سيڪشن؛ رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 1988ع (1 ۽ 2)

 

صفحو :13

ڪهاڻيون

 

”اُهي دلگداز ۽ روح فرسا گهڙيون، جن جي ٻاٽ اوندهه ۾ ظلم ۽ تشدد جي ڇڙواڳ ديو جو وحشي هٿ، قوت ۽ طاقت جي آڙ ۾، زندگيءَ جي معصوم ۽ ڪنول جهڙين اڇين اُجرين دلين کي ٽِڙڻ ۽ کلڻ کان اڳ مروٽي ٿو اُڇلائي، سي ڪائنات تي هڪ لرزه انگيز سڪوت طاري ڪيو ڇڏين. شاعر ۽ اديب پنهنجي غمزده خاموشيءَ ۾ غرق ٿي ٿو وڃي. مشاهدي جي اک مان وهيل ڳوڙها، قلم جي ذريعي ڪاغذ تي ڳڙي، خاموش زبان ۾ جو ڪجهه نقش ٿا ڪن، ان کي ماڻهو شعر ۽ افسانو ٿا سڏين.“

ــــ غلام محمد گرامي

 

اسان اُڌرا آڻي آونگ چاڙهيا

حميد سنڌي

 

اسان وٽ تَر ۾ دوستيون ٻُڏنديون ۽ ترنديون آهن، پر اسان جيئن سيٺ خداڏني کي نياز محمد تي ساهه ڇڏيندو ڏٺو، اها ڄڻ اڻ ٿيڻي هئي. ٻي شادي نياز محمد ڪئي، ٽڙي اصل سيٺ خدا ڏنو پيو. ڏاڏي پوٽي ته هيس پر سيٺ خدا ڏني جو خيال هو ته زال مٽيل چڱي. سو نياز محمد ڳولي وڃي اهڙي لڌي جو کانئس ته وڏي هئي، پر ساڻس گڏ پُٽ به هو. پر شادي، شادي هئي، سا به نيازمحمد عشق ڪمائي ڪئي هئي. خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، ڄڻ کيپ کَٽي هئائين. سيٺ خدا ڏني به نچي ڪڏي پرڻايو هيس.

اصل ۾ نياز محمد جڏهن ننڍو هو ته اچي سيٺ خدا ڏني جي پنسارڪي دڪان تي نوڪر ٿيو ۽ پُڙيون ٻڌي وڏو ٿيو. اچي جو خدا ڏني کي ڀاڳ لڳو ته وڏو واپاري ٿي ويو. ان سان گڏ نياز محمد به سيٺ نياز محمد ٿي ويو. سيٺ خدا ڏني جو ڀائيوار ۽ ڪرتا ڌرتا اصل ۾ نياز محمد ئي ته هو. گيهه جي ايجنسي هجي يا ڀاڻ جي، اَن جو واپار هجي يا ڪنهن ٻي جنس جو، سيٺ خدا ڏنو ساڻس نه رڳو ڀائيوار هو، پر وک وک تي صلاحڪار هو.

چون ائين ٿا ته سيٺ خدا ڏني جو نياز محمد سان ڏاڍو پيار هو. اصل ڪا ميخ لڳل هئس جو هو گهڙي به کيس پري نه ڪندو هو. رات هجي يا ڏينهن، سيٺ خداڏنو ۽ نياز محمد جُٽَ هوندا هوندا هئا. گهڻو ڪري سيٺ خدا ڏنو ماني ئي نياز محمد وٽ کائيندو هو. جڏهن کان نياز محمد نئين زال پرڻيو ته سيٺ خدا ڏنو گهڻو وقت نياز محمد جي نئين گهر گذاريندو هو. هيءَ نئين مائي گلان نياز جو عشق ته هو، پر هئي چڱي عمر جي! سيٺ خدا ڏني سان ته سن مک ٿي ايندي هئي ۽ پئي اورگهور ويندي هيس. سيٺ خدا ڏنو ڏاڍو خوش ٿيندو هو، جڏهن مائي گلان کيس زور ڏئي، ننڍڙي ڪرائيندي هئي.

هوڏانهن واري نياز محمد کي به ڪو سال ئي ڪونه گذريو ته اچي بيمار ٿيو ۽ کنگهه کڙڪو ٿيس. چاليهن پنجتاليهن جو هوندي به لڳو پئي ته ڄڻ سٺ جو آهي. سيٺ خدا ڏني دوا درمل نه ڪرايس، پر ڏس به ڏنائينس ته ٽين شادي ڪر پر ننڍي نيٽي، بنهه جوان ٿي پوندين. نياز محمد به سيٺ خدا ڏني جي هشڪر ۽ ڏوڪڙن جي زور تي ٽين شادي به ڪري ورتي. ننڍي نيٽي حُسنا ڄڻ خريد ڪري آيو. پر نياز محمد ۾ وت ۽ ست گهڻو هو؟ نئين شادي اچي پاسا ورتس. خبر تڏهن پئي جو اچي کٽ تي پئجي رهيو. واپاري ڀلو هو ۽ ساک چڱي هيس، ڪجهه ڏينهن ته جالاري ويو، پر آهستي آهستي هو پوئتي پئبو ويو.

