ماڻڪ منڌ هٿان...
(شرح لطيفي)
سدا رنگاڻي ”خادم“ (دهلي)
”شاهه جو رسالو“ معنيٰ جي املهه ماڻڪن جو خزانو آهي. اُن جو هر
بيت در شاهوار ۽ دل کي ڪشش ڪندڙ آهي، پر منجهن ڪي
اهڙا به آهن جن جو ملهه جوهري ئي ڪٿي سگهندا.
منهنجي نظر ۾ هڪڙو بيت، جنهن اڪثر اديبن، عالمن،
درويشن ۽ مفڪرن جو ڌيان پاڻ ڏانهن پئي ڇڪايو آهي،
اهو آهي:
ماڻڪ مُنڌَ هَٿا، پيتيءَ ۾ پُرزا ٿئو،
سڄو تان سيد چي، لهي لک سَوا،
ڀڳي پڄاڻا، پدمان ئي پري ٿئو.
فاضل پروفيسر گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي جو پهريون جلد، جنهن ۾
هيءَ بيت سر سريراڳ جي چوٿين داستان ۾ اچي وڃي ٿو،
15 ـــ ڊسمبر 1923ع تي شايع ڪيو ۽ معنيٰ هن ريت
سمجهايائين: ماڻڪ يعني آتما يا روح، منڌ يعني زال
(انسان) هٿان پيتيءَ (جسم) اندر ٽڪر ٽڪر ٿيو. هيءُ
روح جيستائين سالم آهي ۽ حرصن هوسن جي چنبي ۾
گرفتار نه ٿيو آهي، تيسين هڪ امل ماڻڪ جئن بي بها
آهي، پر جڏهن نفساني خواهشون مٿس غالب پون ٿيون ته
پوءِ ان جو ڪوبه مان نه ٿو رهي. هن صاحب ’پدمان‘
کي به لفظ ڄاڻي، ’پد‘ مان درجي يا مرتبي جو مطلب
ڪڍيو آهي ۽ ”پدمان ئي پري ٿئو“ جي معنيٰ ”ان جو
ڪوبه ملهه يا مان نه ٿو ٿئي“ ڪئي اٿس.
مٿئين ڪتاب کي پڌري ٿئي ٻه اڍائي هفتا مس گذريا ته وڏو طوفان
مچي ويو. حيدرآباد مان نڪرندڙ هفتيوار ”ڀارتواسي“
جي ايڊيٽر (پوءِ پروفيسر) ڄيٺمل پرسرام،
گربخشاڻيءَ تي ڳرن عربي فارسي لفظن ڪم آڻڻ، ڪن
بيتن جي غلط سمجهاڻي ڏيڻ ۽ شاهه جي شاهڪار مان
ڪيترا ڌاريا سمجهي ڪڍي ڇڏڻ جون تهمتون هڻي مٿس خوب
ڇوهه ڇنڊيا ۽ مٿئين بيت جو مثال ڏيئي چيو ته شرح
ڪندڙ بيت جي غلط معنيٰ ڏيئي ان جي ”روحاني راز جو
ڏٺو وائٺو خون ڪيو آهي“. سندس چوڻ هو ته ’پدمان‘
هڪ يڪو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’پدم‘
*
يعني لکها ڪروڙن کان به وڌيڪ،
نه ملهه وڃائڻ. حيرت ته اهو راز، جنهن جي خون ڪرڻ
جو الزام گربخشاڻيءَ تي ڌريائين، اهو پاڻ به ڪين
سليائين.
مشهور ودوان ڀيرومل مهرچند ڏٺو ته مڙس هٿان ٿو وڃي ۽ راه گناهه
هڪ لائق اديب جو هيڏيءَ محنت تي پاڻي ٿو ڦيري،
تنهن ڄيٺمل کي ٿڌي ڪرڻ جي خيال کان ڀارتواسيءَ
ڏانهن مضمون ڏياري موڪليو، جنهن ۾ چيائين ته
”تفاوت رڳو پڙهڻ جي نموني ۾ آهي ۽ اها ڪا وڏي
ڳالهه ڪانهي“.
ڏٺو وڃي ته گربخشاڻيءَ ’پدمان‘ جي پڙهڻي اهائي قائم ڪئي آهي،
جيڪا کيس هٿ آيل بُلڙي ۽ ڀٽ وارن قلمي نسخن ۽ ٽرمپ
جي ڪتاب ۾ ملي. سرڪاري کاتي ۽ مرزا قليچ بيگ وارن
ڇاپن ۾ پڻ ساڳي پڙهڻي پئي ڏسجي. بمبئيءَ جي مطبع
ڪريمي (مرتب ڪندڙ قاضي عبدالڪريم) واري سنگي ڇاپي
( 1329 هه = 1911ع) ۾ به اهائي آهي، فقط سٽ جو
پهريون اڌ پويون ۽ پويون پهريون ڪري هن ريت پيش
ڪيو ويو آهي:
پيتيءَ ۾ پرزا ٿئو، ماڻڪ منڌ هٿا.
سنه 1269 هه ۽ 1270 هه ۾ لکيل ٽن آڳاٽن قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار
ڪيل شاهه جي رسالي ۾ (1974) پڻ لفظ ساڳيءَ صورت ۾
آهي. ’سُر سسئي‘ سان شروع ٿيندڙ پهرئين دور (1165
ـــ 1207 هه) جي ڏهن قلمي نسخن مان (1977) فقط
ميان عبدالڪريم طبيب ٺٽويءَ وارن ٻن نسخن مان (جي
سنڌالاجي اداري ۾ محفوظ آهن) ’ٺ ـــ 1‘ ۾ ”پدمنئا
پري ٿئو“ لکيل آهي ۽ ’ٺ ـــ 2‘ ۾ ”پاڻ پدمائين پري
ٿئو“. ٿي سگهي ٿو ته اهي نسخا گربخشاڻي کي هٿ چڙهن
ها ته شايد پنهنجي پڙهڻيءَ ۾ تبديل ڪري ها.
