انور هالائي
مديني ۾
عظمتِ انسان مديني ۾ ڏٺم،
شوڪتِ ايمان مديني ۾ ڏٺم.
رحم ۽ ڪرم و سخا جو چارسو، بحر بي پايان مديني ۾ ڏٺم.
منهنجو آقا، منهنجو مولا مصطفيٰ، مهربان ذيشان مديني ۾ ڏٺم.
هئي فضيلت ۽ ادب جي بارگاهه، شان عاليشان مديني ۾ ڏٺم.
بارها جو ٿيو خدا سان هم ڪلام، صاحبِ قرآن مديني ۾ ڏٺم.
هر نظر مخمور ۽ معمور دل، بي مثل شادان مديني ۾ ڏٺم.
ڪنهن مسيحا جو نه ڪنهن کي هو ضرور، درد جو درمان مديني ۾ ڏٺم.
هر سواليءَ جي صدا مقبول هئي، هي وڏو احسان مديني ۾ ڏٺم.
سچ هو ثابت قدم ۽ شاد شاد، ڪوڙ کي لرزان مديني ۾ ڏٺم.
عشق آخر فاصلا ميٽي ڇڏيا، جلوهء جانان مديني ۾ ڏٺم.
آس ”انور“ ان طرح پوري ٿيم، پاڻ کي مهمان مديني ۾ ڏٺم.
الحاج رحيم بخش ”قمر“
ڪيستائين؟
ڪندين يار جور و جفا ڪيستائين،
۽ ڪاوڙ سندا سلسلا ڪيستائين!
مسلمان دنيا ۾ وڌندا ئي رهندا، تون مسلم کان ٿيندين خفا
ڪيستائين!
اسان دين ۾ پنهنجي نت سوڀ سمجهيو، ڪندين دين جي تون گلا،
ڪيستائين!
هي گلشن سدا شاد، آباد رهندو، منجهس ڪانگ ناخوش نوا، ڪيستائين!
محمـّـد (صه) مٺي جي به واکاڻ ڪر تون، ڪفر جي ڪندين تون ثنا،
ڪيستائين!
ڪري قول هُت آئين! ”قالو بَليٰ“ جو، هتي ٿيندين تون بي وفا،
ڪيستائين!
هي راتين کي روشن ڪندا خوب رهندا، وِسائيندين رهندين ڏيئا،
ڪيستائين!
احمد خان آصف مصراڻي
پرينءَ جي پيار جو پيغام آيو،
خدا کان خاص ڄڻ انعام آيو.
هتي هڏڪن ورايو مونکي ۽ هُت، صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
جڏهن ڪنهن عاشقن جو ذڪر ڇيڙيو، صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
جفا هُن جي پچائي ٻيا نه سگهيا، صنم کي ياد منهنجو نام آيو.
اچانڪ سج ٻيو اُڀري پوي ٿو، جڏهن خورشيد رو بَربام آيو.
ڪشش هڪ دل جي ٻي دل کي ٿئي ٿي، اکين تي آهه پر الزام آيو.
ڪرم ساقي جو خاص الخاص آهي، ڪڏهن مونڏي نه خالي جام آيو.
مئي، مستي ۽ هستي مات ٿئي ٿي، جڏهن هٿ ۾ مئي جو جام آيو.
زرِ حسن ۽ ڏسي نازن جي نقدي، وٽس وڪجڻ لئه خاص و عام آيو.
ڪيم ديدار اکيون دل جون کلي پيون، ڪڏهن القا ڪڏهن الهام آيو.
اٿس بي ڪام جي ڊگري برابر، ڪٿي آ نوڪري، ناڪام آيو.
نه جنهن آغاز ۾ اڳپوءِ جاچيو، ڏٺم اُنجو برو انجام آيو.
خدا جي بندگي ڪر، خدمت خلق، سبق اهڙو ڏيڻ اسلام آيو.
هجئي ”آصف“ جي پارت هر طرح سان، سڄڻ تو وٽ هو بڻجي سام آيو.
محسن ڪڪڙائي
وائي
ڳوڙها، تُنهنجي ڳَلِ،
مُنهن جو جيءُ جهُري پيو!
ڀَڃَ ته ڀانڊو ماٺ جو، سورَ ته ڪنهن سان سل.
ويڙهيو آهه وجود کي، وَهنوارن جي وَلِ.
ڏيرن جي، ڏٻريءَ مٿان، ڌان ڌان ۽ بل بل.
ڪهڙا گهوٽ ڪُسي ويا، هئه هئه، گهوڙا گهل.
طعنا ــ تُنڪا لوڪ جا، جهول نه پائي جهل.