سيٺ خدا ڏنو منجهند ٽاڻي دستور موجب وٽس ايندو هو؛ ۽ کانئس طبيعت پڇي دوا دارون جي ڪري، هو ٻئي ڪمري ۾ کٽ تي چڙهي ويهندو هو. هاڻ وري نياز محمد جي نئين زال حُسنا ماني کڻي اچي اڳيان رکندي هيس. هو جيسين ماني کائيندو هو، حسنا وڃڻو هڻندي هيس ۽ پوءِ جڏهن سيٺ خدا ڏنو ننڊاکرو ٿيندو هو ته حسنا کيس زور ڏئي سمهاريندي هئي. ڪڏهن سيٺ جو خيال ڦرندو هو ته گلان واري پاسي، ان جي ڪمري ۾ هلي ويندو هو ۽ هوءَ به ائين خدمت ڪندي هيس، جيئن هو وٽس اڳ ايندو هو. ڪڏهن اوڀاريون لهواريون ڪندس، ڪڏهن ماني ٽڪر کارائي ننڊڙي ڪرائي، شام جو دڪان تي روانو ڪندي هيس. باقي نياز محمد جي ڏاڏي پوٽيءَ واري گهر، هاڻ گهٽ ويندو هو. ڪنهن زماني ۾ ته وڏا ڦيرا هيس. هاڻ جڏهن به ويندو هو ته سڄو گهر کيس پِير ڪري مٿي وهاريندو هو. مائي ۽ نياڻيون پيرن ۾ بيٺيون هونديون هيس ۽ خدا ڏنو اُت به پَرسن هوندو هو.

نياز محمد جي بيماري ۾ به هو سڀني گهرن کي خرچ پکو پهچائيندو رهيو ۽ سندس ڪاروبار کي به هلائيندو رهيو. هوڏانهن وري نياز محمد جي علاج ۾ وسان نه گهٽايائين. ڪو ڊاڪٽر، ڪو شهر، ڪا اسپتال نه ڇڏيائين. پر نياز محمد آهستي آهستي پوئتي پئبو ويو ۽ نيٺ پنجاهه جي ئي پيٽي ۾ هيءَ جهان ڇڏيائين.

سيٺ خدا ڏنو نهايت جهانديدو ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ڪرائڻ کي ته هن نياز محمد کي ٽي شايون ڪرايون، ان ۾ سندس مرضي به شامل هئي، پر هاڻ جو ان مان عيال ٿيو ۽ خرچ پکو ايترو ته پي هليو جو سيٺ خدا ڏني جهڙو ماڻهو ته بنهه ويچار ۽ ڏچي ۾ پئجي ويو. نياز محمد کي پهرين زال مان ٽي جوان ڌيئر ۽ هڪ پٽ هو. گلان هڪ جوان پٽ رانجهو کڻي ته آئي پر بي اولاد رهي. حسنا هڪ ڌيءَ ڄڻي ۽ اڃا هنج تي ئي هيس جو نياز محمد هيءَ جهان ڇڏيو.

سيٺ خدا ڏنو پاڻ اڪيلو هو جو ڪو زمانو ٿيو ته سندس زال گذاري وئي ۽ نه وري کيس ان مان ڪو اولاد ٿيو. سيٺ خدا ڏني جي زندگي، دوڪان، اُن سان لڳ پاسي ۾ اوطاق، نياز جي سنگت ۽ ان جا ٻار هئا. پر هُنَ انهن سڀني کان اُتم حقيقت ۾ پيسي کي رکيو. واپار هڪ پئسي کان شروع ڪيائين، هو اڄ لکن ۾ هو. کانئس پئسو ڇڏائڻ به مشڪل هو. سندس لاءِ مشهور هو ته وٽانئس ڪانگ به نيرانا ويندا هئا. هُڻ جي ماني به ٻاهر هوندي هئي. نيرن منجهند نياز جي گهر ته رات جي ماني، کير ۽ جوئر جي ماني ڀاءُ جي گهر کائيندو هو ۽ اتي ئي اباڻي گهر ۾ رهندو ڪندو هو.

گهر هلائڻ جو ڪو خاص تجربو ته ڪونه هئس، پر هاڻ ٽي گهر سندس حوالي هئا. نياز جو ڌنڌو پڻ کيس مليو. ڏوڪڙ پئسا ڌراوتون سڀئي ڄڻ ته سندس ٿيا. نياز جي ٽنهي گهرن کيس اهوئي پير ڪري پئي پوڄيو، جيئن اڳ هو. ائين ئي هر گهر ۾ ويندو هو. مانڙي کائي زور ڏياريندو هو جو زور سندس ڪمزروي هوندا هئا. شام ٽاڻي واپس دوڪان تي ايندو هو ته سندس ٿڪ لٿل هوندا هئا. پر جيئن جيئن هو پئسا روڪيندو ويو، ٽنهي گهرن ۾ مانڌاڻ مچندو ويو ۽ خدا ڏني ان ٽمجهڻ کان بچڻ لاءِ اچڻ وڃڻ به گهٽائي ڇڏيو ۽ ماني دوڪان تي نياز جي اڳ ڄائي رانجهو جي هٿان گهرائي وٺندو هو. هاڻ منجهند اوطاق تي گذاريندو هو. جڏهن هن خرچ کان بنهه هٿ روڪيو، رانجهي جي هٿان موڪليل نياپن تي به هو نه ويو ته نياز محمد جا ٽئي گهر ڄڻ ته لُڏي ويا.

