”واپسي“
حفيظ ڪنڀر
هُن ٻِڌ هڻي واٽر ٽپيو ۽ ڪَنڊي جي چونڪڙي وارو ڪلاس وٺي وڃي
سامهن اِبو جي آئيٺن ۾ پيو. هُن ڏٺو ته ڪي ٽڪرا
اڃا ڪونه کيڙيل هئا، پر ڪڻڪ چڱي هئي، ۽ ڀُور ڪريو
بيٺي هئي. ههڙي ڪاڙهي تتي ۾ به ڪو ڇوڪرو جهار هڪلي
رهيو هو.
”ٻلو ــــ ٻلو ــــ هو ــــ آها ـــ ”چٽاخ“ کانڀاڻي جو ڳوڙهو
زوڪٽ ڪندو سندس ڪلهي وٽان لنگهي وڃي پرئين دُٻي ۾
”ڇُڙٻ“ ڪري ڪريو. ”ڀڻسان ڇوري....ماريو هو.“ هو
ڀڻڪيو. ڇوڪري اڃا کيس ڏٺو ڪونه هو. هو ٻنو ڏيئي
فقير واري اترئين پاسي واري ٻاٻري هُڙي ۾ ويو. هڪ
هنڌ ڏٺائين ته ڪنهن ٻٻر جي هيٺان زمين کي ڇلي ويهڻ
لاءِ ڪنڊا ٻنڊا پاسي ڪري جڳهه ٺاهي ڇڏي هئي. هُو
ور ۾ لڳل ڪهاڙي ڪڍي پاسي کان رکيل ٽوال ويڙهي
سيڙهي پٺن وٽان ڏيئي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي وهي رهيو ۽
ياد ڪرڻ لڳو ته هتي گهڻيئي سالن کان پوءِ آيو آهي.
پر صحيح اندازو نه لڳائي سگهيو، ۽ آڱرين تي سال
ڳڻيندي هو ماضيءَ جي گهاٽي جهنگ ۾ لهي ويو.
اِهي ساڳيا پڊ، ساڳيا پٽ، ڳوٺ، گس، گهيڙ، گهٽ گهڻا بَتلجي ويل
نظر آيس ۽ هر تصور کان پوءِ الائي ڪيئن هوندو؟ جو
سوال اڳيان ٿي آيس. هن کي ياد آيو ته جنهن وانٽر
کي هن هڪڙي ٻڌ ۾ ٽپيو هو، سو اڳي اهڙو ننڍو ڪونه
هوندو هو. هرڪو ماڻهو ٻه وکون پوئتي هٽي، ڊوڙ ڪري
پوءِ ٽپندو هو.
انهيءَ وانٽر تي ڳوٺ جون پاڻيهاريون پاڻي ڀرڻ لاءِ کنجن جي چمڪي
سان ۽ ٻُڪل ڪڍي ڇڊيون پاڊيون آهستي آهستي شام جو
گڏ ٿينديون هيون. وانٽر تي وڃڻ مهل سندن گهڙا ۽
دلا آڏا مٿي تي رکيل هوندا هئا ۽ هَرين هَرين سڄي
ڳوٺ جون پاڻيهاريون گهيڙ تي گڏ ٿينديون وينديون
هيون ۽ ڳالهين جا تاڪ کلي ويندا هئا. ٽهڪڙا شام جي
لالاڻ ۾ اڏامندي گم ٿي ويندا هئا ۽ گهيڙ تان مُرڪن
جون ڪئين لهرون اٿنديون هيون.
خالي گهڙا ۽ مٽ جڏهن پاڻيءَ ۾ هڪ ئي وقت پوندا هئا ته ”بُڙ بُڙ“
۽ ”گُڙ گُڙ“ جو آواز به ڪنهن نه ڪنهن لئي ۾ اچي
ويندو هو. مٿن تي ٻيلهڙا کڻي جڏهن پاڻيهاريون سڀ
گڏجي شام جي شفق هاڻي ڳاڙهسري روشنيءَ ۾ پَل جو
سڌو ڪپ ڏيئي گهرن ڏانهن ورنديون هيون ته ساڻن پکي
به ريس ڪري قطار ۾ ان پاسي هلڻ لڳندا هئا، جنهن
طرف هيءَ قطار پئي ويندي هئي. مٿي نيري آسمان ۾
پکين جا سهڻا ولر قطارن ۾ هوندا هئا ته هيٺ سائي
سائي لُوسڻ جي وچان زمين تي هي وڳر قطار ۾ هلندي
هلندي نظر ايندو هو. پاڻيهاريون چئو واٽي تي اچي
ٽٽنديون هيون ۽ هڪ قطار مان ٽي قطارون ٺهي وينديون
هيون. هُن کي ياد آيو ته سامهون هَٽ تي ويٺل
ممونءَ به ڀري ڪچهريءَ ۾ چئي ڏنو ته ”وڃ واهه جي
پريٽ آهي پيو.“ سڀني مڙسن جا ڪنڌ اوڏاهين ٿي ويا
هئا، بس جهڙوڪر سندن ڪنڌن کي اوٺينگا لڳي ويا هجن.
هڪ ڏينهن هو اچي چؤواٽي تي بيهي رهيو سامهون
ڏٺائين لال، گلابي، پيلن، سرمائي ۽ ٻين رنگن جي
قطار هئي. انهن رنگن کان مٿي ٻيلهڙن جي قطار هئي.
ٻيلهڙن مٿان ڏٺائين پکين جي قطار هئي. حجامن جي
پاڙي ڏانهن ڏٺائين، ٻار هڪٻئي کي قميص مان جهلي
ريل گاڏيءَ جيان ٺهيو پئي هليا. دڙي واري رستي تان
مال ڌڌڙ اڏائيندو چڙا وڄائيندو قطار ۾ وڃي رهيو
هو.
”ڇوڪرا، ڪهڙو کنڊ جو جهاج ٻڏي ويو آهي؟“ سامهون ڪاڪو سومار
ڪاٺين جي هلڪي ڀري رکي اچي بيهي رهيو هو.
