سيڪشن؛ رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 1988ع (1 ۽ 2)

 

صفحو :17

بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس

 

مئي 1987ع جي آخري هفتي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان سنڌي ادبي ڪانفرنس جي تجويز يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسيلر محترم مظهر الحق صديقيءَ جي اڳيان رکي وئي. تجويز منظور ڪندي 35 ـــ ميمبرن تي ٻڌل هڪ آرگنائيزنگ ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمين وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ مظهرالحق صديقي، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چيئرمين سنڌي شعبو ۽ سيڪريٽري محمد قاسم ٻگهيو اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي شعبي کي مقرر ڪيو ويو. ميمبرن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪيترن شعبن جا سربراهه، سينيئر استاد ۽ يونيورسٽيءَ کان ٻاهر جي اديبن ۽ عالمن کي شامل ڪيو ويو.

آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي پهرين گڏجاڻي 1 ـــ جون 1987ع تي وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هي ڪانفرنس ٽن ڏينهن جي بين الاقوامي سطح تي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه ٻين ڏيهن جي عالمن ۽ اديبن کي به شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي. هي ڪانفرنس مڪمل علمي، ادبي ۽ ٻوليءَ جي مسئلن بابت هئڻ گهرجي. هن گڏجاڻيءَ ۾ مختلف ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ 8 سب ڪميٽيون جوڙيون ويون، جن ۾ 100 ميمبر رکيا ويا. آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي فيصلي مطابق 15 جون 1987ع تي وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي پنهنجي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ پنج علمي نشستون لسانيات، نثر، نظم، شاهه لطيف ۽ تاريخ ۽ ثقافت بابت ٿينديون جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالم شريڪ ٿيندا. مقالا پڙهڻ جي دعوت اڳواٽ هر مڪتبِ فڪر جي عالم کي ڏني ويندي. مقالا، پرک ڪميٽيءَ جي چڪاس کان پوءِ ڪانفرنس ۾ پڙهيا ويندا، جڏهن ته انهن جي اڳواٽ ڇپائيءَ جو انتظام پڻ ڪيو ويندو. مختلف نشستن جي صدارت لاءِ مختلف عالمن ۽ اديبن کي دعوت ڏني ويندي.

پريس ڪانفرنس کان پوءِ مختلف ڪميٽين پنهنجون گڏجاڻيون ڪوٺائي ڪم جي ورڇ ڪري ڪم شروع ڪري ڏنو. مقالا ڪميٽيءَ 110 عالمن کي مقالا پڙهڻ جي دعوت ڏني.

ڪانفرنس جي تيارين جي سلسلي ۾ شاگردن کي گڏجي وٺي هلڻ جي سلسلي ۾ نومبر 1987ع جي پهرين هفتي ۾ سنڌي شعبي طرفان هڪ راڳ جي چٽاڀيٽي جو پروگرام پڻ ترتيب ڏنو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي ڪئي ۽ مهمان خاص سنڌ جي اهم ادبي ۽ علمي شخصيت دادي ليلا هرچنداڻي هئي. هن مقابلي ۾ 35 شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو. وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي محترم مظهر الحق صديقي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته هي ادارا جيڪڏهن اسان کي علم ادب ۽ وطن سان محبت ۽ پنهنجن ادارن ۽ عالمن سان محبت ڪرڻ سيکارين ٿا، ته اسان تي ڪجهه انهن کي وڌائڻ ۽ انهن جو مانُ مٿانهون ڪرڻ جا فرض به عائد ٿين ٿا، ته اچو ته گڏجي فيبروريءَ ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪم ڪيون. هن ادري، هن مادرِ علمي ۽ هن ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪجهه ڪيون.

