مقصود گل
سچل گهوٽ
آءُ ته توکي سور سڻايان سچ جا ساٿي گهوٽ سچل،
هرڪو من آ ماندو سائين هر دل ۾ سو سور ستل،
هرهڪ نيڻين نير ڏسان ٿو هرهڪ اک ۾ آهه اٿل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
ڏيرن ڌاري ڌار ڪئي آ هاڻ پڇي ٿي پار پنهل،
ڪنهن کي سور سڻائي سسئي جنهن سان ڪئي آ جاڙ جبل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
سير گهڙي پئي سهڻي آخر ڪين جهلي ڪنهن جهل،
سير جهٽي ڪئي سوگهي سهڻي ڪانڌي ٿيس ڪر ڳل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
ويس مٽائي مومل سان گڏ سيج ستي سومل،
راڻو رات رسي ويس سائين ماندي ٿي مومل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
هارَ بهاني ڪؤنروءَ ڪيڏي عورت ڪئي اٽڪل،
هار ڏسي پئي هرکي ليلا ڪانه پيس ڪا ڪل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
نوري نوڙت سان کٽي وئي ماڻيان منڌ محل،
ڄام تماچي پاڻ مهاڻن ساڻ ڪئي محفل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
مارئي پنهنجا سانگي ساري جام وهايا جل،
کيت بنا ٿيا عورت کي اڄ سيني ۾ سَوَ سَل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
هرڪو وات سبيل آ سائين هرڪا دانهن دٻيل،
سچ جون ڳالهيون ڪير ٻڌائي سچ لئه سانگ کتل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
حق جا حامي دور لڏي ويا ڪوڙن ڪر کنيل،
”گل“ ٿو مالهي پاڻ جلائي مکڙيون سڀ مرجهيل،
سچ جا ساٿي گهوٽ سچل.
مختار گهمرو
گيت
ڪونه ٻيو ڪجهه کپي ساٿ تنهنجو رهي،
نينهن ڇوليون هڻي، پيار ساگر وهي.
سُرڪ سڪ جي ڀري، چاهه چمندو رهان،
سونهن سرهاڻ جو واس وٺندو رهان،
عڪس تنهنجو نه دل جي پٽيءَ تان ڊهي،
ساٿ تنهنجو رهي.
دور مون کان نه ٿي، يار تون ايترو،
ساهه ايڏي نه ڏي ساهه ۾ آسڳو،
پيار ۾ بي رخي، ٿي نه توکي ٺهي،
ساٿ تنهنجو رهي.
سوچ هڪ وڃي، سوچ سان سار جي،
سوڀ ٿيندي سڄڻ، پوءِ سهڪار جي،
گڏ جيون گڏ مرون، جا حياتي هجي،
ساٿ تنهنجو رهي.
يار ”مختار“ جي ويهه ويجهو اچي،
توکي ڀر ۾ ڏسي، مور دل جو نچي،
وار جي ڀي وٿي، ڪين دل ٿي سهي،
ساٿ تنهنجو رهي.
مسرور سيال
نينهن ۾ نعمتون آهن،
سڄڻ جون شفقتون آهن.
اوچتو يار گڏجي ويو، واهه جون قسمتون آهن.
پيار منهنجو ڏٺو جن ڀي، سي ڪندا حسرتون آهن.
رات ساري هياسي گڏ، ڪيڏيون فرحتون آهن.
پير جي هوا ڀري آيو، سي چوان رحمتون آهن.
حال تي يار هلندو ڪر، انتها غربتون آهن.
باوفا يار منهنجو آ، اوج تي الفتون آهن.
معاف ”مسرور“ تان ٿينديون، جي مٿان تهمتون آهن.
خليل عارف سومرو
گيت
چوڏهينءَ جو جڏهن، چنڊ کِڙيو آ،
ڪوبه جڏاهين گُل ٽڙيو آ.
مون کي تنهنجو روپ لڳو آ.
ڪرڻن جو لهرن سان کيڏڻ،
انڊلٺ جي رنگن جو وِکرڻ،
مون جيڪو ڀي عڪس ڏٺو آ.
سُهڻا گلن جا رنگ رچائي،
چانڊوڪيءَ جي سونهن سمائي،
جيڪو مصور نقش چٽيو آ.
ڀونئر جا گل تي ڀيرا ڏسندي،
ٻه پکي گڏ گڏ اُڏندا ڏسندي،
جي ڪنهن چپ کي چڪ هنيو آ.
سُندر سُندر سُپنا سَهيڙي،
”عارف“ سُرهيون سوچون جوڙي،
شاعر جيڪو گيت لکيو آ.
