سيڪشن؛ رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 1988ع (1 ۽ 2)

 

صفحو :14

چري مائي

ليکڪ: ماپاسان

سنڌيڪار: نجم عباسي

 

هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن جرمنن اسان فرينچن کي غلام بڻايو هو. مان فرانس جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هوس. منهنجي ڀرواري گهر ۾ هڪ اهڙي عورت رهندي هئي جا دماغي توازن وڃائي ويٺي هئي. ان جو ڪارڻ هن جي جيون ۾ هن جي پيارن جا ٽي لاڳيتو غمناڪ موتن جا واقعا هئا. اهي ٽيئي موت هڪ مهيني اندر ٿيا هئا ۽ تڏهن جڏهن هن جي عمر فقط پنجويهه سال هئي. اهي ٽي مرندڙ ماڻهو هئا: هن جو پيءُ، هن جو مڙس ۽ هن جو نئون ڄاول ٻار. پيءُ ۽ مڙس جنگ جي ميدان تي مارجي ويا هئا.

هنن ساندهه صدمن ڪري، هيءَ نوجوان عورت کٽ تي کنڀجي ويئي. هوءَ ڇهه هفتا ڦٿڪندي، تڙپندي ۽ وڦلندي رهي، پوءِ هن تي ماٺيڻي ڳهر ڇانئجي ويئي. هوءَ ڪا چرپر ڪانه ڪندي هئي، فقط هن جون اکيون ڦرنديون رهنديون هيون. جڏهن به هن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، تڏهن هوءَ اهڙيون وٺي رڙيون ڪندي هئي، ڄڻ ته هن کي ڪو قتل ٿو ڪري. ان ڪري هن سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند ڪانه ڪندا هئا. رڳو هن جو هٿ ـــ منهن ڌئاريو ويندو هو، يا لباس ۽ هنڌ مٽايو ويندو هو.

هوءَ ذري گهٽ ڪجهه به نه کائيندي هئي. هڪڙي پوڙهي نوڪرياڻي هن سان گڏ رهندي هئي، جا هن جي وات ۾ ڪو کاڌي جو ذرو يا پاڻيءَ ڍڪ وجهندي رهندي هئي. هن جي دکايل دل ۾ ڇا پئي وهيو واپريو، اها ڪنهن کي سڌ ڪانه هئي، ڇو ته هن ڪڏهن به ڪجهه نه ڳالهايو. ڇا هوءَ مئل مائٽن جي باري ۾ سوچي رهي هئي؟ ٿيل واقعن جي يادگيريءَ کان سواءِ، هو دکدائڪ سپنا ڏسي رهي هئي؟ يا هن جو حافظو بيٺل پاڻيءَ وانگر هو؟ پندرهن سال هوءَ ائين بي حس ۽ اڪيلي رهي.

ڊسمبر جي شروع ۾ فرينچ ۽ جرمن جي جنگ جاري ٿي ويئي. جرمنن جي جيت ٿي. هو اسان واري ڳوٺ ۾ به ڪاهي پيا، مون کي اهي گهٽنائون ائين ياد آهن، ڄڻ ته ڪالهه ٿيون هجن. ٿڌ اهڙي سخت هئي، ڄڻ پارو پٿرن کي ڏاري وجهندو. مان آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هوس ۽ سنڌن جي سور ڪري، چرڻ پُرڻ جي سگهه ڪانه رهي هئم. ان وقت سپاهين  جي هلڻ جي آهٽ ٻڌم. مان دريءَ مان هنن کي رستي تان لنگهندي ڏسي ٿي سگهيس. هو تربيت موافق، ڪاٺ جي گڏين وانگر، آفيسر جي حڪم تي، اکيون سامهون ڪيو، کڙا ٿيو، کٽ کٽ ڪندا هلي رهيا هئا. هو لاڳيتو لنگهندا رهيا. پوءِ آفيسر جي حڪم تي، اسان جي ڳوٺ جي هر گهر ۾ ڪجهه جرمن سپاهي رهايا ويا هئا. منهنجي گهر ۾ سترهن سپاهي رهايا ويا. منهنجي پاڙيسرڻ چري مائيءَ جي گهر ۾ ٻارهن فوجي رهايا ويا. انهن مان هڪڙو ميجر هو، جو ڏاڍو ڪڙڪ ۽ ڏنگو ماڻهو هو.

ميجر کي ٻڌايو ويو ته گهر جي مالڪياڻي مائي بيمار آهي، پر هن ان تي تِر جو به توجهه ڪونه ڏنو. جلدئي هن کي ان مائيءَ تي چڙ اچڻ لڳي، جيتوڻيڪ هن کي ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هئائين. هن پڇا ڪئي ته هن کي ڪهڙي بيماري آهي. هن کي ٻڌايو ويو ته لاڳيتن صدمن جي ڪري هن جي ڪل ٿڙي ويئي آهي. هن کي ان تي اعتبار ڪونه آيو. هن سمجهيو ته هن مغروريءَ ڪري اهو مکر ڪيو آهي، جيئن کيس جرمن سپاهين وٽ وڃڻو نه پوي ۽ نه انهن سان ڳالهائڻو پوي.

ميجر هن کي ڏسڻ چاهيو. هن کي مائيءَ واري ڪوٺيءَ ۾ آندو ويو. هن سختي ۽ رکائيءَ سان هن کي چيو: ”مئڊم اٿي کڙي ٿي ۽ اچ ته اسين سڀ توکي چڱيءَ طرح ڏسي سگهون.“ پر مائيءَ رڳو اڻ چٽين نگاهن سان هن کي ڏٺو، پر جواب ڪونه ڏنائين، ان ڪري ميجر وري چيو: ”مان ڪنهن به قسم جي گستاخي برداشت ڪرڻ جو ارادو ڪونه ٿو رکان ۽ جي تون سڌيءَ طرح نٿي اٿين ته مون کي اهڙا ذريعا اچن ٿا، جي توکي ڪنهن جي مدد کان سواءِ اٿي پنڌ ڪرڻ لاءِ تيار ڪندا.“ پر مائيءَ ٻڌڻ جو ڪو اهڃاڻ ڪونه ڏيکاريو ۽ چپ چاپ ليٽي رهي. ان تي ميجر پاڻيءَ مان نڪري ويو ۽ مائيءَ جي ماٺ کي پنهنجي بي عزتي سمجهيائين. پوءِ رڙ ڪري نادري حڪم ڪيائين: ”جيڪڏهن سڀاڻي تون هيٺ نه ايندينءَ ته پوءِ...“ ائين چئي هو ڪمري مان نڪري ويو.

