سيڪشن؛ رسالا

 ڪتاب: مهراڻ 1988ع (1 ۽ 2)

 

صفحو :16

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ــــ سلور جوبلي تقريبات

 

ادارا، قومن جي ڄاڻ سڃاڻ ٿيندا آهن. ڪنهن به قوم جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڏسڻو هجي ته ان جي ادارن کي ئي ”آئينو“ بڻائڻو پوندو، ڇو ته اهي ئي ماضيءَ جي ڄاڻ جي کاڻ ٿين ٿا ۽ اهي ئي ڪر کڻي قوم جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي قد و قامت جي ساک ڀريندا آهن.

سنڌ، جيڪا صدين کان وٺي علم و ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي موجون هڻندڙ مهراڻ رهي آهي، ان جو پاند پڻ ڪيترن ئي ادارن جي موجودگيءَ سان ڀريو پيو آهي. انهن ادارن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي به هڪ آهي. هي ادارو 1962ع ۾ ”سنڌي اڪيڊمي“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو. 1965ع ۾ ان جو نالو بدلائي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ رکيو ويو. اداري قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌي ٻولي، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي تحفظ خواه ترقي لاءِ مختلف ذريعن ۽ وسيلن سان ڪم ڪيو وڃي. هن اداري پنهنجي پنجويهه سال ڪارڪردگيءَ ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ادارو خوش اسلوبي سان ڪم جي معيار ۽ مقدار وارا مقصد ماڻي رهيو آهي.

پنجويهن سالن جي انهيءَ عرصي ۾ اداري کي علم دوست سرپرست، ثقافت نواز صلاحڪار، بي لوث اڳواڻ ۽ محنتي ڪارڪن نصيب ٿيا. انهن مڙني جي ڪوششن رنگ لاتو ۽ هي خيال نه فقط حقيقت جو روپ وٺي سگهيو، پر هي ادارو دنيا جي مشهور ترين علمي ادارن جي پهرينءَ صف ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ جي سلور جوبلي ملهائڻ جو اعزاز ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ کي مليو، جنهن تڏهوڪي علم دوست وائيس چانسيلر جناب مظهر الحق صديقيءَ جي قيادت ۾ هن فنڪشن کي هڪ تاريخي ميڙ بنائي ڏيکاريو. انهيءَ اهم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ ۾ اداري جي هرهڪ ڪارڪن ۽ آفيسر پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

هي فنڪشن اسان جي ثقافتي تاريخ ۾ انهيءَ ڪري اهميت رکي ٿو جو اداري جي عمارت جي اڏاوت وقت ته سنگ بنياد رکڻ جي رسم ادا ڪئي وئي هئي، پر اداري جي مهورتي فنڪشن؛ ڪونه ٿيو هو. ان ڪري سلور جوبليءَ جو هي فنڪشن پنهنجي جهوليءَ ۾ هڪ ئي وقت تي اڻ ڳڻيون خوشيون کڻي آيو هو. هي فنڪشن ان لاءِ سلور جوبلي به هو ته مهورتي فنڪشن به. اداري جي مکيه شعبن جي مڪمل هئڻ جي خوشي به هو ته اداري جي خيرخواهن ۽ بنياد وجهندڙن کي ياد ڪرڻ ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو وجهه به هو.

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جن سنڌالاجيءَ جي مثالي خدمت ڪئي آهي. بلوچ صاحب جن اداري جا ڊائريڪٽر اعزازي ۽ سرپرست رهي چڪا آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب جن سالن جا سال ڏينهن رات محنت ڪري اداري لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو، ان جي اعتراف ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جا ورق سدائين سندس واکاڻ ڪندا رهندا.

انهن ٻنهي بزرگن جي خدمتن کي ڌيان ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سندن ئي هٿن سان هن فنڪشن جو مهورت ٿئي. ان ڪري افتتاح ۽ صدارت لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کي ئي گذارش ڪئي وئي هئي ۽ ڊاڪٽر جي. اي. الانا وائيس چانسيلر، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جن انهيءَ مهورتي فنڪشن جا خاص مهمان هئا.