پهريون نياپو حسنا جو هئس، جيڪو وَر وَر رانجهي پئي پهچايو. حسنا ٿڪي ته رانجهي جي ماءُ مائي گلان سنيها موڪليس، پر سيٺ خدا ڏنو چري ڇو ٿو. ٿورو گهڻو ڳنڌڻ ۽ ان پاڻي موڪليو ته واه واه نه ته مڙئي خير ٿيو.

نيٺ صلاح ڪري مائي وڏي کي دانهن ڏنائون، جيڪا هاڻ پڻ ڏئي وٺي بيٺي هئي. نيٺ ته کاڌو پيتو ۽ چوڙ به کپي. سندس ٽي نياڻيون اچي جوان ٿيون هيون. خدا ڏني کي ان جي نياپن به گهٽ اثر ڪيو. هاڻ وٽس ٻه دوڪان، وڏو واپار، ايجنسيون، جايون جڳهيون جام هيون. وٽس فرصت به نه هئي جو وسرام کڻي ڪري.

هڪ ڏينهن جيئن هو منجهند ٽاڻي دوڪان بند ڪري، اوطاق ۾ وڃي ويٺو ۽ جيسين ماني اچي، تيسين هو جوڙ ڪٽ ۾ مصروف هو ته سندس ڪمري جو در کليو ۽ هُن مائي وڏي کي اندر گهڙندي ڏٺو. خدا ڏنو بيهي رهيو.

”جنان تون هيڏي ڇو آئي آهيو؟“

”سڏن نياپن تي نه لڙندين ته آخر اينديس، نه ته ٻيو ڇا ڪنديس.“

”اوطاقن تي مايون اينديون آهن ڇا؟“

”مان مائي نه آهيان سائين خدا ڏنا. اسين تنهنجون ننگ آهيون. مان جوان ٽن ڌيئرن جي ماءُ آهيان. توکي چڱي پر خبر آهي، مان هاڻ هنن جوان ڌيئرن کي ڪاڏي نيان. هاڻ هنن جي واهه ڪڍ ۽ ننگ سنڀال. مان توکان پئسو ڏوڪڙ ڪونه ٿي گهران يا نياز جي ڌنڌي جو ڪو حصو نه ڪو حساب. سمجهئه خدا ڏنا!“

خدا ڏنو سڄو پگهرجي ويو. هو ڏڪندو ويهي رهيو. نيٺ همٿ ڪري چيائيس، ”ٺيڪ آهي، بهرحال مون کان جيڪي ٿيندو مان ڪندس. تون هاڻ هتان هل.“

مائي وڏي کيس هڪ دفعو گهوري ڏٺو. کيس پگهر ۾ شل ۽ هٿ ڏڪندي ڏسي، وٽي ۾ پاڻي اوتي کيس پياريو ۽ ايترو چيو، ”سائين خدا ڏنا! تون اسان سڀني جو سڀڪجهه آهين. موٽي آ. پيسو سڀڪجهه نه آهي. اسين توکان حصو نه گهرنداسين. تون ئي اسان جو نياز آهين. تو اڳ به اسان کي سنڀاليو هو، هاڻ به اسان تي هٿ رک.“

ٿڪل پگهريل سيٺ خدا ڏنو آهلي پيو. مائي وڏي کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا ۽ کيس جڏهن سجاڳي ٿي ته ڪمري ۾ ڪير به نه هو.

سيٺ خدا ڏني کي ائين لڳو ته هُن خواب ڏٺو آهي. سندس پاسي ۾ حساب ڪتاب جون بنديون پيون هيون، هو وري انهن ۾ اهڙو رُنبجي ويو جو کانئس اهو وسري ويو ته مائي وڏي وٽس آئي به هئي ۽ کيس ڪجهه چئي وئي هئي.

اڃا ڏينهن ئي ڪونه گذيا ته رانجهو، ماءُ کي وٺي سندس بيٺڪ ۾ آيو.