”بس ائين قطارون پيو ڏسان.“
ها ـــ ”ڇڄ مَ قطاران ساٿ لنگهيندو لڪئين“ ۽ ڪاڪو سومار سٽ پڙهي
ڀري سميت هليو ويو ۽ هن کي سالين اڳ ٻڌايل سٽ هاڻي
سمجهه ۾ آئي هئي. ان وقت ته هو هر قطار ۾ گڏ هلڻ
لڳو هو ۽ ائين هو سڀ قطارون هلندي هلندي ڇڏي هڪڙي
رات جي پيٽ ۾ نانهنس ۽ ماڻس سميت هليو ويو.
ڪِيڙوُ ـــ ڪِيڙوُ ـــ ڪِيڙوُ ــــ ڪيڙُو تتر جي ٻولي کيس ٺيلي
اچي اتي وهاريس، جتي اچي ويٺو هو ۽ ڇوڪري جي جهار
هڪلڻ جو آواز سڻڻ ۾ آيو. هَلو ـــ آلو. آ ــــ
هِلو ٿئي ـــ ۽ هن جا ڇپر واري هيٺ ٿي ويا ۽ هو
ڳوٺ جي هرڪا شيءِ ڳولڻ لڳي ويو ۽ سوچ جي ڪنهن ٽٽل
تختي کي جهلي يادگيرين جي ڇولين تي ترڻ لڳو ۽
ڇولين وڃي کيس ننڍپڻ جي ڪنڌيءَ تي ڦٽو ڪيو. ننڍپڻ
۾ ته الائي کيس پاڙي جا ماڻهو ڪيترن نالن سان
سڏيندا هئس. مائي جِنين ته کيس مولبي سڏيندي هئس ۽
روز صبح جو سوير ئي چوندي هئس، ”اَي ابا مولبي ـــ
هيءَ ٻڪري ته واڙي ڏانهن هڪليو وڃجئين.“
ڪاڪو مِٺو وري کيس ”فريدڻ“ چوندو هوس. ياد جي گس تان هلندي، هن
کي ڪاڪو مِٺو دڪان اڳيان پيل ٽٽل واڻ واري کٽ تي
بنا ڪڙي واري ڪوپ ۾ چانهن پيئندي نظر آيو. سندس
اڳيان ڪاري ٿيل جست واري ڪٽلي پئي هئي. هن ڏٺو ته
هو ٻڪريون واڙي ۾ وجهڻ لاءِ پيو وڃي ته ڪاڪي مٺي
سڏ ڪيو، ”اي فريدڻ هيڏانهن اچ هيڏانهن“ ڪاڪي مٺي
جي انهيءَ روز واري سڏ سان هو ڪانچ کي مٿي ڪري
سنگهه کي سرڙاٽ سان مٿي ڇڪيندي پهچندو ٿو وڃي.
”ڇا؟“ ــــ فريدڻ جي ”ڇا“ ۾ تجسس گهٽ ۽ حڪم جي تعميل جي ضمانت
وڌيڪ سمايل هوندي هئي.
”اچي چانهه پي“ ـــ ڪاڪو مٺو کيس چانهن ڏيندو هو.
”پو ٻڪريون؟ ـــ“ فريدڻ ڪاڪي مٺي کان چانهين وٺڻ کان اڳ ۾ سوال
ڪندو هو.
”اڙي پي ڙي، ـــ ڪونه ٿيون وڃن پڻهين جون ٻڪريون. تڪڙ ۾ نه پي،
سڙي نه پئين.“ پر هو ساسر ۾ چانهه نائي، سرڙاٽن
سان تڪڙا تڪڙا ڍُڪ ڀري ختم ڪري، وري ڪانچ مٿي ڪري
مٿئين چپ ۽ نڪ جي هيٺان زبان ڦيري چرڪاڻ ۽ مٺاڻ جو
گڏيل ذائقو چکي وونئڻاٺي کڻي ڀڄندو هو. ڪاڪو مٺو
روڪڻ لاءِ وري کيس پويان هڪل ڪندو هوس، ”اي ڪوڏي
ڪري پيئي ڪوڏي.“
هو بيهي وري پوئتي نهاري ”ڇا“ پڇندو هوس. ”ڪجهه ڪونهي، ڪجهه
وڃ.“ ۽ ڪاڪي مٺي جو ٽهڪ ٻڌي هو کلي وڃي ٻڪرين کي
رسندو هو. اها کس ڪاڪو مٺو ٽئين چوٿين ڏينهان ڪندو
رهندو هو. ماڻهو چوندا هئا ته ڪاڪي مٺي مرشد کي
ناراض ڪيو، تنهن پِٽي کيس بي اولادي ڪري ڇڏيو ۽
مَرڻ مري ويو پر اولاد نه ٿيس.
ماضيءَ جي دنيا به ڪيڏي نه حسين هئي، کيس لڳو ته هو هينئر ئي
ٻنيءَ ۾ پڻس کي ماني ڏيئي اچي ويٺو آهي ۽ ماڻس کيس
ڀيڻ کي لوڏڻ جو چئي وري گاهه ۾ ڏانٽو ڳنڍيو اٿس.
پوريل اکين ساڻ هن هٿ کي لوڏيو. ڀيڻ جي لوڏ ڪونه
هئي. ان تکي ترار جهڙي ڪهاڙيءَ جو ڳن هو، جيڪو اڄ
ورتو هئائين ۽ ڪهاڙي چمي ور ۾ هڻي هيڏانهن نڪري
آيو هو.
اڄ ڏاڙهيءَ ۾ کيس اڇن ڪارن اچي ورايو هو، تڏهن هن اچي ساڳي واٽر
کي ٽپيو هئائين، جنهن واٽر جي گهيڙ تي هو ڪاڙهي
تتي جو وهنجندا هئا. اڄ هن تي ڳوٺ جو سٺو ماضي
ڇانيو بيٺو هو. انهيءَ ماضيءَ ۾ پيل حسن کي هر هر
ڳولي رهيو هو، پر انهيءَ حسن کان هٽي کيس ٻيو ڪجهه
به نظر پئي آيو. ”انهيءَ ٻئي ڪجهه ۾“ جهيڙا جهٽا
به هوندا هئا، ڪڏهن ته گاهه ڀريءَ تان به لٺيون
کڄي وينديون هيون. مڙس اڀا ٿي ويندا هئا. ڪهاڙيون
تکيون ٿي وينديون هيون. ڪئين دفعا ورهاڙا به ڳوٺ ۾
آيا هوندا، پوليس جا به چڪر هلندا هئا. جڏهن کيس
قاسوءَ جو جهلجڻ ياد اچي ويو، جنهن کي صوبيدار
جهلي سندس ترار ڪٽ مڇون پٽي روانو ڪيو هئائين.
