قُرَان ڪَرِيم جُون مُقَدس آيَتُون ۽ نَبِي ڪَرِيم
صه جُون حَدِيثُون توَهَان جَي دِيني مَغلُومَات ۾
اِضافَي ۽ تَبلِيغ لاءِ شَايَع ڪَيُون وَڃَن
ٿِيُون. اُنَهن جَو اِحتَرام توهَان جَو فَرض
آهَي. اُن ڪَرَي جِنِ صُفحَن تَي اُهَي آيتُون
هُجَن، تِن کي صَحِيح اِسلامِي طَرِيقَي مُطَابِق
بَيخُرمَتي کان مَحفُوظ رَکيوَ وَڃَي.
گذارش
(ايڊيٽوريل)
سنڌي ادبي بورڊ کي قائم ٿئي اڄ 36 ـــ سال ٿيا آهن. قومي ادارن
جي زندگيءَ ۾ ايترا سال ٿورا به آهن ته گهڻا به
آهن. انهيءَ عرصي دوران هن اداري طرفان ڪل 350
ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، جيڪي موضوعن ۽ افاديت جي
لحاظ کان ۽ هلندڙ وقت جي اهم ضرورت پٽاندر بورڊ جي
اشاعتي ڪاميٽيءَ جي صلاح ۽ منظوريءَ سان ڇاپيا ويا
آهن. انهن ڪتابن مان هيل تائين وڏي تعداد ۾ ناياب
ٿي چڪا هئا، جن کي دوباره شايع ڪرڻ لاءِ خاص اپاءُ
ورتا پيا وڃن. ان ڏس ۾ ڪافي ڪتاب مثلاً پرشن پوئٽس
آف سنڌ، جنت السنڌ، اهي ڏينهن اهي شينهن، سنڌ جو
سينگار، سائو پن يا ڪارو پنو ۽ برهانپور ڪي سندهي
اولياء، ٻيهر ڇپجي چڪا آهن. جن مان برهانپور ڪي
سندهي اولياء جي رونمائي جي تقريب گذريل رمضان
شريف ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري.
تازو رسالي پيغام ۾ مسٽر حبيب الله صديقي سيڪريٽري س. ا. ب جو
انٽرويو شايع ٿيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته
بورڊ جي نئين پاليسيءَ مطابق آئنده بورڊ جي اشاعت
۾ ٻه ڀاڱي ٽي حصو جديد ادب جو ۽ باقي حصو قديم ۽
ڪلاسيڪل ادب کي ڏنو ويندو. هي وقت جي اهم ضرورت
آهي ۽ پڙهندرن جي اڪثريت جو ڪافي عرصي کان اهو
مطالبو پئي رهيو آهي.
ذاتي ڪتب خانن قائم ڪرڻ جي رٿا متعلق معلوم ڪري اميد پيدا ٿي
آهي ته سنڌي ادبي بورڊ ڪتابن لکرائڻ ۽ شايع ڪرائڻ
کان علاوه مطالع جي شوق کي وڌائڻ لاءِ ۽ سنڌ جي هڪ
قديم روايت کي زنده ڪرڻ طرف قدم وڌائي رهيو آهي.
معلوم هجي ته انگريزن جي اوائلي دور تائين سنڌ جي
خانداني حويلين، اوطاقن، مسجدن ۽ مدرسن ۾ معياري
ڪتب خانا قائم ڪرڻ جي روايت پئي رهي آهي ۽ اڄ
ڏينهن تائين اهڙا لاتعداد مثال اسان وٽ موجود آهن،
جو ڳوٺن ۾ ذاتي ڪتب خانا قائم آهن.
اداره مهراڻ جي مٿي ڄاڻايل تبديلين کي اميد افزا دلچسپيءَ سان
جاچي رهيو آهي. هن وقت سنڌي ادبي بورڊ کي جيڪا
ڇپائي جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ افرادي صلاحيت ميسر
آهي، ان کي ڏسندي محسوس ٿئي ٿو، ته بورڊ جي
انتظاميه، بورڊ آف گورنرس ۽ مخلص ڪارڪنن جا
انقلابي ادارا ڪو رنگ رچائڻ وارا آهن. مهراڻ جي
پڙهندڙن، سُڄاڻ سنڌ واسين خواه پرديسي سڄڻن مان پڻ
بجا طور تي اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته هو سنڌ جي هن
ممتاز ادبي اداري جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا.