ڪجهه وقت ٿيو ته سنڌ مان ’شاهه عبداللطيف يادگار ڪميٽي‘ طرفان
شايع ٿيل ”يادگار لطيف‘ (1955) مليم. منجهس شاهه
سائينءَ بابت مختلف موضوعن تي چوڏهن مقالا (۽ ڪي
شعر) هئا جن مان پهريون ئي پهريون هو جناب
ضياءالدين بلبل جو ”شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جي
اونهائي“. مضمون نگار ڳالهه ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن
مجلس ۾ ويٺا هئاسون ته هڪ پاڙيسري هندو سيٺ هڪ خط
ڏياري موڪليو، جنهن ۾ ڀارت جي هڪ ڀائيبند مٿي
ڄاڻايل بيت جي معنيٰ طلب ڪئي هئي. بيت هن ريت لکيل
هو:
ماڻڪ منڌ هٿان، پٽ پيئي پرزا ٿيو،
سڄو تان سيد چوي، لهي لک سوا،
ڀڳي پڄاڻان، پدمن کان پري ٿيو.
وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته ڳالهه هيئن هئي جو هڪ پروفيسر ڪلاس ۾ معنيٰ
ڪئي هئي جا شاگرد جي دل تي نه ويٺي. ڀارتي پروفيسر
معنيٰ ڪئي هئي ته ماڻڪ آهي ايشور ۽ منڌ آهي موهه
يا پريم جنهن جي اثر هيٺ ايشور پٽ پئي پرزا ٿيو،
يعني سرشتيءَ ۾ ڪيترا روپ وٺي پڌرايو. جڏهن ايشور
اڪيلو آڪاش ۾ هو، يعني سڄو (سالم) هو، تڏهن لک
لهندو هو، پر جڏهن سرشٽيءَ ۾ پڌاريو تڏهن ڄڻ ڀڄي
پيو، يعني وحدت مان ڪثرت ٿيو، لڪل مان ظاهر ٿيو،
جنهنڪري پدمن کان ئي پري ٿيو يعني ته ايتري قدر ته
پوڄا ڪيو ويو ۽ سڃاتو ويو جو درجن کان مٿي ٿي ويو،
يعني ڪروڙن پدمن جي ڪَٿ کان بالاتر ٿي ويو.
ليکڪ چوي ٿو ته پهريائين ويچار ڪيو ويو ته مٿين معنيٰ ۾ هڪ
هندوءَ جي خيال کان ڪهڙي نه پوري ٺهڪي ٿي اچي!
شاهه کي سچل سرمست ۽ ساميءَ جي صف ۾ آڻي بيهارڻ
لاءِ مٿين معنيٰ ڪهڙي نه مناسب ۽ موقعائتي چئبي!
پر پوءِ خيال ٿيو ته گهڻن جي صلاح بهتر ٿيندي.
هاڻي لڳو مزو ـــ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي خيال موجب
معنيٰ ڪرڻ شروع ڪئي:
(1) هڪ حڪيم ۽ مولوي دوست، قرآن شريف جي هڪ آيت (ڪُنت ڪَنزا
مَخفياً..) پڙهي ۽ چيائين ته الله تعاليٰ پهريائين
ڳجهو خزانو هو، پر پوءِ پاڻ ڄاڻائڻ جو خيال کان
نُور خلقيائين، جنهنڪري ڄاتو ويو ۽ معبود بڻيو ۽
اڳي کان اڳرو خود آورد ٿيو.
(2) ٻئي دوست چيو ته هن بيت جي معنيٰ اهائي آهي جا هڪ سالڪ ڏور
جي بيت منجهه سمائي آهي. مذڪور بيت ۾ چيل آهي ته
امام حسن ۽ حسين سوکڙي ٿي آيل هڪ ماڻڪ سان راند
ڪرڻ لاءِ بي چين ٿيڻ لڳا ـــ هڪڙو چوي ماڻڪ مان
کڻان، ٻيو چوي ماڻڪ مان کڻان. معاملو سندن ناني
حضرت محمد صلعم کي معلوم ٿيو ته هن ايندي شرط ماڻڪ
کي کڻي پَٽ تي هنيو. جنهنڪري اهو ٻه ٽڪر ٿي پيو ۽
ٻئي ننڍڙا امام سرچي پيا. سالڪ ٿو چوي ته ماڻڪ
جڏهن سڄو هو تڏهن به قيمتي هو، پر جڏهن پرزا ٿي
معصومن جي سرچڻ ۽ وندر جو باعث بڻيو، تڏهن ان جي
قيمت پاڻان وڌي ويئي.
(3) ٽئين وري آکيو ته هيءَ ’يوسف زليخا‘ جي قصي ۾ يوسف جي قيد
ٿيڻ واري ڳالهه آهي. ماڻڪ آهي سدا ملوڪ يوسف، منڌ
آهي زليخا، پٽ پئي پرزا ٿيڻ جو مطلب آهي يوسف جو
بند ۾ زار زار روئڻ، ۽ پدمن کان پري مان مراد آهي
يوسف جو شان، جو آزمائش مان پار پوڻ سان وڌيو.
(4) ته ٻئي صاحب چيو: ڇا ٿا چئو؟ ـــ هيءُ آدم ۽ حوا جو قصو آهي
ـــ ماڻڪ آهي آدم، منڌ آهي حوا. پٽ پئي پرزا ٿيڻ
آهي آدم جو بهشت مان تڙجي ڌرتيءَ تي اچي وڌڻ ويجهڻ
۽ انسانذات جو وجود ۾ اچڻ، پدمن کان پري ٿيڻ يعني
تڙجڻ عيوض بخشيو وڃڻ ۽ خدا جي عبادت ۽ امانت جي
بار کڻڻ جو مرتبو حاصل ڪرڻ.
(5) اڃا هڪ ٻئي دوست سمجهاڻي ڏني ته بيت اندر ڪربلا جي ڪيس
ڏانهن اشارو ۽ ان جي نتيجي جي بشارت آهي. ماڻڪ
امام حسين، منڌ يعني شمر، پٽ (ڪربلا) ۾ پرزا
(شهيد) ڪيو ته سبط نبي جنهن جو درجو هونءَ به
مٿانهون هو، اهو پدمن کان پري ٿيو، يعني تاقيامت
بي مثال قرباني جو پتلو بڻيو.
(6) فاضل ليکڪ فرمائي ٿو ته اتي مجلس دير ٿي وڃڻ سبب برخاست ٿي
۽ مون پنهنجو خيال ٻئي ڏينهن ٻڌائڻ جو وعدو ڪيو.