دڪان ۽ اوطاق جون ڪچهريون، ماستر چنگل وٽ رات واري ڪچهري، پوٺي
تي چانڊوڪي رات ۾ دري ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند، کرن جي
بٽئي، سڀ سندس ذهن ۾ ڪنهن فلم جيئن هلڻ لڳا هئا.
هر ڪنهن منظر کي ساهه کڻندي محسوس ڪيو هئائين.
پر وري هن ڪنڌ ڌوڻي، هڪڙي ئي ڌوڻ سان سڀ تصور، سڀ خيال، ذهن مان
ڪڍي ڇڏڻ ٿي چاهيا ۽ اتي پڻس جي رت هاڻي لاش کي اچي
رکي ڇڏيائين.
هن کي سڀ کان چٽي يادگيري اها هئي جڏهن بخشي اچي سندس ناني کي
چيو هو ته ”پُٽهين فقير محمد کي ۽ جوڻس کي ماري
وڃي ٿاڻي تي پهتو آهي.“ ته سڄو ڳوٺ اوڏانهن ڀڳو هو
جتي پڻس ٻٻر هيٺ خون ٿيو پيو هو. کيس ڪوڏر جا ڌڪ
لڳل هئا. پڻس جي موت جي خبر ٻڌي هن جي پيرن هيٺان
زمين ڪونه نڪتي هئي، پر ماڻس غش ٿي ڪري پئي هئي.
نانهنس ڇنڊا ٻنڊا هڻي ڪلما ڀري کيس هوش ۾ آندو هو.
هن مامهينس ۽ پڻس جا رت هاڻا لاش ڏٺا، پڻس کي سِڌي
نڙگهٽ وٽان ڪوڏر هئي ۽ ٻيو ڌڪ نرڙ منجهه هوس.
ماڻهن چيو پئي ته سُتل کي اچي ڌڪ هنيو هو. ٿاڻي
مان مامهنس چورائي موڪليو هو ته ”گڏ پُوريا اٿانوَ
ته سڀن کي اچي ڇٽڻ کان پوءِ گڏ پوريندس، جي مري
ويس ته ڇُٽس.“ ڪيس هليو، قبولدار هو. ٻنيءَ جو
ٺاهوڪو ٽڪر وڪڻي ڪو هوشيار وڪيل ڪري وڌائين. وڪيل
ننهن چوٽي جا زور لاٿا، پر اِبو کي هٿن وچان
ٻاويهه سال ٽيپ اچي وئي. پنجين سالان ڦڪڙ ڦاٽو.
نڻان ويچاري سڀائي سان ٺهندي ڪانه هئي، تنهن کڻي
ڀاءُ کي چوريو ۽ ماشوم تي ڪارانس لڳائي، نياڻي ست
قرآن کي به ڪهرايائين ۽ فقير محمد جو سر به
وڃايائين. نڀاڳي چونڪ چنڊي، الله به اهڙا ڪيتا ڏنس
جو پڇاڙيءَ ۾ ڪينئان پيس. ٻه سال راتين جا اونڌي
منجي تي پَيــّــهڙ ٿيو پئي هوندي هئي ۽ ويهه
ڏينهن مرڻ کان اڳ ۾ سڪرات لڳس. چونڪڙي تان کونگهرو
ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پوءِ وڃي ساهه ٽٽس، پر مرڻ ماري
ويئي ڪنهن سان ڳالهه ڪونه سلئين ته فقير محمد ۽
سڀائي ڇو خون ٿيا. چي پنهنجي کُٽي مُئا امان.
فقير محمد خون ٿيو. هُو ڳوٺ ڇڏي وڃي ننگر ٺٽي واري پاسي رهيا.
اتي هن مان جُواڻي جا ٽار نڪتا هئا، جن تان آهستي
آهستي وقت سڀ گل ڦل، گؤنچ ۽ پَن روڙي هن پيري جي
ٻيلي ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. حياتي جو گهوڙو ٽاپيون هڻندو
سندس ئي اکين اڳيان هلڻ لڳو. عمر جا ليڪا اورانگهڻ
جو ڊپ ڪونه هوس، جيترو ابو جي بچي نڪرڻ جو ڊپ هئس.
”ماما ڪيئن بچندو مون کان، رڳو نڪري.“
اڄ جڏهن هيڏانهن آيو هو ته ڪو کٽڪو ڪونه هوس، نه نانهنس جو نه
ماڻس جو. مرهيات آڳاٽو گذاري ويو هو، پر جيستائين
جيئرو هو تيستائين ڪئين قصا گهڙي هن کي ڳالهه تان
لاهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر هن ته ڪڏهن کيس محسوس
به ڪونه ڪرايو هئائين ته مَن ۾ ڇا آهي؟ پر هو
هزارين قصا ۽ داستان هن کي وندرائڻ ۽ اِبو کي
بچائڻ لاءِ ٻُڌائي ٻُڌائي چُڙي چُڙي مري ويو. هڪ
ڏينهن چيو هئائين ”ابا ڏاهو ٿجائين، فقير محمد کي
ته اهو ڌڪ لکيل هو، نه ته مَ ڄائو اِبو ڪو ائين
شينهن مڙس ماري ها.“ ۽ هو نانهنس جي ڳالهه ٻڌي کن
پل کان پوءِ اٿي هليو ويو.
ماڻس به پُٽس جي جواڻي سان ڀاڻس جي ڪپيل ڪنڌ واري لاش کي تصور
ئي تصور ۾ ڏسي توبهان توبهان ڪري ٿڌو شوڪارو ڀري
چُپ ڪري ويندي هئي. پوءِ ماڻس به وڃي کٽ جهلي. نيٺ
اها به پٽ جي آسي، مڙس جو سور ۽ ڀاءُ جي انجام جي
خوف کي سانڍي رواني ٿي ويئي. مرڻ مهل پٽ کي رڳو
ايترو چيئين ”ڏاهو ٿج ابا، قسمت ۾ ائين هو.“ ـــ
قسمت تي سوچي سوچي هو ٿڪجي پيو هو، ۽ قسمت کي
ٻاراڻي راند جيان اڌ ۾ ڇڏي ڏاهي مان ڦري اؤنرو ٿي
پيو هو، جڏهن کيس خبر پئي ته مامنهس ڇٽي ويو آهي
ته کيس سڀڪجهه وسري ويو، ۽ هو ڪهاڙي ٺهرائي کڻي
هيڏانهن نڪري آيو هو.