2 فيبروريءَ 1988ع تي صبح جو ڏهين وڳي ڪانفرنس ۾ دُهل، شرناين ۽ ڏونڪن جي سرن ڀرئي سرهاڻ ۾ آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. مهمانن ۾ سنڌ کان علاوه سموري پاڪستان مان ۽ پرڏيهه مان پڻ عالم، اديب ۽ استاد شريڪ ٿيا. پاڪستان جي سمورين يونيورسٽين جا نمائندا مبصر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيا. جڏهين ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر جناب ڊاڪٽر آر ـــ اي ــــ شاهه، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر جناب ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري (هاڻي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي)، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو قائم مقام وائيس چانسيلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ بذات خود شريڪ ٿا. شريڪ ٿيندڙ ٻين معزز مهمانن ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم تنوير عباسي، ڊاڪٽر جميل جالبي، پروفيسر جالبي، پروفيسر پريشان خٽڪ، محترم غلام رباني آگرو، محترم محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر در شهوار سيد ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ دانشورن کان علاوه سمورين اخبارن جا نمائندا، ملڪ جي مڙني ٻولين جي ادبي اڪيڊمين جا نمائندا، سنڌ جي استادن جي تنظيمن جا نمائندا، مبصر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيا. ان کان علاوه سنڌ جي تقريباً سمورن اهم اديبن ۽ شاعرن پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪا مان آيل ڊاڪٽر آفتاب قاضي، اٽليءَ مان پروفيسر مسز واليريا، جڏهن ته پاڪستان ۾ مقيم انگلنڊ جي رچرڊ هائل به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جو باقاعده افتتاح ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ شاهه جي وائيءَ سان ٿيو. جنهن کان پوءِ ڪانفرنس جي افتتاح ڪندڙ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ گذارش ڪئي وئي. جڏهن ته ڪانفرنس جي چيئرمين محترم مظهرالحق صديقي ۽ وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ سيڪريٽري مسٽر محمد قاسم ٻگهئي کي اسٽيج تي اچي ويهڻ جي گذارش ڪئي وئي. افتتاحي اجلاس جي ڪارروائي ڪانفرنس جي سيڪريٽري محترم محمد قاسم ٻگهئي هلائي ۽ سڀ کان اڳ هن ڪانفرنس جو تعارف ڪرايو ۽ تنهن کان پوءِ وائيس چيئرمين طرفان مهمانن جي آجيان ۾ تقرير ڪئي وئي. جڏهن ته استقبالي خطبو ڪانفرنس جي چيئرمين ۽ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي محترم مظهر الحق صديقيءَ پڙهيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هيءَ ڪانفرنس شاگردن، استادن، ۽ اديبن جي پرجوش ۽ نيڪ جذبن سان منعقد ڪري سگهيا آهيون. افتتاحي خطبي کان اڳ شاهه لطيفؒ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مقالو ڊاڪٽر جميل جالبي پيش ڪيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪانفرنس جو باقاعده افتتاح ڪندي پنهنجو خطبو پڙهيو، جنهن ۾ هن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پيش ايندڙ ڪيترن ئي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي انهن جي حل لاءِ سوچ ويچار ۽ عمل ڪرڻ جي دعوت ڏني.

ڪانفرنس جي موقعي تي ڪانفرنس جي انتظاميه طرفان ڪيترائي ڪتاب ۽ ٻيو ڇپيل مواد، جنهن ۾ ڪانفرنس جي مختلف اجلاسن ۾ پڙهجندڙ مقالن جا ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ محمد قاسم ٻگهئي جا ترتيب ڏنل ٽي ڪتاب 1. ”مقالا“. 2. ”نرتي تند نيازسين“ ۽ 3. انگريزيءَ ۾ “Cultural Heritage of Sind”, ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ترتيب ڏنل سڀني عالمن ۽ اديبن جي تعارف بابت ڪتاب، ثريا سوز ڏيپلائيءَ جو ترتيب ڏنل مقالن جي تعارف بابت ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو افتتاحي ۽ سائين مظهر الحق صديقيءَ جو استقبالي خطبو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي آجيان واري تقرير ۽ محمد قاسم ٻگهئي جو ايڊٽ ڪيل هڪ خوبصورت سووينئر جنهن ۾ سنڌ، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي شعبي، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيفؒ بابت بهترين مواد تي ٻڌل معلومات ۽ علمي مضمون ڏنا ويا هئا، هڪ خوبصورت پيتيءَ ۾ وجهي اسڪالرن اديبن، مهمانن ۽ مبصرن کي تحفي طور پيش ڪيا ويا.

ڪانفرنس جي موقعي تي آرٽس فيڪلٽيءَ جي اندر دلپذير نمائش جو پڻ انتظام ڪيل هو، جنهن جو افتتاح ڪانفرنس جي افتتاح کان هڪدم پوءِ ٻنپهرن جو ٻارنهين لڳي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن ڪيو. نمائش ۾ ناياب ۽ قديمي قلمي نسخن کان علاوه سنڌ بابت ڪتاب، تصويرون، فوٽوگراف ۽ مختلف هنرن جي نموني کان علاوه ٻه ڪمپيوٽر پڻ رکيا ويا، جن ذريعي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڇپائيءَ جي ترقي ۽ ترويج بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن نمائش ۾ سنڌ جي سڀني ناميارن مصورن، فوٽوگرافرن، پبلشرن، ڪتابن گهرن ۽ هنري ادارن کان علاوه سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ۽ ادارن پڻ حصو ورتو.

افتتاح کان پوءِ پهرين مقالن جي نشست لسانيات بابت ٽين وڳي شروع ٿي، جنهن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل عالم، جناب سراج الحق ميمڻ ڪئي، جڏهن ته سيڪريٽري سحر امداد هئي. هن نشست ۾ اندازاً ٻارنهن مقالا پڙهيا ويا، جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، ڊاڪٽر حيدر سنڌي ۽ محترم محمد حسين پنهور جا مقالا اهم هئا. صدارتي مقالي ۾ سراج الحق ميمڻ، سنڌي سماج جي حوالي سان لسانيات جو مطالعو پيش ڪيو، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

ساڳي تاريخ 2 ـــ فيبروري 1988ع رات جو مهمانن لاءِ گورنمنيٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد ۾ هڪ ناٽڪ ۽ ٽيبلي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيل هو. ناٽڪ قمر شهباز جو لکيل هو، جڏهن ته ٽيبلو ليکڪ نصير مرزا هو. ٻنهي جو هدايتڪار هو مشهور ليکڪ نثار حسيني. اهڙيءَ طرح پهرين ڏينهن جا پروگرام رات 30 ـــ 12 لڳي پورا ٿيا. ٻاهران آيل مهمانن جي رهائش جو اعليٰ بندوبست حيدرآباد جي مختلف شاندار هوٽلن ۾ ڪيل هو.

