سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :9

چاپ : بارها ، لکهنؤ- مطبع منشي نولکشور

19- ترجمہ

از پروفيسر: غلام حسين جلباني

چاپ : حيدرآباد سندهه – سندي ادبي بورد (1382هه)

* شاهنامہ

از فردوسي [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ ها]

20- ترجمہء منتخبي از شاهنامہ

از غلام مرتضيٰ شاه رضوي مرتضائي تتوي (م 1316هه) فرزند روشن علي شاه

* فتح نامہ سندهه : چچ نامہ

از علي بن حامد بن ابي بکر کوفي [رک : قسمت يکم ، بخش تاريخ (2)]

21- ترجمہ

از مخدوم امير احمد

چاپ : با تصحيح و تحقيق دکتر نبي بخش بلوچ ، حيدرآباد- سندي ادبي بورڊ (بار دوم : 1386هه)

* قصص الانبياء

[رک : قسمت يکم ، بخش تاريخ (1)]

22- ترجمہ

از مولوي عبدالحي

چاپ : شکار پور- مونوي محمد عظيم تاجر کتب (1390هه)

23- ترجمہء ديگر

از محمد حسين ، در سال 1177هه سروده شده

* کريما

از سعدي شيرازي [رک : قسمت يکم ، بخش فلسفہء عملي]

24- ترجمہء منظوم

از هدايت الله فزند الحاج محمد حسن هالائي سندي (م 1365هه) کہ در ”کليات هدايت موسوم بہ نزهت الاحباب“ درج شده، بہ سال 1330هه سروده شده

نسخہء خطي : کتاب خانہء کريم بخش خالد ، کراچي

25- ترجمہء منظوم

از محمد عارف صنعت شکارپوري (م 1265هه) ، دربحر ”متقارب مثمن محذوف“ ترجمہ کرده کہ بہ همين بحر کريما سروده شده

26- ترجمہء ديگر

از عبدالرؤف بہ سال 1137هه سرورده شده

* کشف المحجوب

از علي هجويري معروف بہ داتا گنج بخش [رک : قسمت يکم، بخش عرفان]

27- ترجمہ

از دين محمد اديب فيروز شاهي (م 1393هه)

چاپ : حيدرآباد سند

* کيمياي سعادت

از امام محمد غزالي طوسي (م 505هه) [رک : قسمت يکم، بخش فلسفہء عملي]

28- ترجمہء منتخبي ازکيميا سعادت

از غلام حسين جلباني

چاپ : حيدرآباد سند – سندي ادبي بورد (1380هه)

* مثنوي معنوي

از مولانا روم [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ ها]

29- اشرف العلوم (منظوم)

از دين محمد اديب فيرزو شاهي (م 1393هه)

چاپ: حيدرآباد سند

30- چهره گشاي مثنوي

از همان اديب فيروز شاهي ، در ترجمہ و شرح چهل بيت از ديباچہء مثنوي

چاپ : حيدرآباد

* مثنوي معنوي (دفتر هفتم)

از الهي بخش کاندهلوي ، بہ صورت تکملہ مثنوي مولانا روم سروده شده

چاپ : کانپور- محمود المطابع

31- ترجمہء منظوم

از مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي (م 1393هه)

چاپ : حيدرآباد سند

* مسايل اربعين

از شاهه محمد اسحاق محدث دهلوي [رک : قسمت يکم ، بخش فقہ]

32- ترجمہ

از مولوي محمد هالائي

نسخہء خطي : کتاب خانہء دانشگاه سند – حيدرآباد

* مقولات تصوف

سخنان و فرمودات خواجہ محمد زمان نقشبندي متوطن لنواري (1188هه)،

از خواجہ ابراهيم، بہ سال 1188هه نگاشتہ شده

33- ترجمہ

از غلام حسين، در سال 1372هه بہ زبان سندي ترجمہ شده

چاپ : تا کنون ترجمہء کامل بچاپ نرسيده است اما اختصار آن از طرف خانقاه لواري شريف (سند) منتشر شده – حيدرآباد (1392هه)

* مکتوبات امام رباني

از شيخ احمد سرهندي [رک : قسمت يکم ، بخش عرفان]

34- ترجمہ

از دين محمد اديب فيروز شاهي

* منهاج العاشقين

از غلام محمد خانزئي ، در شرح داستان هاي تمثيلي کہ شاه لطيف بهتائي در رسالہ اش ذکر کرده است

35- ترجمہ

از شمس العلماء دکتر عمر بن محمد داود پوتہ (م 1387هه)

چاپ : از طرف مترجم (1353هه)