انهيءَ وڏي ڏڻ تي اسان جي وڏن پڻ اداري کي ياد ڪيو ۽ پنهنجي خير سگالي، خوشين، دعائن ۽ نيڪ تمنائن کي پيغام جو روپ ڏئي، اداري جي منتظمين ڏي ڏياري موڪليو.

انهيءَ موقعي تي سائين الحاج پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر جي. اي. الانا صاحب، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر پروفيسر محمد الياس ابڙي صاحب ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر محمد افضل صاحب جن پڻ پنهنجي پيغامن سان نوازيو. اهي سمورا پيغام جوبلي سووينئر ۾ شايع ڪيا ويا.

سنڌالاجي جي سلور جوبليءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، سنڌي پريس جيڪو مثالي ڪردار ادا ڪيو، ان کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. سنڌ مان شايع ٿيندڙ سمورن سنڌي روزنامن ۽ هفيوارن اخبارن پنهنجي علم دوستي ۽ ثقافت نوازيءَ جو ثبوت ڏيندي، نه فقط 27 ــــ ڊسمبر 1987ع تي ايڊيشن شايع ڪيا، پر ان کان پوءِ فنڪشن کي پڻ شايان شان نموني سان ڪوريج ڏنو.

27- ڊسمبر 1987ع جي صبح ڪني ڪڍي ته اخباري ايڊيشنن عوام اڳيان سلور جوبلي فنڪشن جي منادي ڏني. انهيءَ موقعي تي اخبارن مکيه شخصيتن جا پيغام شايع ڪيا ۽ اداري جي تاريخ، ارتقا ۽ ڪارڪردگيءَ جي هرهڪ پهلوءَ کي مضمونن ۽ گرافس ذريعي اُجاگر ڪيو.

اسلام آباد، سکر، جيڪب آباد، خيرپور، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن کان مهمان قرب جا قدم ڀري اڳ ئي پهچي چڪا هئا.

شام ٿي ته مهمانن، قدردانن ۽ خيرخواهن جا قافلا ڄامشوري طرف اچڻ لڳا. جوبلي فنڪشن لاءِ سنڌالاجي جي اتر ــ اولهه ڪنڊ تي کليل ۽ وسيع ميدان تي پنڊال لڳايا ويا هئا. سنڌالاجي جي ڪارڪنن، جنهن جو اڳواڻ ميوزيم جي انچارج محترم محمد عظيم چانڊيو هو، انهيءَ موقعي لاءِ اسٽيج اهڙي ته سهڻي نموني سان ٺاهي ويئي هئي، جو ڏسندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. علم ادب ۽ ثقافت جا پروانا گڏ ٿيندا ويا. مٿان مهورت جو وقت ڀرجي آيو ۽ عظيم تاريخي فنڪشن جي ڪارروائيءَ جو آغاز ٿيو. سڀ کان پهريون قرآن شريف جي تلاوت ٿي. سنڌالاجي جي بيورو آف پبليڪيشن ائنڊ ٽرانسليشن جي انچارج، نامياري ڊرامه نگار عبدالقادر جوڻيجي آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.

انهيءَ مهورتي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد افضل، سينيٽر جاويد جبار، مظهر يوسف، محترمه مريم نوحاڻي، عبدالحميد آخوند ۽ حميد سنڌي مهمان مقرر جي حيثيت ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر جاويد جبار چيو ته: ”سنڌ يونيورسٽيءَ کي ماضيءَ جي تاريخ ۽ ادارن جي تاريخ جو رڪارڊ رکڻ سان گڏوگڏ انهيءَ تاريخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، جيڪا اڄ مرتب ٿي رهي آهي ۽ پنهنجي عوام جي رهنمائي ڪندي اهو به ڏسڻ  گهرجي ته هن خطي جي عوام کي پاڪستان جي فيڊريشن ۾ جمهوريت ۽ اقتصاديات سميت ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو پوي.“

اسلامڪ انٽرنيشنل يونيوسٽيءَ جي ريڪٽر جناب محمد افضل پنهنجي تقرير سنڌيءَ ۾ ڪئي، جنهن ۾ هن اداري جي اهميت ۽ ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي. آپا مريم نوحاڻي سنڌالاجيءَ جي خدمتن جو اعتراف ڪندي، اها تجويز ڏني ته سنڌ جو هيءُ عظيم ادارو سنڌي عورت جي ڪارنامن تي پڻ ڪم ڪري.