ٻئي ڏينهن پوڙهي نوڪرياڻيءَ چري مائيءَ کي ڪپڙا پائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن وڏي زور سان چيخون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ڪپڙا نه پائڻ لاءِ مقابلو ڪيو. ميجر تڪڙو تڪڙو مٿي آيو. نوڪرياڻي هن جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ زور زور سان نيزاري ڪري چوڻ وڳي: ”سائين! هوءَ هيٺ نه هلندي، هن کي معاف ڪريو، هوءَ ڏاڍي دکي آهي.“

ميجر ڪجهه هٻڪيو، پر غصي ۾ هوندي به هن اوچتو ٽهڪ ڏنو ۽ سپاهين کي جرمن زبان ۾ ڪو حڪم ڏنائين. جلد ئي سپاهين جي هڪ پارٽي، مائيءَ سميت بستري جي گديلي کي کڻي ڪمري مان نڪتي. هو ان کي ائين کڻي رهيا هئا ڄڻ ته ڪنهن زخميءَ کي پيا کنيو وڃن. مائي ماٺ ۾، ۽ بي حس پئي رهي. جيستائين هن کي چوريو پوريو نٿي ويو تيستائين هوءَ ماحول کان صفا بي نياز ٿي رهي. هن جي پٺيان هڪ سپاهي، هڪ هڙ ۾ مائيءَ جا ڪپڙا کڻي هلي رهيو هو، ۽ ميجر پنهنجا هٿ مهٽنيدي چيو: ”هاڻي ڏسون ته ڪيئن نه ٿي اڪيلائيءَ ۾ ڪپڙا پائي ۽ هلڻ چلڻ لڳي.“

پوءِ اهو ٽولو جهنگل طرف روانو ٿيو. ٻن ڪلاڪن ۾ سپاهي اڪيلا واپس آيا، ۽ وري ڪنهن به ان چري مائيءَ کي ڪونه ڏٺو. سپاهين هن سان ڇا ڪيو هو؟ هن کي ڪيڏانهن وٺي ويا هئا، ڪنهن کي به ڪڏهن ڪا خبر ڪانه پيئي.

ڏينهن توڙي رات جو برف پئجي رهي هئي ۽ ميدان توڙي جهنگل پاري سان ڍڪجي ويا هئا. بگهڙ ايندا هئا ۽ اسان جي درن وٽ اچي اونايون ڪندا هئا.

منهنجي ذهن مان غريب وڃايل عورت جو خيال ئي نٿي نڪتو. مون جرمن اختياريءَ وارن کي هن جي خبرچار لهڻ واسطي کوڙ درخواستون موڪليون، پر مرڳوئي مون کي ڌمڪيون مليون. جڏهن بهار آيو ته والاريندڙ لشڪر اسان جي ڳوٺ مان نڪري ويو. منهنجي پاڙيسرڻ جو گهر بند رهيو. ان جي باغيچي ۾ گاهه نڪري آيو هو. پوڙهي نوڪرياڻي سياري ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويئي هئي. ٻيو ڪو ڪونه هو جو ان مامري کي هٿ ۾ کڻي ها. مان اڪيلوئي هوس جو هن جي باري ۾ سوچيندو رهيس. هنن هن چري مائيءَ کي ڇا ڪيو هو؟ ڇا هوءَ جهنگل مان نڪري ڀڄي ويئي هئي؟ ڇا ڪنهن هن کي ڏٺو هو ۽ اسپتال پهچايو هو، پر اُن مان ڪا خبرچار حاصل ڪري ڪونه سگهيو هو؟ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه ٿي جا منهنجا گمان دور ڪري ها. وقت گذرڻ سان، هن جي باري ۾ منهنجي سوچ به گهٽجي ويئي.

ٻيءَ سرءُ ۾ جام پکي ٿيا، مون کي به سنڌن جي سور مان ڪي قدر فرحت ٿي، سو شڪار ڪرڻ لاءِ جهنگل ڏي روانو ٿيس. چار ـــ پنج ڊگهين چهنبن وارا پکي ماريم، هڪڙو پکي هڪڙي کڏ ۾ وڃي ڪريو هو. ان کي کڻڻ لاءِ هيٺ کڏ ۾ لٿس، جيڪا سڪل ڪکن ۽ پنن ۽ ڪاٺين سان ڀريل هئي. جيئن ئي اهو مئل پکي کڻڻ لاءِ لڳس ته ان جي ڀرسان هڪڙي انساني کوپري تي وڃي نظر پيم، مون کي هڪدم ان چري مائيءَ جو خيال اچي ويو ۽ سيني ۾ ڄڻ چاقو لڳو. ان جنگ واري موتمار سال ۾ ڪيترائي ماڻهو ان جهنگل ۾ مارجي ويا هئا. مون کي الائي ڇو پڪ ٿي ته اها کوپري مون واري پاڙيسرڻ چري مائيءَ جي آهي. ان جو ثبوت تڏهن مليو، جڏهن ڪک ۽ ڪاٺيون پري ڪرڻ تي ڪجهه انساني هڏا مليا ۽ چري مائيءَ واري گاديلي جي ڪپڙي جا منهنجا ڏٺل ٽڪر نظر آيم ۽ اُنَ جا ڪجهه بُجَ پڻ.

هاڻي مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته ظالم سپاهين هن کي کڏ ۾ کڻي اڇليو هو ۽ هن کي ايترو هوش ڪونه هو جو اتان نڪري ڪنهن آباديءَ ڏانهن وڃي. هوءَ انهيءَ ئي بي حس ۽ بي وس حالت ۾، انتهائي سيءَ ۾ پئي رهي. پوءِ بگهڙن اچي هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو ۽ پکين گديلي جي اُنَ ڪڍي وڃي پنهنجا آکيرا جوڙيا.

مون هن جا بچيل هڏڙا هڙ ۾ ڪري ٻڌا ته ڪٿي ٻئي هنڌ وڃي پوريندس ۽ تمنا ڪندو رهيس ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئر جنگ جي پيڙا ۽ نحوست کان محفوظ رهن.

 

ڪارمين

انيس انصاري

 

مس ٿاپا جي ڊگهن وارن جي تعريف کي اڌ ۾ ڇڏي، شمس پنهنجون نظرون دروازي ڏانهن ڦيريون، جنهن طرف اڪثر حاضرين جون نگاهون کڄي ويون هيون. شمس پنهنجي ٺوٺ منهن جي پاسي ۾ چڀائيندي چيو، ”شفيق هوڏي ته ڏس“

شمس ۽ مان آرٽس ڪائونسل جي دعوت نامي تي نيپالي ڪلچرل ٽروپ جي خاص شو کي ڏسي رهيا هياسون، جو آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم ۾ هلي رهيو هو. هن وقت لاکي ناچ ٿي رهيو هو، جنهن ۾ هڪ بدروح کي ڀڄائڻ لاءِ سعيد روح نچي رهيا هئا. اسٽيج جي جهڪي روشنيءَ ۾ بدروح جو ميڪ اپ ايڏو ته خطرناڪ ڏِک ڏئي رهيو هو، جو گهڻائي ٻار اُن طرف ڏسڻ جي بجاءِ ماءُ جي هنج ۾ منهن لڪائي رهيا هئا. سعيد روحن پنهنجي روحانيت سان بدروح کي مغلوب ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا ۽ ذري گهٽ ڪاميابيءَ همڪنار ٿيڻ وارا هئا ته شمس جي ٺوٺ منهنجي پاسي ۾ اچي لڳي.