مختلف وقتن تي ماني ۽ چانهه جو بندوبست ٽئي ڏينهن مختلف ادارن طرفان ٿيل هو، جن مان شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس، ڪراچي يونيورسٽي، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد، ايوان تجارت و صنعت حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين جناب حمزي خان پليجي، وزير علي انڊسٽريز، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، فار ايسٽ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر، سينٽر آف ايڪسيلينس آرگنڪ ڪيمسٽري جا نالا اچي ٿا وڃن.

3 ـــ فيبروري 1988ع تي ٻه اجلاس تاريخ، ثقافت ۽ تخليقي ادب بابت رٿيا ويا هئا. تاريخ ۽ ثقافت واري اجلاس جي صدارت آمريڪا مان آيل سنڌي دانشور ڊاڪٽر آفتاب  قاضي ڪئي ۽ سيڪريٽري محترم اعجاز قريشي هو. هن اجلاس ۾ 15 کان وڌيڪ مقالا تاريخ، ثقافت ۽ آرڪيالاجي بابت پڙهيا ويا، جن ۾ تحقيق جي ڪيترن ئي پهلوئن تي روشني وڌي وئي. اٽليءَ جي پروفيسر واليريا، ڊاڪٽر آفتاب قاضي، ڊاڪٽر پرويز حبيب الله ۽ مظهر يوسف جا مقالا گهڻو پسند ڪيا ويا.

تخلقي ادب واري اجلاس جي صدارت محترم غلام رباني آگري ڪئي. مهمان خاص محترم تنوير عباسي هو ۽ سيڪريٽري قاضي خادم هو. هن اجلاس ۾ آغا سليم، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي ۽ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ کان علاوه 11 ٻين عالمن مقالا پڙهيا. صدارتي تقرير ۾ آگري صاحب چيو ته سنڌ خدا جي اها نوازيل ننگري آهي، جتي انساني تهذيب جا اولين گل ۽ گونج ڦٽا. هن اهو به واضح ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل جون سڀ اميدون هاڻي نئين نسل جي اديبن سان وابسته آهن.

4 فيبروري تي صبح جو اجلاس شاهه لطيف بابت هو، جنهن جي صدارت پروفيسر علي نواز جتوئي ڪئي ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هو. هن اجلاس ۾ تنوير عباسي شاهه جي شاعريءَ جو رنگن جي حوالي سان مطالعو پيش ڪيو، جڏهن ته فقير محمد لاشاري ۽ بدر ابڙي شاهه جي شاعريءَ جو انساني سماج جي مطالعي جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو.

شام جو اجلاس اختتامي هو. افاديت جي لحاظ کان هن اجلاس جي اهميت کي ذهن ۾ رکندي هن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي. سندس ساٿ آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ۽ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي ڏنو، جڏهين ته سيڪريٽري آرگنائيزنگ ڪميٽي محترم قاسم ٻگهيو سيڪريٽري هو. هن اجلاس ۾ سڀني اجلاسن جي سيڪريٽرين پنهنجن اجلاسن ۾ پڙهيل مقالن ۽ تقريرن جو جائزو پيش ڪيو.

ملڪي اديبن ۽ عالمن جي نمائندي طور محترم حميد سنڌي تقرير ڪندي ملڪ جي تاريخ ۾ هن ڪانفرنس جي اهميت واضح ڪندي چيو ته هي هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ ڪانفرنس انتظاميه بيشڪ تحسين جي لائق آهي ۽ آءٌ مڙني اديبن ۽ عالمن پاران اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اسان هميشہ توهان سان سڏ ۾ سڏ ڏينداسين ۽ ڪڏهن به پوئتي نه پونداسين.

پرڏيهي عالمن ۽ اديبن جي نمائندگي طور ڊاڪٽر آفتاب قاضي هن ڪانفرنس جي انتظامن جي واکاڻ ڪندي ڪانفرنس جي چيئرمين مظهر الحق صديقي، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر جوڻيجي ۽ سيڪريٽري قاسم ٻگهئي جي تعريف ڪندي چيو ته منهنجي زندگيءَ جو اهو پهريون مثال ٿيندو جو سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد، استاد ۽ ٻيو عملو جنهن محنت ۽ محبت سان هن انتظام ۾ رڌل آهن، مون اهڙو جذبو اڳ ڪٿي به نه ڏٺو آهي. اسان جون دعائون آهن ته اهو جذبو، ادارن سان اها محبت ۽ ٻوليءَ جي خدمت ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون اڃا به وڌن.

صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين مظهرالحق صديقي ۽ سيڪريٽري قاسم ٻگهئي جي صلاحيتن ۽ محنتن جي تعريف ڪندي سنڌ صدين کان سيمينار (1975ع) کان پوءِ هن کي ٻي ”وڏي ڪانفرنس“ ڪوٺيو، جنهن ۾ ايترا عالم ۽ اديب ڪٺا ٿيا آهن ۽ پنهنجن مسئلن تي گڏجي ويهي ويچاريو اٿس. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته هن ڪانفرنس ۾ جيڪڏهن عورتن، ٻارڙن ۽ سائنسي ادب تي الڳ الڳ اجلاس هجن ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. بهرحال جُڙيءَ کي جَسُ آهي، هي به جيڪو ٿيو آهي تمام خوبصورت ۽ گهڻو ٿيو آهي.

آخر ۾ ٺهراءُ ڪميٽيءَ کي گذارش ڪئي وئي ته پيش ٿيندڙ ٺهراءُ وٺي، ترتيب ڏئي پيش ڪري. ٺهراءُ ڪميٽيءَ جا ميمبر اُتي موجود نه هجڻ ڪري ٺهراءُ ان اجلاس ۾ پيش  نه ٿي سگهيا، جيڪي بعد ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ پاس ڪري پريس کي جاري ڪيا ويا. ٺهرائن ۾ مختلف ادارن ۽ حڪومت کان مطالبا ڪيا ويا ته:-

1- سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻوليءَ طور عمل ۾ آندو وڃي.

2- نيشنل لينگويج اٿارٽيءَ وانگر سنڌي لينگويج اٿارٽي قائم ڪئي وڃي.

3- سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاليف ۽ ترجمي جو الڳ بيورو قائم ڪري ناياب ڪتاب شايع ڪرايا وڃن.

4- سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ بابت اڀياس مرڪز کوليو وڃي.

5- سنڌ ۾ سڀني ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن لاءِ سنڌي ٻولي ڄاڻڻ ضروري ٺهرايو وڃي.

6- سنڌي فائينل جي امتحاني سرشتي کي ٻيهر جاري ڪيو وڃي.

7- تاريخي ورثن جي حفاظت جا جوڳا انتظام ڪيا وڃن.

8- هن ڪانفرنس کي مستقل اداري جي حيثيت ۾ قائم ڪري هر ٻئي سال اهڙي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي.

9- ڪانفرنس ۾ منظور ڪيل ٺهرائن کي عمل ۾ آڻائڻ لاءِ هڪ ’پوئواري ڪميٽي‘ Follow up Committee جوڙي وڃي.

4- فيبروري رات جو راڳ رهاڻ جي محفل رٿيل هئي، جنهن ۾ سنڌ جي پراڻن توڙي نون فنڪارن خوبصورت ڪلام ڳائي ۽ ساز وڄائي شريڪ ماڻهن کان داد وصول ڪيو. هن رهاڻ ۾ 15000 ماڻهن شرڪت ڪئي، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ملڪ مان آيل هئا. هي ساز ۽ سرن جي رهاڻ صبح جو 30-4 وڳي تائين جاري رهي.

هن ڪانفرنس مان ڪيترائي سٺا نتيجا نڪتا. شاگردن، استادن ۽ انتطامي علمي مثالي اتحاد جو مظاهرو ڪندي انتظامن ۾ ڀرپور حصو ورتو. جڏهن ته ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر پڻ هن ڪافنرنس ڪوٺائڻ جي سلسلي ۾ يونيورسٽي ۽ ڪانفرنس انتظاميه جي جذبي ۽ محنت جي تمام گهڻي واکاڻ ٿي.

ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان ڪجهه عرصو پوءِ 18 اپريل 1988ع تي ڪانفرنس جي مختلف ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ هٿ ونڊائيندڙ دوستن ۽ ڪارڪنن ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ طرفان هڪ ساده ۽ پروقار تقريب ۾ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. جڏهن ته محترم مظهر الحق صديقي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، محمد قاسم ٻگهيي، نواز علي ڀُٽي، قمر شهباز ۽ نثار حُسينيءَ کي سندن خدمتن جي مڃتا ۾ آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ طرفان يادگار طور خوبصورت شيلڊ ڏنا ويا.

هن تقريب کي خطاب ڪندي ڊين فيڪلٽي آف آرٽس ڊاڪٽر محمد ابراهيم شاهه بخاري چيو ته، ڪانفرنسون ۽ سيمينار علم ۽ ادب جو حصو هوندا آهن. اڳ جيڪي ماڻهو هن يونيورسٽيءَ تي مختلف الزام هڻندا  هئا ته هتي پڙهائي ۽ علم ادب ۾ ڪم ڪونه ٿا ٿين، انهن جا منهن بند ٿي ويا آهن. اهڙيون ڪانفرنسون اسان اڳتي به منعقد ڪندا رهنداسون. وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي محترم مظهر الحق صديقي صدارتي تقرير ۾ چيو ته مان ڪجهه يادون ڪجهه جذبا کنيو ٿو وڃان، اميد سان ته اڳتي  به اهڙيون ڪانفرنسون ڪوٺائي علمي ۽ ادبي ڪم جاري رکيا ويندا. مان جتي به هوندس، هن يونيورسٽي، هنن ٻچن جي خدمت ۽ مان وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهندس. آخر ۾ هن يونيورسٽيءَ جي استادن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”هي شاگرد اوهان جا ٻچا آهن، انهن جي پارت هجيوَ“، مهرباني.