چوڏهينءَ جو جڏهن چنڊ کِڙيو آ،
ڪوبه جڏاهين گُل ٽِڙيو آ،
مون کي تنهنجو روپ لڳو آ.
متل جوڳي
وائي
اوتي هير هُڳاءُ ٿي، ڪينجهر ٽڙيا ڪنول،
هيل ته آءُ سانول.
سرجي پئڙا ساهن ۾ اڄ، سارُن سرها گُل،
هيل ته آءُ سانول.
من کي تنهنجو درد ولوڙي، اکڙين منجهه اُٿل،
هيل ته آءُ سانول.
نيڻ کڻي ڏسُ مرڪي مون ڏي، سر جان آءُ غزل،
هيل ته آءُ سانول.
ڪونه اڃا تون آئين ساجن، جهليهء ڪهڙيءَ جهل؟
هيل ته آءُ سانول.
”ضمير“ ڦل
گيت
آءُ هلي اچ هيل اسان وٽ، منهنجا جيءَ جيارا، پيارا!
سُرمئي سانجهه ۽ باک ڦُٽيءَ کي
اُڀ تي ٺهندڙ ست رنگيءَ کي،
تنهنجا ئي رنگ سارا، پيارا!
ڳاڙها، پيلا گُل ٽِڙيا جي،
تنهنجي واس منجهان ورسيا سي،
سارا نينهن نظارا، پيارا!
سِرجيا سج ۾ ڪرڻا تُنهنجا،
چنڊ چانڊوڪي جلوا تُنهنجا،
تو ريءَ سڀ انڌارا، پيارا!
تون جو مَٽجين رُتون مَٽجن،
پن ڇڻ منجهه بَسنتون مَٽجن،
پارا منجهه اونهارا، يپارا!
سور ته سانڍڻ سَهنجا ناهن،
ڏاڍا اوکا اَهنجا آهن،
گوندر منجهه گذارا، پيارا!
احمد حسين ٽالپر
هڪوار هلي آءُ سانولڙا! تو لاءِ اکيون هِن راهن ۾.
هِت ساجن سرنهه ڦُلاري آ،
ڪئي ڪڻڪ به نِسرڻ واري آ،
اچ پاڻ ۾ کلندي کيتن جي،
سرهاڻ سمايون ساهن ۾.
ور واپس انبن ٻور جهليو،
تو ڪهڙي ڪارڻ پاڻ پَليو،
من ماندو ۽ ويڳاڻو آ،
تو ريءَ اڪيلو آهُن ۾.
ڪو چيٽ ڦُٽڻ جو سعيو آ،
تنهنجي ياد تيئن تڙپايو آ،
ائين اڌما اڻ جهل اٿلي پيا،
جيئن چاڙهه چڙهي درياهن ۾.
مڃ آزيون ”احمد“ ڪرم ڪري،
اچ پاڻ پرين تون پير ڀري،
مِل موت ڪنان اڳ يار اچي،
هِت آهيان هاڻي پساهن ۾.
پشپا ولڀ
گل مهر جي موسم
بَس تنهنجو شهر ڪيڏو جلد پوئتي ڇڏي آئي
سڀ شيءِ پوئتي رهجي وئي
تنهنجي خوشبو پر مون ساڻ هلي آئي
ڳاڙهن گلن جي مند ۾ ملبو آهي،
ائين چيو اٿن
ڳاڙهن گلن جي رت اسان لاءِ
شايد جدائي کڻي آئي
جنهن مند ۾ اسان ملنداسين
هٿ هٿن سان ملندا
اُهائي رنگين گلن جي موسم
پيلي پيلي پن ـــ ڇڻ جي موسم
ڳاڙهن گلن جي موسم بڻجي ويندي
گل مهر جي موسم بڻجي ويندي
بخشڻ مهراڻوي
مون کي اهو ڪجهه ياد آهي،
جو مون وسارڻ چاهيو ٿي
۽ مون کي
اهو ڪجهه وسري چڪو
جو مون ياد ڪرڻ چاهيو ٿي.
کيم چند شرما
مان
ڪڏهن ڪڏهن
سوچيندو هانۡ
ته هميشہ
رات ئي رات هجي
ڪاري اُماس رات
جنهن جي آغوش ۾
مان ۽ صغير ٻچڙا
ستا پيا هجون
نه ڪي سورج ڪني ڪڍي
نه ئي سڪيلڌا ٻچڙا
پاڙي وارن ٻچڙن جي هٿن ۾
نيون نيون چيزون ڏسي
روئن، رڙن، ڦڏو ڪن
۽
مان مجبورن غصي ۾ اچي
چماٽون ڪشي ڪڍانِ.