* وصيت نامہ

از شاه ولي الله محدث دهلوي (م 1176هه) [رک : قسمت يکم ، بخش عقايد]

36- ترجمہ

از شفيع محمد پاڻائي

چاپ : حيدرآباد سند ، شاه ولي الله اکادمي (1384هه)


 

عبدالرسول قادري

نواب شاهه ضلعي جا ڪتب خانا

نواب شاهه ضلعو، وچولي سنڌ جو سرسبز شادات ۽ آباديءَ جي لحاظ کان خوشحال ضلعو آهي. هي شهر هتان جي بااثر شخصيت سيد نواب شاهه جي نالي سان وجود ۾ آيو. انگريزن جي دور ۾ 1912ع ۾ نواب شاهه کي ضلعي جي حيثيت ملي ۽ ائين نواب شاهه ۾ ترقيءَ جو دروازو کليو. جيتوڻيڪ اصل نواب شاهه ايترو قديم ڪونهي. نواب شاهه ضلعي بڻجڻ کان اڳ ۾ ”کنياريون“ جي نالي سان ريلوي اسٽيشن هئي، پر پوءِ به نوابشاهه ضلعي جي سرزمين جو ماضي شاندار ۽ منجهس ججها تاريخي يادگار آهن.

سال 1954ع تائين سنجهورو ۽ شهدادپور تعلقا به ضلعي نواب شاهه ۾ شامل هئا. چند سال اڳ نواب شاهه ضلعو ساهتي پرڳڻي تائين وسيع هو، جنهن ۾ ڪنڊيارو، نوشهروفيروز ۽ مورو تعلقا به شامل هئا. ساهتي جي حوالي سان ڪوٽڙي ڪبير جو علمي مرڪز، هالاڻي، بهلاڻي، درٻيلي جا مخدوم ۽ سندن ديني خدمتون سيد الهندو شاهه ۽ نوشهرو مدرسو، جتوئي سياستدان، موري جا قاضي ۽ گچيري ۾ مخدوم بلال جي خليفي مخدوم هنڱوري جو مقبرو، تاريخي طور هي پراڻا پڊ وڏي اهميت ۽ عظمت جا اهڃاڻ رهيا آهن.

هن وقت ضلعي نواب شاهه جون حدون گهٽجي، تعلقي نواب شاهه، سڪرنڊ ۽ دولتپور صفن تائين وڃي محدود رهيون آهن، پر پوءِ به موجود محدود ايراضيءَ ۾ ججها تاريخي ماڳ مڪان ۽ عظمت جا اهڃاڻ موجود آهن. جيئن چانهوءَ جو دڙو، دليل ڪوٽ، ٺل مير رڪن، شڪر ڍنڍ، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تاريخي قبرستان، سن ساوڙي، سخي ڄام ڏاتار، مقبرو جيئو جنگ، مير متاري جي چوکنڊي، مشهور شاعر حمل فقير جي مزار، درگاهه ۽ درگاهه خياري شريف، درگاهه قاضي احمد، درگاهه سيد محمد شاهه ذاڪري، درگاهه نظر محمد ناصري، ناز باغ، ڏاهن حڪيمن جا مطب، عالمن اديبن جا ديني مدرسا ۽ ڪتب خانا، درياءَ جي ڪنڌيءَ تي چهچ ساوا ٻيلا ۽ ڀلارن جا ميلا مشهور آهن.

ڪتاب ۽ ڪتب خانا انساني زندگيءَ جو عظيم سرمايو آهن. جن قومن قلم، علم ۽ ڪتاب سان دل لڳائي نينهن نباهيو، اهي ئي قومون سرخرو رهن ٿيون. علم دوست انسان، قلم ۽ ڪتابن جا ڪوڏيا هوندا آهن. نواب شاهه ضلعي جي سرزمين به ڪيئي اهل دل، اهل قلم ۽ ڪتابن جا ڪوڏيا پيدا ڪيا آهن، جن ڪتب خانا قائم ڪري، زندهه قومن جو مثال قائم رکيو آهي. سردست، نواب شاهه ضلعي جي قديم ۽ جديد ڪتب خانن جو تفصيلي تعارف ڏجي ٿو:

ابوالحسن ڏاهريءَ جو ڪتبخانو

نواب شاهه ضلعي ۾ سن ساوڙي پراڻو پڊ آهي. ان جو سنڌ جي قديم تاريخ ”چچ نامہ“ ۾ به ذڪر آيل آهي. اتان ابوالحسن ڏاهري جهڙو جليل القدر عالم نروار ٿيو. ابوالحسن ڏاهري (1116هه-1188هه) ڪلهوڙا دور جو صوفي با صفا، عالم باعمل، مصنف، شاعر ۽ مخدوم محمد شاهه ٺٽوي ۽ شاهه ڀٽائيءَ جو همعصر بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس لکيل ڪتاب ينابيع الحياة الابدية، سراج المصلي، ڪچڪول نامہ ۽ رفع الفريہ والمريہ مشهور آهن.