”هيءَ ڪهڙي مشڪري لاتي اٿو. ان ڏينهن مائي وڏي آئي، اڄ وري تون گلان آئي آهين. بابا، توهان جو حساب ڪتاب ئي ته ٺاهيان ٿو. حصي ۾ جيڪي ايندو گهر ويٺي پهچائيندس.“

”تون ڇا حساب ڪتاب ڏيندين خدا ڏنا. ٻه سال گذري ويا آهن، اسين انگ لاءِ به واجهايون ٿا. تنهنجو ڄڻ ته ننگ نه هئاسين. تو ته جيئري سڀني کي دفنائي ڇڏيو آهي. تون گهر ته اچ، اسين ڍڪ گهرون ٿا، اسين ڇپر ڇانو گهرون ٿا. اسان کي ائين نه رول، خدا ڏنا!“

”ٺيڪ آ ٺيڪ آ. مان ايندس، هاڻ تون هل. اڙي، رانجها! ماءُ کي وٺي وڃ ۽ هيءَ اوطاق آهي، هٽ نه! هن کي نه آڻيندو ڪر. سمجهيئه.“

”خدا ڏنا! رانجهو منهنجو جوان پٽ آهي، تنهنجي نوڪري ڪري پيو، ڏس ان کي به تون چڱي طرح پگهار نه ٿو ڏين. ڏسجانءِ جوان جماڻ نينگر آهي، ڪا گستاخي نه ڪري وجهي!“

”هان! توهين مون کي ڌمڪايو ٿا، هتان نڪري وڃو ـــ چوان ٿو ته هليا وڃو.“ خدا ڏنو ڏڪڻ لڳو.

ائين رانجهو اڳتي وڌڻ لڳو، پر گلان ٻانهن کان وٺي ٻاهر ڪڍيس ۽ اندران در ڏئي ڇڏيائينس. خدا ڏنو پگهرجي ڪريو، مائي گلان وڃي سندس پير ورتا، تريون مهٽيائينس، وٽي ۾ پاڻي پياريائينس، پوءِ اچي زور ڏنائينس ۽ ائين سيٺ خدا ڏنو اتي ئي سمهي پيو. جڏهن جاڳيو ته اُت ڪجهه به نه هو. اهي ئي بنديون، اهي ئي حساب ڪتاب، اهائي ملڪيت، اهوئي موهه. هو سڀ کي خواب ڄاڻي مليڪت جي موهه ۾ وري جُنبي ويو.

هن اهو خواب وساريو مس ته هڪ نٽهڻ جو حسنا سندس اوطاق ۾ گهڙي آئي. خدا ڏني ڇرڪ ڀريو، ”نيٺ تون به آئينءَ!“

”مان توسان آخري دفعو ملڻ ۽ هن ننڍڙيءَ کي ملائڻ آئي آهيان.“

خدا ڏني اُن ٻارڙيءَ کي ته نه ڏٺو، پر سندس نڪتل پيٽ تي نظر وڃي پئي ۽ هو ان کي گهوريندو رهيو، ڄڻ ته پڇندو هجيس:

”اهو ڪٿان آيو؟“

حسنا سندس نظر جو پيڇو ڪندي چيو.

”تون وڏو ظالم آهين خدا ڏنا! تو اسان کي ڇا سمجهيو آهي ۽ ڇا بڻايو هي. اچ ته ڏيکاريانءِ.“

ائين چئي هوءَ زوم سان ٻاهر نڪتي. خدا ڏنو پهريون دفعو اڳتي وڌيو ۽ سندس ڪڍ پيو.

جيئن حسنا اوطاق جي ٻاهران نڪتي ته سيٺ خدا ڏنو به ٻاهر نڪتو. هُن پٺي ورائي، خدا ڏني کي گهوري ڏٺو. زهريلي مشڪ مشڪي، ٻاهر گهٽي وٽ بيٺل موٽر ۾ چڙهڻ کان اڳ ڪار جي در وٽ بيٺل ڀريل بت واري شخص کي چيو، ”هلو سائين!“

پوءِ پٺي ورائي چيو، ”سيٺ خدا ڏنا، هيءُ رئيس الله بخش آهي، منهنجو مڙس! سمجهيئه. جي گوٿناٿ ڪئي اٿيئي ۽ نياز جي ملڪيت مان حصونه ڏيندين ته آنڊا ڪڍرائي ڇڏينديمانءِ! سمجهيئه.“

هُن برقعي جو پلئه هيٺ ڪيو ۽ ڪار ۾ اڳينءَ سيٽ تي ٽپ ڏئي چڙهي ويٺي ۽ ڪڪڙيءَ کي به پاڻ سان وهاريائين ۽ چيائينس، ”بيبي، بابا وڏي کي سلام ڪر.“

رئيس الله بخش سندس پاسي وارو در بند ڪيو ۽ سيٺ خدا ڏني کي گهوري ڏٺو، شهپرن تي هٿ رکيو ۽ پوءِ ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي، هڪ ئي سَٽ ۾ گهٽيءَ مان ڪار ڪڍي ويو.

سيٺ خدا ڏنو اُت ئي بيٺو رهيو. سدنس هڪ هٿ اوطاق جي ڀت تي هو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي گسڪندي وڃي فرش کنيائين. رانجهو، جيڪو ماني کنيو پئي آيو، سو ماني ڇڏي ڊوڙندي وڌيو.