سج جا ڪرڻا ٻٻرين جي ڇڊن پنن مان لنگهي ڊگهيون ڪيل ٽنگن جي مٿان
ڪاري سلوار تي گول دائرا ٺاهيو بيٺا هئا. گول
دائرا ڏسي هن کي پڻس جو شهر مان هن لاءِ آندل اڇو
پهراڻ ياد آيو، جنهن جي ڪلهن وٽان ۽ گلي تي ڪارا
گول ٺهيل هئا. هن هٿ وڌائي ڪرڻن هيٺان جهليو،
تريءَ تي گول دائرو اچي بيهي رهيو ”واه جو ٽڪو
آهي!“
هن ٽِڪي ۾ غور سان نهاريو، ان ۾ حليمان بيٺي هئي. هن وٽ ٽڪو
هوندو هو. هر شاديءَ ۾ حليمان اهو ٽڪو ٻائي ويندي
هئي. ماڻس به سدائين پئي صدقو صدقو ڪندي هئس. هڪ
ڏينهن جڏهن حليمان نوان ڪپڙا ۽ ٽڪو پائي وڃي رهي
هئي ته هن منڊي ٻير ۾ ٻڌل لوڏ ۾ لڏندي پڇيو
هئائين:
”اهو ٽڪو ڪوڙو آهي جان سون جو ـــ“
”ڇو تو جو ڪم آهي!“
”نه، پڇان ٿو.“
”نٿي ٻڌايان، پوءِ ڇا ڪندين؟“ هو تکيون تکيون وکون کڻي هلڻ لڳي
هئي.
”ڪيئن نٿي ٻڌائين؟ بيهه ته ڏسئين ٿو.“ هو لوڏ مان لهي ڊوڙيو.
ڇم ـــ ڇم ــــ ڇم ـــ ڇم ڇم ــــ ريشمي ڪپڙن ۽ رئي تي لڳل
زريءَ جي چمڪ سندس اکيون ٿي ڪڍيون. حيلمان جي ڇير
ڇمڪڻ لڳي. او جيجي ـــ جيجي ـــ جيجي ــــ هي ڏس.“
”ڇا آهي امان؟“ ماڻس سيري مان ڏسندي چيو.
”جيجي ڙي هي ته ڏس.“
”ڇورا ڏاهو ٿي ـــ ڏاهوــــ ڇا آهي؟“ ماڻس رهڙ ڏيندي چيو.
”آ پڇان ٿو ته ٽڪو ڪوڙو آهي يان سچو. ٻڌائي نٿي.“
”تو جو ڪم آهي پڇڻ جو؟“ ماڻس حيلمان واري ساڳي ڳالهه ڪئي.
”بس ـــ ڪوڙو هجي ته سونو گهڙائي ڏيانس.“ حليمان ڊوڙي وڃي رڌڻي
۾ ڍري. ”هاڻ ٺهيو ــــ ٺهيو ـــ ڍڪجي ويهه ڍڪجي
ـــ شرم ڪر.“ ماڻس جي مُنهن تي هلڪي مُرڪ به اچي
ويئي ۽ هو ماڻس جي رهڙ ڪري ڦڪو ٿي ماٺ ميٺ ۾ اچي
ٻير هيٺ بيهي رهيو هو، ۽ حليمان کي ٽڪو ته ڪونه
ٺهرائي ڏيئي سگهيو، پر هو ڳوٺ ڇڏي هليا ويا.
”اسين وينداسين هليا ـــ حَلُو.“
”ڪيڏانهن؟“
”الائي ڪيڏانهن؟“ سوال سَمهون سوال هو.
”ڪير ٿو چئي؟“
”امان چئي ٿي.“
”ڇوٿا وڃو؟“
”بس ــ“ هن جواب ڏنو ۽ پوءِ حليمان جڏهن وڃي سندس ڦُڦيءَ کان
پڇيو ته ڦُڦي جي لڙڪن جواب ڏيئي ڇڏيو هوس ۽ حليمان
سوچيندي سوچيندي اها رات تمام دير سان ستي هئي.
”ڇو ٿا وڃن؟“ هو جواب ڳوليندي ڳوليندي وڃي ننڊ جي
جهنگ ۾ گهڙي هئي. ان رات اَسر جو ڦُڦي واري ڳوٺ
ڇڏي اچي اُڀرئي واري گاڏيءَ تي چڙهيا هئا. هن کي
گاڏي ۽ لارين ۾ چڙهڻ ۽ نوان هنڌ ۽ شهر ڏسڻ جو ته
شوق هو، پر حليمان کان ڌار ٿيڻ جو ڏک به هوس. جڏهن
هو نئين هنڌ پهتا هئا، تڏهن هن کي اها رات حَلو
ڏاڍي ياد پئي هئي. حليمان هئي ته هن جيڏي، پر ڌيءَ
ڌڻ سو اُکرين تي پير رکي اچي هن کان وڏي ٿي هئي،
نه ته ماڻس چوندي هئس تون ۽ حليمان تنهن سال ڄاوا
هئا، جنهن سال ڪاڪو بخشو گذاري، ۽ پوءِ هوءَ آڱرين
تي سال ڳڻيندي هئي. هڪ ـــ ٻه ـــ ٽي ـــ چار ـــ
پنج ــ پر هو ايتري ۾ ئي خوش هوندو هو ته حليمان ۽
آءٌ هڪجيڏا آهيون. هڪ ڏينهن هُن حليمان کي چيو به
هو. ”حَلوُ پاڻ سَن آهيون.“
”ها سن آهيون؟ آءٌ توکان وڏي آهيان.“
”هل هل، وڏي آهي! امان ٿي چئي، سا ڪوڙي؟“ حليمان ڦڦيس کي ڪوڙو
مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هوندي هئي ۽ ماٺ ڪري ويئي.