مون کي مارِن ٿا، ميان پُور ته پنهنجا پل.
ويهي ويڙهين وچ ۾، راههَ رُلينِ کي رَل.
نواز علي شوق
سنڌالاجي
توکي مبارڪ جوبلي ـــ سلور، سنڌالاجي،
جُڳ جُڳ جيوين تون بختاور، سنڌالاجي.
سنڌڙي آهي، علم و هنر جو شهر برابر،
پر تنهن شهر جو آهين تون در، سنڌالاجي.
علم ادب تاريخ ثقافت سڀ ڪجهه تو ۾،
ڪوزي ۾ مهراڻ جو منظر، سنڌالاجي.
بيشڪ تو وٽ خوب خزانا علم جا آهن،
هيرا، ماڻڪ، موتي گوهر، سنڌالاجي.
هت ايندي سڀ علم سان مالا مال ٿين ٿا.
حاصل ڪن ٿا لعل جواهر، سنڌالاجي.
تنهنجا ڳڻ ٿا ڳائن ڏيهي ۽ پرڏيهي،
ڪيئي اديب ۽ عالم شاعر، سنڌالاجي.
بيشڪ تنهنجي هاڪ سڄي دنيا ۾ آهي،
تنهنجي عزت آهي گهر گهر، سنڌالاجي.
رستي ويندا بيهي، تنهنجو درشن ڪن ٿا،
من موهيندڙ تنهنجو منظر، سنڌالاجي.
علم سندي جا مشعل آهي روشن گهر گهر،
هي سڀ آهي تنهنجو مظهر، سنڌالاجي.
چوڏس تنهنجي چمڪي ٿي چانڊاڻ سدائين،
آهين تون مهتاب منور، سنڌالاجي.
گرمي سردي تنهنجي سڏ تي ايندو رهندس،
حڪم ڪري ڏس ٿيندس حاضر، سنڌالاجي.
جيسين هي جڳ آهي، تيسين رهندين شالا،
دائم قائم دنيا اندر، سنڌالاجي.
نثار بزمي
ياد
ڪهڙا مانجهي مڙس مـٖـٿيرَ هئا،
جن جا پنج پنج سير ته پير هئا.
(1)
جنجي گهُورَ گهڻا گهائيندي هئي،
جن جا ڳُڻ هيءَ دنيا ڳائيندي هئي،
ويريءَ سان به نه رکندا وير هئا،
ڪهڙا مانجهي مڙس مٿير هئا.
(2)
سهڻا سونهن ڀريا سردار هئا،
مُرڪي مَهل جا ٿيندا يار هئا،
ڪهڙي ڳالهه ڪجي نَر شير هئا،
ڪهڙا مانجهي مڙس مٿير هئا.
(3)
ڳاڙهين اکين وارا وير ويا،
پنهنجو ملڪ ڇڏي مهمير ويا،
ڏيندا سَڏ ۾ هو سڏڙو سوير هئا،
ڪهڙا مانجهي مڙس مٿير هئا.
(4)
”بزمي“ ويڙَه سڄي کي پيا وڻندا هئا،
سوچي سمجهي قدم پو کڻندا هئا،
ٻَٻرن کان نه گهرندا ٻير هئا،
ڪهڙا مانجهي مڙس مٿير هئا.
وفا پلي
آءُ چوڏهين جا چنڊ موٽي آءُ،
ڏاڍي آهيم اڪنڊ موٽي آءُ.
دور آخر به ٿو وڃين ڇا لئه؟ ٿي رهون کير کنڊ موٽي آءُ.
مون کي برباد آ ڪري ڇڏيو، تنهنجي محبت جي منڊ موٽي آءُ.
ڪير پنهائي کي ٿو پائي سگهي، اي غواصِ سمنڊ موٽي آءُ.
جي خطا ٿي سندم ڀري ڏيندس، سئو دفعا دوست ڏنڊ موٽي آءُ.
مٽ نه تنهنجو مليو ’وفا‘ ڪوئي، مون ڏٺا مڙئي کنڊ موٽي آءُ.
تاج جويو
مارن ميارون،
سپنا ۽ سارون،
مون سان قيدي ڪوٽ ۾!
هي چانڊوڪيون چيٽ جون،
ڪُونجن ـــ قطارون،
مون سان قيدي ڪوٽ ۾!
ڄانڀي ڦوُلَ ڦُلاريا،
هر هنڌ هُٻڪارون،
مون سان قيدي ڪوٽ ۾!
ٻنيون، وَنيون هيج ۾،
گيتن ـــ گونجارون،
مون سان قيدي ڪوٽ ۾!