ــــ الطاف اسير

بزم طالب الموليٰ ـــ سنڌي ادبي ڪانفرنس، ڪراچي

(رپورٽ)

 

اپريل جي 15 تاريخ ڪراچي شهر جي علاقي موسيٰ لين لياري ۾ بزم طالب الموليٰ سنڌ طرفان هڪ عظيم الشان سنڌي ادبي ڪانفرنس جو انعقاد ٿيو. بزم طالب الموليٰ، سنڌ جي اها جماعت آهي، جيڪا گذريل 35 سلن کان وٺي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري چڪي آهي. بزم جو چيئرمين عالي جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سنڌ جي اها عظيم ادبي شخصيت آهي، جيڪو لکها عوام جي روحاني رهبر هجڻ واري حيثيت سان گڏ علمي سرپرست جي ناتي سان ڀليءَ ڀت ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

15ـــ اپريل شام جو چئين وڳي شاهه عبداللطيف ڀٽائي هال، لياريءَ ۾ هن ڪانفرنس جو آغاز ٿيو. سنڌ جي اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽ دانشورن جا ٽولن جا ٽولا، ڪانفرنس جي هال ۾ جمع ٿيڻ لڳا. ٺيڪ ساڍي چئين وڳي، سيڪريٽري جنرل بزم انور هالائي جي گذارش تي جناب مخدوم طالب الموليٰ صاحب، سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب ۽ غلام رباني آگرو صاحب اسٽيج تي ڪرسيون والاريون. تلاوت قرآن پاڪ مولانا شير محمد بلوچ ڪئي ۽ نعت شريف قادر بخش ٺٽوي پڙهي.

انور هالائي، سڀ کان اول اصغر هالو صدر ڪراچي شاخ کي آڌرڀاءُ لاءِ سڏيو. اصغر هالي چيو ته قلمڪار جي فطرت به عجيب آهي، هو دنيا ۾ آهي به ۽ دنيا کان ٻاهر به آهي. هن جي سوچ به افتاد طبع کي سرگرم ۽ متاثر به ضرور ڪري ٿي پر قلم ڪار انهن سڀني مرحلن ۽ وارداتن کي نقش دوام بخشي ٿو. اصغر هالي سنڌي اديبن، خاص مهمانن ۽ حاضرين مجلس جي پرخلوص آڌرڀاءُ ڪئي.

اصغر هالي کان پوءِ بزم جي مرڪزي چيئرمين جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ چيو ته اسان جي ٻولي ايتري قدر وسيع ۽ شاهوڪار آهي جو ان ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ قبول ڪري به پنهنجي بنيادي حيثيت قائم رکي آهي. فڪري ادب جون هي محفلون انهيءَ ٻوليءَ جي سلامتي جو ثبوت آهن. مخدوم صاحب چيو ته جنهن معاشري ۾ احساس محروميءَ جا ڪارڻ وڌيل هوندا، اتي ٻوليءَ کي هر وقت خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. هن پنهنجي ان عزم کي ورجايو ته سنڌي ٻولي جي بقا ۽ تحفظ لاءِ اسان کي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ پوئتي مور نه مڙڻو آهي. مخدوم صاحب جي تقرير تي هال ۾ تاڙين جي گونج ۾ ان عزم جي تائيد ڪئي ويئي. محترم سيد غلام مصطفيٰ شاهه جن جي ڇپيل تقرير جو عنوان هو ”سنڌي ادبي ۽ فڪري وحدت ۽ سياسي ۽ معاشرتي انتشار.“ هن صاحب چيو ته ”سنڌ ولين، دودن ۽ دليرن جي زمين آهي، هي رسول کي راحت پهچائڻ وارو ٽڪرو ڪيئن نه تباهه ڪيو پيو وڃي. نه صرف ڌارين جي سازشن سان مگر اسان جي پنهنجن هٿن سان به.“ شاهه صاحب ادب جو ذڪر ڪندي چيو ته، ”سنڌي ادب ڪا ڏند ڪٿا نه آهي، سنڌي ادب ٺوس فڪر، جذبي، زمين سان محبت ۽ ماحول جو ادب آهي. سنڌ جي هر دور ۾ سنڌي اديب ۽ شاعر جو حصو رهيو آهي، مگر 1947ع کان پوءِ خاص طرح 1977ع کان پوءِ سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري جو سنڌ کي برقرار رکڻ ۾ وڏو حصو رهيو آهي. سنڌي اديب صحيح فڪر جو مالڪ رهيو آهي. سنڌ جا سيد، پير ۽ وڏيرا وڪجي ويا ۽ جاهل ٿي ويا، مگر سنڌي اديب نه وڪيو. سنڌ جو وجود سنڌي اديب ۽ شاعر جي ڪوشش جو نتيجو آهي. سنڌ کي اها سعادت ۽ وجود سنڌي ادب نصيب ڪيو آهي، نه ته گهڻا ڏينهن اڳ پيسجي وڃون ها. هن چيو ته سنڌ جي عالمن، سنڌ جي شاعرن نه صرف سندس انفراديت ۽ شان کي اجاگر ڪيو ۽ ورجايو مگر ان جي سڄي حياتي خدمت ڪيائون. شاهه عبدالڪريم، مخدوم محمد هاشم، سچل سرمست، مخدوم محمد زمان، سامي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي کان پوءِ اسان جي نوجوانن جو ادب ۾ حصو ۽ ڪم وڏي شان وارو آهي. اڄوڪو سنڌي اديب، شاعر ۽ مفڪر، استاد ۽ عالم، سنڌ جي عوام جي دردن، مصيبتن، افسردگين، امنگن ۽ جذبات جو ترجمان آهي. جنهن معاشري ۾ اديب دليرانه فڪري قلم رکن ٿا، اهو معاشرو خوش نصيب آهي، ان جي بقا اٽل آهي.“