پوءِ لکي ٿو ته جاءِ تي مون کي اڃا به هڪ ٻئي
معنيٰ ٻڌائي ويئي، جا هئي: ماڻڪ آهي انسان، منڌ
آهي موت ۽ پٽ پئي پرزا ٿيڻ آهي قبر ۾ پئي مٽيءَ
سان ملي مٽي ٿيڻ. اهڙيءَ طرح انسان، جيڪو خاڪي تن
۾ به لک لهي، اُهو روحاني دنيا ۾ پهچي پدمان پري
ٿي ٿو وڃي. شاهه صاحب جون هي سٽون:
گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
مَئي مَتي مهراڻ ۾ پؤ ٽپو ڏيئي.
گويا موت کي مشاهدو ۽ واڌاري جي ڏاڪڻ ٿيون ڏسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو اهي معنائون سيٺ کي موڪليون وييون ته هُن ڊوڙي
اچي خود لکندڙ جو خيال ڄاڻڻ چاهيو. مون وراڻيو:
(7) ماڻڪ آهي زال ذات جي دل ۽ منڌ آهي پاڻ عورت جڏهن عورت جو
هردو پٽ پئي پرزا ٿئي ٿو، يعني محبت جي ميدان ۾
شڪست کائي ٿو، تڏهن هن جي قيمت ۽ قدر دوبالا ٿيو
پوي، جنهن جي تصديق انگريزيءَ جي هن چوڻيءَ مان
ملي ٿي:
It is better to have loved and lost
Then not to have loved at all.
سيٺ سَرهو ٿي اٿيو ۽ چيائين، ته بس، بيت جي معنيٰ
ملي ويئي. بلبل صاحب چوي ٿو ته مون خوشيءَ کان
پڇيومانس ته ڇا منهنجي معنيٰ اوهان جي خيال ۾ ٻين
مڙني کان بهتر آهي؟ سيٺ جواب ۾ ”هائو“ به چيو ته
”نه“ به ڪئي. وڌيڪ لکي ٿو ته پنهنجي سوڀ جي ٻيڙيءَ
جا تختا نڪرندا ڏسي چيومانس، سو وري ڪيئن؟ ته
ورندي ڏنائين ته اوهان جي معنيٰ مان هڪ بي بها
اشارو مليم جنهن منهنجي من ۾ سچي معنيٰ موکائي
وڌي، اها هيءَ آهي:
(8) شاهه صاحب هميشہ حاضر ۽ ظاهر مشاهدن، معاملن ۽ شين تي ويچار
پڌرو پئي ڪيو آهي ۽ انهن جي آخر ۾ روحاني راز سليا
آهن. هن بيت ۾ ڀٽائي گهوٽ زال ذات نه، پر ڪنهن خاص
عورت جي اُپٽار ڪئي آهي، جا آهي بيگن واري بيگم
(مرزا مغل بيگ جي ڌيءُ، پوءِ شاهه صاحب جي گهر
واري) جنهن کي پيتيءَ ۾ پرزا ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو.
وڌيڪ ڄاڻايائين ته رسالي جي ڪن نسخن ۾ ’پٽ پيئي‘
ته ڪن ۾ ’پيتيءَ ۾‘ آيل آهي. پيتي آهي بيگن جو ڪوٽ
يا ڪپڙن جا تهن مٿان تهه، جنهن ۾ شاهه جي اچڻ تي
بيگن لکيڻيءَ کي کڻي لڪايو هو.
درحقيقت هر ويچار ڌارا جو مدار شخص جي تعليم، تربيت، ماحول ۽
سنگت تي ٿئي ٿو. ممڪن آهي ته ڪو حياتيات سان رُچي
رکندڙ اسان کي خاطر نشان ڪرائي ته هن بيت ۾ ماءُ
پيٽان نطفه مان پيدا ٿيندڙ ٻار جو احوال آهي.
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ’پيتي‘ کي انساني ديهيءَ ڏانهن اشارو ٿو
سمجهي ۽ ’پدمان‘ کي ٻه لفظ ٿو ليکي. پوءِ معنيٰ هن
ريت واضح ٿو ڪري: انسان پاڻ سان روحاني جوهر
(ماڻڪ) کڻي آيو هو، جو هتي اچي ضايع ڪيو اٿس. هن
ڪايا روپي پيتيءَ ۾ انسان اصلوڪو آتمڪ ماڻڪ پرزا
ڪري ويٺو آهي. ان جو اصلوڪو ملهه اڪٿ آهي، پر ڀڳي
کان پوءِ اهو پنهنجي پد (مرتبي يا ملهه) کان ڪريو
پوي. روحاني صراف ئي ان کي درست ڪري اصلوڪي روپ ۽
پدويءَ تي پهچائي سگهن ٿا.
آءٌ الائي ڇو، جڏهن به ڀڳتڻ ميران ٻائيءَ جو هيءُ منوهر ڀڄڻ
ٻڌندو آهيان:
نام رَتن ڌَن پايو ـــ
پايو جي مَئن ني نام رَتن ڌَن پايو ـــ
وَستو امولڪ دي ميري ستگر
ڪرپا ڪر اپنايو ــــ
جنم جنم ڪي پونجي پائي
جگ مين سبهي کووايو ـــ
خرچئه نه کُوٽي، چور نه لُوٽي
دِن دِن بَڙهت سَوايو...
ته منهنجو خيال ازخود لاکيڻي لعل جي مٿئين بيت ڏانهن ڊوڙي ويندو
آهي، جنهن جي معنيٰ مان هوند هئن ڪريان: ماڻڪ آهي
’نام رتن‘ شبد يا اسم اعظم؛ منڌ آهي طالب يا سالڪ
جنهن کي ڀڳتي ڪوتا خواه شاهه جي شعر ۾ ناري
ڏيکاريو ويو آهي ۽ پيتيءَ مان مراد آهي سرير يا
جسم. انهيءَ ريت وٺبو ته مطلب ٿيندو سائينءَ جو
نانءُ يا ستگر کان مليل منتر هونءَ ئي ملهائتو
آهي، پر هڪوار طالب جي روم روم ۾ رَمِي ويو (پرزا
ٿيو) ته پوءِ ان جي قيمت ڪٿڻ جي ناهي.