اداره مهراڻ پڻ پنهنجي سٽا ۾ نواڻ پيدا ڪري رهيو آهي. فيصلو ڪيو
ويو آهي ته ايندڙ پرچي کان هڪ حصو سنڌ جي تاريخ
متعلق تحقيقي مواد لاءِ وقف ڪيو ويندو، جنهن بعد
پڙهندڙن جي راءِ سان مزيد تبديليون آنديون
وينديون. انهيءَ باري ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن،
محققن ۽ ماضيءَ جي پنڌ پيرن جي پانڌيئڙن کي گذارش
آهي ته هو هن ڪم ۾ اداره مهراڻ جو ڀرپور ساٿ
ڏين. ـــ ادارو
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
حب وطن
از
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيؒ
خوشيءَ ۾ نه ماپي ٿو منهنجو قلم اڄ، هڻي شاخ طوبيٰ هجڻ جو ٿو
دَم اڄ،
کڻي ناز انداز سان ٿو قدم اڄ، ٿي ڄڻ عيد ان لئي خدا جو قسم اڄ،
مليو آهه مضمون حبِ وطن جو،
مليو موقعو آهه سيرِ چمن جو.
ٿيو صحن ڪاغذ جو اڄ خوب رنگين، بهشت برين جو ٿيو فرش زرين،
ٿي مس منهنجي مشڪِ ختن نافہءِ چين، لکان لفظ جنهن مان معطر ۽
مشڪين،
وطن جي محبت جو هي داستان ٿيو،
وطن منهنجو دنيا ۾ جنت نشان ٿيو.
وطن جا وڻن وڻ، وڻي ٽاري ٽاري، خزانِ وطن ۾ به آهي بهاري،
ٿي ڄڻ روز روشن سنديس رات ڪاري، منجهس مثلِ جنت ٿيون نهرون
جاري،
وطــــــن مــنهنـجو هــــڪ جــنت آبـــــاد آهــــي،
وطن سان ئي بس منهنجي دل شاد آهي.
جا آب و هوا ٿي اسان جي وطن جي، ٿي خوشبو اچي ياسمين و سمن جي،
منجهس سونهن ٿي نرگس و نسترن جي، ڪريان ڳالهه ڪهڙي وطن جي چمن
جي،
وطن ۾ ڇا چوطرف چانڊاڻ آهي،
وطن منهنجو بس پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
هوا جنهن جي سُرهي، مٺو جنهن جو پاڻي، ندي جنهن جي سڀني ندين جي
ٿي راڻي،
ڪڏهن شمع روشن نه جنهن جي وساڻي، ٿئي سک ۾ ساٿي ٿئي ڏک ۾ ساڻي،
جي دنيا ۾ ڪو ديس مثلِ چمن ٿيو،
ته منهنجو مٺو ۽ پيارو وطن ٿيو.
وطن منهنجو سچ پچ ته گلزار آهي، گلن جهڙو ان جو خس و خار آهي،
هنئين لاءِ منهنجي سو هڪ هار آهي، اکين لاءِ ٺنڊڪ ۽ من ٺار آهي،
نه منهنجي وطن جو ڪو دنيا ۾ ثاني،
نه جهڙس ڪو سنسار ۾ جوڙ جاني.
وطن منهنجو جڳ جو مددگار آهي، غريبن جو غمخوار غمٽار آهي،
اَجهو عاجزن جو ۽ آڌار آهي، نڌڻڪن يتيمن سندو يار آهي،
وطن منهنجو داتا ۽ جڳ پال آهي،
وڏو اوج اُن جو ۽ اقبال آهي.
