت (866-914 هه) ۾ ٺٽو پنهنجي شان شوڪت ۾
عروج کي پهچي ويو. ڄام نندي کي (بجا طور تي) سنڌ
جو هارون الرشيد سڏجي ٿو.
هن سلسلي ۾ جيڪي سوال اٿن ٿا ۽ جن جو جواب پيش ڪرڻو آهي، سي هي
آهن: ٺٽي شهر جي بنهه شروعاتي ۽ بنيادي آبادي ٺيڪ
ڪهڙي خاص هنڌ تي قائم ٿي؟ سمن حاڪمن شهر جي ڪهڙي
حصي کي سڀ کان پهرين سڌاريو ۽ ترقي ڏني؟ شهر جا
بعد ۾ وڌندڙ حصا ڪهڙا هئا، جيڪي مشهور ۽ ممتاز
ٿيا؟
ٺٽي شهر جي کنڊرات جي موجوده صورتحال تي نظر ڪجي ٿي، ته معلوم
ٿئي ٿو ته اهڙيون حدون ۽ نشان خير ڪي محفوظ رهيا
آهن، جن مان شهر جي ترقي جي مختلف دورن جو واضح
ثبوب ملي سگهي. ڪي اهڙيون مسجدون برابر باقي رهيون
آهن، جن مان شهر جي ڪن اهڙن ڀاڱن جا اهڃاڻ ۽ آثار
مل ٿا، جيڪي ڪنهن وقت شهر جا ساوا ستابا ۽ اهم
پاڙا هئا. انهيءَ لحاظ سان، شهنشاهه شاهجهان جي
دور حڪومت [ 1054-1068 هه = 1644-1658ع] ۾ ٺهرايل
شاهجهاني مسجد، توڙي انهيءَ جي اتر اوڀر ۾ ٺهيل هڪ
ننڍي مگر شاندار اميرخاني مسجد اها شاهدي ڏين ٿيون
ته شهر جي اتر ـــ اوڀر وارو اهو ڀاڱو مغلن جي دور
حڪومت [ 1000-1150 هه = 1592-1737ع] ۾ خوب آباد
ٿيو. انهيءَ کان اڳ جي دور جي جامع مسجدن ۾ هڪ
جامع مسجد ”جامع فرخ ارغون“ آهي ۽ ٻي ”سجد دابگير
يا مسجد دبگران آهي. انهن مان پوئين مسجد، شهر جي
ڏکڻ ـــ اوڀرئين ڀاڱي جي واحد باقي بچيل نشاني
آهي، جنهن ۾ ارغون ۽ ترخان حڪمران اچي آباد ٿيا
هئا. ارغون ـــ ترخاني دور ۽ پوءِ مغليه دور ۾
آباد ٿيل شهر جا اهي ڀاڱا، جن جي آبادي تي اهي
مسجدون شاهد آهن، گهڻي ۾ گهڻي ايراضي، موجوده شاهي
بازار جي اوڀرندين حصي جو اُتر کان وٺي ڏکڻ تائين
وڏو علائقو والاريندڙ آهن. انهيءَ حقيقت مان ازخود
هي نتيجو نڪري ٿو ته ارغونن ۽ ترخانن واري دور کان
اڳ يعني سمن جي دور وارو ٺٽو موجوده شاهي بازار جي
اولهه ۾ واقع هو.
ٺٽي شهر وارا هن شهر جي قدامت بابت هڪ عام خيال ڏاڍي دلچسپ ۽
افسانوي انداز ۾ بيان ڪن ٿا ته فقط ٺٽو فارسي لفظ
تهه تهه (سنڌي ۾ مطلب تهه مٿان تهه) مان ڦري تهته
ٿيو، جا ڳالهه انهيءَ حقيقت کي صاف ٿي ڪري ته هتي
تاريخ جي مختلف دورن ۾ آبادي هڪٻئي پٺيان قائم
ٿيندي رهي آهي، ۽ قبضن مٿان قبضا ٿيندا رهيا آهن.
شهر جا جهونا ڄاڻو ماڻهو اڪثر انهيءَ خيال جا آهن
ته شهر جا جيڪي ڀاڱا ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مٿانهان
آهن، سي ئي ان جا قديم حصا آهن. هن خيال ۾ بهرحال
هڪ وڏو دليل پوشيده آهي، کڻي جو ان کي شهر جي قديم
حصن جي بيهڪ بابت قطعي راءِ جو درجو نه ڏجي.