سندس تصنيفات ۾ ”ينابيع“ تصوف جو شاهڪار ڪتاب آهي. علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي جي تحقيق موجب، ابوالحسن ڏاهري سنڌي جو لکيل ڪتاب ”ينابيع“ حضرت امام غزالي جي ڪتابن ”ڪيمياءِ سعادت“ ۽ ”احياء علوم الدين“ جي پايي جو ڪتاب آهي.

ابوالحسن ڏاهري وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو، ان جي شاهدي ۾ سندس تصنيفات ۾ آيل سون ڪتابن جا حوالا موجود آهن. جيڪڏهن انهن حوالي طور آيل ڪتابن جي لسٽ ٺاهجي ته وڏي علمي خدمت ٿيندي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته وٽس عربي، فارسي ۽ سنڌي جا گهڻائي ضخيم ڪتاب هئا. ايتري قدر جو پنهنجن ڪتابن ۾ همعصر بزرگ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا اٿس. ان مان ظاهر آهي ته سندس ڪتب خاني ۾ قديم دور کان وٺي سندس همعصر دور تائين اڪثر مصنفن جا ڪتاب موجود هئا.

سندس وفات کي گهڻو عرصو گذريو آهي، ان ڪري ڪتاب ٽڙي پکڙي ويا. ڪي ڪتاب سن ساوڙي جي قاضين ۽ ڪي ڪتاب سندس پونيرن جي لڏپلاڻ ڪري مديني منوره تائين وڃي پهتا آهن. هن وقت دوڙ جي ويجهو ابوالحسن ڏاهري جو مقبرو موجود آهي. سندس پٽ عبدالرسول به مقبري ۾ مدفون آهي ۽ زيارتگاهه آهي.

سندس ڪتاب ينابيع ۽ سراج المصلي ايڊٽ ڪري احمد اقبال قاسمي ۽ غلام محمد ڏاهري سنڌ يونيورسٽي مان پي. ايڇ. ڊي. ڊگري حاصل ڪئي آهي.

مخدوم غلام محمد بگائيءَ جو ڪتبخانو

هي بزرگ به ڪلهوڙا دور جو عالم ۽ حق گو شاعر هو. ان دور جي علمي ذوق مطابق وٽس ڪتب خاني جو هجڻ لازمي امر آهي، پر زماني جي گردش ڪري ڪتب خاني جو نالو نشان به نه رهيو آهي. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾، اتر سنڌ ۾ کهڙن جي مخدوم جي شهادت جو واقعو پيش آيو ته مخدوم بگائي ان واقعي تي سنڌي ۾ دردناڪ شعر ٺاهيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سامهون پڙهي، حق جو حق ادا ڪيو. اهو شعر تاريخ ۾ اڄ به محفوظ آهي ۽ قصيده برده جو سنڌي شرح به سندس يادگار آهي. سندس مزار شاهپور جهانيان ضلعي نواب شاهه ۾ واقع آهي.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڪتبخانو

قدرت جا عجب ڪرشما آهن، فقير مان بادشاهه بنائي ۽ بادشاهه ڦري گدا ٿئي!

سنڌ جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو به اصل فقير گهراڻي جو فرد هو. فقيري مان بادشاهي نصيب ٿيس. سندس زندگي به عجب نموني گذري. پنهنجن جون مخالفتون، نادرشاهه سان مهاڏو، نادري حڪم اڳيان بيوسي، ڏنڊ طور دنيا دولت جو ڪاپاري ڌڪ، اولاد جي يرغمالي ۽ جدائي، ٻيا زماني جا لاها چاڙها ۽ انقلاب اپرانڌ. الله جو شان آهي، ميان ڪٿي ڄائو، نپنو، وڏو ٿيو، ڪٿي تختگاهه ۽ حڪمراني هلايائين. ڪٿي مسافر ٿي ويو. وفات ڪٿي ڪيائين ۽ مٽي جو پنوڙو ڪٿي دفن ٿيو، اهي رنگيءَ جا رنگ آهن.