اياز گل
وائي
وِکري ويندا سي،
هاڻِ نه جيئندا سي،
نفرت سندءِ نهار ۾!
تيز هوائون، حالتون،
نيٺ اُجهامياسي،
نفرت سندءِ نهار ۾!
ساهه هئين تون ساهه ۾،
تون کان وسريا سي،
نفرت سندءِ نهار ۾!
ڪيئن حياتي گذرندي؟
بس گِهليندا سي،
نفرت سندءِ نهار ۾!
واند ملي ته دل جا،
گهاوَ ڳڻيندا سي،
نفرت سندءِ نهار ۾!
ڪنهن ڄاتو ٿي ’گل‘ مان
پٿر ٿيندا سي؟
نفرت سندءِ نهار ۾!
ادل سومرو
ٽيڙو
پيٽ جو سوال
طوطو، لفافا ۽ ماڻهو
قسمت جو احوال ـــ
مُرڪن موڙيو مُک
ڏيئن وانگي جلندو رهيو،
ڏيئاريءَ تي ڏک ـــ
موت جو منظر
باز جي چنبن ۾ هو
اڇو ڪبوتر ـــ
ڀڳل ٽُٽل ڪينگريون
مَٿنِ مٿان ٻَهڙا
کوهه ڀرسان نينگريون ـــ
ڪنڊيءَ جو وڻ
سُتل ڌنار ڇوڪرو
ڀرسان ٿڪل ڌڻ ـــ
ساجن ساريندي
ناريءَ نيڻ ٽمي پيا
ڦٽيون چونڊيندي ـــ
ڳائي ويٺو ڀَٽ
آئي تنهنجي ياد ۽
آ کلي پيو ڦَٽ ـــ
شهرن ۾ روزگار
رهجي ويا ڳوٺن ۾
بس ٻُڍا ۽ ٻارَ ــــ
سوز هالائي
نيري پاڻيءَ ۾ ڪنول ڏاڍو وڻيو،
سونهن جو ردِ عمل، ڏاڍو وڻيو.
منهنجي نيڻن کي نظارن کان وڌيڪ، ڪنهن جي نيڻن جو ڪجل ڏاڍو وڻيو.
زندگي ڏاڍي ٻُسي آهي مگر، پيار جو هر پل اپل ڏاڍو وڻيو.
رات روشن، واءُ ڏکڻ، کليل اڱڻ، ڪوئي منهن کولي ستل ڏاڍو وڻيو.
اوچتو کڙڪي کلي ڇرڪي پيس، سوچ ۾ بي جا دخل ڏاڍو وڻيو.
هن جڏهين جهونگاريو منهن جو غزل، مون کي پنهنجو ئي غزل، ڏاڍو
وڻيو.
حبيب الله صديقي
وڃن ٿا دور ڌڪبا ڇو، ڪنارن کي ٿيو ڇاهي،
لُڙهن غوراب لهوارا، ملاحن کي ٿيو ڇاهي؟
تقدس پاڪ ننگريءَ جو، قسم توکي قلندر جو،
سچي ڪر اڄ ته مارن ۽ پنهوارن کي ٿيو ڇاهي.
نه جذبو جوش دل ۾ آ، نه چاهت ۽ ٻَڌي آهي،
سٻاجهن سنڌ جي ماڻهن، سياڻن کي ٿيو ڇاهي.
نوان گوشا ڦٽا آهن، مقدر کي چئو جاڳي،
چمن ۾ ڇو اُداسي آ، بهارن کي ٿيو ڇاهي.
وڌائي وک هلو اڳتي، اڃان منزل اڳاهين آ،
قلندر جي ڌمالن ۽ نغارن کي ٿيو ڇاهي.
سياحن ساک جنهنجي آ، ڀري جنت نظيريءَ جي،
نه سي نظرن کي سرچائن، نظارن کي ٿيو ڇاهي.
’حبيب‘ اڄ ڳالهه ڪر دل جي، وطن توکي وڻي ٿو يا،
لڏڻ جي فڪر ۾ آهين، ارادن کي ٿيو ڇاهي؟
ذوالفقار سيال
ويڇن جون ديوارون ٽوڙي، اچو ورهايو پيار،
نفرت مان ڪجهه ورڻو ناهي، پرچو پاڻ ۾ يار.
راهه ۾ گگهه انڌيرو آ جي، پنهنجو جيءُ جلايو،
بوندن بدران هن ڌرتيءَ تي لڙڪن جي وسڪار.
تنهنجي هي تخليق او مولا! ڪيڏي سادي آهه،
ماڻهو ماڻهوءَ جو ويري آ، ايڏو انڌوڪار.