وطن آهه منهنجو وڏي شان وارو، وطن منهنجو داتا سدا دان وارو،
جو ڏئي مانُ ان کي سو ٿئي مانَ وارو، وساري وطن کي نه ايمان
وارو،
ٿيو حبِ وطن آهه ايمان منهنجو،
اُتي مالي منهنجي، اتي مانُ منهنجو.
وطن جي ڇا سهڻي نه ٿي سبزه زاري، اچي بوءِ جنهن مان سدا ٿي
بهاري،
وڻي خاڪ ان جي وڻي ان جي واري، وطن لئي رهي ٿي سدا بيقراري،
نه منهنجو وطن جو ڪو مٽ مور آهي،
ڀلاين سان ڀرپور پُرنور آهي.
وطن جي محبت ٿي آهي اِهائي، رکون هڪ ٻئي سان سچائي صفائي،
نه هرگز رکون ڪا جدائي ٻيائي، ٿيون هڪ ٻئي تي سدائي فدائي،
اهائي وطن جي محبت ٿي سڏجي،
انهيءَ طرح ٿو پاڻ ۾ ملڪ گڏجي.
وطن جي رهاڪن کي ٿو ڀاءُ ڀانيان، وطن کي ٿو پنهجن مٺي ماءُ
ڀانيان،
نه ڪنهن ۾ به ڪو ڀيد ۽ ڀاءُ ڀانيان، انهيءَ ۾ ئي ٿو ساز ۽ ساءُ
ڀانيان،
وطن جي محبت جي آهي تقاضا،
رهون پاڻ ۾ گڏجي سڀ ڄڻ سڀاڳا.
وطن جي محبت جي آهي نشاني، ته ڪنهن کي نه سمجهون سندس مَٽ نه
ثاني،
پنهنجي لاءِ سمجهونس جانب ۽ جاني، مٿس جان صدقي ڪريون ۽ جواني،
پنهنجي ديس جو ويس پوشاڪ پهريون،
نه ديسي شين جهڙيون ڀانيون ڪي ٻَهريون.
منهنجي ديس جي ملڪ ۾ هاڪ اهي، سندس حسن جي جابجا هاڪ آهي،
وطن جهڙي خوش ڪٿ نه خوراڪ آهي، وطن جي ڇا پياري نه پوشاڪ آهي،
وطن جي کٿي سان نه مٽ پَٽ کي ڄاڻان،
وطن کان سواءِ آءٌ نه ڪنهن کي سڃاڻان.
وطن جيون اچو تا شيون واپرايون، نه ڪم اينديون هرگز شيون ڪي
پَرايون،
ٻين کان ئي اهڙو سبق ڀل پرايون، ڪي سوچو ته ڇو پاڻ کي ٿا
ڦرايون،
وطن جي محبت جي آهي علامت،
ته ان ۾ سڌارو ڪريون ساڻ صنعت.
محبت ۾ هرگز نه گمراهه آهيون، جو ٻئي ملڪ جا پڻ نه بدخواهه
آهيون،
مگر ڇا ڪيون بک ۾ ٿيا پاهه آهيون، جيتوڻي پنهنجي ملڪ جا شاهه
آهيون،
اسان کي به حق آهي جڳ ۾ جيئڻ جو،
اسان کي به حق آهي کائڻ پيئڻ جو.
وطن جوئي چُوڙيون، وطن جوئي ماڻيون، وطن جو هنڊايون، وطن جو ڪم
آڻيون،
ڪپهه کي ڪتيون ۽ ڦٽيون آڻيون ٽاريون، ٿيون بسڪٽ کان بهتر پنهنجي
ڳڙجون ڌاڻيون،
پنهنجي ملڪ جي ٿي وئي خشڪ روٽي،
وڻي ٿي وطن جي به ڦاٽل لنگوٽي.
ٿيو هيڻو آهي حال اهلِ وطن جو، ويو ملڪ مان مال، اهلِ وطن جو،
ٿيو اونڌو اقبال اهلِ وطن جو، ويو بيهي گهڙيال اهلِ وطن جو،
وري تن کي خوشحال ڪر تُون خدايا!