مرند، ملتان ۽
سيوهڻ
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
مرند: حضرت قلندر شهباز جي اصل وطن بابت مختلف روايتون آهن. ڪن
تذڪرن سندن اصل وطن جو نالو ”مروند“ ڄاڻايو آهي، ۽
اهو نالو عام مشهور ٿي ويو آهي. ڪي فقير ”ملوند“
به چوندا آهن. لبِ تاريخ سنڌ جي صاحب ”ميمند“
ڄاڻايو آهي، ۽ جيڪو افغانستان ۽ ”هرات“ پرڳڻي جي
ويجهو هو. مشهور محقق مولوي خانبهادر محمد شفيع
جڏهن سيوهڻ جون تاريخي جايون ڏسڻ ۽ ڪتبا قلمبند
ڪرڻ لاءِ سيوهڻ آيو هو، ته مخدوم بصرالدين کيس
ٻڌايو هو ته حضرت قلندر شهباز جي صحيح نسبت
”ميوندي“ هوندي.
جن تذڪرن ”مروند“ ڄاڻايو آهي ته انهن لکيو آهي، ته هي شهر
آذربائيجان ۽ تبريز ڏانهن اقليم پنجين ۾ هو. ڪن
اهو به لکيو آهي، ته ”مروند“ تبريز جي ڳوٺن مان هڪ
ڳوٺ هو. ”مروند“ جي نالي سان ڪوبه شهر تاريخن،
قديم جاگرافين ۽ سفرنامن ۾ نظر نٿو اچي. البت هرات
کان اتر ۾ روس ۽ افغانستان جي دنگ تي، ”ڪشڪ“ نالي
شهر کان 160 ميل اتر ۾، خشڪ جابلو بيابان جي وچ ۾
”مرو“ نالي شهر هو، جيڪو هڪ وڻندڙ ”خيابان“ هو. هي
شهر خراسان جي قديم گادي جو هنڌ هو. قديم زماني ۾
عاليشان شهر هو، ۽ علم، عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز
هو. اصطخري، ابن حوقل ۽ مقدسي سندس مفصل بيان ڏنو
آهي، ۽ کيس عاليشان شهر ڏيکاريو آهي. سندس قدامت
جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو، جو هتي سڪندر
مقدوني جي وقت جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
زابلستان ۾ ”ميمند“ يا ”ميوند“ جو شهر به ملي ٿو. ”مرد“،
”ميمند“ ۽ ”ميوند“ مان ڪوبه اهڙو نالو مناسب نظر
نٿو اچي، جنهن مان ”مروندي“ نسبت جڙي هجي. ان کان
سواءِ اهي شهر آذربائيجان ۾ نه آهن. هوڏانهن اڪثر
تذڪرا متفق آهن، ته قلندر سائينءَ جو اصل وطن
آذربائيجان ۾ هو. آذربائيجان ۾ صرف ”مروند“ نالي
شهر جو نالو ملي ٿو.
حقيقت اها آهي ته صحيح نالو به ”مروند“ آهي، جيڪو عوامي تلفظ ۾
بگڙجي ”مروند“ ٿيو آهي. جن تاريخن ۽ تذڪرن ۾
”مروند“ آيو آهي، اهي گهڻو پوءِ لکيل آهن، انهيءَ
ڪري هنن عام مروج تلفظ پنهنجي ڪتابن ۾ آندو اهي.
ڪيترن شاعرن به ”مروندي“ نسبت کي ئي نظم ۾ آندو
آهي.
”مرند“ تلفظ جي صحيح هجڻ لاءِ تاريخي ثبوت به ملن ٿا. مشهور
سياح ابن بطوطه حضرت قلندر شهباز جي وفات کان
قريباً اڌي صدي پوءِ سنڌ ۾ آيو، ۽ سيوهڻ ۾ به
پهتو. هن صاف طور ”مروندي“ نسبت ڄاڻائي آهي. لکيو
اٿس:
”هن شهر ۾ مون کي هڪ ڪراڙو ماڻهو ”محمد بغدادي“ نالي مليو، ۽ هي
شيخ عثمان مروندي جي درگاهه ۾ رهي ٿو. مون کي
ٻڌايائين ته سندس عمر هڪ سؤ چاليهه سالن کان وڌيڪ
آهي، ۽ هو خليفي معتسم باالله جي قتل وقت جڏهن ان
کي هلاڪو خان بن چنگيز خان قتل ڪيو هو، بغداد ۾
موجود هو. هو ايڏي وڏي عمر جي باوجود تندرست ۽
توانو آهي، ۽ چڱيءَ طرح هلي چلي سگهي ٿو“ ([1]).
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته محمد بغدادي، قلندر رح جي صحبت ۾ رهيو
هوندو. اسان تذڪرن ۾ حضرت قلندر شهباز جي طالبن ۾
”علي“ جي نالي سان ٽن ماڻهن جا نالا ملن ٿا، جيڪي
ٻاهران آيا: هڪ سيد علي سرمست، جيڪو اصل بغداد جو
هو، ۽ سندس مزار شهباز سائينءَ جي مقبري جي ٻاهران
آهي. ٻيو ”سيد علي“، اصل شيراز جو هو، ۽ حضرت
قلندر شهباز جي پوئين وقت ۾ وٽس اچي رهيو. ٽيون
”مخدوم علي“ جيڪو نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي
صحابي دحيہ الڪلبي جي اولاد مان هو. درگاهه جو
پهريون خدمتگار سيد علي سرمست بغدادي هو. ان کان
پوءِ ”سيد علي شيرازي“ ٿيو. ان جي وفات کان پوءِ
”مخدوم علي“ ٿيو. ”محمد بغدادي“ جي نالي سان اسان
جي تذڪرن ۾ ڪو نالو نظر نٿو اچي. معلوم ائين ٿو
ٿئي، ته اهو ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن کي اسان جي
تذڪرن ”سيد علي سرمست بغدادي“ لکيو آهي. ”بغدادي،
نسبت ان جو چٽو ثبوت آهي. بهرحال ابن بطوطه جي
بيان موجب حضرت لعل شهباز جي نسبت ”مرندي“ آهي.