هن نٽهڻ ۾، هُن کي سيٺ خدا ڏني جو بت برف لڳو. خدا ڏني هڪ وار اک پٽڻ جي ڪئي، هن رانجهي کي ڏٺو. هن کي هيءُ ويل خواب جي ويل نه لڳي. کيس سڀ سچ ۽ ساڀيا لڳي. سندس اک مان ٻه لڙڪ لڙيا ۽ هن رانجهي جو هٿ وٺي چپ تي رکڻ جي ڪئي. پر هو ائين نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهڙيءَ ۾ ائين ٿيندو آهي، اها ڪا نئين يا پراڻي ڳالهه ڪانهي.!

 

 

سامي سِڄَ وڙاءُ

(قسط ـــ 2)

مراد علي مرزا

 

ڪيترائي ڏينهن لنگهي ويا، موسمن ڦيرا کاڌا، وڻن ويس مٽايا، ٿڌين ڪوسين هوائن ميدانن جي مٽي هڪ هنڌان کڻي ٻئي هنڌ پهچائي. زمين جي پيٽ مان ڪئين سلا، ٻوٽا ۽ وڻ اڀريا، گؤنچ ٽڙيا، وڻن ٻور جهليو، ميوا ٿيا، اَنَ لٿا، وري اهي ئي ٻوٽا ۽ سلا سَڙي سُڪي چؤپاين جو کاڄ ۽ باهه جو بک ٿي ويا.

ڏينهن گذرڻ سان گڏ لطيف جو جيءُ به جهرندو ويو، سندس دکي دل ڪنهن به ڪم ۾ نه ٿي لڳي. ڪابه ڳالهه سندس مُنهن تي مرڪ نه پئي آڻي سگهي. ڦوهه جواني هوندي به سندس روشن چهرو پوئينءَ رات جي ڦهڪي چنڊ جهڙو ٿي لڳو. هن ماءُ پيءُ جي اڳيان وڃڻ کان پاسو ڪيو ٿي. بزرگ خاتون جيڪا هاڻي بنهه ڪراڙي ٿي ويئي هئي، اها هر وقت پئي دعائون ڪندي هيس. هن جي هٿ ۾ تسبيح ۽مٿي تي ٻوڪي ويڙهيل هوندي هئي. کٽ تي ويٺي هوءَ هر هر اکيون کڻي ان ڪوٺڙيءَ ڏانهن نهاريندي هئي، جتي لطيف مونن ۾ منهن ڏيو ويٺو هوندو هو. سندس دل ۾ عجب عجب جهڙا خيال واسو ڪري ويندا هئا. سوچيندي هئي ته حياتيءَ جا باقي الائجي ڪيترا ڏينهن رهيا آهن! مائٽ اولاد جو ساٿ ڪيستائين ٿو ڏئي سگهي؟ هڪڙي ڏينهن اجل اچي اڳيان بيهندو. ساهه جنهن جي امانت آهي، ان ڏانهن کڻي ويندو ۽ هيءُ پاپ جو پڃرو زمين ۾ وڃي پوريندا. ان ڏينهن دنيا جا لڳ لاڳاپا، رشتا ناتا، محبتون نفرتون، ڏک سور ۽ راحتون، سڀڪي، هر ڳالهه ختم ٿي ويندي. سچ چون ٿا ته جيءُ آهي ته جهان آهي، هيءُ جهان جيئرن جو آهي، مئن جو هن دنيا سان ڪهڙو واسطو؟ بزرگ خاتون هڪ ٿڌو ساهه کنيون، سندس ڪراڙين اکين مان ڳوڙها نڪري گهنجيل ڳلن تان وهندا هيٺ ڪريا ۽ رئي ۾ جذب ٿي ويا.

اوڏيءَ مهل ڳوٺ جي مسجد مان مغرب جي ٻانگ جو آواز اڀريو. بزرگ خاتون رئي جي پلاند سان ڳلن تان ڳوڙها اگهيا، رئي کي مٿي تي ٺاهيو ۽ کٽ تان اٿي اچي مصلي تي نماز پڙهڻ لاءِ ويٺي.

اهو وقت هوندو هو جو لطيف پنهجي ڪمري مان نڪري پير پير ۾ ڏيئي گهر کان ٻاهر هليو ويندو هو. اڄ به هو هميشہ جيان ٻاهر نڪري ويو. ماٺ ميٺ ۾، هن گهر جي ڪنهن به ڀاتيءَ ڏانهن ڪونه نهاريو. سندس اکيون هيٺ هيون ۽ ذهن ۾ طرح طرح جيان خيال پئي ڦريس. هو ڪيڏانهن پئي ويو؟ اها کيس به ڄاڻ نه هئي. ڳوٺ ۾ هرطرف سانت هئي. ڳوٺاڻا ڪڏهوڪو سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کان پوءِ ساڻا ٿي پنهنجن گهرن ۾ وڃي ٿانيڪا ٿيا هئا. ڪن وري مسجد ۾ الله تعاليٰ جي عبادت پئي ڪئي. رات جي اونده ڳوٺ کي وڪوڙي ويئي هئي. ڪکائن گهرن مان ۽ جهوپڙين مان هلڪو هلڪو دونهون نڪري آسمان ڏانهن پئي ويو. وهٽن گاهه پئي چريو يا وري اوڳر پئي ورائي. پريان رکي رکي ڪتن جي باهوڙ جو آواز پئي آيو. لطيف پنهنجن ئي خيالن ۾ هنلدو رهيو. تان جو اهو آواز جهڪو ٿي ختم ٿي ويو. رات جي سانت ۾ هاڻي رڳو کيس پنهنجن قدمن جو آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيو. هلندي هلندي هڪڙي هنڌ بيهي رهيو. پريان تمام پريان هلڪي هلڪي هوا جي هنج ۾ مٺڙي سريلي آواز ۾ ڪنهن ڏاڍي سوز ۽ سڪ مان پئي ڳايو:

