امداد
حسيني
پارٽي
ڇٻر تي غلم غاليچا وڇايل
انهن تي ڪرسيون صوفا سجايل
مڙئي مانائتا مهمان آيل
سڀن کانپوءِ مُک مهمان آيو
اٿي سڀني انهيءَ سان هٿ ملايو
گهڻن منٿون ڪري ڦوٽو ڪڍايو
سڀئي اُن جي اڳيان پٺيان ڦِريا پئي
ٿِڙيا پئي ٿاٻڙيا پئي ۽ ڪريا پئي
هِريل ها ڪيترا ۽ ڪي هِريا پئي
اُتي هڪڙو ڪهاڻيڪار ڦاٿل
ٺلهو ڪرسيءَ کي ڄڻ سيڙائي ويٺل
مهاپرشن سياڻن منجهه پاڳل
ڀلا تقرير جي ٿيندي ته ڪهڙي
اُها ئي هوبهو پرسال جهڙي
وري ڦهڪائي هڻندو منهن تي اهڙي
اِهي جي ظاهري چهرا لڳن ٿا
ڪهاڻيڪار کي پنا لڳن ٿا
ڪفن جهڙا صفا ڪورا لڳن ٿا
وڏا ودوان ۽ گياني و گياني
عقابر علم جا سقراط ثاني
جديد اقدار جا باني مباني
جڏهن سگريٽ چپن سان هُن لڳايو
ته ڪنهن ٿي لائٽر جلدي جلايو
۽ ڪنهن ٿي اش ٽري ٻُڪ ۾ وڌايو
اڃا تقرير ٿيندي، پوءِ ماني
انهيءَ کانپوءِ ٿيندو، راڳ جاني
وڃڻ جي ويل مڃبي مهرباني
اُهي ئي لفظ ورجايل لتاڙيل
اُهي ئي لفظ ٿوڪاريل چٻاڙيل
گٺل پيٺل چٿيل ۽ ڪنڌ لاڙيل
ڪڙاڻ آئي ڦُٽل ڦاٽل چپن تي
ڪفن جهڙن صفا ڪورن پنن تي
ڪهاڻي هو اَوس لکندو انهن تي
تاج بلوچ
زندگي گهاريم پئي گمنام تنهنجي شهر ۾،
پوءِ ڀي سئو سئو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾.
بند کڙڪيون مِينهن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾،
شخص ڪو رسوا ٿيو بي دام تنهنجي شهر ۾.
وِرههُ ورهين جو ۽ آئي آهين، لحظي واسطي،
هر گهٽيءَ ۾ شور آ، ڪهرام تنهنجي شهر ۾.
رنگ ۽ خوشبوءَ جا سارا سلسلا، تنهنجون گهٽيون،
دل جو پر ويران آهي گام تنهنجي شهر ۾.
تنهنجي گهر ۾، صبح جي ٽهڪن جو هوندو سوجهرو،
مون کي ٿي وئي روئندي روئندي شام تنهنجي شهر ۾.
تنهنجي در تي عاشقن جا مون ڏٺا ڪيئي هجوم،
پوءِ تنها، مان ئي ڇو بدنام تنهنجي شهر ۾.
نانءَ ڪيئي ٿي پيا منسوب تنهنجي نانءَ سان،
پر مليو مون کي ئي آهي نام تنهنجي شهر ۾.
منهنجي چاهت جو ڪرشمو، تنهنجي نفرت جو ڪمال،
تنهنجو نالو ٿي ويو بدنام تنهنجي شهر ۾.
پيار تنهنجي کان سواءِ، ڪنهن تي نه اک منهنجي ٻُڏي،
هونئن ڏاڍا ٿي پڳا پيغام تنهنجي شهر ۾.
سال گذريا، ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو،
گم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾.
گفتگو تنهنجي ته موهي ”تاج“ کي ماري ڇڏيو،
ورنه توکان خوب ها گلفام تنهنجي شهر ۾.