هن وقت ميان نور محمد ڪلهوڙي جو آخري آرامگاهه، نواب شاهه ضلعي ۾ دولتپور تعلقي منجهه، شاهپور جهانيان ويجهو اوڀر طرف آهي، ۽ ”ميان جا قبا“ نالي مشهور آهي. ان ڪري هتي سندس ابدي سڪونت گاهه جو موجودگيءَ ڪري، نواب شاهه ضلعي جي حد ۾ قبرستان واقع هجڻ سبب سندس ذڪر مناسب آهي.

ميان نور محمد علم دوست حڪمران هو. وڏو عالم ۽ دور انديش پڻ هو. وٽس بهترين نادرالوجود ڪتب خانو هو، جيڪو کانئس نادرشاهه بادشاهه لٽي ايران طرف کڻي ويو، جنهن جو مذڪور ميان صاحب ”منشورالوصيت“ ۾ ڏاڍي حسرت ۽ ڏک مان ڪيو آهي. تصنيفات منشورالوصيت ۽ نادرنامہ ڏانهنس منسوب آهن. چون ٿا ته نادر شاهه جيڪي ميان صاحب جي ڪتب خاني مان ڪتاب لٽي ويو هو، اهي مشهد مقدس جي ڪتب خاني ۾ آهن ۽ ڪيترا ڪتاب ايران جي ٻين ڪتب خانن ۾ پڻ ٻڌجن ٿا. سندس هٿ جو لکيل قرآن مجيد به غالباً مشهد ۾ موجود آهي.

ميان رفيع الدين خياروي جو ڪتبخانو

هي لئبرري ڏيڍ سو سال کن اڳ سنه 1264هه ڌاري ضلعي نواب شاهه تعلقي سڪرنڊ ڳوٺ ميان شورا ۾ حضرت محمد يوسف عرف ”روضي وارو مخدوم“ (وفات 1277هه) ديني درسگاهه سان گڏ قائم ڪئي. چون ٿا ته هي خاندان زهد عبادت ۾ مشهور رهيو آهي، ان ڪري ”ميان“ ۽ ”سڳورا“ سڏجن ٿا ۽ هاڻي به ڳوٺ ”خياري شريف“ جي نالي سان مشهور آهي.

جيئن ته هن درگاهه ۽ درسگاهه جي مريدن مان عالم گهڻا هئا، ان ڪري اهل علم قلمي ڪتاب لکي ۽ ڪتابت ڪري، عقيدت ۽ محبت خاطر هن ڪتب خاني ۾ تحفي طور ڏيندا هئا ۽ خود بزرگ به علم ۽ ڪتابن جو شائق هو، تنهن ڪري هن ڪتب خاني ۾ ڪتابن جو وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويو. جيتوڻيڪ اڳتي هلي ڪتب خانو ورهائجي ويو، پر هن ڪتبخاني ۾ عربي ۽ فارسي ۾ تفسير، حديث، فقہ ۽ تصوف جا گهڻا ڪتاب هئا.

هن وقت ڳوٺ ميان شورا عرف خياري شريف ۾ ڪتب خاني جو سرپرست حضرت رفيع الدين خياروي سلف صالحين جو يادگار ۽ لائق بزرگ عالم آهي. سندس وڏو فرزند شاهه ولي الله به عالم ۽ علم دوست آهي. هن وقت به هن لئبرري ۾ ڳچ قلمي ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي، جن ۾ اڪثريت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جي ڪتابن جي آهي.

قاضي احمد ڪتبخانو

هن درگاهه جو باني قاضي احمد ڪوريجو (وفات 1223هه) وڏو بزرگ ۽ خواجه محمد زمان لواري واري جو مريد هو. پاڻ وڏو فقيہ ۽ قضا جي عهدي تي فائز هو، ان ڪري ”قاضي“ سڏجڻ لڳو. پهريان دم ۽ پوءِ قاضي احمد ۾ ديني خدمت ۽ رشد و هدايت جو سلسلو جاري ڪيائين. اهڙيءَ ريت سندس وقت ۾ ڪتابن گڏ ٿيڻ جو سلسلو به شروع ٿيو. هن وقت درگاهه قاضي احمد جو گادي نشين پير ميان فيض محمد نقشبندي لائق ۽ علم دوست بزرگ آهي. وٽ وڏن جو ڪتابي ذخيرو محفوظ آهي، جنهن ۾ اڪثريت قلمي ڪتابن جي آهي. خاص ڪري لواري وارن بزرگن جي سلسلي جا ڪتاب ۽ رسالن جي گهڻائي آهي.