هيٺئين وچور موجب، ڄاڻايل ڀاڱا شهر جا اوائلي
مٿانهان حصا سمجهيا وڃن ٿا:
1. ڪلراڻي محلو: سڄو ئي ڪاراڻي محلو، جيڪو شاهي بازار جي ’ڀڳڙا
بازار‘ واري ڀاڱي کان اولهه طرف واقع آهي ۽ پڻ ان
جي اوڀر طرف هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ ”اِڊر پاڙو“ به
اچي وڃي ٿو.
2. شاهي بازار جي ”ڦول بازار“ واري ڀاڱي جي اولهه طرف پکڙيل
ايراضي.
3. گلڻ شاهه شيرازي جي مسجد جي چوگرد ايراضي، توڙي ان جي اوڀر
طرف پکڙيل ايراضي.
اهي سڀ ايراضيون شهر جي اولهائين حصي ۾ شاهي بازار جي به اولهه
طرف آهن. فقط هڪڙو مَٿ ـــ سطحي محلو، ”پلنگ
پاڙو“ [جيڪو امير خان مسجد جي اولهه ۾ واقع آهي]
سو شاهي بازار جي اوڀر ۾ آهي. هاڻي جيڪڏهن هي
مٿاهينءَ سطح وارا شهر جا حصا اوائلي آباديون ڪري
مڃجن ته پوءِ نتيجي طور شهر جو اولهه وارو ڀاڱو
(جيڪو شاهي بازار جي اولهه طرف واقع آهي)، ۽ جيڪو
انهيءَ اڳئين دريائي پيٽ جي اوڀرين پاسي واري ٻنڌ
سبب ٺهيل هڪ وڏي کاهيءَ جي اوڀرين ڪَنيءَ سان لڳو
لڳ موجود آهي، سوئي اهو ابتدائي ۽ اوائلي آباد ٿيل
حصو آهي. هن ئي حصي جي اترئين ڀاڱي ۾ ”مسجد ولي
نعمت“ واقع آهي. مقامي روايتن موجب، شاهجهان واري
جامع (مسجد) جي بنياد پوڻ کان اڳ اهائي مسجد جامع
مسجد طور استعمال ٿيندي هئي. انهن روايتن موجب
”مسجد ولي نعمت“ ۾ ڪڏهن هڪ مدرسو به هو، جنهن ۾
مشهور صوفي بزرگ شاه مراد [831 کان 893 هجري] به
تعليم ورتي هئي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته سمن جي
حڪمرانيءَ جي پوئين دور ۾ ان اولهائين ڀاڱي جي اتر
وارو پاسو مکيه شهري علائقو هو.
انهيءَ حساب سان، هاڻي باقي اولهائين ڀاڱي وارو ڏاکڻو حصو [يعني
موجوده شهر جي ايراضيءَ جو ڏکڻ اولهه وارو حصو]
بچي ٿو جنهن ۾ اها کوجنا ڪرڻي آهي ته سمن جي
حڪمراني جي اوائلي دور وارو قديم ٺٽو ڪٿي واقع هو
انهيءَ ڏِس ۾ محض خيالي اندازن کان علاوه جيڪي
وزني دليل اسان جي راءِ جي پٺڀرائي ڪري سگهندا، تن
مان وڌيڪ اهم دليل هي آهي ته هتي ٻه اهڙا اهم پاڙا
آهن، جيڪي شهر جي بنيادي قدامت ڏيکارين ٿا. انهن
مان هڪڙو آهي اسلام پور وارو پاڙو، جنهن جو ذڪير
مير علي شير قائع ڪيو آهي، ۽ ٻيو آهي ”ٺٽ پاڙو يا
ٺٺ پاڙو“،. جنهن ڏانهن هن وقت تائين ڪنهن جو توجهه
نه ٿيو آهي، پر تاريخي لحاظ سان اهو هڪ اهم پاڙو
آهي. اهو پاڙو، اسلام پور پاڙي جي ڏکڻ ۾ آهي. هن
وقت انهي ٺٽ پاڙي ۾ جايون جڳهيون ڪي گهڻي تعداد ۾
باقي نه رهيون آهن، پر ڪن ماڻهن جي يادگيرين موجب
ڪنهن وقت اهو محلو ايراصيءَ ۾ چڱو وڏو هو. (4) شهر
جي هن حصي جي سڀ کان اهم ڳالهه ته هيءَ آهي جو ان
جو اهو قديم نالو يعني ”ٺٽ يا ٺٺ“ اڄ تائين باقي
رهيو آهي. هڪ ٻيو غور لائق نُڪتو هيءُ آهي ته اها
ايراضي ڪافي مٿاهين سطح واري آهي، جنهن مان ظاهر
اهي ته گذريل صدين ۾ هتي ماڻهن جي آباديءَ مٿان
آبادي قائم ٿيندي رهي آهي. هن ئي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ هڪ
ٻي ٺَٽي (اوائلي آبادي) هئي، جنهن کي 866 کان 893
هجري [1462 کان 1488ع] جي دوران، درويش شاهه مراد
جي سفارش سان ڄام نندي جي هندو وزير لکدير ۽ سندس
پٽ مُولي وسايو هو جنهن ڪري ان کي ”مُولو ٺَٽي“ جي
نالي سان سڏيو ويو. هيءُ ”مُولو ٺَٽي“ ان وقت
تائين موجود هئي، جنهن وقت مير علي شير قانع تاريخ
رقم ڪري رهيو هو، يعني ڪي ٻه سؤ سال اڳ، لفظ
’ٺَٽي‘ تاريخي اهميت رکندڙ آهي. ڇاڪاڻ جو اهي ٻئي
نالا يا لفظ، يعني ٺَٽي ۽ ٺٽ [جيڪي ٻئي اوائلي
وسايل بستين جي نشاندهي ڪن ٿا]، سي شهر جي هن ئي
حصي ۾ ملن ٿا، جن سان انهيءَ ابتدائي وسنديءَ جي
شناخت ٿي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ وڌي وڃي شهر ٺٽو بني.