هُن کي ڇانوري هيٺ اها حليمان به ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا هيٺ ۾ ويهي
پنهنجن ننڍڙن پتڪڙن هٿن سان هن جي مٿي ۾ ڌڌڙ وجهي
رهي هئي ۽ هو حليمان جي وارن ۾ پنهنجن ننڍڙن هٿن
سان مٽي وجهي رهيو هو. مٽيءَ سان ۽ واريءَ سان
سدائين ڀڀوت ٿيا پيا هوندا هئا. سدائين ڊيل ۾
وٽيءَ سان مٽي کرڙي پيا راند ڪندا هئا.
جڏهن ماڻس اوٽي تي آلي واريءَ جي اچي پُٺارڪ اڇليندي هئي ته
حليمان کيس سڏ ڪري چوندي هئي، ”هليا، چونئرا
ٺاهيون“ ۽ پوءِ پنهنجن ننڍڙن پيرن تي واري گڏ ڪري
ننڍڙن هٿن سان سڄو ڏينهن چونئرن ٺاهڻ ۾ پورا هوندا
هئا ـــ ۽ شام جو ساڳيءَ واريءَ جي ڍڳ تان ڪپڙا
ڇنڊي ڀڀوت ٿيل بُت تان واري لاهي اٿي هليا ويندا
هئا. هيٺ نه ڪو گهرڙو ٺهيل هوندو، نه چونئرو، نه
لانڍي. کيس ياد آيو ته ڪيئن نه رانديون به الڳ
ٿيون. هو گڏين ۾ گم ٿي ويئي ۽ هن جي حصي ۾ وانجهي،
اٽي ڏڪر يا ڪوڏي ڪوڏي آئي. جنهن رات ڳوٺ ڇڏي هو
ٻئي هنڌ پهتا هئا، تڏهن به حليمان کيس راند ڪندي
ڏاڍو ياد آئي هئي. ”مون کي راند ڪرائيندينءَ
حليمان.“
”نا ـــ ڇوڪرا گڏين راند ٿوروئي ڪندا آهن. ڇوڪرين جي راند آهي.“
”پو اوهين گڏا ڇو ٿيون ٺاهيو.“
”بس اسان جي مرضي.“
”اوهين گڏا ـــ گڏيون پرڻايو ٿيون. بيهي بيهي آءٌ ماميءَ کي
چوندس ته هي پرڻائڻ واري راند ٿيون ڪن.“
”هل ـــ هل ڀلين چئو. امان ڇا ڪندي.“ حليمان هن کي راند ڪرائڻ
کان نابري واري هئي. هن خار مان گڏن گڏين جي
شاديءَ وارو تُريو ڀريو، ڪاڄ ڦٽائي، گهر ڊاهي،
گڏيون کڻي ڀڄي ويو. حليمان رڙندي اچي هميشہ جيان
ڦڦيءَ کي دانهن ڏني.
”ماٺ ڪر امان تون، اچي ته سهي گهر، هڏيون ٿي ڀڃانس سوئر جون.“
”ها!“ حليمان کان دانهن نڪري ويئي. ”نه ڦڦي نه ــــ مارجئينس
نه، مون کي گڏيون وٺي ڏجئين رڳو. بس. ڦڦي حليمان
جو منهن ڏسندي رهجي ويئي. شام جو هو ماٺ ميٺ ۾ وڃي
سڀ گڏيون ماءُ کي منهن ڏيکارڻ کان سواءِ حليمان جي
گهر جي دريءَ اندران اڇلي هليو آيو هو.
گڏين واري حليمان سندس تصور جي سيج تي ڪر موڙي جوڀن سان ٽمٽار
ٿي پئي. سونهن ئي سونهن، جوڀن ئي جوڀن، حسن ئي
حسن. وڏين بادامي اکين، ويڪري نراڙ، ويڪري منهن
واري حليمان، مٿي ويٺل، مينڊها ويڙهيل حليمان.
ڳوري ڳوري منڊم جهڙي بت ۾ ڀريل، هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط
حليمان. ڪنهن مهل مرچن جي لالاڻ ۾ مرچ پئي چونڊي
ته ڪنهن مهل چانديءَ جهڙي ڪپهه جي وچ ۾ ڪانڀي ۾
ڦٽيون پئي چونڊي. ڪنهن مهل وَڇ پئي ڇڪي يا مينهن
کي گاهه پيئي وجهي. ڪنهن مهل کيس لوسڻ جي ڀري کڻيو
گهر ڏانهن موٽندي نظر اچڻ لڳس. اڄ هن جي ۽ حليمان
جي وچ ۾ سترهن سال هئا. هن جي زبان مان هن جملي
ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيو. ”هاڻي ڪيئن هوندي؟“ ڌَڪجي پيو.
نرڙ تي گهنج واري آيس ۽ ڀرون گڏجي ويس. ۽ ائين
حليمان کي مختلف روپ ڏيندي کيس ڪنوار جي روپ ۾
ڏٺو. کهنبو ويس ڍڪيل حليمان. نڪ ۾ بولي، ڳچيءَ ۾
دهري، ڪنن ۾ جهرمر، ٻانهن ۾ رنگ برنگي چوڙيون، ڇڻ
ـــ ڇڻ ــــ ڇڻ ـــ هن چوڙين جو آواز به ٻڌو، پيرن
۾ ساٽيون ڪڙيون، ننهن رنڱڻي لڳل آڱرين ۾ منڊيون،
سينڌ جو سندور ڏسندي هو ٽِڪي تي اچي بيهي رهيو.
ڪنهن ٽڪو گهڙايو هوندو؟ هو ٿڪي پيو. ان سوال جو
جواب ڪٿان اچي. حسن جو مجسمو حليمان. جيڪو هن جي
تصور جي تيشي سان ئي گهڙيل هو، سو وري تصور ئي
تصور ۾ فطرت جي سونهن ۾ جذب ٿيڻ لڳو. هن جي سونهن
جو هي رنگ انڊلٺ ۾، ڪارن ڪڪرن ۾، افق ۽ شفق ۾، رم
جهم ۾، کيتن جي ساوڪ ۾، توريئي جي پيلن گلن ۾، هوا
جي هير ۾ جذب ٿيڻ لڳو ۽ هن وٽ ”حياتيءَ جي موٽ“،
”سونهن جي موٽ“ بچي. ڪڇ تي روئندڙ ٻار، هڪ ٻه
پٺيان هلندڙ کيٽو ڪندڙ ٻارن کي پرچائيندي حليمان
سندس اڳيان هلڻ لڳي. ڏرا ڏنل اکيون، ڳلن ۾ کٻ، مکڻ
جهڙو رنگ ڦري ويو. ڏسندي ڏسندي سڄي سونهن مِٽجي
ويئي. منهن تي ڇانهيون وري آيل حليمان. جتيءَ جي
کرڙ کرڙ سان اڳيان لنگهي ويئي.