دعا لاءِ در تنهنجي تي آهيون آيا.
آه! آفتاب نظاماڻي!
سنڌي زبان جو مشهور اديب جناب آفتاب نظاماڻي 18 ــ جون وارن
تڪليف ده لساني فسادن دوران، لطيف آباد حيدرآباد ۾
جنونيت جو شڪار ٿي ويو! معصوم، شريف النفس، نهايت
پياري ۽ ٻاجهاري آفتاب نظاماڻيءَ جي عمر چاليهه کن
ورهيه هئي. سانگهڙ ۾ جديد سنڌي ادب ۽ صحافت جي
ترقيءَ لاءِ آفتاب وڏو منڊل مچايو ويٺو هو. گروهڙي
ساهت سنگت ۽ پبليڪيشن پاران ڪيتريون ئي ادبي ۽
ثقافتي محفلون مچايائين ۽ سنڌي ادبي سنگت سان به
وابسته رهيو. صحافت سان به ساڳي دلچسپي هئس. سندس
ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ”ارپنا“ (1982ع) ۽ ”اوهيرا“
(1984ع) شايع ٿيا آهن. سانگهڙ جي ادبي مجلسن جي
جان آفتاب هو، جيڪو پنهنجن پيارن ادبي ساٿين
الهورايو اداسي، اسحاق مڱريو، بخشڻ مهراڻوي، ڪاشف
نظاماڻي، عزيز گوپانگ، معصوم سانگهڙائي ۽ ٻين سان
گڏ ادبي هلچل ۾ رات ڏينهن مگن رهندو هو. آفتاب
ذاتي طرح نهايت خوش خلق، ملنسار، هر دلعزيز،
سٻاجهو ۽ سچو انسان هو، جنهن کي ياد ڪندي سنڌ جا
سڀيئي ادبي حلقا اڄ اُداس آهن! آفتاب جي قاتلن جي
گرفتاري ۽ کين ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ جي تقاضا
روز اخبارن ۾ ورجائي پئي وڃي.
آفتاب نظاماڻيءَ جي اندوهناڪ قتل تي اسان اداره مهراڻ طرفان
غمزده آهيون ۽ سخت مذمت ڪندي، عدل ۽ انصاف جي
تقاضا ٿا ڪريون. آفتاب جي معصوم ٻچڙن، خاندان جي
ڀاتين ۽ دوستن سان تعزيت ۽ همدردي ڪريون ٿا.
تُنَ تُنيدو آءٌ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُڙي،
سانباهِي سمونڊ جِي، مَنان مُور مَ لاهيه،
اڄ ڪِ سَنجههِ صُباح، اُهرندي اتانگهه تڙين.
ـــ شاهه
لطيفي لوچ
گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا مَ سمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو سُور سهي، ننڊ نه ناکئا!
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
ـــ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
ڪافي
اسان لاءِ ڪافي فضيلت فقيري،
ڪنهين ڪم نه آئي، هي مخدومي، پيري.
مڙئي زهد ظاهر جا آهن تباهي،
ڳجهان ڳجهه ٺهي ٿي عبادت الاهي،
انهي رمز ۾ ئي رکيل بي نظيري.
سڳا ڌاڳا ڦيڻا ڇنڊا ۽ ڇوڪارا،
اهي ڄڻ ته آهن ڪُلِي نانگ ڪارا،
ڪيم ڳالهه ولــلــہ بلڪل بصيري.
اسان کي ته مرڳو مصلي ٿي ماريو،
۽ تسبيحي تالن تڏو ٿي اٿاريو:
پڳي ڪانه اسان کان بنهه بي ضميري.
اندر کي نه هرگز عبائن اجاريو،
نڪي قلب ڪڏهين قبائن قراريو،
ڪئي عشق آخر اچي دستگيري.
اسان جو نه اڳواڻ امراء آهي،
اسان جو مٿي ـــ موڙ فقراء آهي،
اسان جي فقط آهي شاهي شبيري.