مهمان مقررين کان پوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر جي. اي. الانا صاحب جن مکيه مهمان جي حيثيت ۾ پنهنجي لکيل تقرير پڙهي. سندن تقرير اداري سان محبت ۽ خلوص جو هڪ انمول مظهر هئي. پاڻ جتي اداري جي ڪم جي واکاڻ ڪيائون، اتي بزرگ ۽ خيرخواهه جي حيثيت ۾ سخت تنقيد به ڪيائون. پاڻ فرمايائون ته: ”اسان کي انهيءَ جذبي جي ضرورت آهي، جنهن جو مظاهرو سنڌي عوام ان وقت ڪيو هو، جڏهن ڪن شرپسندن سنڌالاجيءَ کي باهه ڏني هئي.“ پاڻ چيائون ته: ”اڄ بورڊ آف گورنرس جي عدم موجودگي، سينڊيڪيٽ جي ميمبرن جي مداخلت ۽ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر بنجڻ لاءِ سازشون ۽ ٻين ڪوتاهين هن اداري جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي.“

پنهنجي تقرير ۾ نهايت جذباتي انداز ۾ فرمايائون ته سنڌالاجيءَ جي ڪارڪنن ”پنهنجي ذاتي پبلسٽيءَ ۾ پنهنجا ڪم وساري ڇڏيا آهن ۽ اهو به ايتري حد تائين جو ميوزيم ۾ قائداعظم، پير صبغت الله شاهه پاڳاري ۽ آغا خان ٽئين جون تصويرون پنهنجي اصلي جاءِ تان هٽايون ويون آهن.“

کانئن پوءِ نامياري دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجو صدارتي خطبو ڏنو. پاڻ فرمايائون ته: ”سنڌالاجي ان ڪري عظيم آهي جو سنڌ يونيورسٽي عظيم آهي، جنهن ان کي جنم ڏنو آهي.“ پاڻ چيائون ته سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ جو بهترين ادارو آهي. آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر ۽ اداري جي سرپرست مظهر الحق صديقيءَ تقرير ڪئي، جنهن ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃڻ کان سواءِ سينيٽر جاويد جبار ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا طرفان اٿاريل ڪن نقطن جي وضاحت پڻ ڪئي.

جناب صديقي صاحب جن ڊاڪٽر الانا صاحب جن طرفان اٿاريل اعتراضن جو جواب ڏيندي چيو ته سنڌالاجي پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۾ خود مختياري ادارو آهي ۽ سينڊيڪيٽ جا ميمبر اداري ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ٿا ڪن. ان کان سواءِ هن چيو ته جڏهن ڊاڪٽر الانا صاحب پان ڪيترو عرصو بورڊ  آف گورنرس جي عدم موجودگيءَ ۾ اداري جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي ته هاڻي کيس انهيءَ ڳالهه تي اعتراض ڪرڻ نه گهربو هو. ان کان سواءِ جناب مظهر الحق صديقيءَ اها به وضاحت ڪئي ته اداري جي ميوزيم ۾ قائداعظم ۽ پير صبغت الله شاهه ۽ ٻين اهم تاريخي شخصيتن جون تصويرون نمايان طور تي لڳل آهن.

اها افتتاحي تقيرب خير خوبيءَ سان خاتمي کي پهتي ته  ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر جناب مظهر الحق صديقيءَ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ساٿ ۾ ”گفٽ سينٽر“ جو افتتاح ڪيو. ان کان پوءِ مهمانن کي حبيب بئنڪ طرفان ڏنل رات جي ماني کارائڻ لاءِ حيدرآباد جي فٽاز هوٽل رخصت ڪيو ويو ۽ ائين پهرين ڏينهن جي ڪاروائي پڄاڻيءَ کي پهتي.

28- ڊسمبر 1987ع تي مقالن جي نشست جو آغاز ٿيو، جنهن جي صدارت نامياري دانشور علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڪئي ۽ مهمان خاص طور محترم تنوير عباسي شرڪت ڪئي. محترم سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا جي اداري سان محبت واري مڃتا ۾ کين پڻ تڪليف ڏني وئي ته هو پڻ ساٿ ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ويهن. هن نشست ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عنايت بلوچ، مراد علي مرزا، ولي رام ولڀ، ظفر ڪاظمي ۽ مظهر يوسف پنهنجا مقالا پڙهيا.