عنايت بلوچ
جڏهن به توسان ملندو آهيان،
دل ۾ نچندو ڪڏندو آهيان.
چنڊ گهڙين جي مهلت ۾ ڀي، توسان ويهي رهندو آهيان.
دل تي ڇا ٿو گذري جنهن دم، تون وٽ ويهي اٿندو آهيان.
تو وٽ ڪهڙو جادو آهي، هر هر ڊهندو ٺهندو آهيان.
تنهنجي جڪڙيل ٻانهن اندر، پاڻ کي ڳولي لهندو آهيان.
نظرن ساڻ ملائي نظرون، توکي گهوري ڏسندو آهيان.
مظفر حسين جوش
گيت
ڀاڳ ڦٽيءَ جا پريت گهروندا قسمت ڇڏيا ڊاهي.
مڌر مڌر سُر ساڻ ٻڌائي تون ڪا پيار جي لوري،
ڪهڙي خبر ڪنهن وقت ٽٽي پئي منهنجي ساهه جي ڏوري،
منهنجي سوز ۽ تنهنجي سُر ۾ ڪو لاڳاپو آهي.
تنهنجي روح ۾ منهنجي پيار جي هلڪي هلڪي بانس،
منهنجو روح ازل کان اڃيو تو لئه رهي اداس،
روح سان روح ٿيو پريتم پنهنجو ناتو نباهڻ چاهي.
تنهنجي در تي آئي آهيان جهلي مان پنهنجي جهول،
مون سوالڻ کي دان ڏي پنهنجا مٺڙا مٺڙا ٻول،
تو در آيس دنيا کان سڀ لڳ لاڳاپا لاهي.
جيون جي رستي تي مليا آهيون قسمت سانگي،
ڪهڙي خبر ٿو ڪير اسان مان هڪ ٻئي لاءِ تانگهي،
پيار جي منزل ڏور ۽ ٿورو جيون جو پنڌ آهي.
مخدوم محمد امين ”فهيم“
ڪافي
چئج صبا سڄڻن کي،
ڪا هاڻي ته لهجو سار.
روح کي هردم آهي اوهان جي تات، طلب ۽ تار.
ڪين سونهي ٿو ڪوبه عجيبا، ڌڻ ڌناران ڌار.
سنجهه صبح بس آهي امين کي، پيار اوهان جي پچار.
محبوب سروري
چريو تولئه ٿيڻ جو سَهرو منهنجي سر تي سونهين ٿو،
۽ منهنجو سر، فقط هڪ تنهنجي سنگِ در تي سونهين ٿو.
مُخَنور سروري ميخانئه سرور تي سونهين ٿو،
جو هرڪو ماڻهو پنهنجي مرڪز و محور تي سونهين ٿو.
اسان جو غير معمولي، رهيو معيارِ مينوشي،
بلاشڪ ڀروسو هڪ ساقيء ڪوثر تي سونهين ٿو.
ٺهان ٿو چاهه مان چمندي، پرينءَ جي پاڪ پيرن کي،
صراحي جو جهڪيل سر جئن، لبِ ساغر تي سونهين ٿو.
سندءِ ديوانو هر ڪنهن در تي ڀٽڪڻ ڪونه ٿو ڄاڻي،
سندس دستِ طلب هڪ دلربا جي در تي سونهين ٿو.
کٽي بازي ويا، شڪرانه! دانائن کان ديوانا!
گريبان منهنجي جو جهنڊو، سڄڻ جي گهر تي سونهين ٿو.
شڪايت ڇا ڪجي! الفت ۾ ڏونگر ڏورڻا آهن،
ڪو ڏوراپو جتن جي ذات زوراور تي سونهين ٿو؟
گنهگار آهيان، پر سونهن آهيان نيڪو ڪارن جي،
ڏسو! ڪهڙو نه ڪاروتر رخِ انور تي سونهين ٿو!
ڪندا ايماندار اڄ عيد جي ڪهڙي خريداري،
اسان، بس ماستر ماڻهن جو ڪم اوڌر تي سونهين ٿو.