حمل فقير لغاري جو ڪتبخانو

حمل فقير لغاري (وفات 1296هه) علمي لياقت وارو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. پاڻ بنيادي طور تعليم سان چاهه رکندڙ، استاد ۽ مڪتب ۾ پارسي پاڙهيندو هو. ان مان ظاهر آهي ته حمل فقير وٽ پارسي ادب ۽ نصاب جا ابتدا کان وٺي رومي جي مثنوي ۽ ديوان حافظ تائين سڀ ڪتاب موجود هئا ۽ وٽس پارسي ادب جي سٺي لئبرري موجود هئي. حمل فقير جو سنڌ جي علمي خاندانن مير علي مراد خان ٽالپر، پير صاحب پاڳارا، لکي جي سيدن ۽ لواري وارن بزرگن سان گهاٽو واسطو هو.

اڳتي هلي سندس پونيرن ۾ اهو علمي چاهه نه رهيو ۽ هن علمي چاهه رکندڙ، فارسي جي استاد ۽ وڏي شاعر جو پارسي ادب ۽ ڪتابن جو ذخيرو ضايع ٿي ويو. فقط حمل فقير جا لکيل ٻه ڪتاب ”هزار مسئلا“ ۽ ”بياض“ يادگار رهجي ويا آهن. بياض ۾ به حمل فقير رومي، عطار، سڪندر، ڀٽائي، حسين ديدڙ، عثمان فقير سانگي ۽ ٻين شاعرن جا شعر ۽ طب جا نسخا پنهنجي لاءِ يادگار لکيا آهن. سندس شاعري جو مجموعو ”ڪليات حمل“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي.

حمل فقير ڳوٺ محمود لغاري تعلقه سڪرنڊ ۾ جنهن جاءِ وڻ هيٺان مڪتب هلائيندو هو، اتي هاڻي يادگار طور قوم جي گهڻگهري سيد امداد محمد شاهه سنائي (سابق ايم. پي. اي) اسڪول کولرايو آهي ۽ هر سال حمل فقير جي علمي ڏيئي کي ڪي گهڙيون روشن رکندو آهي.

مولوي عبدالله يمشي لئبرري

هي قديمي لئبرري قاضي احمد جي ويجهو ڳوٺ الله بخش ڪٻر ۾ قائم آهي. هن ڪتب خاني جو باني مولوي عبدالله ”يمشي“ ڪٻر (وفات 3 صفر 1363هه) وڏو عالم، خوشنويس ۽ اهل الله هو ۽ بزرگ ملڪاڻي ضلع دادو واري جو مخلص مريد هو. سلوڪ ۾ گهڻو هلڻ ڪري، مرشد طرفان کيس لقب به ”يمشي الي الله“ مليل هو. مولوي يمشي علامہ دائود پوٽي جو همدرس هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي مولوي يمشي جو احوال پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ ۾ به لکيو آهي. هي ڪتب خانو مولوي يمشي ”مدرسہ اسلاميہ“ سان گڏ هن ئي ڳوٺ ۾ قائم ڪيو. هن وقت ڪتب خاني ۾ ٻه هزار کن ڪتاب آهن، جن ۾ عربي، فارسي ۽ پراڻن سنڌي ڇاپي ڪتابن جي گهڻائي آهي. هن ڪتب خاني ۾ ٽيهارو کن قلمي نسخا به آهن. انهن ۾ خود مولوي يمشي جا لکيل ڪتاب ”مراقبات النقشبنديه“ ۽ ”فتاويٰ يمشي“ قلمي صورت ۾ موجود آهن.

جيتوڻيڪ هن وقت مدرسي جي اڳوڻي رونق نه رهي آهي، پر هينئر مدرسي جو خدمتگار ۽ ڪتب خاني جي سنڀاليندڙ مولوي يمشي جو پوٽو مولوي حبيب الله ڪٻر لائق فائق ۽ صوفي سالڪ آهي. سنڌ جي اڪثر سڀني درگاهن سان سندس سٺو واسطو آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي جي علمي شمع کي روشن رکيو اچي. هن ڪتب خاني ۾ هيٺان قلمي ڪتاب محفوظ آهن:سنڌيون شهيد گرهوڙي جون، فتاويٰ احمدي، شجره مبارڪ، ٽيهه اکري، درالمختار، جامع الصغير، جامع معرفة الحديث، تبصرة الجنان، حاشيہ اشباه، تنوير الازهان، مختارالفتاويٰ، شرح ڪافيہ، ذريعة الامتحان، ضوء العباح، شمائل ترمذي، شنوف الجوهر في سيرت الحبيب الاطهر، وافيہ، فوائد الملهمہ، الاشباه والنظار، الحق التعليلات، صرف بهائي، لباب الاخبار، انتخاب نفحات ۽ بياض تصوف. انهن کان سواءِ ڏهه سنڌي، عربي ۽ فارسي مختلف قلمي بياض