فهيم انصاري
اها انسان سان
ڪيڏي وڏي ٽرئجڊي آ
جو،
هن کي پنهنجي
زندگيءَ تي ئي
ڪو اختيار ڪونهي.
ارم محبوب
نئون رشتو!
تو چيو هو...
نه جيءَ سگهندين...
مون بنا...
مون چيو هو...
جيءَ ڇا ڪندس...
مان تو بنا...
ڪڏهن چنڊ به ڇا...
ٿيو آ تارن کان دور...
گل کان به ڇا...
ٿي سگهي آ سڳنڌ دور...
تڏهن ياد اٿم...
تو چيو هو:
سمنڊ کان به...
ڪڏهن لهرون...
ٿيون آهن ڇا ڌار!
پوءِ تون ۽ مان...
ڪيئن ٿي سگهون ٿا دور؟
پر ڏس!
هاڻ مان به تو کان
آهيان دور... ۽ تون به
مون کان دور...
مان به جيان پيو...!
۽ تون به...!!
جو تو ۾...
۽ مون ۾...
رشتو هُيو...
فقط ڪجهه...
خوبصورت ڊائلاگن جو!
عزيز گوپانگ
جيڪو
منهنجي
ڪوٽ جي
ڪالر ۾ لڳل آهي
ڇا
توکي
ايترو وڻي ٿو
جيترو مون کي وڻي ٿو
گل
جيڪو
تنهنجي
وارن ۾ پوتل آهي.
امام راشدي
احساس
سپنا تنهنجا، جاڳي جاڳي،
ڏسندو آهيان،
کِلندو آهيان،
احساسن ۾ پسندو آهيان،
ملندو آهيان،
جڏهن تنهنجي،
مُک تي،
مُرڪ ايندي آ، تڏهن مان،
پيار جي پيچري تي،
ڪي پل،
ڪي ساعتون،
پاڻ کي تو ۾،
سمايل محسوس ڪندو آهيان.
فرخ ناهيد ميمڻ
ٽه سٽا
لڙڪن کانسواءِ ڇاهي؟
جيون جي ڪشڪول ۾
خوشي به پنهنجي ناهي.
تو جنين تات
اکين آب آرتو
آڌيءَ رات.
جيان، پر ڪيئن؟
خوشين بنان ته جيان
پر تو بن ڪيئن؟
خوشين بنان ڇاهي؟
جيون جي مهراڻ ۾
ڪشڪول به خالي آهي.
ڀَرَ ۾ واهه
جَر تي پکي
تو ۾ منهنجو ساهه.
اکڙيون منهنجون سنڌو درياهه
اُن ۾ ڇوليون پيار جون
ڪر منهنجي پيار تي ويساهه.
لائق ٿيٻو
نه ڪا دلنوازي، نه ڪا غمگساري،
نه ڪنهن حال پڇيو، نه ڪنهن دل ڌتاري.
سڄو ڏينهن پيڙا، سڄي رات اُلڪو، رڳي ياد تنهجي، رڳو بيقراري.
نراشا نراشا نه آنند نه آشا، ائين ئي اسان آ حياتي گذاري.
نه موسم ئي بدلي نه گل ڪو ٽڙيو آ، خزان ئي خزان آ ڪٿي آ بهاري.
اوهان جون ڀلايون اسان تي سدائين، غمن جون گهٽائون، نئين
سوگواري.
ادائن سان گهائڻ، نگاهن سان چاهڻ، اها دل نيڻ جي به عادت نياري.
اسان ظلمتن ۾، اوهان روشنين ۾، خدا جي خدائي، جباري قهاري.
اصغر هالو
پنهنجي عبادتن جا زمانا قضا ڪري.
زنده مان آهيان صرف اوهان سان وفا ڪري.
ممڪن ڪٿي جو ذڪر ڪوئي ٻيو ڀلا ڪري،
جيڪا زبان ٿي يار جي هر هر ثنا ڪري.
منهنجا زخم اوهان کان سواءِ ڇٽڻ محال،
ڀل پيو طبيبِ شهر سدائين دوا ڪري.
شايد حيات جا ڪي ٻه ـــ ٽي ڏينهن وڌي وڃن،
اي دوست پنهنجو پاڻ کي توتان فدا ڪري.
خون رنگ سجده گاهه ڏسي دل پڇڻ لڳي،
هت ڪير ٿو نمازِ محبت ادا ڪري.
اصغر ٻڌان ٿو وصل جي منزل آ قريب،
آسان شل خدا هي سڀئي مرحلا ڪري. |