مان به ان طرف نهارڻ لڳم. واقعي ڏسڻ جي چيز هئي. ناسي مئڪسي ۾ سندس موزون جسم سمائجڻ جي ڪوشش ۾ ڪي اهڃاڻ پي ڇڏيا، جن تي هر هر نظر وڃي پي ٽڪي. ڀنؤر جهڙن ڪارن وارن ۾ خوني گلاب (چهچ ڳاڙهي) عجب نکار پيدا ڪيو هو. ميڪ اپ کان وانجهي چهري تي جواني ۽ تندرستيءَ جي سرخي وري وري ڏسڻ لاءِ پئي آماده ڪيو. ايتري ۾ شمس جي ڪانا ڦوسي ٻڌڻ ۾ آئي. چيائين، ”سڃاڻين ٿو ته ڪير آهي؟“

”نه“ مون جواب ڏنو.

”حد ڪيءَ يار! هيءَ ڪارمين نه آهي.“

بدروح مغلوب ٿي چڪو هو. هاڻي نيپالي آرڪيسٽرا سنڌي ڌن ”پيرين پوندي سانءِ، چوندي سانءِ...“ وڄائي رهيو هو.

”ڪارمين!“ شمس موٽرن جي جهنگل مان جان ڇڏائيندي، ريو سئنيما وٽان موڙ ڪاٽيندي چيو. ”مان توسان شرط ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان ته ان ڇوڪريءَ ۾ اسپيني خون گردش ڪري رهيو آهي.“

”اسيپيني يا جپسي؟“ مون شمس کي چڙائڻ لاءِ چيو.

”اسپينش ـــ جپسي“ هن جواب ڏنو.

شمس تازو پراسپر ميريمي جو ڪتاب ”ڪارمين“ پڙهي پورو ڪيو هو ۽ هو ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪارمين جي عشق ۾ انڌو ٿي چڪو هو. کيس هر چوٿين ڇوڪري ڪارمين نظر ايندي هئي. اڄ نيپالي ڪلچر شو ۾ اچڻ واري ڇوڪريءَ سان انهن جو تعداد ڊزن کي وڃي پهتو هو. مان شمس کي ياد ڏياريو ته هي ٻارهين ڇوڪري آهي، جنهن کي تو اڄوڪي ڏينهن ۾ ان نالي سان نوازيو آهي. جواب ۾ چيائين، ”ميان! ٻيون سڀ نقلي ڪارمينون هيون. هيءَ سئو سيڪڙو اصلي ڪارمين آهي. ڏٺو نه هيءِ ته...“ ان کان پوءِ سندس اصلي ڪارمين هئڻ جي باري ۾ اڌ ڪلاڪ ليڪچر ڏنائين.

گلستان رضيه جا رهواسي ان موقعي جي تلاش ۾ هوندا آهن ته ڪي وڏيون موڪلون ويجهون اچن ته هو هنگاما ڪري پوليس ۽ انتطاميه کي مشغول رکن، جيئن هو ڳوٺ وڃڻ لاءِ ٻئي موقعي جي تلاش ۾ رهن ۽ وري ان موقعي تي... اڄ به اتي هنگامو هو. پوليس ۽ عوام هڪٻئي سان لڪ ڇپ کيڏي رهيا هئا. ڪجهه نشاني تان هٽيل پٿر ٿاڻي جي بلند چوديواريءَ تان اڏامي اندر اچي پئي ڪريا. جيتوڻيڪ اهي ڪنهن خاص نشاني کي چٽڻ لاءِ نه هنيا پئي ويا، پر انهن جو اثر ٿاڻي ۾ موجود ماڻهن جي اعصاب تي ڪافي گهري ڇاپ ڇڏي رهيو هو. ساري ڏينهن جي هل هنگامي جي زور مغرب جي نماز کان اڌ ڪلاڪ کن اڳ ظاهر ٿيندو رهيو. مغرب جي نماز بعد طرفين ۾ جنگ بندي عمل ۾ ايندي هئي. اهو معاهدو لکت ۾ ڪونه هو ۽ نه وري ڪو ڌرين ويهي اِهو فيصلو ڪيو هو. پر ان تي عمل اهڙي باقاعدگي سان ٿيندو هو جو مغرب جي نماز کان اڌ ڪلاڪ کن پوءِ پوليس ۽ ماجسٽريٽ ”سڀ ٺيڪ“ جي رپورٽ ڏئي وڃي گهر ڀيڙا ٿيندا هئا.

اڄوڪي رپورٽ لکائي پوري ڪيم ته شمس به گاڏيءَ سميت اچي پوليس ٿاڻي تي پهتو. ٻاهر رستي تي پٿر ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جي اڄوڪي لڙائيءَ جي شدت جو داستان ٻڌائي رهيا هئا. ٽريفڪ اڃا پوري طرح بحال ڪانه ٿي هئي. نصير ڪاٽيج وٽان موڙ ڪاٽيندي اسان جي نظر وڃي هڪ فوڪس ويگن جي ڍانچي تي کتي، جنهن مان اڃا دونهون نڪري رهيو هو. شمس ايتري زور سان بريڪ هنئي جو باوجود پاڻ تي ضابطي رکڻ جي منهنجو نرڙ وڃي ونڊ اسڪرين سان لڳو. پر چڱو ٿيو جو زياده نقصان نه پهتو ــ نه مون کي ۽ نه ونڊ اسڪرين کي. شمس هيو به حق بجانب. اتي بيٺل ٻن ڇوڪرين مان هڪ ڪارمين هئي.

چانهه جو ڪوپ وٺندي مون شمس جي حالت ڏٺي. جذبات مان سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. اها حالت گهر ۾ موجود ٻين به ڏٺي. چانهه پيش ڪندڙ ڪارمين هئي.

اڄ شمس آسمان جي بلندين ۾ اڏامندو نظر پئي آيو. پنهنجي اڪيلي ڊنسر سوٽ کي، جنهن کي تازو رفو ۽ ڊراءِ ڪلين ڪرايو هئائين، پائي هرهر آئيني جي اڳيان وڃي پئي بيٺو هاڻي هن چوٿين نيڪ ٽاءِ ڪڍي هئي.

چيومانس، ”اڄڪلهه ڪلر مئچنگ ڏي ڪوبه ڌيان نه ٿو ڏي البت ڪنٽراسٽ پسند ڪيو وڃي ٿو. انهن ٽائن مان ڪابه تنهنجي سوٽ تي ڪنٽراسٽ نه ٿي ڪري، البت مون وٽ هڪ ٽاءِ آهي... پر هڪ شرط سان ڏيندوسانءِ. مان به اڄ توهان سان چاندني لائونج ۾...“

”وڏو ظالم آن شفيق. ڪڏهن ته بخشيندو ڪر. خبر اٿئي، مون سان ڪير ٿو ڊنر کائي؟“

”ڪير؟“ مون پڇيو.

”ڪارمين“ هن جي وات مان نالو بم گولي جيان ڇٽو.

”وڏا بخت ٿئي يار. سڀنالي قدم کڻجانءِ. اهي جپسي ڇوڪريون ڇري باز ٿينديون اٿئي.!“

”ڇڏ يار! سندس ديدن جون دوناليون ڪافي نه آهن ڇا جو خنجر جا ٿو ڊپ ڏين. جي ائين ٿيو به ته مان ڇاتي کولي دل سندس خنجر جي نوڪ هيٺان ڏيندس.“

”اها تنهنجي مرضي. پر يار منهنجي نيڪ ٽاءِ جو خيال رکجانءِ. نئين آهي، اڃا پاتي به نه اٿم.“

مان شمس جي خوش قسمتيءَ تي رشڪ ڪري رهيو هو هيس. واقعي ڪارمين هزارن ۾ هڪ هئي. رات جو هڪ وڳي جڏهن شمس اچي فليٽ جو در کڙڪايو ته مان مڻ مڻ ڳورن پيرن سان پنڌ ڪري اچي سندس در کوليو. سندس منهن تي طمانيت ڏسي مان ساڙ ۾ سڙڻ لڳيس ۽ جنهن وقت مون ڏانهن ٽوڪ ڀرئي انداز ۾ مسڪرائي ڏٺو ته منهنجي دل حسد وچان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.