مرند جون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتون: مرند بابت ابي الحسن
بلاذري فتوح البلدان ۾ لکيو آهي:
”مرند ننڍو ڳوٺ هو. حلبث ابوالبعيث فتح ڪيو. ان جي پٽ محمد هتي
ڪيترا محل تعمير ڪرايا. المتوڪل علي الله جي زماني
۾ هن بغاوت ڪئي. خليفي جي آزاد ڪيل غلام
”بُغاالصخير“ ان جو مقابلو ڪري کيس شڪست ڏني، ۽
کيس قيد ڪري سرمن لاءِ آندو. مرند جي چؤديواري
تباهه ڪئي وئي، ۽ محلات مسمار ڪيا ويا.“ ([2])
يعني اهو ٽين صدي هجري جو احوال آهي. احمد بن ابويعقوب بن جعفر
يعقوبي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ اليعقوبي“ ۾ به ساڳيو
احوال وڌيڪ تفصيل سان آندو آهي ([3]).
مقدسي چوٿين صدي هجري ۾ هن شهر بابت لکيو آهي، ته
هن ۾ هڪ ننڍو قلعو ۽ مسجد هئي. شهر جي ٻاهرين
آباديءَ جي چوڌاري باغ هئا ۽ ان ۾ هڪ بازار هئي ([4]).
مرند جو شهر خوي درياءَ جي اوڀر ۾ ٻئي درياءَ جي ڪناري تي آباد
هو. اهو درياءَ خوي درياءَ ۾ کاٻي طرف وڃي ملندو
هو. حمد الله مستوفي پنهنجي ڪتاب ”نزدهة القلوب“ ۾
لکيو آهي، ته ”مرند“ چوٿين اقليم ۾ آهي ۽ ان
درياءَ جو نالو ”زلوبر، آهي، جنهن تي هي شهر واقع
آهي. درياءَ جي پاڻيءَ تي جهجهو اَنُ پيدا ٿئي ٿو.
ان کان سواءِ هتي ڪيترائي باغ آهن، جن ۾ ڪيترن ئي
قسمن جا ميوا ٿين ٿا، جهڙوڪ: انگور، شفتالو،
زردالو وغيره. مستوفي وڌيڪ اهو به لکيو اهي، ته
مرند جي اڳين وسعت گهٽجي اڌ ٿي ويئي هئي، پر اڃا
تائين قرمز جي ڪينئن جي پرورش ڪئي ويندي هئي، جن
مان ڳاڙهو رنگ تيار ٿيندو هو ۽ هن شهر جو اهو ڪم
مشهور هو ([5]).
انهن ڪتابن کان سواءِ اصطخري ”مسالڪ الممالڪ“ ۾، ابن حوقل پننجي
سفرنامي ۾ ۽ قزويني هن شهر جو شڪر آندو آهي. ابن
خلڪان جي ڪتاب ”وَفيات الاعيان“ ۾ هن شهر جو نالو
ملي ٿو. باقعت حموي ”مُعجم الَبلدان“ ۾ لکيو آهي،
ته مرند آزربائيجان جو مشهور شهر آهي ۽ تبريز کان
ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. هن اهو به ڄاڻايو آهي، ته
هن شهر کي ڪردن تباهه ڪيو.
[6] تاريخ مان معلوم
ٿئي ٿو ته ڪردن جي حملي جي تاريخ 605 هه کان 607
هه آهي، يعني هي اهو زمانو هو، جڏهن حضرت شهباز جي
جواني هوندي ۽ پاڻ مرند ۾ موجود هوندا.
ستين صدي هجري (12 صدي عيسوي) جي شروع ۾ خوارزم شاهي حڪومت وجود
۾ آئي. هيءَ سلطنت ارل جي پهاڙي علائقن کان وٺي
ايراني نار تائين ۽ سنڌو درياءَ کان فرات تائين
وسيع هئي. هن حڪمران گهراڻي جي بادشاهه علاوالدين
محمد پنهنجي حڪومت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بنايو.
مرند به هن حڪومت جي حدن ۾ اچي ٿي ويو.
سنه 624 هه (1227ع) ۾ علي اشرفي صاحب اخطاط، مرند تي قبضو ڪيو.
خوارزم شاهه جي گورنر ”شرف الملڪ“ ان کي ٻيهر فتح
ڪري، شهر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو. ان کان
پوءِ منگولن هن علائقي ۾ تباهي مچائي. ائين ٿو
معلوم ٿئي، ته حضرت شهباز انهيءَ زماني ۾ يعني
ستين صدي هجري جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ”مرند“ ڇڏي، اسلامي
دنيا جي سير و سياحت تي نڪتو.
قديم شاهراهه: هينئر ڏسڻ گهرجي ته حضرت قلندر شهباز ڪهڙي رستي
کان ۽ ڪهڙي زماني ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو. قديم زماني ۾
سامونڊي رستي کان سواءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار
رستا هئا: بولان، ۽ مولا لڪ وارو رستو، جيڪو
موجوده بلوچستان کان ٿيندو، سنڌ ۾ ايندو هو. ٻيو
خيبر لڪ وارو رستو، جيڪو موجوده صوبه سرحد پنجاب
مان ٿيندو، موجوده سکر ضلعي ۾ داخل ٿيندو هو. ٽيون
رستو ڪراچيءَ جي حب ندي پار ڪري، لس ٻيلي ۽ مڪران
مان ٿيندو، ايران ۽ عراق ڏانهن ويندو هو. چوٿون
رستو سيوهڻ جي اولهه مان روهل ۽ ڦاسيءَ جي لڪ مان
لنگهي سنڌ کان ٻاهر ويندو هو. اهو رستو تمام قديم
آهي، ۽ ان جي اردگرد سيوهڻ واري علائقي ۾ ڪيترائي
قديم آثار ملن ٿا. جهڙوڪ: شاهه حسڻ، غازي شاهه،
علي مراد، واهي پانڌي، ٽنڊو رحيم خان وغيره.