هن ايراضيءَ جو درياءَ جي ڀيٽ سان جيڪو لاڳاپو آهي
تنهن مان به انهيءَ نتيجي جي وڌيڪ تائيد ٿئي ٿي.
ٺٽ يا ٺٺ محلو، جيڪو ڏکڻ ۾ آهي ۽ اسلام پور محلو،
جيڪو اتر ۾ آهي [جيڪو پڻ اوائلي دور ۾ وڌيو
ويجهيو] (5) سي ٻئي محلا انهيءَ ڍنڍ مثل کڏ جي
اوڀرين ڪپ تي واقع آهن، جنهن کي ”تندسر“ سڏيو وڃي
ٿو، جنهن جو پيٽو پڻ درياءَ جي پيٽ سان وڃي ٿو
ملي. ”تندسر“ جي لغوي معنيٰ آهي پاڻيءَ جي هڪ
ڀرپور وڏي ڇَرَ. تازن انگن اکرن موجب انهيءَ جي
پکيڙ ٺٺ ــ اسلام پور واري اوڀرين ڪپر کان وٺي
اولهه طرف مڪلي ٽڪري جي لاهي تائين آهي. پاڻيءَ جي
اها ڍنڍ جيڪا اڳئين درياءَ يا ان جي ڪنهن شاخ جي
پيٽ سان لاڳو هئي، سا اڀرندي ڪناري تي ٻيڙين لاءِ
هڪ مثالي لنگر گاهه جو ڪم ڏيندڙ هئي. پاڻيءَ جو
جهجهو مقدار هتي سڄوئي سال، يعني آبڪلاڻي توڙي
سياري ٻنهي موسمن ۾ موجوده هوندو هو. ان جي اوڀرين
ڪپر تي موجود ٻن جليل القدر بزرگن، لال ڇٽو ۽
ابراهيم شاهه جا مقبرا اها شاهدي ڏين ٿا ته هيءُ
هنڌ هميشه هڪ مرڪز رهيو آهي ۽ هر امڪاني حد تائين
اهو شهر جو اوائلي سائو ستابو حصو رهيو آهي. ان جي
آمهون سامهون درياءَ جي اولهين طرف مڪلي جي ٽڪر جي
ڪناري سان دريا خان جو ”ڪوٽ“ (6) هو، جيڪو ڄام
نطام الدين جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هو. انهيءَ
ڪري ئي وزيراعظم درياخان شهر جي هن قديم ڏکڻ ــ
اوڀر وارين ايراضين جي آبپاشي جي مسئلن تي گهڻو
ڌيان ڏنو ۽ مشهور ”علي جان واهه“ [عرف خانواهه
ڪئنال جي هاڻي علي جاه سڏيو وڃي ٿو] کوٽايو. اهو
واهه ڪلري مان پاڻي کڻي، ”وڏي الله کاهي“ (چئنل)
وٽان ۽ پوءِ ”ننڍي الله کاهي“ (چئنل) وٽان وهندو
هو. معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ علي جاهه واهه جو ٿورو
پاڻي پوڇڙي جي ٻن کاهين مان (جن کي هاڻي ”گهاڙ
مساڻ“ ۽ ”گهاڙ مڇي“ سڏجي ٿو) وهندو وڃي تندسر ڍنڍ
۾ ڇوڙ ڪندو هو. آبپاشي جي انهيءَ آڳاٽي سرشتي، بعد
جي دوران ۾ (7) ٻين واهن لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏي،
جن ٺٽي جي اوڀر واري ايراضيءَ کي خوبصورت باغن
واري سرزمين بنائي ڇڏيو.