آفيس کان موٽندي شمس مون کي ٻڌايو ته اڄ هو ٻئي فلم تي وڃي رهيا هئا. فلم Exorcist هئي، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته فلم هلندي ڪافي مضبوط دل وارا مانهو ڪن مخصوص منظرن ۾ هال ڇڏي پاڻي پيئڻ جي بهاني ٻاهر نڪري ويندا هئا. مون شمس کي روڪيو ته ان فلم جي بجاءِ ڪنهن ٻي فلم ۾ وڃن، ڇو جو ڪن ڪمزور دل وارين عورتن جي فلم هلڻ دوران بيهوش ٿيڻ جي غير تصديق ٿيل خبر پڻ ٻڌي هئم. شمس ٻڌايو ته هو ڪارمين جي چوڻ تي ئي اها فلم ڏسڻ وڃي رهيو هو. فلم تان موٽڻ بعد شمس جيڪي ڪجهه ٻڌايو تنهن ته مون کي آڱرن تي پي ليٽايو. هن ٻڌايو ته فلم ۾ ڪافي اهڙا منظر آيا، جن کي ڏسڻ سان ڪارمين پنهنجي سڄي هٿ سان منهنجي کٻي هٿ کي پئي پڪڙيو يا کٻي ٻانهن کي زور سان پئي جهليو. ”هي ته ڏس“ هن ٻانهن تان آستين پاسي ڪندي چيو. مون چيو ته واقعي سندس ٻانهن تي چئن آڱرين ۽ آڱوٺي جا نشان موجود هئا، ڄڻ ڪنهن ماڻهوءَ سندس ٻانهن کي ڪافي زور سان گهڻو وقت جهليو هجي.

شمس ۾ ڪافي ڦيرو اچي چڪو هو. جو اڳي مون کان سواءِ تفريح لاءِ ٻاهر قدم نه رکندو هو، سو هاڻي مون کي صلاحيندو به ڪين هو. تفريح تان موٽڻ بعد هو اهڙيون اهڙيون ڳالهيون (ڪجهه ڪوڙ ڪجهه سچ) مون کي ٻڌائيندو هو، جنهن مان اهو اندازو نڪرندو هو ته ڪارمين جي هڪ هڪ گهڙي شمس کان جدا قيامت جي گذرندي هئي. مون شمس کي ڪافي شرمايو ۽ کيس ياد ڏياريو ته مان ڪهڙيءَ طرح نه کيس پنهنجي دوست ڇوڪرين جي محفل ۾ وٺي ويندو هئس ۽ ڪهڙيءَ طرح هو ساڻس بي تڪلفيءَ جو ورتاءُ ڪنديون هيون. شمس هٿ لوڏي، ڪلها ڪنن تائين آڻي چوندو، ”يار! تنهنجون ڳالهيون سڀ صحيح پر مان به ڇا ڪيان. هوءَ ڏاڍي حاسد آهي. ڪنهن ٻي جو ساٿ قبول ئي نه ٿي ڪري، ايتريقدر جو پنهنجي سهيليءَ کي به پاڻ سان کڻڻ گوارا ڪانه ڪندي آهي. ٻي ڳاله ٻڌ شفيق ڪارمين ۾ واقعي جپسي خون آهي. ان ڏينهن مون کي ٻڌايائين...“

ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. شمس ڳالهه اڌ ۾ ڇڏيندي، وڃي ٽيليفون جو رسيور کنيو. مون ڏٺو ته هو سارو ٻهڪي رهيو هو. چونگو رکندي چيائين، ”ڪارمين هئي“ خدا حافظ به نه چيائين، سيٽي وڄائيندو ٻاهر نڪري ويو.

هڪ ڏينهن پڇيومانس، ”آخر تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ سنڌي ماڻهو ايتري ڪورٽ شپ ته نه ڪندا آهن. چوينس نه شاديءَ لاءِ.“ ڏٺم ته شمس جو منهن لٽڪي آيو. چيائين، ”ڪارمين جو خيال آهي ته شادي هڪ جهنجهٽ آهي، جنهن ۾ هو گهڙڻ نه ٿي گهري. البت سندس چوڻ اهي ته هوءَ منهنجي گهري دوست آهي ۽ دوست ٿي رهندي.“

مان پڇيومانس، ”ائين ته نه آهي شمس ته ڪارمين جي نظر تنهنجي غيبي آمدني تي آهي، جا تون فراخ دليءَ سان مٿس خرچ ڪري رهيو آهين.“

”نه ائين نه آهي يار! هن جي مون سان محبت آهي، پر زبان سان باسي نه ٿي.“

”اهو ته ٺيڪ، پر ٿورو ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي ڪڏهن؟“

”نه مون کي همت ئي نه ٿي ٿئي ساڻس بي تڪلف ٿيڻ جي.“

”جنهن ڏينهن تون بي تڪلف ٿيڻ جي ڪوشش ڪندين، ان ڏينهن جپسي خنجر مٺيي تائين تنهنجي دل ۾ داخل ٿي چڪو هوندو.“ مون وراڻيو.

هل پارڪ تي رٿيل پروگرام هيٺ وڃڻ جي تشهير جيڪا شمس ڪئي، تنهن آڏو نشريي جا سڀ ميڊيم شرمندا پئي نظر آيا. ان ڏينهن شمس ڏاڍو بي قرار پئي نظر آيو. شام ٿي ئي نه هئي ته هن هاليوڊ ميڪ اپ (مان ئي اهو نالو ڏنو هو سندس ميڪ اپ کي) شروع ڪري ڏنو. هن دفعي سوٽ البت نئون هو، پر نيڪ ٽاءِ مون واري. يارهين وڳي جنهن وقت شمس موٽيو ته سندس حالت ڏسڻ وٽان هئي ـــ وار وکريل، ڳلو کليل، جنهن ۾ نيڪ ٽاءِ لڙڪي رهي هئي. قميص گهنج گهنج ۽ وڏي ڳالهه ۽ سندس چهري تي ننهن جا ٻه خونخوار گهاءُ هئا.

پڇيومانس، ”خنجر جي نوڪ کان به بچي وئين نه؟“

چيائين، ”اڄ جون جپسي ڇوڪريون خنجر جي نوڪ جي بجاءِ پستول جي زبان سان ٿيون ڳالهائين.“

 

 

اداس جيون

منظور ٿهيم

 

هن کي خبر هئي ته جيڪي رشتا دولت جي بنياد تي قائم ڪيا وڃن ٿا، تن ۾ گهرائي تائين ڪابه محبت نه هوندي آهي. ڪوبه احساس نه هوندو آهي. هن دنيا ۾ هرڪو، هرڪنهن کان ڄڻ جدا آهي. اخلاص جي هن دنيا ۾، فسادن جي بازار سرگرم آهي، جنهن ۾ انساني رشتن ۽ احساسن جي ڪابه حيثيت ڪانهي. هتي خواهشن جا روز قتل ٿين ٿا. هتي انسانن کي مجبورين جي زنجيرن ۾ جڪڙي، اکيون ٻوٽائي پنهنجن خواهشن جو پاڻ قتل ڪرايو وڃي ٿو.