بَهُوت دِنان ڪي جووَني، برهن پوِ پايا هو،

رَتن ڪَرون نڇاورِي، لي آرتي ساجن هو.

لطيف اتي ئي زمين تي ويهي رهيو ۽ ڏاڍي ڌيان مان اهي سوز ۽ سڪ ڀريا لفظ ٻڌڻ لڳو. راڳي اهي بيت ورَ ورَ ڏئي پئي ڳايو. ’ڪيترن ڏينهن جي اوسيئڙي ۽ انتظار کان پوءِ ونيءَ کي پنهنجو وڇڙيل پريتم موٽي مليو آهي. هوءَ ماڻڪ موتي گهورڻ گهري ٿي ۽ ائين هن جي آرتي سينگارڻ جو سعيو ڪري ٿي.‘ يڪتاري ۽ چپڙين جي وڄت سريلي ۽ سوز ڀري آواز سان ملي هڪ مانڊاڻ منڊي ڇڏيو. لطيف ان طرف منهن ڪري اکيون پوري ڇڏيون، جتان اهو من موهيندڙ آواز پئي آيو. مٺڙن لفظن، سازن جي سهڻيءَ وڄت ۽ سريلي آواز جو جادو لطيف جي وجود کي وڪوڙيندو ويو. ايتري ۾ اهو آواز بند ٿي ويو. هلڪي هلڪي هوا سازن، سرن ۽ لفظن جي آواز کان خالي ٿي ويئي. پر لطيف جي ڪنن ۾ انهن آوازن جو پڙڏاو گهڻي گهڻي دير تائين ٻُرندو رهيو. هن ڇرڪي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. چوڌاري اوندهه ۽ چپ چاپ هئي. اڃا چنڊ به نه اڀريو هو. هن پنهنجي اندر ۾ هڪ اَڻ ڄاتل ڇڪ محسوس ڪئي. هو پاڻمرادو اٿي بيٺو. سندس قدم ان پاسي وڌڻ لڳا، جتان ٿوري دير اڳ اهي آواز پئي آيا.

جلد ئي لطيف ان جوءِ جي ويجهو پهچي ويو. وچ ۾ باهڙي پئي دکي. باهه جا ننڍڙا اُلا اوندهه ۾ روشني پکيڙي رهيا هئا. ان جي چوڌاري ڪاپڙي ويٺا هئا. ڪن پٽ، ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪن چير. سندن وارن ۾ چيڙهه هو ۽ چڳون ڪلهن تي پئي لڙڪين. سڀني جا ڪنڌ هيٺ هئا ۽ اکيون پوريل، ڪفنيون پاتل هئن. ڪنهن ڳوڙهي ڌيان ۽ گيان ۾ هئا. لطيف کي سياٽو محسوس ٿيو ۽ سندس سمورو جسم لرزي ويو. هو اتي ئي بيٺو رهيو. سمجهه ۾ نه پئي آيس ته ڇا ڪري! هڪڙي ڪاپڙيءَ ڪنڌ کڻي ڏانهس ڏٺو. باهڙيءَ جي ٿڌي روشنيءَ ۾ ڪاپڙيءَ جون مڻيادار اکيون چمڪڻ لڳيون.

”بابا! پري ڇو بيٺو آهين؟ ويجهو اچي باهڙيءَ وٽ ويهه.“

لطيف هڪدم آواز سڃاڻي ويو. ان ۾ ڪيترو نه ميٺاج هو؛ ڪيترو نه سوز هو؛ آواز، جنهن جو پڙاڏو اڃا تائين سندس ڪنن ۾ پئي ٻريو. هو ان هنڌ ويهي رهيو. چوڌاري سانت ٿي ويئي. سڀني جا ڪنڌ هيٺ هئا؛ سڀئي ڪنهن ڳوڙهي فڪر ۾ هئا. مچ ۾ باهه جا ننڍڙا ننڍڙا اُلا هڪٻئي سان لڪ لڪوٽي ڪندا رهيا.

”فقير سائين!“ لطيف ڪاپڙيءَ ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ چيو، ”اوهان جيڪو هينئر ڀڄن پئي ڳايو، ان منهنجو من موهي وڌو آهي.“

ڪاپڙي لطيف کي چتائي ڏسڻ لڳو: ”بابا! انهن جي ڳائڻ سان اسان جي اندر کي آسيس اچي ٿي، روح راضي ٿئي ٿو، من مالڪ جي مالها جپڻ لڳي ٿو.“ ائين چئي ڪاپڙي ماٺ ٿي ويو. لطيف جي نظر باهه جي ننڍڙن اُلن ۾ وچڙڻ لڳي.