محترم مراد علي مرزا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لائبريريءَ جي عنوان سان لکيل پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهيو. هن پنهنجي مقالي جي پچاڻي انهن لفظن سان ڪئي ته ”دنيا جي هڪ بي حد ترقي يافته ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهوءَ (رضا علي عابدي) جنهن يورپ ۽ برصغير جي ڪيترن ئي پبلڪ ۽ ذاتي لائبريرين کي ڏٺو آهي ۽ انهن بابت کيس پيرائتي ڄاڻ به آهي، ان جي سنڌالاجي ريسرچ لائبريريءَ جي لاءِ راءِ صاف ٻڌائي ٿي ته اسان جو هيءُ علمي ادارو دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي اهڙن ادارن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي.“

نامياري محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مقالي جو عنوان هو ”سنڌالاجي اسان جي تاريخ ۽ تحقيق جي اميدن جو مرڪز.“ هن صاحب اداري جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهندي اها راءِ قائم ڪئي ته: ”سنڌالاجي طرفان تحقيق ڪندڙن لاءِ جيڪو مختلف نوعيت جو نهايت قيمتي مواد گڏ ڪيو ويو آهي. ان کي ڏسي اسان بجا طور چئي سگهون ٿا ته سنڌالاجي، اسان جي تاريخ ۽ تحقيق جي اميدن جو مرڪز آهي. هن ادري ۾ اسان جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت محفوظ آهي، جنهن مان ايندڙ نسل نه فقط مستفيض ٿيندو رهندو، پر پنهنجي ادب، زبان، ثقافت ۽ تاريخ تي به فخر ڪندو.“

محترم ولي رام ولڀ پنهنجي مقالي ۾ سنڌالاجي طرفان ترجمن جي ڏس ۾ ورتل ڪوشش جو تجزيو پيش ڪيو ۽ ڪيتريون ئي ڪم جون تجويزون ڏنيون. سنڌي شعبي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي مقالي ۾ سنڌالاجي طرفان شايع ٿيل ڪتابن جو جائزو پيش ڪيو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي پنهنجي تقرير ۾ اداري جي ثقافتي اهميت، حيثيت ۽ خدمتن تي روشني وڌي. محترم عنايت بلوچ پنهنجي پرڏيهه واري مشاهدي جي روشنيءَ ۾ اداري جي سائونڊ ائنڊ فلم سيڪشن جي ڪارڪردگيءَ تي خيالن جو اظهار ڪيو. نامياري مصور ۽ سنڌ ميوزيم جي ڊائريڪٽر ظفر ڪاظميءَ ادري جي ميوزيم جي ڪارڪردگيءَ کي پنهنجي تقرير جو موضوع بڻايو.

کانئن پوءِ مهمان خاص ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي تقرير ۾ سنڌالاجي جي قيام جي تاريخي پس منظر جي حوالي سان گفتگو ڪئي ۽ چيو ته 1962ع سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ اونداهو سال هو. صدر ايوب جي شريف ڪميشن سنڌي زبان کي ڇيهي رسائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن حالتن ۾ سنڌي اڪيڊمي جي قيام جي گهر ٿي، جيڪا هاڻ سنڌالاجي بڻي آهي. هن صلاح ڏني ته گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي دور تي هڪ ڪتاب شايع ڪرايو وڃي. ديوناگري جو شعبو قائم ڪيو وڃي. سنڌالاجي ۾ ذاتي خط ۽ ڊائريون محفوظ ڪيون وڃن.

هن نشست جي صدر، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، ممتاز عالم ۽ دانشور مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجو صدارتي خطبو ڏيندي چيو ته ”سنڌ جي ڀلائي ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ سنڌالاجي جو ڪردار تحسين لائق آهي.“

هن نشست جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مهمانن کي مانجهاندي ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد نيو ويو. مانجهاندي جو اهتمام شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جناب ڊاڪٽر آر ـــ اي ـــ شاهه ۽ سندس عملي ڪيو هو.