ذاڪري لئبرري

درگاهه ذاڪري نمبر 1 جو باني حضرت سيد محمد شاهه جيلاني ذاڪري ”روضي ڌڻي“ (وفات 29 جمادي الاول 1355هه) وڏو ڪامل صوفي ۽ اهل طريقت بزرگ هو. سندن خاندان ڪشمير مان سنڌ ۾ آيو. سندن والد بزرگوار جي مزار ۽ درگاهه تلهار جي ويجهو لاڙ ۾ آهي. سيد محمد شاهه ذاڪري لاڙ مان هلي، فقير جي کوهي، گهنڊيا ۽ آخر ۾ سڪرنڊ لڳ اتر طرف درگاهه ذاڪري جو بنياد رکي، روحاني تعليم ۽ ذڪر اذڪار جو سلسلو شروع ڪيو. سندن نيڪ ۽ پرتاثير صحبت جي ڪري ڪيترا بيدين ديندار ۽ چور پرهيزگار ٿيا ۽ ذڪر سان لؤن لائي سنت نبوي جا تابعدار بنيا. سندن سلسلو قادري هو ۽ درگاهه تي هر وقت بلند آواز سان توحيدي تار، ”لاالہ الاالله“ جي ذڪر جي تنوار جاري هوندي هئي؛ ان ڪري درگاهه ۽ سيد محمد شاهه جيلاني پاڻ به ذڪر ڪندڙ يا ”ذاڪري“ جي نالي سان مشهور ٿي ويا. هن درگاهه جا خاص اصول مريدن جي اصلاح واسطي هي رهيا رهيا آهن: سنت مطابق ڏاڙهي رکڻ، پٽڪو ٻڌڻ، هر وقت ”لاالہ الاالله“ جو ذڪر ڪرڻ، هر ڪم ۾ شريعت پاڪ جي پابندي ڪرڻ ۽ دهل دمامن ۽ هر نشي واري شيءِ کان پرهيز ڪرڻ.

جيئن ته درگاهه جو سلسلهء طريقت قادري هو، ان ڪري هن ڪتب خاني ۾ تصوف جي ڪتابن جو عمدو ذخيرو گڏ ٿي ويو. سيد محمد شاهه عرف روضي ڌڻي جي وفات کان پوءِ سندن موجوده گادي نشين، لائق فائق ۽ صالح فرزند، عاشق رسول، مرشد، سيد احمد شاهه ذاڪري ”سهڻي سائين“ هن ڪتب خاني کي ديني ادب ۾ وڌيڪ مالا مال ڪيو آهي. ان سان گڏ سهڻي سائينءَ جي نوجوان فرزندن منير حسين شاهه ”سرمد“ ۽ محمد حنيف شاهه به هن لئبرريءَ کي تمام گهڻو وڌايو ۽ جديد سياسي ۽ سنڌي ادب جو تمام گهڻو سرمايو گڏ ڪيو آهي.

مولوي محمد هاشم انصاري لئبرري

مولوي صاحب دادو طرف جو باشندو هو، پر سندس زندگيءَ جو اڪثر وقت نواب شاهه شهر ۾ گذريو. هو وڏو عالم، حافظ، اهل دل، عاشق رسول، شاعر ۽ وڏو مفتي هو. سالن جا سال نواب شاهه جي جامع مسجد جو پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو. وٽس عربي ۽ فارسي ادب جا ڳچ ڪتاب هئا. سندس وفات 14 جولاءِ 1962ع تي نواب شاهه ۾ ٿي. جامع مسجد جي ڀر ۾ ڏکڻ طرف مٽيءَ جو پنوڙو جڙيس. غالباً وفات کان پوءِ سندس ڪتاب هيٺ مٿي ٿي ويا.

شاهنواز پيرزادو لئبرري

دراصل شاهنواز پيرزادوڪنڊياري ۾ ڄائو نپنو. اڳتي هلي، ڦري گهري نواب شاهه شهر ۾ اچي رهيو. هو تعليمي ماهر، صحافي، سياستدان، وڪيل ۽ اديب هو. بهرحال عجيب طبيعت جو ماڻهو هو. مختلف موضوعن تي سندس چاليهارو کن ڪتاب لکيل ۽ ڇپيل آهن. وٽس ڪتابن جو چڱو ذخيرو هو. 28 فيبروري 1974ع تي وفات ڪيائين. لاولديت ۽ سار سنڀال نه هئڻ ڪري، سندس علمي ادبي ذخيرو منتشر ٿي ويو ٿو ڏسجي.