هن ڏاڙهي کاناري هٿ ڏٺو، اڇو وار تريءَ تي هئس. ”وڃ! ڄمار
ويئي.“ هن جي ٽڙيل هٿ سان هيٺيون چپ ٻاهر نڪري
آيو.
حليمان کي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي، هو پنهنجي لاءِ سوچڻ لڳو.
”اچي موٽيو آهيان. ڄمار لنگهي ويئي، پر هيڪلو جو
هيڪلو. لولي پهچائڻ وارو به ڪير ڪونهي. گهر پوريو
پيو آهي. امان مڙهي سور کايو، ٽڪر پچايو پئي ڏيندي
هئي، چلهه دکي پئي هوندي هئي. سا به آسي سانڍي
سانڍي مري ويئي. موڙ منهنجي مٿي تي ڪونه ڏٺئين.“
ڪئين گس گام ماڻهن هن جي لاءِ جهليا، پر مجال آهي جو اک کڻي
نهاري به سهي. رڄ اشراف، نياڻين ۾ وهاري ڇڏجي جو
کڻي ڪنڌ مٿي ڪري ۽ هن ته آڳاٽو سوچي ڇڏيو هو ته
”جيسين مامي ابوءَ جو ڪنڌ نه لاهيان، تيسين پرڻجان
ته ڪر ڀيڻ پرڻجان“ ۽ ائين اِبو به جيل مان جلدي نه
نڪتو ته هي به پنهنجي ڦوهه جواڻيءَ جا ٻنا
اورانگهي جوش مان ٽپي هوش طرف اچڻ لڳو. جڏهن نئين
نڪور ڪهاڙي ور ۾ هڻي چادر ڪلهي تي رکي گهران نڪتو
هو ته پوڙهي کڙپيل، ڏاڙهي مڇون اڇيون، سڪل چمڙي،
ڏڪندڙ بدن، لٻي وات ۽ جهڪي نظر واري اِبو جو تصور
آيو هوس، جنهن کي وقت جي ڪهاڙي ئي ڌڪي ڇڏيو هو.
”ڇا ورندو؟ هن سوچيو هو.“
”اهڙو ڌڪ هڻانس جو موت لاءِ پيو سِڪي، نه مري نه جيئي.“ هن وري
سوچيو.
”ماريندس ته مامي کي، اَبي جو خون اِن مرو ڪيو هو، بس.“ هن جي
اکين اڳيان پڻس جو ٽمندڙ رت کٽ هيٺان وهندي ڦرڻ
لڳو. جنهن جي چوڌاري ماڻهو مڙيا بيٺا هئا. اُن مهل
جڏهن هن ڪهاڙي ور ۾ هنئي هئي ته گنجي پاتل گوڏ ٻڌل
پگهر ۾ شل ٿيل همت ڀريو، ڊگهي قد وارو پڻس ياد اچي
ويو. وري بوسڪي جي پٽڪي، چاندي مڙهيل جتي، اڇي وڳي
پاتل، اکين ۾ سرمون پيل، مُڇون وٽيل، پڻس جو چهرو
اکين اڳيان اچي ويس. جڏهن ماراڻو ته ماڻهن به
الائي ڇا پئي چيو؟
”بس ادا ــــ هاڻي ڀينگ ٿي ويئي.“
”چونڊي کڻي مڙس کي ڪٺو اٿس.“
”مڙس مارڻ سان اِبو قهر ڪري ڇڏيو، راڄ جو نڪ هو، نڪ. سڃ ٿي وئي
هاڻي.“
هن آسمان ۾ تڪيو. شايد سج گهڻو هيٺ لڙي ويو هو. هن ڇنڊڪي سان سڀ
خيال هٽائي اتي اِبو کي وهاري ڇڏيو. ڳن ڪهاڙيءَ ۾
وجهي، ٿڙ تي هڻي مضبوط ڪيائين. آنڱوٺو ڌار تي رکي
پڪ ڪيائين، ”پهرين ڌڪ ۾ سسي نه لاٿائين ته لعنت
اٿس ٻيو.“ هو هُڙي کان ٻاهر اچي نڪري بيٺو. آرس
ڀڃي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ڪير ڪونه هو. سواءِ
ڇوڪري جي، جيڪو اڃا جهار هڪلي رهيو هو. هو هيٺئين
سڪل پَل ۾ ڍري پيو، جيڪو ڪڻڪ جي وچان مڙي اولهه
پاسي ٻير وٽ وڃي کٽو ٿي. هو ٻير ڏانهن وڌڻ لڳو،
ڇوڪرو هڪل ڪري رهيو هو.
اَلو ــ هِلو ـــ آ ـــ هِلاٿئه ـــ آ ـــ زون. ڳوڙهو وري به
ڀرسان مَٽي وڃي پريان ٻني تي ڪريو ۽ هو ٻير وٽ
پهچي ويو هو. ٻير هيٺ هو ستل هو. اڇي ڏاڙهي، صفا
اڇا وار، سڪل چمڙي، اهڙو ئي جهڙو هن تصور ۾
ويهاريو هو. ساڳيا نانهس وارا مهانڊا به هئا ته
ماڻس جا مهانڊا به جهاتيون پائي رهيا هئا. هن ٿڌو
شوڪارو ڀريو ۽ اکيون پوري ڪهاڙي اڀي ڪيائين، ۽ هن
جي ڪنن تي کڙڪو پيو. هن ڪنڌ ورائي پويان ڏٺو. ڪا
عورت هئي، هوءَ عجب ۽ حيرت مان اکيون پٽيو. ٻئي هٿ
منهن ڊپ مان آڏا ڏيو بيٺي هئي. هن غور سان نهاريو.
حليمان هئي. کيس ڦڪو چولو پاتل هو. هو ڪهاڙي اتي
ئي ڇڏي تڪڙو تڪڙو حليمان ڏانهن وڌي ويو.