معلوم ائين ٿو ٿئي، ته حضرت قلندر شهباز اسلامي دنيا جي سير و
سياحت ڪندي، مڪران ۽ لس ٻيلي واري رستي کان سنڌ ۾
داخل ٿيو هو، ڇاڪاڻ جو وادي پنجگور ۾ ”دشت شهباز“
نالي ماڳ، پسني بندر جي ڀرسان ٽڪر تي هڪ جاءِ ۽
منگهي پير وٽ هڪ هنڌ سندس نالي منسوب آهن. تحفة
الڪرام جي صاحب مير علي شير قانع لکيو آهي:
”حاجي منگهي جي جبل ۾ مخدوم لعل شهباز جي ڪندري (بيراڳڻ) نالي
هڪ نهر آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي خوشگوار باغ ۽
درويش جا پرسڪون تڪيا آهن.“ ([7])
دوارڪا پرساد شرما پنهنجي ڪتاب ”پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو“ ۾
انهيءَ ئي شاهراهه جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
”سنڌ مان عراق ۽ ايران ڏانهن هي رستو ڪراچي کان حب ندي پار ڪري
لس ٻيلي ۽ مڪران مان ٿيندو ايران وڃي ٿو. هي اهوئي
رستو آهي جتان ٽي سؤ سال ق. م. سڪندر مقدوني ۽ ان
کان ڏهه ـــ پندرهن سال اڳ سائرس ۽ سندس راڻي
سيمبرامس سنڌ تي حملو ڪيو هو، يا هندستان تي حملو
ڪري انهيءَ رستي سان وطن موٽيا هئا. هي لس ٻيلي
وارو رستو ئي آهي، جتان فاتح سنڌ محمد بن قاسم
عربي فوج ساڻ ڪري آيو. ان کان اڳ به ڪجهه عرب سپهه
سالار سنڌ تي حملو ڪري چڪا هئا.“ ([8])
تمام قديم زماني ۾ به ماڻهو عراق قديم ۽ ايران کان موئن جي دڙي
۽ آمري تائين ايندا ويندا هئا. انهيءَ ئي رستي سان
عراق، ايران ۽ ٻين ملڪن سان سنڌ جو واپار هلندو
هو. آمري، سيوهڻ ۽ موئن جو دڙو انهيءَ قديم
شاهراهه سان ڳنڍيل هئا. انهيءَ ڪري انهيءَ زماني ۾
موهن جي دڙي ۽ سيوهڻ سان گڏ آمري کي به وڏي اهميت
حاصل هئي. ان جي ثابتي ان مان به ملي ٿي ته آمريءَ
جي دڙي مان جيڪي قديم آثار مليا آهن، اهي عراق جي
کنڊهرن مان نڪتل شين سان مشابهت رکن ٿا.
ڪيتريون شيون سنڌ مان انهيءَ رستي سان ٻاهرين ملڪن ڏانهن
وينديون هيون ۽ ڪي شيون وري انهن ملڪن مان سنڌ ۾
آنديون وينديون هيون. موئن جي دڙي مان پٿر جا داڻا
۽ ٻيون شيون اهڙيو مليون آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو
ته يونان، مصر ۽ ڪويت تائين موئن جي دڙي جو واپار
هلندڙ هو. بابل جي قديم شهر ”ار“ ۽ ”ڪش“ جي کوٽائي
ڪندي، ڪيترن هنڌن تان سنڌي مهرون مليون آهن. انهن
مان هڪ ته بلڪل اهڙي آهي، جيڪا موئن جي دڙي جي
هيٺاهين تهه مان ملي آهي. سنڌي مهرن ۽ بابل جي
مهرن جي سڃاڻپ بلڪل سولي آهي. سنڌي مهرن تي سنڌ جي
جانورن جهڙوڪ: هاٿي، گينڊي، گهڙيال، مانگر مڇ ۽
ٻين جانورن جون تصويرون آهن، پر بابل جي مهرن تي
جانورن جون تصويرون بلڪل ڪونهن. سنڌي مهرن کان
سواءِ بابل جي شهر مان سنڌ جي ٺڪر جي ٿانون جا
ٽڪرا به مليا آهن. اهڙي قسم جا ٿانو بابل ۾ به
ٺاهيا ويندا هئا. موئن جي دڙي جي هيٺاهين تهه مان
پٿر جي ٿانو جو هڪ اهڙو ٽڪر به مليو آهي، جنهن
جهڙي چٽسالي ”تل اسمار“، ”ڪش“ ۽ ”سوسه“ جي ٿانون
جهڙي آهي.
عربن جي زماني ۾ به واپارين جا قافلا سنڌ، ايران، خراسان ۽ عراق
کان ايندا ويندا هئا. اهي به هن رستي سان ويندا
هئا. عرب جاگرافيدانن، سياحن ۽ تاريخدانن جي ڪتابن
۾ اهڙو احوال ملي ٿو. ابن خردازبه
[9] جي بيان موجب
جيڪي قافلا خراسان کان مڪران ۽ سنڌ وغيره ويندا
هئا، انهن جي مسافري جي پهرين منزل فهرج هوندي
هئي. انهيءَ زماني ۾ انهيءَ نالي وارا ٽي شهر هئا.
پر هي شهر صوبي ”ڪرمان“ ۾ هو، جيڪو اتان جي ٻن
شهرن ”بم“ مڪران وڃڻ واري سڙڪ ”بم“ ۽ ”نرماسير،
کان ٿيندي، فهرج پهچندي هئي
[10]. ابن خردازبه
فهرج کان مڪران جي شهر ”طاهران“
[11] جو مفاصلو 32
ميل ٻڌايو آهي. ابن خردازبه انهيءَ شاهراهه جي
شهرن جا نالا به ڏنا آهن، جهڙوڪ: مڪران، ميد، ارما
بيل، خمبلي، ديبل، سهبان
[12]. يوناني، يهودي
۽ روسي واپاري به انهيءَ رستي سان سنڌ ۾ ايندا
ويندا هئا.
ابن حوقل جي نقشي ۾ به هن رستي جي نشاندهي ملي ٿي. ان رستي سان
هن ديبل تائين جن شهرن جا نالا ڏنا آهن، اهي هي
آهن: اصفته، راسڪ، دارڪ، ڪيز[13]
(ڪيچ = مڪران)، ارما بيل (لس ٻيلو)، قنبلي، دابل
(ديبل). ان کان پوءِ سنڌ ۾ سيوهڻ تائين جن شهرن جا
نالا ڏنا اٿس، اهي آهن: نيرون، منجابري
[14]، سدوسان
[15].
سيوهڻ: آثار قديم جي ماهرن جو رايو آهي ته ”سيوهڻ“ نه فقط موئن
جي دڙي جي تهذيب واري زماني ۾ آباد هو، پر ان کان
به گهڻو اڳ وسيل هو
[16]. آرين به اچڻ
سان هن شهر کي نئين طرح وسايو. موجوده نالو
”سيوهڻ“ به آرين جي ڏنل نالي جي بگڙيل بناوت آهي.