رات جي ماني اداري پاڻ ڏني، ان کان پوءِ پنڊال ۾ ”اختتامي اجلاس“ ٿيو. جيئن ته هن اجلاس کانپوءِ تمثيلِ راڳ روپ جي محفل ٿيڻ واري هئي، ان ڪري شام جو پنجين وڳي کان وٺي پنڊال ۾ ماڻهو اچڻ لڳا، تان جو ”اختتامي ڪاروباري اجلاس“ کان اڳ ئي هزارين ماڻهو پنڊال ۾ پهچي ويا. ائين پئي لڳو، ڄڻ ماڻهن جو هڪ سمنڊ هو، جيڪو ڇوليون هڻندو هجي. سج لهڻ کان اڳ ئي ڪرسيون والارجي ويون، تان جو ضلعي دادو جي ڊي ـــ سي محترم اشفاق ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن معزز مهمانن کي هيٺ پٽ تي ويهڻو پيو.

انهيءَ ئي ماحول ۾ ڪاروباري اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌالاجي جي ڪارڪنن کي جناب مظهرالحق صديقيءَ سندن ڪارڪردگيءَ جي قدر داني ڪندي ”وائيس چانسيلر ميڊل“ ڏنا.

جناب صديقي صديقي صاحب جن جي تقرير کان پوءِ محفل موسيقيءَ جي خاص مهمان، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محترم غلام رباني آگري پڻ جامع خطاب ڪيو. هن فرمايو ته سنڌالاجي سنڌ جي ثقافت کي زنده رکيو آهي.

انهيءَ کان پوءِ موسيقيءَ جي تمثيلي محفل جو آغار ٿيو. هن محفل ۾ جيوڻي ٻائي، ڪنور ڀڳت، سونا خان، ماسٽر چندر، استاد الهڏني نوناري ۽ ٻين گذاري ويل موسيقارن ۽ آوازِ ڌڻين جي روپ ۾ ناميارن اداڪارن کي اداڪاري ڪرڻي هئي ۽ پس منظر ۾ سندن ڳاتل مشهور ٻول ڏيڻا هئا. اها تمثيلي محفل اڃا زور شور سان هلي تڪميل تي پهتي ته اوچتو اسٽيج جهُري پئي. ان ڪري پروگرام کي اڌ ۾ منقطع ڪرڻو پيو.

هي حادثو انهيءَ وقت پيش آيو، جڏهن پنڊال ۾ سنڌ جون نامور ادبي، علمي ۽ ثقافتي هستيون ويٺل هيون. محترم سائين غلام مصطفيٰ شاهه، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر الانا، شاهه لطيف يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر آر ـــ اي ـــ شاهه، مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ، زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر انصاري، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر جناب صديقي صاحب، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايم. افضل، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، علامه قاسمي صاحب، ڊاڪٽر جوڻيجو، جناب مظهر يوسف، جناب غلام رباني آگرو، رشيد ڀٽي، عنايت بلوچ، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور، مطلب ته سنڌ جا اڻ ڳڻيا عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور موجود هئا. کانئن سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ، مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ شاگرد به موجود هئا. وڏي ڳالهه اها هئي ته پنهنجي فن جي مظاهري ڪرڻ لاءِ علڻ فقير، روبينا قريشي، عابده پروين، محمد يوسف، وحيد علي، انور حسين وسطڙو ۽ طالب پالاري جن به موجود هئا. محترم عبدالڪريم بلوچ پڻ چنگ وڄائڻ لاءِ ڪراچي مان ڪهي آيو هو. ناميارو فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي ۽ شفيع محمد شاهه جن به موجود هئا. هي حادثو انهيءَ وقت پيش آيو، پر ڪنهن کي به يقين نه پيو اچي ته ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٿي آهي. انهيءَ موقعي تي شاگرد برادريءَ پنهنجي رضاڪارانه صلاحيتن سان اداري جي منتظمين جي مدد ڪئي، ان ڪري ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيو. البت ڳالهه اڌوري رهجي وئي. موسيقيءَ جي شائقين ۽ آواز جي قدردانن جي دل جون اميدون پوريون ٿي نه سگهيون. پر اهي مهمان پنهنجي علم دوستي، ادب پروري ۽ ثقافت نوازي جو اهو مظاهرو ڪري ويا، جنهن کي پڻ هميشہ لاءِ ياد رکيو ويندو.

ــــ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com