اشارا
[ڏنگين ليڪن ( ) ۾ سمجهاڻيون مترجم طرفان، ۽ چورس نشانين [ ] ۾
سمجهاڻيون خود مصنف طرفان آهن ـــ مترجم: فضل احمد
بچاڻي.]
(1) اهڙن نالن واريون ڪي اڳيون وسنديون (مثلاً ٺٺ ڳور اهو، ٺٺ
هوتچند وغيره به باقي آهن، جيتوڻيڪ سنڌوءَ جو
ويجهڙائيءَ وارو وهڪرو تبديل ٿي چڪو آهي.
(2) ٿي سگهي ٿو ته تيرهين صديءَ جي تبديليءَ وقت يا ان کان ڪجهه
اڳ ائين ٿيو هجي. توڙي امير خسرو جيڪو ”تهته“ جو
ذڪر ڪيو آهي سو به ٿي سگهي ٿو ته ”ٺٺ“ جي هڪ حيثيت
رکندڙ هجي، يعني شهر ٺٽي جي صورت اختيار رڪڻ کان
اڳ واري ترقي يافته صورت.
(3) عيني شاهدن جي بيان موجب، 20-1915ع تائين اتي ميمڻ قبيلي جا
ڪيترائي گهر موجود هئا، جنهن جي فردن کي عام طور
تي [سندن ٺٺ محلي جي نالي پٺيان] ”ٺٽيار “ سڏيو
ويندو هو. انهن مان حاجي عبدالله ٺٽيار ۽ ورايو
ٺٽيار [جيڪي ٻئي 1618ع کان اڳ گذاري ويا] جا نالا
ماڻهن کي اڃا به ياد آهن [هيءَ معلومات اسلام پور
محلي جي محمد قاسم مميڻ کان ملي].
(4) ’معارف الانوار في بيان فضائل سيد الابرار وائمه اطهار
واحوال قطب المختار‘ درويش شاهه مراد جي سوانح
عمري آهي، جيڪا ٺٽي جي محمد صالح بن ملاذڪراي 1140
هجري مطابق 1767 عيسوي ۾ تاليف ڪئي [جامع مسجد ٺٽي
جي مرحوم مولوي محمد حسين جي قلمي نسخي جو باب
نائون]. شاهه مراد لکدير ۽ سندس پٽ مُولي کي هدايت
ڪئي ته هو شيرازي محلو ڇڏي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ وڃي
پنهنجا گهر قائم ڪن.
(5) غالباً هن محلي کي ”اسلام پور، جو انتهائي مبارڪ نالو
نامياري حاڪم ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ مليو.
انهيءَ (محلي) جي مسجد ۾ فقير حاجي سليمان جو
مقبرو موجود آهي. جنهن جو ذڪر ’تحفة الطاهرين‘ جي
مصنف ڪيو آهي. هن محلي ۾ هڪ ٻي پراڻي قبر پڻ موجود
آهي، جيڪا ”بيبي راڻي جي قبر“ جي نالي سان مشهور
آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته اها سمن جي اوائلي
حاڪمن مان ڪنهن نيڪ خاتون جي قبر هجي.
(6) عيدگاهه جي اوڀرين طرف واري ايراضيءَ کي ”درياخان جو ٽڪر“
سڏيو هو، ڇاڪاڻ جو سندس ڪوٽ ۽ حويلي انهيءَ هنڌ ئي
هئا. اهي ڏاڪا، جيڪا هاڻي عيدگاهه ڏانهن ويندڙ
آهن، سي ڪوٽ جي اُترئين [ڀت واري] واري طرف واقع
آهن. اهي ڏاڪا هاڻي ڊهي ڦٽي ويا آهن، پر انهن جا
نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
(7) زباني روايتن موجب، مغلن جي دور ۾ به اتي ڪي آبپاشي جون
واهيون هونديون هيون ۽ موجوده شاهي بازار واري
هيٺاهين اصل ۾ اهڙي ئي ڪنهن واهيءَ جو پيٽ آهي.
[هيءَ معلومات عابداڻي خاندان جي نواب خير محمد
کان ملي، جنهن خاندان جي ناماچار جو سلسلو ارڙهين
صديءَ کان هلندڙ آهي].
(مترجم: فضل احمد بچاڻي) |