نفرتن جي اوٽ
صفيه نور
هن کي سدائين پيءُ منٿون ۽ ايلاز ڪندو هو ته شادي ڪر، پر هن جي
هميشہ نهڪر هوندي هئي. هن جو اڏول پڻو سومناٿ ڪونه
هو جو مان ڊاهي ناس ڪيان ها. هوءَ ته مٽيءَ ئي
الائي ڪهڙيءَ مان ٺهيل هئي، ارادو ڪندي ته ڄڻ پٿر
تي ليڪو.
پر اڄ الائي ڇو اهو پٿر پاڻي ٿي پيو هو. هن کي ايڏو پريشان مون
ڪڏهن نه ڏٺو هو. هوءَ اسپتال کان موٽي ته هٿ ـــ
منهن ڌوئڻ ۽ چانهه لاءِ ٻارن وانگر رڙيون ڪرڻ
بدران چپ چاپ لڏندڙ ڪرسيءَ تي ليٽي پئي. ساڄي
ٻانهن اکين تي رکي، پيرن جي زور سان ڪرسي ۽ ڪرسيءَ
۾ پيل وجود کي لوڏيندي رهي. مون هن ڏانهن ڏٺو ته
هن پنهنجي آلين اکين جي ڳاڙهاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش
ڪندي اکيون پوري ڇڏيون ۽ پوءِ جهٽڪي سان اٿي آئيني
۾ پنهنجو جائزو وٺڻ لڳي ڄڻ پنهنجي چهري ۾ پنهنجو
ماضي ڳوليندي هجي.
هن جي پريشاني ڏسي مان دل ۾ ٽڙڻ لڳس. سمجهيم ته اڄ هاسپيٽل ۾ ڪا
اهڙي ڳالهه ٿي آهي جنهن کيس عورت هئڻ جو احساس
ڏياريو آهي. شايد اڄ هن کي يقين ٿيو آهي ته عورت
ڪيتري به مضبوط هجي پر ويچاري آهي. معاشرو کيس پاڻ
سان ملائي اڪيلو ته بنائي سگهي ٿو، هن جي مقدر ۾
اڪيلائپ جو زهر ملائي سگهي ٿو، پر معاشري جي ڪوٽ
کان ٻاهر هن کي ڪڏهن به اڪيلو ڏسڻ ۽ برداشت ڪري
نٿو سگهي.
زاريه کي شاديءَ کان سخت نفرت هوندي هئي. جڏهن به انهيءَ موضوع
تي ڳالهه ڇيڙيندي هئس ته هوءَ ان جي مخالفت ۾ ائين
منهن کوليندي هئي ڄڻ مون ڪا گار ڏني هجي يا ڏوهه
جو ڪم ڏسيو هجي. چوندي هئي ته جڏهن پيءُ کي ماءُ
جي رشتن تي به وقت ۽ حالتن جو پاڻي ڦري سگهي ٿو ته
ڌاريو پوءِ به ڌاريو هوندو، پوءِ انهن کي ڪهڙي
معيار ڏئي سگهجي ٿي.
زاريه اڃا پيدا ئي نه ٿي هئي، جو هن لاءِ مصيبتون انتظار ڪندي
اچي جوان ٿيون هيون. زاريه سان هن دنيا ۾ اچڻ کان
اڳ اهو ظلم ٿيو جو هن جي ماءُ کي بي گناهه طلاق
ملي. بس هڪ مرد غيرت ۾ اچي بي غيرتيءَ جو مظاهرو
ڪيو. پنهنجي لڄ، عزت، جنهن کي خدا ۽ سماج جي اڳيان
گهر ڌياڻي بڻائي وٺي آيو هو. ان ئي ونيءَ کي ٻنيءَ
جي لالچ ۾ طلاق ڏئي ويٺو. زاريه جي ماءُ ڄڻ ته بي
ڪفن لاش بڻجي وئي، پر دنيا جي ڏکن ۽ پيٽ جي بک
انهيءَ لاش کي وري زنده ڪيو. هن همت ۽ بهادريءَ
سان زندگيءَ جي ارهه زورائي جو مقابلو ڪيو. پراون
گهرن جا ٿانوَ مليندي ۽ ٻهاريون ڏيندي، زاريه کي
جنم ڏنو. طلاق ملڻ جي پنجين مهيني کان پوءِ زاريه
عذاب بڻجي ماءُ جي اڳيان آئي هئي، جنهن کي سندس
ماءُ پنهنجي سڪون جو آخري ۽ اڪيلو ڪرڻو ڄاڻي
معاشري کان انتقام وٺڻ لاءِ پنهنجي پيٽ کي پٿر ٻڌي
پڙهايو هو.
هوءَ اڄ ڊاڪٽر هئي. عزت ۽ دولت سندس پاڇي جيان هن جو پيڇو ڪندا
هئا. هن ڪڏهن به شڪست جي اوندهه نه ڏٺي، ڪڏهن به
هن جي ذهن جي آسمان تي ڏکن جا ڪڪر نظر نه آيا، ان
ڪري ئي هن اڪيلي رهڻ جو فيصلو ڪيو. هن کي پنهنجي
مقدر جي، اڪيلائپ ۾ ڪنهن به سهاري جي ضروت نه هئي.
پر اڄ اها جبل جهڙي اڏول عورت ميڻ بڻجي وئي هئي. شايد هوءَ دل
کولي روئڻ چاهي پئي، پر لڳي پيو ته هي جيڪي ماءُ
جي جدائي ۾ دنيا کان لڪي ڳوڙها ڳاڙيندي هئي، انهن
هن جون اکيون خشڪ ڪري ڇڏيون هيون.
مان بي شڪ سندس نوڪرياڻي ئي سهي، پر مون کي ماءُ ڪري سمجهندي
هئي. مان ئي هن جي دوست خيرخواهه ۽ ڏک سک ۾ شريڪ
هئس، ان ڪري خوش ٿيندي به مون کان صبر نه ٿي
سگهيو. چانهه ٽيبل تي لڳائي، مون اچي سندس لڏندڙ
ڪرسيءَ کي روڪيو. هن پنهنجي اکين تان ٻانهن هٽائي،
پنهنجي ئي آڱرين سان پنهنجي وارن کي ڪنگي ڪرڻ لڳي،
پر سندس نماڻا نيڻ منهنجي چهري ۾ سڪون جي تلاش
ڪندا رهيا. مون جهڪي سندس ٻنهي اکين تي چمي ڏني.