”پر منهنجي من جي آنڌ مانڌ ته ويتر وڌي ويئي آهي،“ لطيف ڪاٺيءَ جو ننڍڙو ٽڪر کڻي مچ ۾ اڇلائيندي چيو.

”بابا! اها ته تنهنجي اکين مان پئي ليئا پائي. اکيون انسان جي اندر جو آئينو هونديون آهن.“

لطيف ڪاپڙيءَ ڏانهن ڏٺو. ڪاپڙيءَ جي منهن تي هلڪي هلڪي مرڪ هئي.

”ته پوءِ اها اندر جي آنڌمانڌ ڪيئن پوري ٿئي؟“

”اها آنڌمانڌ ۽لوڇ پوڇ جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويندي. اها پوري ٿي ته پوءِ ڪي به ڪين رهندو،“ ڪاپڙيءَ لطيف جي پيشانيءَ ۾ ڏسندي وراڻيو. هن وري پاسي رکيل يڪتارو کڻي ان جي تند چوري ۽ ڳائڻ شروع ڪيو:

هي ري مين تو پريم ديواڻي،

ميرا درد نه جاڻي ڪوئي.

سولي اوپر سيج هماري،

ڪس بڌ سونڻا هوئي.

گگن منڊل پر سيج پيا ڪي،

ڪس بڌ ملڻا هوئي.

گهايل ڪي گت گهايل جانڻي،

اور نه جاڻي ڪوئي.

درد ڪي ماري بن بن ڊولون،

ويد مليا نهين ڪوئي.

ميرا ڪي پرڀو پيڙ مٽي گي،

جب ويد سنوليا هوئي.

لطيف هڪ ڀيرو وري لفظن، سُرن ۽ سازن جي وڄت ۾ وڃائجي ويو. اکيون پورجي وييس ۽ دل ۾ فرحت جون هلڪيون هلڪيون لهرون اٿيندي محسوس ٿيس. وقت ڄڻ بيهي رهيو. پريم ۽ پيار جي چوڌاري پالوٽ ٿيندي رهي. لطيف کي لڳو، ڄڻ ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون هيون. ڳوڙها اکين مان نڪري، ڳلن تان وهي، سونهاريءَ ۾ جذب ٿيندا ويس. ڪيتريءَ ڪيتريءَ دير تائين هو ڀڄن جي لفظن تي ويچاريندو رهيو. اهو پريم ئي ته هو جنهن سندس دل ۾ واسو ڪيو هو. ان پريم ئي کيس اهڙو درد ڏنو هو، جيڪو سندس سموري وجود کي وڪوڙي ويو هو. سندس پوريل اکين اڳيان هيڪر وري اهي ئي نظارا ڦرڻ لڳا: ڪوٽڙي مغل جا نظارا؛ مثل زاديءَ جو منهن منور؛ حويليءَ جي دري؛ رات جي سانت؛ مغل بيگ ڪيڏو نه سنگدل ۽ ڪٺور انسان آهي! والد جو مريد ٿيو. دعائون ورتائين، نريني اولاد لاءِ سڪيو ٿي. والد جي دعا سان ته پٽ ٿيس. ڪيترو نه ادب ۽ احترام ڪندو هو والد جو. پر منهجي رڳو ايتري چوڻ تي ته:

جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾،

تنهن کي لهر نه لوڏو.

هن سڀ ڪي وساري ڇڏيو. ادب ۽ احترام جون سڀئي حدون اورانگهي ويو. ايتريقدر جو اسان تي حملي ڪرڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو. وڏيرو احمد خان جيڪڏهن وچ ۾ نه پوي ها ته هوند مغل بيگ الائي اسان سان ڪهڙيون عقوبتون ڪري ها! ان کان پوءِ به اسان کي سک سان ويهڻ نه پيو ڏي. اهو سڀڪي منهنجي ڪري ئي ٿيو آهي. شايد والد صاحب جي ايترين تڪليفن جو ذميدار آءٌ ئي آهيان. منهنجو ابو، منهنجو سائين، منهنجو مرشد، منهنجي ڪري ئي کين اهي ڏينهن ڏسڻا پيا. کين ڪيڏو نه ڏک پهتو آهي! پر زبان مان ٻڙڪ به نه ڪڍي اٿن. صبر ۽ شڪر سان رهيا آهن. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ويجهو اچڻ نه ڏنو اٿن، لطيف جي اکين اڳيان شاهه حبيب جو نوراني چهرو ڦري ويو؛ هن جا نماڻا ٻول ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳس. هڪ ڀيرو دل ۾ آيس ته واپس وڃي والد جي پيرن تي ڪري کانئس معافيون وٺي، بخشائي.