بحمد الله ڪنهن وٽ نه وڪجي سگهياسون،
ٿياسون جي ڪنهن جا ته هُونهئين ٿياسيون:
ڏٺي سون نه ڪڏهين ڪبيري صغيري.
هي دنيا جي آزادي پابندي آهي،
۽ پابندي هر طرح آزادي آهي،
قبولي سون تڏهين هي عشقي اسيري.
ببانگِ دهل اڄ کُلي هي چئون ٿا،
نه پرواه به ڪائي ڪنهين جي رکون ٿا:
رڳوئي جبيبن جي آڏو حقيري.
جو مولا جو طالب، سو ٻئي جو نه طالب،
هميشہ رهي غير تي خوب غالب،
قلندر جي آهي ڪُلِن تي قديري.
تنوير عباسي
ساجن گهونگهٽ کوليو
مرڪي ٻهه ٻهه ٻوليو
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
وِرههُ وجود ۾ منهنجي، مصريءَ وانگر گهوليو
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
ڍنڍ ۾ چنڊ جو چهرو، ڇولين پئي ڇاڇوليو
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
سوئي ٿيئڙو ساڻي، جنهن پئي رڻ ۾ روليو
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
مرڪي مهر ڪيائين، ڍوليو نيٺ ته ڍوليو
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
آمهون سامهون ويهي، تو ”تنوير“ سان ٻوليو
جرڪيو جرڪيو جيئڙو.
نياز همايوني
سنڌ جي عظمت جو گيت
جيئي سنڌ، سڀاڳي، سنڌ، هي سونهاري سنڌ!
جيجل سنڌ، سٻاجهي سنڌ، سَرجڻهاري سنڌ!
جيئي سنڌ ـــ جيئي سنڌ!
هي مَريادا ساڻ مهانڊي، مَڻيا مَرم واري،
سڀ جي ڀلائي گهري سدائين، ڀلي ڀَرم واري،
اهڙي آرين، اهڙي پارين، ڀَلئون ڀلاري سنڌ!
اڀرن سڀرن کي سرچائي سڀ سان ڀال ڀلائي پئي،
مهر مهابي جڳ ورسائي، پنهنجو پاڻ ملهائي پئي،
پيار لکائي اهڙو جهڙي، پاڻ پياري سنڌ!
جيڪي ڄميا، جيڪي ٿميا، هڪيا تڪيا سڀ،
سيئي پالي سيئي تاتي، اُڃيا بُکيا سڀ،
جيڪو ساڻي تنهن سان سنمک، ڌارئي ڪارڻ ڌاري سنڌ!
سنڌو ڀاڳ سڀاڳ جي، روپي سوني ريکا سنڌو،
امرت اوتي گلن ڦلن جي ڪري ٿي ورکا سنڌو،
سنڌو ساگر آهه ته ساگر وانگ سگهاري سنڌ!
بشير مورياڻي
ڪربلا
اتر لڳو اڻائو ته سڀ کيت خشڪ ٿيا،
آبادگار اهنج کان شهرن طرف ڀڳا،
سادن سٻاجهڙن کي خبر ئي پئي نه ڪا،
رستي ۾ بيوسي جي هين منتظر فرات،
پاڻي جي بوند بوند تي پهرو هو ڏينهن رات،
مرندي مري ويا نه ملين اڃ کان نجات،
گونجي رهي آ ظلم جي صحرا ۾ ڪا صدا،
هر وقت منهنجي ذهن ۾ برپا آ ڪربلا.
شمشير الحيدري
تون نه آئين ته سندءِ ياد ڇو آئي آهي،
ڇا مان سمجهان ته هرهڪ آس اجائي آهي.
شام ٿيندي ئي دُکڻ ٿي لڳي دل جي دونهين،
شمع وانگي مون سڙي رات وِهائي آهي.
زندگي زهر ڪيم توکي وسارڻ خاطر،
ڪهڙي حالت مون عجب پنهنجي بنائي آهي.
مان ته منزل کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهيان،
تو ڪِٿي موٽَ جي اڄ سَين لڳائي آهي. |