آخر ۾ شاهه صاحب چيو ته مون کي يقين آهي ته سنڌ جو مستقبل، سنڌ جي عوام، سنڌ جي اديب ۽ سنڌ جي سياستدان جي فڪري وحدت عمل ۾ آهي؛ انهيءَ سان ئي اسان جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو. شاهه صاحب جي تقرير کان پوءِ پروفيسر ڊاڪٽر نعيم تقوي پنهنجو مقالو بعنوان ”سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا“ پڙهيو، جنهن ۾ انهن نون قدرن ۽ نون لاڙن جو جائزو ورتو ويو، جن 1947ع کان پوءِ سنڌي ادب جي سرمايي ۾ قابل واڌارو آندو آهي. هن صاحب ثابت ڪيو ته هن ترقي پسند دور ۾ نوجوان نسل سنڌي ادب ۾ نوان نوان تجربا ڪري، هن کي دنيا جو ”مثالي ادب“ بنائي ڇڏيو آهي. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر محترمه مهتاب اڪبر راشدي صاحبه، پنهنجي تقرير ۾ مخدوم صاحب ۽ شاهه صاحب جي خيالن کي املهه ۽ مانائتو قرار ڏنو. هن سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي عملي خوبين سان ادب کي مالا مال ڪن. هن چيو ته سنڌي ڪانفرنسون ۽ سيمينار گڏجي ملڻ ۽ تقريرن ڪرڻ جا وسيلا ته ٿي سگهن ٿا، پر اسان کي گهرجي ته ادب جي ترقيءَ لاءِ عمل به ڪريون ۽ عمل ڪرڻ لاءِ قرباني جي ضرورت آهي. محترمه مهتاب صاحبه جي تقرير کان پوءِ مشهور دانشور جناب علي احمد بروهي تقرير ڪئي. سندس مختصر مقالي جو عنوان هو. ”سنڌ جي سونهن ۽ سرهاڻ.“ بروهي صاحب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جو جائزو وٺندي سنڌ  جي پيرن ۽ سيدن جو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ حصي وٺن جو ذڪر ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته سنڌ جا پير، مير سنڌي ادب ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪري نه سگهيا آهن. مورڳو انهن مان سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. هن مخدوم صاحب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اهو واحد سنڌ جو پير آهي، جيڪو ”سنڌي ڪاز“ سان سچو ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مکيه خدمتگار آهي. هن چيو ته مخدوم صاحب جي قربانين کي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به فراموش نه ڪيو ويندو. آخر ۾ خاص مهمان غلام رباني آگرو صاحب سنڌي ادب جي ناتي سان، مخدوم صاحب جي محبت ۽ شفقت جو ذڪر ڪندي، پنهنجا مشاهدا پيش ڪيا ۽ مختلف دورن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ مخدوم صاحب جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ گرانمايه خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. هن چيو ته مخدوم صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي هڪ مڪمل تاريخ آهي.

رات جو اٺين وڳي سڀني مهمانن، اديبن ۽ شاعرن جي اعزاز ۾ اصغر هالو، صدر ڪراچي شاخ طرفان هڪ شاندار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ مشاعري جي محفل شروع ٿي، جنهن جو صدر جناب ڊاڪٽر تنوير عباسي هو، جڏهن ته خاص مهمان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هو. هن مشاعري لاءِ اسٽيج سيڪريٽري محترمہ سلطانه وقاصي هئي، جڏهن ته سندس مددگار ولي سروري هو. مشاعري ۾ هيٺين شاعرن پنهنجا ڪلام پيش ڪيا. مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر تنوير عباسي، انور هالائي، احمد خان آصف، ڊاڪٽر نعيم تقوي،ولي سروري، اصغر هالو، سلطانه وقاصي، نذير ناز، نسرين نوري، عطيه دائود، قمر عالم قمر، ساجد سرشاري، گوهر سروري، عبدالستار عبد، محمد ملوڪ عاجز، علي محمد مجروح، محمد حسن ساز، عبدالعزيز بيدل، محمد خان مجيدي، حسين بخش خادم، جاويد بلوچ، نواز رڪڻائي، تائب انصاري، شمس صابر، سوز هالائي، اختر ڪلوڙ، حاجن ابڙيجو، دودو شهيد، سرفراز راڄڙ، شيرل نيڪ سروري، غلام قادر مظهر، ڌڻي بخش قربان، غلام قمبر، نور نبي مير، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قاسم مڱريه، عبد مڱريه، غلام شبير خليق، اقبال شينو، محمد عالم عباسي، خاتم جانوري، سچل سرفائي، محمد رمضان مسڪين، عبد سروري، عبدالقيوم تبسم، رجب علي جليس، خميسو خان، قادر سروري، نورل مري، خورشيد احمد خان، محمد امان، پرويز اختر، عبدالوحيد تاج، ذيشان حيدر، اعجاز بنارسي، غياث وحيد انصاري ۽ هرفن لکنوي.

صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، بزم طالب الموليٰ کي هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مخدوم صاحب جو شڪريو مڃيو، جن کيس هن مشاعري جي صدارت ڏني. هن چيو ته مخدوم صاحب جن جي انسان دوستي، سندس سڀني درجن کان بلند آهي. هن سڀني شاعرن تي زور ڏنو ته هو به انسان دوستيءَ تي وڌ ۾ وڌ شاعري ڪن. رات جو ٽي وڳي هي محفل مشاعره پوري ٿي. ٻئي ڏينهن صبح جو 11 بجي بزم طالب الموليٰ جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن جي صدارت مرڪزي چيئرمين جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي. تلاوت قرآن پاڪ بعد سيڪريٽري جنرل انور هالائي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي اديبن ۽ شاعرن کي گذارش ڪئي ته نظم سان گڏ نثر جي ترقيءَ لاءِ به پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪرڻ گهرجن. مخدوم صاحب پنهنجي تقرير ۾ سڀني شاخن کي تلقين ڪئي ته مثالي شاخ بنجڻ لاءِ سڀني شاخن کي علمي ۽ ادبي خدمت لاءِ نمايان سرگرميون سرانجام ڏيڻ گهرجن، جيئن ٻولي ۽ ادب ۾ سندن منفرد مقام هجي. هن ڪنوينشن ۾ جناب مخدوم زاده محمد امين فهيم ۽ مخدوم شفيق الزمان سميت بزم جي سڀني ڪائونسلرن شرڪت ڪئي. ٻارهن شاخن جي جنرل سيڪريٽرين شمس صابر ـــ روهڙي، احمد خان آصف ـــ پير رکيل ريلائي، غلام قادر مظهر ـــ ڪؤڙو ڏاهري، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ـــ حيدرآٻاد، منير هالائي ـــ هالا پراڻا، قادر سروري ــــ پٿورو، عبدالرحيم ــــ ملنگ مڱريو، محمد طالب ڪاردار ــــ هالا، خاتم جانوري ـــــ پٽڻي، نواز رڪڻائي ــــ پير بخش مير بحر، محمد رمضان ـــ سرهاڙي ۽ گوهر سروري ڪراچي. پنجن شاخن کي سٺي ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. روهڙي، پير رکيل ريلائي، ڪؤڙو ڏاهري، حيدرآباد ۽ ڪراچي. ٻن ساٿين کي تمغہ خدمت ڏنا ويا ـــ گوهر سروري ڪراچي ۽ شمس صابر ــــ روهڙي. ان کان پوءِ بزم جي انتظامي ۽ ادبي امور لاءِ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. محترم اصغر هالو کي ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد تي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو سرٽيفڪيٽ ۽ انور هالائي کي اجرڪ ڏني ويئي. ان کان سواءِ احمر هالو ۽ آفتاب هالو کي سنڌي ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا.

ـــ حاجن ابڙيجو

سنڌي ادبي بورڊ جو خبرنامو

(1ـــ جنوري کان 30 ــــ جون 88ع تائين)

 

2 ـــ فيبروري 1988ع: علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي طرفان ڪوٺايل ٽي روزه بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي منعقد ڪيل ناياب قلمي نسخن جي نمائش جو افتتاح ڪيو.

21 ـــ فيبروري 1988ع: سنڌي ادبي بورڊ، مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ڪميٽي، ڪائونسل جي آڊيٽوريم لطيف آباد ۾ سنڌ جي برک اديب ۽ دانشور جناب رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي، جنهن جي صدارت بورڊ جي چيئرمين علامہ غلام مصطفيٰ قسمي صاحب جن ڪرڻ فرمائي.

20 ـــ مارچ 1988ع: جناب حبيب الله صديقي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي عهدي جي چارج سنڀالي، ڪم شروع ڪيو.

7 ـــ مارچ 1988ع: حضرت قلندر لعل شهباز رحه جي سالياني عرس جي موقعي تي سيوهڻ شريف ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جي نمائندگي ڪندي، جناب حبيب الله صديقي ان موقعي تي مقالو پيش ڪيو، جنهن جو عنوان هو: ”قلندر لعل شهباز هڪ معلم جي حيثيت ۾.“ ميلي جي موقعي تي منعقد ڪيل نمائش ۾ سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ڪتابن جو اسٽال پڻ لڳايو.