هن کي هي ماحول، هي سنسار، هي ماڻهو، سڀ ڊيڊ لائين لڳندا هجن، جنهن کان اڳتي ڪابه پريت، ڪوبه احساس ۽ ڪوبه پيار نه هجي. سجاد به ڄڻ ڊيڊ لائين تي اچي بيهي رهيو آ. هن جو وجود، خواهشون، احساسات سڀ، حالانڪ هي حالتن سان مفاهمت ڪرڻ وارو نه هو. ائين پيو لڳي ته اجهو هن جي خواهشن ۽ محبتن جي قبرن تي صبر جا خشڪ گل وڌا ويندا. هن جي ميت تي تالا هنيا ويندا، سوچن جا قافلا ڊگها ڪيا ويندا.

ڪالهه سجاد جو پيءُ يونيورسٽي اچي، سجاد کي وٺڻ آيو ته هلي پنهنجي ڀيڻ جي شادي ۾ شريڪ ٿي. سجاد پڇي وٺيس ٿو ته ”بابا، ڪنهن سان پيا ڪرايو اديءَ جي شادي؟“

”پٽ، اهو پنهنجو سيٺ جان محمد آهي، ان جي پٽ سان.“

”بابا، هي ڇا پيو چوين. ڇا! اديءَ جي شاديءَ هُن ابراهيم سان ڪندو، جنهن جا رشتا انسانن سان نه، پر جوا خانن، شراب خانن ۽ زنا خانن سان آهن. جيڪو هر سال رڇن ۽ ڪتن جي ويڙهه ڪرائيندو آهي.“

”بابا، ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺو. توهان سمجهو ٿا ته ادي اتي خوش رهي سگهندي.“

”ڇونه! امير گهراڻو آهي، ڇونه خوش رهندي. ۽ ان کان پوءِ پاڻ جهڙائي ته امير آهن. تنهنجي مرضي آ ته ڪنهن ٺوهي کي ٻڌي ڏيون ڇا؟ توکي خبر آ. منهنجي ڌيءَ کي ڏاج ڪيترو ملندو؟“

”بابا، تون ڇو نه ٿو سمجهين ته جيون جا رشتا پئسي سان نه، پر ذهن، احساسن، عملن سان ڳنڍيا ويندا آهن. توهين پنهنجي ڌيءَ کي پئسي سان اچي نه بيهاريو، پر ان جي خواهشن کي ڏسو. بابا، مان اها توهان کي هرگز اجازت نه ڏيندس، ته توهين اديءَ جي خواهشن کي ابراهيم جهڙي عياش هٿان ختم ڪرايو. توهين اسان کي پنهنجي مرضي سان جيئڻ مرڻ ڏيو. اسانجن خواهشن کي ڌار ڌار نه رلايو. اسان کي پنهنجي جيون جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏيو.“

”سجاد! اڃا مان جيئرو آهيان. منهنجي حياتي ۾ توهين پاڻ فيصلا نٿا ڪري سگهو. توهان جي حياتي گذارڻ جو فيصلو مون کي ڪرڻو آهي. مان سمجهان ٿو ته ڇا خراب آهي ۽ ڇا سٺو آهي. تون مون کي سمجهائڻ کان اڳ اهو ڏس ته مان تنهنجو پيءُ آهيان ۽ توکي منهنجو هر فيصلو قبول ڪرڻو آهي. جيڪڏهن توکي هلڻو آهي ته هل، جي نه ته مان هلان ٿو. تنهنجي شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو. مان هلان ٿو. جي تون نه آئين ته مان خود ڪري ڇڏيندس، خدا حافظ!“

سجاد کي پيءُ ڄڻ صليب تي ٽنگي ويو هجي. هن جون سوچيون ۽ احساسات، ڄڻ هوس جي وهڪري ۾ وهي ويون هجن. هن جو وجود نراسيل، پنهنجي اميدن ۽ مستقبل کان هر لمحو نئين پيڙا، ڀرجندڙ وجود، بي منزلا سپنا، اداس سوچون، وکريل يادون، اسان وٽ سدائين ائين ٿيندو آيو آهي. دقيانوسي خواهشن کي ماڻڻ لاءِ ٻين کي هميشه لاءِ سونن پڃرن جا قيدي، بنائي ڇڏيندا آهيون. انهن جون خواهشون، محبتون، ڪاري رات وانگر ڪاريون، ڪنهن رڻ پٽ جيان اداس ئي رهجي وينديون آهن.

هن کي اها ته خبر هئي ته هڪ سيٺ سماج جي هر رشتي سان هر وقت واپار ڪندو آهي. پر اها خبر نه هئي ته هو پنهنجي رشتن سان واپار ڪري پنهنجي ڌيءَ جي خواهشن جو پاڻ گلو گهٽي، امير جي عياش پٽ جي عياشين تي ڀينٽ قربان ڪندو.

سجاد جي پيءُ کي پنهنجن رشتن جو ڪوبه احساس ڪونهي. هن پنهنجي اردگرد دولت جي اها دنيا وسائي هئي، جتي منافق، خود غرض، لالچي، رشتن ۽ خواهشن جا قاتل اچي آباد ٿيا آهن. هن کي اهو ڪوبه احساس ڪونهي ته مان پنهنجي ڌيءَ کي، محض ان لاءِ ته هو امير جي گهر وڃي رهي آهي، سدائين باهه ۾ ڌڪي رهيو آهيان.

سجاد کي پنهنجي پيءُ مان هڪ واپاري جي ڌپ پئي آئي، جيڪو ٻين سان ته واپار ڪندو ئي ڪندو آهي، پر پنهنجي رشتن سان به واپار شروع ڪندو آهي. منافعي جي چڪر ۾ ڌڙڪندڙ دلين، محبت، خواهشن ۽ پيار جي احساسن کي خريدڻ لاءِ سوچيندو آهي. هن وٽ پئسا ٿيا، ڄڻ سڄو جهان ٿيو. ائين لڳندو ته اجهو سڀ ڪجهه خريد ڪري پنهنجي هوس جي ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندو.

”مون کان نه ڏٺو ٿيندو پنهنجي ڀيڻ جو ماتم... مان نه ڏسي سگهندس، نه ڏسي سگهندس، پنهنجي ڀيڻ جو نراسيل وجود. صليب تي ٽنگيل، جتي ان کي مايوسين ۽ محرومين جون ڪليون هنيون وينديون. مان نه ويندس خواهشن جي ماتم تي. مان پنهنجي ڀيڻ جو ڀُرندڙ وجود نه ڏسي سگهندس. مون کان نه سٺو ويندو اهو سڀڪجهه.“ سجاد جي اکين ۾ ڄڻ سانوڻي وري هجي. ذهن ۾ ڄڻ سوچن جو وهڪرو وهي آيو هجي. هن جا احساسات ڄڻ ورهين جا بکايل پنهنجي وجود جو ماس پٽي رهيا هجن. هن کي سڀ رشتا ڄڻ ڊيڊ لائين پئي لڳا.