”بابا! تون ماٺ ڇو ٿي وئين. ڪاپڙيءَ جو سريلو آواز لطيف جي ڪنن تائين پهتو. ”شايد ڏکويل ٿو ڏسجين، اَبا! هيءَ دنيا مايا اٿئي. هتي جا سڀ رشتا ناتا به مايا وانگر آهن.“ ايترو چئي ڪاپڙي ماٺ ٿي ويو ۽ لطيف کيس چتائڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن وري چوڻ شروع ڪيو. ”جي ڀائين ته من ماٺيڻو رهئي ته پنهنجيءَ دل ۾ سائينءَ جو ڌيان ڌر، ٻيا سڀ وهم گمان وساري ڇڏ.“

لطيف اکيون پوري ڇڏيون. سندس ذهن ۾ ڪاپڙيءَ جا لفظ ور ور ڏئي پڙاڏو ڪندا رهيا. کيس هڪ اڻ ڄاتل ۽ عجيب آسيس محسوس ٿيڻ لڳي. دل وهمن کان خالي ٿيڻ لڳس. مٿس ننڊ جو غلبو طاري ٿيندو ويو. چواڌري سانت ٿي ويئي هئي. مٿي آسمان تي چنڊ هوريان هوريان اولهه ڏانهن وک پئي وڌائي.

لطيف ڪيتري ڪيتري دير تائين ستو پيو هو. اوچتو کيس جاڳ ٿي. هن اکيون کوليون. سامهون مچ ۾ باهڙي جي ننڍن ننڍن اُلن جي بدران هاڻي رڳو رک هئي. پريان تمام پريان اوڀر ۾ رات جي ڪاراڻ سرمائي رنگ ۾ ڦرندي پئي ويئي. افق تي ڀنڀرڪي جا آثار پئي اڀريا. ڪڪڙن رات جي پوئين پهر جي پڄاڻيءَ جا دس هنيا. هڪڙي سرڻ پريان آسمان تي آواز ڪندي اڪيلي اڪيلي ڪنهن پاسي پئي اڏاڻي. جهرڪين ۽ طوطن جا ولر پنهنجن پنهنجن آکيرن مان نڪرندا پر ڦڙڪائيندا، چرپر ۽ ٽيائون ٽيائون ڪندا اُڏاڻا ۽ جدا جدا طرفن ڏانهن پکڙجي ويا. اوچتو مور جي ڪوڪ انهن آوازن کي چيريندي هڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي هلي ويئي. اوسي پاسي جي وڻن ٻوٽن ۾ صبح جي هير گهلڻ لڳي. اوڀر جي اڇاڻ آسمان مان هوريان هوريان هيٺ لٿي ۽ زمين تي پکڙجي ويئي.

ڪاپڙي اڳ ۾ ئي اٿي کڙا ٿيا هئا. هنن پيرن ۾ کرڪڻا ۽ چاکڙيون پاتيون، ڏندڻ پاڻيءَ کان واندا ٿيا ۽ پنهنجو پنهنجو سامان سورڻ لڳا.

”بابل هاڻي منزل کڻون ٿا،“ مڻيادار اکين واري ڪاپڙيءَ لطيف ڏانهن ڏسي ڏاڍي پاٻوهه مان چيو. ”اسان جي اڳئين منزل گنجو ٽڪر آهي. نيرون ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ۽ ڪالي ماتا جي مندر کان اولهه طرف، چون ٿا ته اتي مڙهيون آهن، مَٺ آهن ۽ تيرٿ آهي.“

وڃڻ کان اڳ ڪاپڙي دائرو ٺاهي ويٺا. لطيف به ساڻن گڏجي ويٺو. هڪڙي ڪاپڙيءَ بَگري مان ڏونئڙا، ڀرٽ ۽ پٽ بصر ڪڍيا، جيڪي سڀني گڏجي کاڌا ۽ ڇاڳل مان پاڻي پيتو. لطيف اهي شيون پهريون ڀيرو کاڌيون. کيس ان کاڌي جو ذائقو عجب جهڙو لڳو.

”بابا! هي شيون جهنگ جو مويو آهن،“ ڪاپڙيءَ لطيف ڏانهن ڏسندي چيو. ”اسان فقيرن جو گذران انهن تي هوندو آهي. اسين جهنگن ۾ رهون، برپٽ ۽ جبل جهاڳيون، وسندين کان ونئون وڃون. وسنديون دنيا وارن لاءِ هونديون آهن. الله لوڪن جا گهر گهاٽ ويرانا ۽ بيابان ٿين ٿا.“

ائين چئي ڪاپڙيءَ ڪلهي ۾ لڙڪيل سنک وات تي رکي ڦوڪيو. ٻين ڪاپڙين به سنک ۽ سنڱريون وڄايون ۽ هنن آديسين جو اهو ننڍڙو قافلو سنک ۽ سنڱريون وڄائيندو اڳتي، پنهنجيءَ منزل ڏانهن وڌڻ لڳو. لطيف کي هڪ عجب جهڙي ڇڪ محسوس ٿي. سندس پير پاڻمرادو ان طرف وڌڻ لڳا. مٿس هڪ اڻڄاڻ ڪيف چڙهي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com