هڪ نڪتي تي جوڙن ويٺا، سادي جڳ جا لوڪ،
وٺ وٺان ۽ ڊڪ ڊڪان ۾ سارو هي سنسار.
ڪين پريشانيءَ ۾ ڪنهن جي چهري گهُج پوي،
شال خوشين جي وچ نه اچي، دردن جي ديوار.
جيڪا ٻين جا سپنا روڙي، ٻَن پوي سا جيت،
جيڪا ٺاري من ٻين جو گهرجي اهڙي هار.
ذلف هجي گل هر ڪنهن هٿ ۾، پنهنجو آهي خواب،
سونهن، سچائي، هر ڪنهن چهري، هر ڪو من ملهار.
امير بخاري
وري اڄ باهه جيئن ڌرتي ٻَري ٿي،
وري پَرُ واريون تعديون ڪري ٿي.
وڃي ويجهو چيم، ويجهو ته آ مَنَ، پري ٿيندي چيائين، هٽ پري ٿي.
فقط هڪ مُکَ جو منهن ميرو ٿئي ٿو، ته هڪڙو ڇا، سڄي آڪَههِ کري
ٿي.
تصور ۾ به ٿو ساجن ستائين، ڀلا تنهنجي ائين دلڙي ٺري ٿي.
ٿيس هن دور جو مان، نور ڪرڻو، اي اوندهه دال تنهنجي ڪٿ ڳري ٿي.
مدد اي سانورا سائين، مدد ڪر، جا تنهنجي ملڪيت، سا دل مري ٿي.
ويو ٻيڙي جو ڪُنَ سان پاند اٽڪي، ڏسون هيڻي ٻُڏي ٿي يا تري ٿي.
’بخاري‘ کي ڏسي ويندو، چيو جڳ، اها ڀي هڪ بلا سر تان ٽري ٿي.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
دوها
ساڻ نه سڀڪو سور جي سائين، سور ته سڀني ساڻ،
سڀ ڪو سک ۽ ساجن ڳولهي، ڇو نه پوي مانڌاڻ؟
سک ۽ ساجن ڪنهن ڪنهن ڀاڱي، سور ته سڀني ساڻ،
دل يا دلبر هادي رهبر، سور سڀن سرواڻ،
دل جي دنيا ڪعبو قبلو، من موليٰ جو مهراڻ،
سور رهي پڻ ساڳئي هنڌ تي، الهه سندو اهڃاڻ.
محبت موليٰ، درد ڌڻي آ، ڇا لئي تون اڻ ڄاڻ،
درد نگر جو تون شهزادو، ڀلي نه ڇڏ تون ڀاڻ.
’ڀاڻ‘ ڇڏيو جن ’پاڻ‘ ڇڏيو تن، ’ڀاڻ‘ ئي ’پاڻ‘ جو ڄاڻ،
پاڻ کي ڄاڻي سور جو ساٿي، محبت کي ڪر ماڻ.
سک جي سڃ ۾، رڃ ۾ اڃ ۾، ٻهڳڻ ڪي ٿيا ٻاڻ،
درد بنان سڀ ڌوڙ ٿو ڄاڻين، تون ئي جواڻ جماڻ.
دوها منهنجا درد ــ ڪهاڻي، دوها دردن ـــ ڇاڻ،
سور سڀن جا ساٿي منهنجا، آئون پڻ سورن ساڻ.
مخدوم جميل الزمان
سينهء مضبوط ۾ دليون رکن ٿا ڪوريون،
دوستن آڏو ڏکن جي ساز کي ڪيئن چوريون!
غلطيون، ڪوتاهيون ڪهڙيون ڳڻيون ۽ توريون،
”اڄ ڪريون ڪي ڪچهريون ڪي حال دل جا اوريون.“
يار جي اوسيئڙي ۾، هجر جي تسبيح جو،
روز اي قسمت! نئون داڻو ٿا روئي سوريون.
هاڻ محبوبن کي ”دردِ دل“ ٿيو پئي ٿو، ته پو،
عشق وارا ڪيترو سهندا اهي شهزوريون.
ويهه ٿورو ويهه ڪيڏانهن ٿو وڃين تڪڙا پرين!
ڳالهيون ٻڌڻيون اٿئي، جهجهيون هجن يا ٿوريون.
اچ دلِ مهجور! گڏجي سومناتِ غم ڀڃون،
دورِ حاضر ۾ جيئڻ ڏينديون ڪٿي ڪمزوريون.
هي ڪمال آهي محبت ۽ وفا جو اي ”جميل!“
چاهه مان هڪٻئي مٿان سر ساهه کي ٿا گهوريون. |