هن کي پيءُ اهو ٻڌايو ئي ڪونه هو ته هن جي ڀيڻ سان گڏ هن جي به خواهشن کي صليب تي ٽنگيو ويندو. سيٺ جان محمد جي بي ڊولي، بي احساس ڇوڪري سجاد کان وٺي، بدر ۾ ڀيڻ ڏني ويئي آهي.

هن کي ڪهڙي خبر ته هڪ ماتم ٻيو ٿيڻو آهي. خواهشن جو، امنگن جو. اڃا ٻيو احساس جو وجود ڀرجندو، اڃا ٻيو صليب ٺهندو. اڃا ٻيو روليندڙ سج اڀرندو ۽ اميدن جو چنڊ ٻڏندو. هن کي اها ڪا خبر ڪانه هئي ته هن کي به سوني پڃري ۾ بند ڪيو ويندو، هن جي سوچن ۽ خواهشن کي ڊيڊ لائن ڏني ويندي.

سجاد هن جي خواهشن جي ماتم تي نه ويو، پر هوڏانهن سجاد جي ڀيڻ کي ڀيانڪ ۽ اداس مستقبل ڏنو ويو. هن جي شادي سجاد جي انتظار کان سواءِ ٿي ويئي. پنهنجن سندر سپنن جو پاڻ گلو گهٽي حالتن تان قربان ٿي ويئي. هن پنهنجي ڀاءُ سجاد کي هن آڙاهه ۾ نه ڏسڻ ٿي چاهيو، جنهن کي نه ساڙيو پيو وڃي. هو سماج جي ٻنڌڻ ۾ ايڏو جڪڙيل هئي، جو صبر ۽ خاموشي جي تلوار ان جي سر مٿان گذري ويئي. هن نه پئي چاهيو ته هن جو ڀاءُ به مجبورين جي صليب تي چڙهي.

پر سجاد جي پيءُ اهو ڪري ڇڏيو جيڪو هن کي نه ڪرڻ کپندو هو، پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ سان گڏ پنهنجي پٽ جو به مڱڻو ڪري ڇڏيائين.

مـڱڻي وقت هن کي پنهنجي پٽ جي مستقبل جو ڪوبه اونو ڪونه هو، جيڪو يونيورسٽي جو هوشيار ۽ حساس شاگرد هو، جيڪو پنهنجي من ۾ هڪ دنيا آباد ڪرڻ جو سوچي پيو، جنهن جون معصوم سوچون اڃان سندر هيون، جنهن جي خواهشن جي اڃا ڪابه تڪميل ڪانه ٿي هئي. هن جي ذهن ۾ زندگيءَ جو حسين آدرش هو. حقيقتن سان ساٿ نڀائيندڙ معصوميت جو وهڪرو هو. هن جي سندر جوڀن خواهشن ۽ اميدن کي امير پيءُ، امير جي بي ڊولي ۽ بي حساس ڌيءَ هٿان ٻوڙڻ جي رٽ هڻي ويٺو.

پيءُ پنهنجي هٺ ڌرمي کي حقيقت ۾ ڏسڻ لاءِ، هن هڪ ويل به پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي مستقبل لاءِ ڪونه سوچيو ۽ پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي مستقبل جو ڳلو پنهنجي ئي هٿن سان گُهٽي ڇڏيائين.

سجاد جي ڀيڻ پنهنجي چپن تي صبر جو تالو هڻي، پاڻ کي حالتن تان قربان ڪري ڇڏيو. هن جون خواهشون، اميدون ۽ محبتون سڀ مفادن جي ڌاري ۾ وهي ويون. هن جو دل، دماغ، وجود ڄڻ پٿر جي هڪ دنيا جتي احساسات ۽ محروميون اچي آباد ٿين ٿيون. هن جون سندر خواهشون، سندر سپنا ۽ احساسات ڄڻ هن کان تمام ڏور هليا ويا. شايد هن کي ڪڏهن به نه موٽڻ جو چئي ويا ۽ ڄڻ هو امالڪ لاءِ، آسرو لاهي مجبوراً پنهنجن سپنن، خواهشن کان خالي وجود، سيٺ جي عياش پٽ جي اڳيان ڦٽو ڪري ڇڏي ٿي. هاڻي هن کي پنهنجي پنهنجي سندر مسقبل جو ڪوبه اونو ڪونهي. هن کي ڪٿان به محبت ملڻ جو ڪو خيال ڪونهي. هن کي پنهنجي جيئڻ ۽ مرڻ جو ڪوبه اونو ڪونهي. سجاد جي ڀيڻ جو هي وجود هاڻي چند گهڙين جو استحصالي وجود بنجي ويو آهي. جنهن کي صرف ۽ صرف سيٺ جو عياش پٽ، پنهنجي خواهشن جو پورائو ڪري ٿو ۽ انهن رشتن ۾ جيڪو جيون جو مضبوط رشتو آهي، ڪوبه پيار ڪونهي، ڪوبه سندر سپنو ڪونهي، ڪابه خواهش ڪانهي. اُڏوهي ورتل هيءَ جيون ڀُري ۽ ڳري رهيو آهي.

سجاد کي سڄو سنسار ڄڻ ڪنهن ڪوريئڙي جي ڄار پيو لڳي، جنهن ۾ ڪيترائي وجود ڦاٿل آهن. هرڪو نڪرڻ ۽ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي، پر اها سڄي وجود کي ويڙهيل ڄار ٽٽڻ جي ئي نه آهي. هتي انسان سڀني خواهشن، اميدن ۽ احساسن سان ئي ختم ٿي وڃي ٿو.

شادي کي مهينو ڏيڍ گذرڻ کان پوءِ هن کي خط مليو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هن جي ماءُ سخت بيمار آهي ۽ پٽ کي ڏسڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.

هن جي لاءِ هينئر تائين اهوئي رشتو هو، جيڪو ڪيترن ڏينهن جا ڏک کنيو هلندو پيو اچي. هو به ته پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي رشتي لاءِ جيئندي پئي اچي.

سجاد جي ماءُ زندگي جي فاصلن ۾ تمام ڊگهي سفر ڪرڻ کان پوءِ به ائين لڳندو آهي ته هن جي منهن تي ڪابه ٿڪاوٽ ڪانهي، هن جا سپنا صرف سجاد هو، جنهن جي تعبير لاءِ هو هينئر تائين پاڻ کي جيئرو رکندي پئي اچي.

سجاد ڪڏهوڪو اهي رستا ئي وساري ڇڏيا هئا، جيڪي هن جي ڳوٺ وڃن پيا، پر ماءُ جي رشتي وري اڄ سانول کي اهي رستا ياد ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. سجاد لڳاتار ٻن مهينن کان پوءِ اداس ۽ پريشان ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار آهي، ڇو ته هن کي خبر هئي ته هن جي ماءُ، هن جي اوسيڙي ۾ ڪيترن ڏينهن کان ڏار کاڌل اکيون دَر ۾ کپايون ويٺي هوندي. هن جي سڄي محبت دَر جي چانئٺ تي انتظار ۾ ويٺي هوندي.