جفا سهڻن کي سيکارڻ سندو الزام جيڪو آ،
سراسر سروري صاحب پروفيسر تي سونهين ٿو.
احسن الهاشمي
صبح ڪو ڳولهي ته ڏيو پويون پهر ڳولي ته ڏيو،
غم نه جنهنجي رات ۾ اهڙي سحر ڳولي ته ڏيو.
حسن وارو ڪوبه هڪڙو نڪته ور ڳولهي ته ڏيو،
آه ۾ ڪنهن عشق واري جي اثر ڳولهي ته ڏيو.
نا اميدي، بي ڪسي، ارمان، حسرت، آرزو،
تن کان آجو مون کي ڪو ابنِ بشر ڳولهي ته ڏيو.
هڪ نظر سان جنهن دلين ذهنن ۾ آندو انقلاب،
دوستو اهڙو به ڪو اهلِ نظر ڳولهي ته ڏيو.
هر مصيبت کي وساري مسڪرائي موت تي،
اهڙي دل ڳولهي ته ڏيو اهڙو جگر ڳولهي ته ڏيو.
پنهنجي سورن ۾ ته سڀڪو روز شب روئي پيو،
ٻين جو همدرد همدم چشم تر ڳولهي ته ڏيو.
سرو قد سهڻي ۾، اميدِ وفا و دلبري،
باغبانو، سرءُ ۾ گل ۽ ثمر ڳولهي ته ڏيو.
الفت و ايثار، همدردي، مروت ۽ خلوص،
مون اوهان بيشڪ ٻُڌا آهن مگر ڳولهي ته ڏيو.
عشق ٿيو روزِ ازل کان ئي سراپا اعتبار،
حسن جي حدِ نظر ۾ معتبر ڳولهي ته ڏيو.
سڀ مسافر منزلِ فردا کان آهن بي خبر،
ڪوبه هڪ مصروف محتاطِ سفر ڳولهي ته ڏيو.
درد وارن جي دوا جت آرزومندن علاج،
حيدرِ صفدر جي در جهڙو ڪو در ڳولهي ته ڏيو.
دشمنن تي مهربان ۽ مهربانن جو غلام،
مون کي ٻيو ڪو احسنِ آشفته سر ڳولهي ته ڏيو.
عبدالقيوم صائب
غزل
پرين کي سويرو وڃي چئج ڪانگا،
ته نڪتا اٿو لڄ رکڻ لاءِ نانگا.
اوهان ڳوٺ وارا سنڀاليو انهن کي،
جي پويان ڇڏيو ٿا وڃون هاڻ چانگا.
اسان ڀروسو آهه ان ۾ رکيو بس،
چون جنهن کي ”الله اڪبر“ ٿا ٻانگا.
اسان هر منافق جون پاڙون پٽڻ لئه،
وڃون پار پوندا لنگهي اڙانگا.
ڀري سانگ سهڻو سڄڻ جيڪي نڪتا،
انهن سان هلي ڪين سگهندا ٻانگا.
نوان نسل پنهنجي ڪري بيٺا آهن،
ڪٿي ٿا پراڻا پڄن تن سان ٽانگا.
اسان پنهنجي ويرين تي ثابت ڪيو آهه،
اسان سان مهاڏا ها ڏاڍا مهانگا.
اسين پنهنجي ڌرتيءَ جا دولهه دلارا،
نه رکنداسين ڪنهن پر سرن جا ڪي سانگا.
پٺيان ڳوٺ وارن کي پانڌي ٿي چئجو،
وڙهي پاڻ ۾ خود ٿجو ڪيم ڍانگا.
اسان وٽ سرن جي ئي بازي لڳي ٿي،
اها ٻيا ڪي هوندا، جي هوندا سهانگا.
خدا ڪاميابي عطا تن ڪري ٿو،
يقين سان ئي ”صائب“ اُٿن ٿا جي نانگا. |