13 ـــ اپريل 1988: سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ مرحوم علامہ آءِ. آءِ. قاضي رحه جي مزار تي بورڊ جي طرفان گلن جي چادر چاڙهي ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ بورڊ جي نمائندگي ڪندي، سيڪريٽري حبيب الله صديقي صاحب پنهنجو مقالو ”علامہ قاضي صاحب ـــ معلم جي حيثيت ۾“ پڙهيو. جلسي جو اهتمام فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن ائنڊ ريسرچ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڪيو ويو هو.

15 ـــ اپريل 1988ع: بزم طالب الموليٰ طرفان لياري ڪراچي ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، جنهن جو افتتاح مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪيو ۽ صدارت پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪرڻ فرمائي. جناب غلام رباني آگرو مهمان خصوصي هو. ان ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نمائندگي ڪندي جناب حبيب الله صديقي شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن سان علمي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

27 ـــ اپريل 1988: سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيل ”برهانپور کي سندهي اولياء“ (اردو ـــ ٻيو ڇاپو) جي پڌرائي، لياقت ميموريل لئبرري آڊيٽوريم ڪراچي ۾ سنڌ جي ان وقت جي وزيراعليٰ جناب اختر علي قاضي ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، ان موقعي تي ڪليدي خطبو ڏنو. يوم باب الاسلام جي مناسبت سان سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان منعقد ڪيل ان تقريب ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عالمن ۽ فاضلن ۽ دانشمندن ۽ اعليٰ عملدارن، اديبن ۽ شاعرن، صحافين ۽ علم دوست خواتين و حضرات وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

10 ـــ مئي 1988: درازا شريف ۾ حضرت سچل سرمست جي عرس شريف جي موقعي تي منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر حبيب الله صديقي نمائندگي ڪندي مقالو پڙهيو: ”سچل جي دور جي تواريخي اهميت.“

5 ـــ مئي 1988ع: علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ٻه ريسرچ اسڪالرس ــ محترمہ پروين ڀٽي ۽ محترمہ ثمينه قريشي ــ سنڌ جي مطالعاتي دوري دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيون ۽ بورڊ جي علمي ڪارڪردگيءَ کان واقفيت حاصل ڪيائون. بورڊ طرفان مهمانن کي ڪتابن جي سوکڙي پيش ڪئي وئي.

7 ـــ مئي 1988ع: پاڪستان سرڪار جي دعوت تي آيل چيني اديبن جي وفد سنڌي ادبي بورڊ جو دورو ڪيو. 5 رڪني وفد جو سربراهه مسٽر يُوانگ ينگ هو. چيني سفارتخاني اسلام آباد جي ٿرڊ سيڪريٽري مس روشن واجدي مترجمہ جي حيثيت ۾ شامل هئي. وفد کي بورڊ جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري، اداري جي ڪارڪردگيءَ جي ڄاڻ ڏني ۽ وفد بورڊ جي ڪم تي تحسين جو اظهار ڪيو. بورڊ جي جديد ڪمپوزنگ نطام ”فوٽو ٽائيپ سيٽنگ سسٽم فارم سنڌي / انگريزي“ جي ڪمپيوٽرن ۽ جديد آفيسٽ پرنٽنگ مشنريءَ ۾ وفد گهري دلچپسي ورتي. ان موقعي تي مهمانن ۽ ميزبانن درميان تحفن جي ڏي وٺ ٿي. بورڊ طرفان مهمانن کي سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران پڻ سوکڙيون ڏنيون ويون.

21 ـــ مئي 1988ع: سنڌي ادبي بورڊ جي گورننگ باڊيءَ ۽ پبليڪيشن ڪاميٽيءَ جون گڏجاڻيون ٿي گذريون، جن ۾ ٻين امورن کان علاوه بورڊ جي تحقيقاتي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ انهن جي اشاعت لاءِ ڪيترائي دور رس فيصلا ڪيا ويا.

2 ــ جون 1988ع: حيدرآباد ۾ جڳ مشهور دانشور مرحوم پير علي محمد راشدي جي ڪتاب ”رند ۽ پنڌ“ جي پڌرائيءَ جي تقريب منعقد ٿي، جنهن جي صدارت سينيٽر شيخ علي محمد ڪئي. جلسي جو انتظام محترم حسين شاهه راشديءَ ڪيو هو. ان تقريب ۾ جناب حبيب الله صديقيءَ، سنڌي ادبي بورڊ جي نمائندگي ڪندي پير صاحب جي مذڪوره ڪتاب جي ڪيترن پهلوئن تي عملي اپٽار ڪئي.

11 ـــ جون 1988ع: موري ۾ گورنمينٽ اليمينٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن (وومين) جي آڊيٽوريم ۾ ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ (مرتب: محمد مٺل ڪمالاڻي) جي پڌرائيءَ جي تقريب ۾ بورڊ جي نمائندگي ڪندي جناب حبيب الله صديقيءَ تقرير ڪئي.

30 ـــ جون 1988ع: سکر ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي ڊئريڪٽر جناب نصرت حسين ابڙي، مير معصوم شاهه لئبرري ۽ سکر جنرل لئبرري کي بورڊ جا ڪتاب تحفي طور ڏنا، جي بورڊ مٿين ادارن ۽ انفرميشن لئبرري سکر لاءِ موڪليا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com