سجاد پنهنجي ذهن ۾ ڪيترن ئي مسئلن کي ساڳين ئي پيچرن کان کڻي گهر آيو.

لڳاتار گهر نه اچڻ ڪري، ماءُ سجاد کي ڏسي اکين مان لڙڪ وهائي ٿي.

ماءُ جو مستقبل اڄ گهر پهتو آهي. سڪ ۽ پاٻوهه سان ماءُ ڳلي سان لڳائي، پنهنجي پٽ جي ايندڙ وقت تي لڙڪ وهائڻ لڳي ٿي. ماءُ نه پئي چاهيو ته پنهنجي پٽ کي اداس مستقبل، اداس جيون ڏئي. هن جون سوچون ساٿ نه پيون ڏين، هن جي پوڙهي ذهن ۾ سوچڻ لاءِ ڪابه جاءِ ڪانه هئي. هن کي خوف هو ته هن جي پوڙهي وجود وانگر سجاد جو جيون به جوانيءَ ۾ پوڙهو نه ٿي وڃي.

ماءُ جي ڳلن مان لڙڪ وقت جي رفتار کان تيز پئي وهيا.

ڇو پئي روئين امان!

مون کي ته ڏسيو ويو هو ته تون سخت بيمار آهين.

پٽ آءٌ بيمار نه آهيان، پر حالتن وقت کان اڳ ۾ بيمار ۽ جهور ڪري ڇڏيو آهي. اکين ۾ وس نه ڏسي، لڙڪ به ترسن ئي نٿا. شايد لڙڪن به هاڻي پنهنجو رستو ڳولي ورتو آهي. پر مون کي رستو ڪو سجهي ئي نٿو. شايد مان ٿڪجي پئي آهيان، پنهنجو هي وڌيڪ ڀُريل وجود کڻي کڻي. مون سمجهيو هو ته گهڻي پنڌ ڪرڻ سان ماڳ ملي ويندو، پر هتي ماڳهين ڀٽون آهن، رڻ پٽ آهن، دڙا آهن، جتي پري پري تائين ڪوبه ماڳ نظر نه پيو اچي.

پٽ! مان سمجهان پئي انهن دڙن ۽ ڀٽن ۾ مان پنهنجي هڪ وجود کي وڃائي ويٺي آهيان ۽ لڳي ٿو ته ٻئي وجود کي به وڃائي ويهنديس ۽ مان اڪيلي رهجي وينديس، پنهنجي ارمانن، خواهشن ۽ اميدن جي لاش سان هنن ڀٽن ۾ اڪيلي رهجي ويهنديس.

هي ڪهڙيون پئي ڳالهيون ڪرين امان!!

مون کي هت ڇو گهرايو ويو آهي ۽ تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي.

پٽ مان ٺيڪ آهيان. تون ٿڪل هوندين. آرام ڪر. احوال وڃڻا ناهن.

نه امان، آرام ته بابي پنهنجا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. باقي تون مون کي سڄو احوال ڏي. مون کي ائين آرام نه ايندو.

اداس اداس نيڻن سان، ماءٌ پٽ کي ڏسندي چوي ٿي.

”ابا اسان ريتن رسمن ۽ لالچ، هَوس جي ٻڌڻن ۾ ايترا ته ڦاسي ويا آهيون، جو پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ ۽ مرڻ به نٿو ٿئي.

مون گهڻوئي تنهنجي پيءُ کي چيو ته، ”تون پنهنجي پٽن جو مستقبل پنهنجن هٿن سان نه گهٽ، تون انهن تي پنهنجون مرضيون نه مڙهه. پنهنجن ٻچن کي خاردار ڪنڊن ۾ نه اڇلاءِ، انهن کي پنهنجي حياتي پاڻ گذارڻ ڏي. جيڪڏهن اکيون ٻوٽائي هڪٻئي کي قبول ڪرائين ٿو ته ان ۾ تنهنجي فتح نه آهي. پر اهو پنهنجي ٻچن جي مستقبل جو موت هوندو.“

مون جواب ڏنومانس ته عياشن کي پنهنجي ڌيءَ نه ڏي، پر ان کي جيئڻ جو حق ڏي. نياڻيءَ کي محبتن جو مستقبل ڏي. پر هن پنهنجي هٺ ڌرمي کي قائم ڪندي، پنهنجي ڌيءَ اوڙاهه ۾ اڇلائي. تولاءِ سيٺ جان محمد جي ڌيءَ ورتي، جيڪا تنهنجي ڏٺل هوندي.

امان!! هي ڇا پئي چوين؟

مون لاءِ سيٺ جان محمد جي ڌيءَ.

جي پٽ. توکي شايد خبر نه هجي ته هنن شاديءَ مهل تنهنجي مڱڻي به ڪري ڇڏي. پر امان، بابي مون کي صرف اهو ٻڌايو هو ته اديءَ جي شادي ڪنداسين، حالانڪ مون کي تاريخ به ڪونه ٻڌايائين.

آخر ائين ڇو ٿيو امان؟

مان پنهنجي مستقبل بگاڙڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏيندس. بابي کي اهو ڪو حق ڪونهي ته هو اسان جي تقديرن جو فيصلو ڪري. يا هڪ اوڙاهه ۾ ٻن وجودن کي اڇلائي سگهي. بابو اسان جي وجود جو دعويدار ٿي سگهي ٿو، پر اسان جي خواهشن ۽ سوچن جو دعويدار نٿو ٿي سگهي. ڪجهه ئي دير ۾ سجاد جو پيءُ در ٽپيو.

اچي وئين پنهنجين سوچن جا مالڪ مون کي خبر هئي ته تون هونءَ نه ايندين. مون کي خبر نه هئي ته بابا توهين ايڏا خود غرض ٿيندؤ. پنهنجن رشتن سان پيءُ ۽ پٽ جو رشتو بغير ڪنهن لالچ وارو رشتو هوندو آهي، پر توهان ان کي پئسي جي ڏيتي ليتي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

توهان اسان جي صلاح کان سواءِ اسان جي مستقبل جو فيصلو ڪري ٿا ڇڏيو!

سجاد، مان اهو حق رکان ٿو، ته آءٌ پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ جي مستقبل جو فيصلو خود ڪريان. مون اوهان کي پڙهايو، توهان لاءِ ڪمايو، توهان لاءِ مون تڪليفون ڏٺيون. تون منهنجو پٽ آهين. انهن رشتن جو مالڪ آهيان. مان اهو سڀڪجهه نه ڪندس ته ٻيو ڪير ڪندو؟ آخر زماني کي به ته منهن ڏيڻو آهي. ماڻهو ڇا چوندا ته پنهنجي پٽن لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري.

بابا، توهان اسان جا وڏا ضرور آهيو، پر ان جو اهو مقصد ڪونهي ته توهين پنهنجين خواهشن لاءِ اسان کي قربان ڪيو. توهين پڙهايو، اهو اسان جو حق هو. پڙهائڻ کان پوءِ اسان جن سوچن ۽ احساسن کي توهين پاڻ وٽ رکي ڪونه ٿا سگهو.