مولوي عبدالله کڏهري لئبرري

مولوي عبدالله جو ڏاڏو مولوي عبدالغني ڪيريو کڏهري وڏو عالم ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي. خود مولوي عبدالله کڏهري به سٺو مدرس ۽ فقيہ هو. وٽس ڪتابن جو عمدو ذخيرو هو. پاڻ مدرسہ دارالرشاد پير جهنڊي ۽ ڀينڊي واري مدرسي (ضلعي حيدرآباد) ۾ عربي ۽ فارسي جو درس ڏيندو رهيو هو. مولوي عبدالله قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو ۽ بخاري شريف جو ترجمو به ڪيو آهي ۽ پاڻ وڏو مفتي به هو. سندس وفات 10 شعبان 1384هه مطابق 15 ڊسمبر 1964ع نوابشاهه ۾ ٿي. سندس پونيرن ۾ اها علمي جوت نه رهي ۽ ڪتابن جي به ڪا خبر ڪانهي.

مولوي حڪيم معاذ لئبرري

مولوي محمد معاذ سنه 1896ع ڌاري سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ قطال شاهه ۾ ڄائو. اڳتي هلي عالم ۽ حڪيم بنيو. مولوي صاحب، مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر سان وابسته ۽ قومي ڪارڪن هو، تنهن ڪري وٽس لئبرري ۾ عبيدالله سنڌي جي فڪر، ڪانگريس، خلافت تحريڪ ۽ طب جي ڪتابن جي گهڻائي هئي. مولوي محمد معاذ نواب شاهه شهر ۾ ”معاذ دواخانو“ کولي رهڻ لڳو هو. سندس وفات 1969ع کان پوءِ ڪتب خاني جي خبر ناهي، البت دواخانو هلندڙ آهي. هينئر هن دواخاني جي سندس ئي نالي ٺاهيل ”معاذ ٿاڌل“ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. سندس پٽ حڪيم محمد منير وڏي پيماني تي دواخانو هلائي رهيو آهي.

ميان معين الدين خياروي لئبرري

ميان معين الدين خياروي وارن بزرگن مان وڏو حڪيم ۽ عربي ۽ فارسي جو عالم هو. پاڻ 1925ع ڌاري لئبرري قائم ڪيائين. وٽس هزارن جي تعداد ۾ قلمي نسخا، ڇاپي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون موجود هيون؛ خاص ڪري طب تي گهڻو مواد هو. پاڻ ڪتابن کي ساه سان سانڍيندو هو. گهڻو ڪري ڪتاب ڪنهن کي نه ڏيکاريندو هو. سندس پونير انگريزي خوانده آهن. قدرت جا رنگ به نرالا آهن، ٻڌجي ٿو ته سندس وفات (20 فيبروي 1970ع) کان پوءِ ڪتاب، ڀڳڙن جي لپ تي ڏئي ڇڏيا اٿن.

ميان غلام رسول خياروي لئبرري

هي ڀلارو به خياروي وارن بزرگن جي پونيرن مان هو. سندس زندگيءَ جو پهريون دور غالباً وڏن جي درگاهه خياري شريف ۾ گذريو، البت حياتي جو پويون ڳچ عرصو ڳوٺ مٺا خان جوکيو تعلقي دولتپور ۾ گذاريائين. پاڻ نهايت پرهيزگار هو. کيس ديني تعليم سان گڏ مطالعي جي وندر به هئي. وٽس خانداني قلمي ڪتاب ۽ ديني مواد جو چڱو ذخيرو هو. ميان صاحب ويجهڙ ۾ وفات ڪئي. جلالي طبيعت ۽ نهايت خوددار هو. سندس ڪتب خاني جا ٻه ناياب قلمي ڪتاب، بياض هاشمي ۽ بياض عبدالعليم سيوهاڻي راقم فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، پنهنجي ڪتب خاني ۾ محفوظ رکيا آهن.