مون صرف ”منهنجي امڙ مان صدقي وڃان“ جا لفظ چيا،
هن منهنجي سيني ۾ پنهنجو منهن لڪايو ۽ ٻارن جيان
روئي پئي.
”امڙ! اسان دنيا جهان جون سڀئي عورتون به کڻي پاڻ ۾ ملون، روئي
رڙي هڪٻئي جا سور ونڊيون پر سکن جي واڳ مردن جي هٿ
آهي، هنن جي مرضيءَ مطابق ئي اسان کي عزت، سک ۽
زندگيءَ جي خيرات ملندي آهي.“ مان هڪ ئي وقت اهو
سڀڪجهه چئي ويس، ڇو ته مون محسوس ڪيو ته هن جي دل
ڀڄي پئي آهي ۽ اڪيلائپ جو احساس هن کي کائيندو
رهيو آهي. هي سنهري موقعو هو ته مرد جي گلا ڪري هن
کي مرد جو محتاج ٺاهيان. هن وڌيڪ زور سان مون کي
ڀاڪر پاتو، ڄڻ ته صرف هڪ عورت ئي ٻيءَ عورت جو
مضبوط سهارو هئي.“ چيائين.“
”دايه! ڇا مرد جا سڀ روپ بدبودار ٿيندا آهن، پيءُ جو رشتو به
ڍونڍ جهڙو ٿيندو آهي؟“
مون وڌيڪ ڳالهه نه سمجهي، پر هن جڏهن پيءُ جو حوالو ڏنو، سوچيم
ته اڄ هن کي پنهنجو ظالم پيءُ ياد اچي رهيو آهي،
جنهن جي هن صورت به نه ڏٺي آهي. مون هن کي ڏڍ
ڏيندي چيو، ”حضرت عيسيٰ جو به پيءُ ڪونه هو. پيءُ
ڪنهن جي شخصيت جي تصديق ته نٿو ٿئي. اهڙا پيئر ئي
گهوريا جيڪي اکين هوندي به پنهنجي اولاد کي نه ڏسي
سگهن.
”پر! مون کي ته اکيون آهن.“ هوءَ ڀريل نيڻن کي اگهندي ڳالهائڻ
لڳي. مون ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو اچي هيتري ٿي
آهيان، پر پيءُ جي صورت به نه ڏٺي اٿم.“
”امڙ!..“ مون هن جي دل جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ چيو:... ”تنهنجي
ظالم پيءُ کي جيڪي به اکيون ڏسن، تن ڄڻ گناهه ڪيو.
تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين، ڇا تنهنجو پيءُ
ذڪر لائق آهي؟ ڪا اهڙي ڪسر ڇڏي اٿس جنهنڪري هن جو
نالو زبان تي آڻين؟“
زاريه منهنجي ٻانهن جي گرفت مان پاڻ کي آزاد ڪيو. مون پنهنجي
ڳالهه جاري رکي: ”تنهنجي ماءُ ته کڻي تنهنجي پيءُ
جو ڏوهه ڪيو جو هن جي وني ٿي، پر تو هن جو ڪهڙو
ڏوهه ڪيو. هن توکي پنهنجي شفقت کان ڇو پري رکيو.
هن جي اکين جو نور ڪنهن کسيو. هن نڀاڳي هن حياتيءَ
تائين توکي نه ڏسي پاڻ تي ظلم ڪيو آهي.“
”پر دايه!...“ زاريه پريشانيءَ ۾ پنهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو... هو
ظالم آهي پر مان ڇا ڪريان...“
”ائين دل مان ڪڍي ڦٽي ڪرينس جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آهي.“ مون هن
کي ڄڻ رستو ڏَسڻ شروع ڪيو. پر هن پنهنجي مجبوري
ڏيکاريندي چيو، ”پر دايه! مان ته ڊاڪٽر آهيان؟
”پوءِ ڇا ٿي پيو؟“ مون هن کي ڇيڙيندي چيو، ”تون رڳو ڊاڪٽر
ناهين، پر هن ذليل انسان جي ڌيءَ به آهين. ان کان
وڌيڪ تون هڪ اهو انسان آهين، جنهن کي صرف ۽ صرف
تنهنجي ماءُ ۽ تو ٺاهيو آهي. تنهنجي اهڙي پيءُ کي
تنهنجي خيالن، سوچن، احساسن ۽ جذبن تي حملي ڪرڻ جو
ڪوبه حق نٿو رسي.
”دايه! مان مجبور آهيان.“ وري به زاريه ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”تون مجبور نه پر اها عورت آهين جنهن لاءِ صدين کان هرڪو مرد
چوندو آيو آهي ته عورت کي عقل جي ورهاست مان ڪجهه
مليو ئي ڪونهي، تنهنجي دل ۾ وري به مرد ذات لاءِ
ايتري محبت جاڳي پئي آهي.“
ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڳي، مون رسيور هٿ ۾ کنيو. ”هلو، هلو،
ڊاڪٽر زاريه!...“ ٻئي طرف کان آواز اچڻ لڳو.
”اوهان منهنجي ٻچڙيءَ کي آرام به ڪرڻ ڏيندا يا نه...، مون فون
تي ڳالهائيندڙ کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. زاريه
رسيور کسي ورتو ۽ بنا پڇڻ جي ته ڪير ٿو ڳالهائي،
چوڻ لڳي: ”مريض جي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟“
مون نه ٻڌو ته ٻئي طرف کان هن کي ڪهڙو جواب مليو، پر ان جو اهو
جملو ضرور ٻڌم ته ”اچان ٿي، اوهان مريض کي ”ايول“
جي انجيڪشن هڻو.“
هوءَ جيئن آئي هئي، تيئن ئي ساڳين ڪپڙن ۾ واپس ورڻ لڳي.
”امڙ! چانهه ته پي وڃ. اهي مريض ته روزانو ڏسين ٿي. انهن نڀاڳن
ته تنهنجو آرام به ڦٽائي ڇڏيو آهي.“ مون هن کي
روڪڻ لاءِ چيو، هوءَ روئي پئي ۽ چيائين: ”نه دايه!
ائين نه چئه، منهنجو بابو زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾
مبتلا آهي.“ ۽ هوءَ تڪڙو تڪڙو گهر کان نڪري وئي. |