جيڪڏهن توهان کي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سان ايڏو پيار هو ته توهان انهن جي مستقبل ٺاهڻ جي انهن سان ضرور صلاح ڪيو ها. توهان کي منهنجي مڱڻي جو بغير پڇڻ جي حق ڪنهن ڏنو آهي؟

توهين اهو ڇو ٿا چاهيو ته اسان جي زندگي بغير محبتن جي، بغير احساسن جي رهي. ڇا مان ان سيٺ جي ڌيءَ سان رهي سگهندس، جنهن کي پنهنجي زندگيءَ جي ئي خبر نه آهي ته هو ڇا آهي؟ هو ڪاري رات جو ٻيو روپ آهي ۽ هو سيٺ جو پٽ، جنهن کي توهان پنهنجي نماڻي ڌيءَ پرڻائي ڏني آهي، شراب، جوا خانن ۽ عياشين جو ٻيو نالو آهي. اهي اونداها جنم اسان پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسان جون سوچون، اسان جا خيالات بلڪل الڳ آهن. اسين ڪيئن جيون گذاري سگهنداسين. مان پنهنجي ڀيڻ جي خواهشن جو قاتل اوهان کي ٿو سمجهان. توهين چند رپين بچائڻ خاطر خواهشن جي ڏيتي ليتي ڪئي ۽ ٻن وجودن جي امنگن جو قتل ڪيو آهي.

بابا! توهان خواهشن جي قتل گاهن جا مالڪ بنيا آهيو ۽ مان توهان سان قتل گاهن طرف نه هلندس، جتي امنگن، محبتن ۽ سپنن جا قتل ڪيا وڃن.

بابا! تو صرف اهو سمجهيو ته ٻه جسم ئي ملي خوش ٿي سگهن ٿا. پر نه بابا! هتي محبتن، امنگن ۽ احساسن جو رشتو ڳنڍڻو پوي ٿو. ماڻهو ماڻهوءَ تي مڙهڻ سان رشتا پڪا نه ٿيندا آهن، پر خيالن، عملن ۽ سوچن جي ميلاپ سان ئي رشتا پڪا ٿيندا آهن.

توهان پنهنجي يار سيٺ جان محمد کي چئي ڇڏيو ته اسان هڪ ئي اوڙاهه ۾ پنهنجو وجود نه ساڙينداسين.

مان سيٺ جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.

سجاد اهو نه وسار ته جيڪو مون چاهيو آ، اهو ٿيو آ.

پر هاڻي نه ٿيندو بابا!! ڇو ته مان پاڻ کي رڇ ۽ ڪتن جي ويڙهه ۾ نٿو شامل ڪرڻ چاهيان. مان نٿو چاهيان بي مقصد جيون.

سجاد توکي اگر پنهنجن رشتن جو ايڏو احساس آهي ته پوءِ اهو نه وسار ته تنهنجي ڀيڻ انهن جي گهر آهي ۽ ممڪن آهي ته تنهنجي انهيءَ رشتي ٽوڙڻ سان هو به رشتو ٽوڙين ۽ توکي تنهنجي ڀيڻ واپس ڪري موڪلين.

اگر همت اٿئي ته پنهنجي ڀيڻ جي بار کڻڻ لاءِ تيار ٿي.

هُنن بار رکيو آهي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ شادي ڪري، پنهنجي امانت وٺي وڃو.

هونءَ ته تون نه اچين ها. بهتر سمجهيم ته ماءُ جي بيماريءَ جي بهاني گهرائي، معاملو تنهنجي اڳيان رکجي.

سجاد پريشانين جي چوراهي تي اچي بيهي رهيو آهي. هن کي ڪابه واٽ ڪانه پئي سجهي. سوچون ڄڻ هن جو ساٿ ڇڏي ويون هجن. هن جو منجهيل من، اداس سوچون ۽ پريشان حال زندگيءَ کان بيزاري جو عمل ظاهر ڪن پيون. هن کي ائين پيو لڳي ته هي ڄڻ خود ڊيڊ لائن بنجي ويو آهي، جنهن ۾ اڳتي جو ڪوبه عمل، ڪابه سوچ، ڪابه خواهش ڪانهي.

هن کي پنهنجي ڀيانڪ مستقبل جا آثار نظر پئي آيا. منجهيل من ڪيترن ئي ڳوڙهن جي سمنڊ مان گذري رهيو هو.

سجاد زندگيءَ جي وڏي ٽريجڊيءَ مان گذري رهيو آهي، جتي انسان کي پنهنجي خواهشن جو پاڻ قتل ڪرايو وڃي ٿو ۽ ائين هو مسلسل خواهشن جو قتل ڪري، پاڻ کي قاتل بنائي ڇڏي ٿو.

هن کي شايد سڀڪجهه اکيون ٻوٽي ڪرڻو پوندو. محبت، خواهشون، سندر اميدون، صرف پنهنجي ڀيڻ لاءِ، جيئري اوڙاهه ۾ اڇليندو ۽ مجبوراً هو پنهنجي مستقبل جون اميدون ٻين جي هٿن ۾ بگاڙڻ لاءِ ڏئي ٿو.

هو سمجهي پيو ته هن جي ناڪار ڪرڻ سان، هن جي ڀيڻ لاءِ هڪ ٻيو در ڏسڻو پوندو. ان کي ڪيترن ئي ڏکن مان گذرڻو پوندو ۽ انهن سڀني ڏکن جو ذميوار هي هوندو.

سجاد مجبوراً پاڻ کي نااميدن جي صليب تي چاڙهي ٿو.

اداس رات جي پهرين پهر ۾ اداس اداس سجاد آسمان ڏانهن ڏسندي ڀڙڪندي رهي ٿو.

مان پنهنجي ڀيڻ جي خوشين لاءِ، پنهنجن خوشين جو لاش ڪلهن تي کڻندس. مان سيٺ جي ڪاريءَ رات جي ٻئي روپ جهڙي ڌيءَ سان شادي ڪندس.

سجاد جي شادي ٿي وڃي ٿي. خواهشن جون هزارها قبرون ٺهن ٿيون. اميدن تي سُرو چڙهي وڃي ٿو. زندگيءَ تي  ڊيڊ لائن وڇائي وڃي ٿي. سپنن جا ساڀيان ڏٺا وڃن ٿا، احساسن جا لاتعداد صليب ٺهن ٿا.

سجاد زندگيءَ جي وڏي ٽريجڊي مان گذري رهيو آهي. هو سهڻو جوان هوندي به، پنهنجي اميدن ۽ خواهشن کي ڪونه پسي سگهيو. هن جي اها اميد ضرور هوندي ته ڪو هجي ڏکئي وقت لاءِ، مون کي پنهنجا حال اوري ۽ منهنجا حال ٻڌي. مون سان نينهن جا ناتا ڳنڍي. جيئڻ مرڻ جو وچن ڪري، ڳل ڳراٽڙي پائي پرچائي، سندر سپنن جيان سندر.

پر اهو سڀڪجهه سجاد لاءِ نه ٿيو. هن جي زال هن جي خواهش جي ابتڙ، ڀيانڪ ڪاري رات جو ٻيو روپ ۽ سجاد حالتن سان مفاهمت ڪري، اداس رات جو اداس مسافر بنجي وڃي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com