آرين جي هڪ قبيلي ”شوي“ جي ڪري مٿس اهو نالو پيو.
يعني ”سيوستان“، اصل ۾ آهي: ”شواسٿان“ (شوي +
اسٿان =جاءِ). اهڙيءَ طرح ”سيوهڻ“، ”شو واهڻ“ (شو
+ واهڻ = ننڍو شهر) چئي سگهجي ٿو. معلوم ٿئي ٿو،
ته آرين هن شهر کي ”شو اسٿان“ يا ”شو واهڻ“ سڏيو،
جيڪي بدلجي ”سيوستان“ ۽ ”سيوهڻ“ ٿيا آهن. قديم
سنڌ جي وسيع حدن ۾ ”شوي“ آرين جي نالي پٺيان ٻيا
به شهر آهن، جهڙوڪ: ملتان واري پرڳڻي ۾ ”شور ڪوٽ“
۽ موجوده بلوچستان ۾ ”سوي“ (سبي)، جيڪو اصل ۾
”شوي“ هوندو.
سڪندر جي زماني جا يوناني ليکڪ هن شهر کي ”سنڌيمانا“ ڪري
ڄاڻائين ٿا. هتي جي بادشاهه ”سامبوس“ يا ”سامبوس“،
سڪندر جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا
[17]. ڀانئجي ٿو ته
”سنڌيمانا“، سوهڻ جي بگڙيل بناوت آهي. عرب مورخن ۽
سياحن جي ڪتابن ۾ به هن شهر جي بگڙيل صورت ملي ٿي.
بلاذري (وفات 379هه)، هن کي ”سهبان“ ۽ ”سدوسان“
ڪري لکيو آهي
[18]. اصطخري
[19](چوٿين صدي هجري)
[20] ۽ بشاري مقدمي
به ”سدوسان، لکيو آهي. مشهور سياح ابن بطوطه (وفات
779 هه) هن شهر جو نالو ”سيوستان“ لکيو آهي
[21].
سيوهڻ کي قديم زماني کان خاص حيثيت حاصل رهي آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ
تي جڏهن به اتر يا الهندي کان ڪاهه ٿيندي هئي، ته
سيوهڻ سنڌ جي بچاءَ لاءِ هڪ دروازي جو ڪم ڏيندو
هو. سيوهڻ لڪيءَ جي پهاڙن جي ڪري، اهڙيءَ حالت ۾
آهي، جو ان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ آسانيءَ سان
هيٺياهين سنڌ تي قبضو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري
سيوهڻ هڪ مکيه علائقو هو ۽ ان جي قلعي کي فتح ڪرڻ“
سنڌ جي فتح لاءِ ضروري سمجهيو ويندو هو. سڪندر
مقدوني جڏهن 326 سال قبل مسيح ۾ ڪاهي آيو هو ته
سيوهڻ وارو قلعو ”سڪندر جو قلعو“ جي نالي سان
مشهور ٿي ويو. محمد بن قاسم به هي قلعو فتح ڪري،
پوءِ مٿي وڌيو هو. سن 697 هه (1297ع) ۾ دهليءَ جي
حاڪم غياث الدين بلبن جي ڏينهن ۾ سنڌ تي ڪاهه ٿي
هئي؛ انهن به پهريائين ”سيوهڻ“ تي حملو ڪيو هو.
جلال الدين خوارزم شاهه به پهريائين سيوهڻ قبضي
هيٺ آندو هو. شاهه بيگ ارغون به جڏهن سنڌ تي قبضو
ٿي ڪيو، ته هن سن 926 هه (1520ع) ۾ پهريائين سيوهڻ
تي قبضو ڪيو. همايون به ڀاڄ وقت جڏهن سنڌ ۾ آيو
هو، ته هن سيوهڻ هٿ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي هئي، پر
ڪامياب ڪونه ٿيو هو. سن 1000 هه (1591ع) ۾ اڪبر جي
سپہ سالار عبدالرحيم خانخانان جڏهن سنڌ تي ڪاهه
ڪئي، ته پهريائين سيوهڻ تي حملو ڪيائين.
قديم زماني ۾ هن علائقي کي ”سيوستان“ ۽ فقط قلعي کي ”سيوهڻ“
سڏيو ويندو هو
[22]. سيوستان علائقي
جون حدون تمام وسيع هيون. هندو راڄ ۾ سنڌ پنجن
علائقن ۾ ورهايل هوندي هئي. برهمڻ آباد، سيوهستان،
اسڪلنده، ملتان ۽ اروڙ. سيوستان جي علائقي ۾ وري
ڪيترائي پرڳڻا هئا، جهڙوڪ: ٻڌيه، جنگان، رونجهاڻ،
ڪوهه پايه ۽ مڪران
[23]. ”ٻڌيه“ وارو
پرڳڻو، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن تي مشتمل هو
[24]. جنگان، سنڌ جي
ڪوهستاني علائقي تي مشتمل هو؛ رونجهاڻ ۾ بلوچستان
وارو حصو اچي ٿي ويو. ڪوهه پايه ۾ ڪاڇي وارو حصو
اچي ٿي ويو
[25]. مڪران ۾ موجوده
مڪران ۽ لس ٻيلو اچي ٿي ويو.
هن سرزمين ۾ ڪيئي عالم، فاضل ۽ الله وارا رهيا آهن. سنڌ جي
اوليائن جي سرتاج حضرت قلندر شهباز به هن شهر کي
پنهنجو آخري آرامگاهه بنايو. دلو راءِ جو ننڍو
ڀاءُ ڇٽو امراڻي به هتي ئي مدفون آهي. قاضي قاضن
جا وڏا به هتي جا هئا. لاهور ۾ اهل الله حضرت ميان
مير به سيوهڻ جو هو. اڪبر جي نَوَ رتنن ۾ ابوالفضل
۽ ملا فيضي به شمار ٿين ٿا، جيڪي وڏا عالم، مدبر ۽
سياستدان هئا. انهن جا وڏا به سيوهڻ جي پسگردائي
”ريل“ جا رهاڪو هئا.
سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي آمد: هينئر سيوهڻ حضرت قلندر شهباز رح
جي نالي کان مشهور آهي. حضرت قلندر شبهاز مذڪور
رستي سان ”منگهو پير“ ۽ ”لڪي“ کان ٿيندو سيوهڻ ۾
آيو. سيوهڻ ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ سنڌ ۽ ملتان
جو اڪيلي سر به سير ۽ سفر ڪيائين ته پنهنجن دوستن،
جهڙوڪ: حضرت غوث بهاءُ الحق زڪريا ملتاني، بابا
فريد گنج شڪر ۽ سيد جلال سرخ بخاري سان گڏجي به
سنڌ ۽ ملتان وارن علائقن جي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن
تي ويا.
تحفة الڪرام ۾ آيو آهي ته منگهو پير، غوث بهاءَ الدين زڪريا
ملتاني جو همعصر هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت
قلندر شهباز جي هن بزرگ سان سندس ملاقات ٿي هوندي،
ڇاڪاڻ جو حضرت قلندر شهباز انهيءَ ئي رستي سان آيو
هو ۽ اتي سندس آثار به آهن، جن جو ذڪر اڳ به اچي
چڪو آهي. سيوهڻ لڳ لڪيءَ ۾ سيد صدر الدين شاهه
لڪياري سان ملاقات ڪيائين. نيرن ڪوٽ جي ڀرسان
ريحان جنگليءَ سان مليا، جيڪو حضرت زڪريا ملتاني
جو مريد هو. بکر ۾ شاهه صدر الدين رضوي جي درگاهه
تي چلي ڪڍڻ جي روايت مشهور آهي. پاٽ پراڻيءَ ۾
حاجي اسماعيل پنوهر سان روح رهاڻ ڪيائين. ذڪر ڪيل
چئن دوستن جي سير و سفر جا ماڳ به سنڌ ۽ ملتان
واير علائقي ۾ مختلف هنڌن تي ملن ٿا. سيوهڻ ۾ يڪ
ٿنڀي وارو ٿلهو سندن يادگار آهي، جي ويهي روح رهاڻ
ڪندا هئا. ”سرواهي“ ضلعي رحيم يار خان ۾ حضرت غوث
بهاءُالحق زڪريا ملتاني جي سوٽ ”پير موسيٰ نواب“
جو مقبرو آهي. ان مقبري جي لڳ هڪ مسجد آهي، جيڪا
مسجد ”چار يار والي“ سان سڏي وڃي ٿي. روايت آهي ته
انهيءَ جاءِ تي ذڪر ڪيل چار دوست اچي رهيا هئا.
سندن ياد کي قائم رکڻ لاءِ پير موسيٰ نواب اتي
مسجد تعمير ڪرائي.
ملتان ۾ آمد: آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌائين ٿا، ته حضرت قلندر شهباز جڏهن
سنڌ ۾ آيو، تڏهن سير و سفر ڪندي اچي سيوهڻ ۾ رهيو.
ان کان پوءِ سنڌ جو سير و سفر ڪندي ملتان ويو.
حضرت غوث بهاءُالحق زڪريا سان سندس ملاقات ٿي. ان
کان پوءِ ان سان گڏجي سنڌ ۽ ملتان واري علائقي جو
سفر ڪيائين. نه فقط ايترو، پر تحفة الڪرام جي هڪ
روايت موجب حضرت غوث بهاءُ الحق زڪريا ۽ سندس
فرزند صدرالدين عارف سان گڏجي سنڌ جو سير و سفر
ڪندي ٺٽي جي پير پٺي سان ملاقات ڪيائون.
قلندر نامه جي مصنف لکيو آهي، ته سن 649 هه (1251ع) ۾ سيوهڻ ۾
آيو. پير پٺي سن 642 هه (1244ع) ۾ وفات ڪئي.
جيڪڏهن تحفة الڪرام جي روايت صحيح آهي ته پوءِ
چئبو، ته 642 هه کان به اڳ سنڌ ۾ آيو. تاريخي
شهادتن مان معلوم ٿئي ٿو ته 642 هه کان اڳ ۾ سنڌ ۾
آيا. ان لاءِ هي تاريخي ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن:
1 ـــ سنڌ مان ٿي ملتان ويا، جتي حضرت غوث رج سان ملاقات ڪيائين
۽ان سان گڏجي سنڌ ۽ ملتان جو سير و سفر ڪيائون.
حضرت غوث سن 661 هه (1263ع) ۾ وفات ڪئي.
2 ـــ تاريخ معصومي ۽ تاريخ فيروز شاهي جي صاحبن، سلطان غياث
الدين بلبن جي پٽ شهزادي محمد سان ملتان ۾ حضرت
قلندر شهباز جي ملاقات ڏيکاري آهي. سلطان محمد سن
669 هه ڌاري ملتان جو گورنر ٿيو. يعني حضرت غوث جي
وفات کان پوءِ شهزادو ملتان ۾ آيو.
انهن حقيقتن مان واضح ٿئي ٿو ته حضرت شهباز سائين 642 هه کان
گهڻو اڳ سنڌ ۾ آيو. سير و سفر ڪندي، 246 هه کان اڳ
ملتان ويو. ان کان پوءِ حضرت غوث سان گڏجي سير و
سفر ڪيائين ۽ هڪ سفر دوران جڏهن حضرت غوث بخش جو
فرزند صدرالدين عارف ساڻن گڏ هو، پير پٺي سان
ملاقات ڪيائون. اهو سير و سفر به 642 هه کان اڳ
ڪيائون، ڇاڪاڻ جو 642 هه ۾ پير پٺي وفات ڪئي.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته سير و سفر کان پوءِ 669 هه ۾ سيوهڻ ۾
اقامت اختيار ڪيائون. حضرت غوث جي وفات کان پوءِ
669 هه ۾ سلطان محمد جي ڏينهن ۾ ٻيهر ملتان ويا ۽
حضرت غوث جي فرزند صدرالدين عارف ۽ سلطان محمد سان
ملاقاتون ڪيائون. سلطان محمد کين ملتان ۾ رهڻ لاءِ
عرض ڪيو، پر پاڻ نه مڃيائون ۽ وري سيوهڻ موٽي آيا.
اها ڳالهه بالڪل غلط آهي، ته حضرت شهباز سائين 649
هه ۾ سيوهڻ ۾ آيو ۽ 650 هه ۾ وفات ڪيائين. سندن
وفات جو سال 673 هه (1274ع) ئي صحيح معلوم ٿئي ٿو.
|