مولوي علي محمد جمالي لئبرري

مولوي صاحب هالا طرف جمالين جي ڳوٺ جو رهاڪو هو، پر ڊي. سي. هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ ورهين جا ورهيه عربي استاد ٿي رهيو. هو ڪتابن ۽ مطالعي جو وڏو شوقين هو. عربي ۽ فارسي ادب جو عمدو ذخيرو گڏ ڪيو هئائين. چون ٿا ته سندس ڪو شاگرد پوليس جو وڏو آفيسر ڪوئٽا بلوچستان ۾ رهندو هو. مولوي صاحب هر سال سندس دعوت تي اونهاري جي موسم ۾ ڪوئٽا ويندو هو. پوليس آفيسر کيس سوکڙين پاکڙين لاءِ چوندو هو، مگر مولوي صاحب کيس ڪتابن جا نالا لکي ڏيندو هو. پوليس آفيسر اهي ڪتاب خوشيءَ مان وٺي سوکڙي طور پيش ڪندو هو. ائين مولوي صاحب ٻين سوکڙين بجاءِ ڪتابن جي ڀروٽڙي ٻڌي اچي نواب شاهه پهچندو هو. سندس وفات 7 جون 1981ع کان پوءِ ڪتب خانو پونيرن وٽ رهيو. مشهور آهي ته ميان عبدالرحمان منڱيو سڪرنڊ ايجنسي وارو جيپ ٽيڪسي ڪري ڪتب خانو ڏسڻ ويو. پونيرن ڪتاب وڪڻڻ جي ڳالهه ڪئي. منڱيو صاحب ان وقت جي قيمت موجب 35-40 هزارن جي جيپ ٽيڪسي، ڪتابن جي عيوض ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، پر ڌڻي لک ٻه ٻڌيو ويٺا هئا. هينئر خبر ناهي ته ڪتب خاني جو ڇا ٿيو.

دار الرشاد لئبرري

هي لئبرري مولوي دوست محمد لکمير، مولانا عبيدالله سنڌي جي مشوري سان ڳوٺ کٻڙ لکمير لڳ نواب شاهه ۾ مدرسہ دارالرشاد نالي سان گڏ قائم ڪئي. هن لئبرريءَ ۾ قلمي ڪتابن جو چڱو ذخيرو آهي. مولوي صاحب جي وفات 1936ع کان پوءِ سندس پٽ مولوي ابوالحسن لکمير مدرسي ۽ لئبرريءَ کي سنڀاليو. هن وقت به مدرسو ۽ ڪتب خانو هلندڙ آهي، پر اڳوڻي علمي روشني نه رهي آهي. فرائض الاسلام جو فارسي واحد ترجمو به هتي موجود آهي.

مولوي غلام حسين جمالي لئبرري

مولوي صاحب صابو راهو ۽ سڪرنڊ جي ويجهو ڳوٺ عثمان جمالي جو رهاڪو هو. پاڻ فقہ ۽ فتاويٰ جو ماهر ۽ سادگي پسند انسان هو. آڳاٽي دور جي عالمن جو نمونو هو. وٽس ڪتابن جو سٺو ذخيرو هو. مولوي صاحب پوئين دور ۾ سڪرنڊ جي جامع نور مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو. مون کيس جڏهن به ڏٺو ته پيرسنيءَ جي باوجود سندس هٿ ۾ ڪتاب ۽ مطالعي ۾ مشغول هوندو هو. سندس وفات (15 فيبروري 1978ع) بعد سندس لائق فرزند مولوي محمد خان جمالي (عربي استاد) وڏن جي ورثي کي سنڀاليو ويٺو آهي.

مولوي عبدالعزيز چانڊيو لئبرري

هيءُ ڪتاب خانو مولوي صاحب اڌ صدي اڳ ڳوٺ دينو شاهه لڳ قائم ڪيو. هن ڪتب خاني ۾ عربيءِ فارسي ڪتابن سان گڏ پراڻا سنڌي ڇاپي ڪتاب ۽ طب جي ڪتابن جو به ججهو تعداد آهي. مولوي صاحب جي وفات کان پوءِ سندس نوجوان فرزند مولوي سراج احمد چانڊيو ان لئبرريءَ کي سنڀالي رهيو آهي. هتي ڪجهه قلمي بياض به آهن. مولوي صاحب پاڻ ۽ سندس فرزند سڪرنڊ جي جامع نور مسجد ۾ پيش امام به ٿي رها آهن. مولوي عبدالعزيز جي وفات تاريخ 1 فيبروري 1978ع ڳوٺ دينو شاهه لڳ ٿي.

ڪامريڊ محمد لاکو لئبرري

سڪرنڊ جي هي پراڻي لئبرري آهي. ڪامريڊ محمد لاکو مولوي عبيدالله سنڌي جو صحبت يافته هو، ان ڪري هن لئبرريءَ ۾ مولانا سنڌي جي فڪر، انقلاب ۽ خلافت تحريڪ بابت گهڻو مواد هو، پر ڪامريڊ محمد جي فرزند محمد سليمان لاکي ٻڌايو ته پوئين دور ۾ سندس والد عربي ۽ فارسي ڪتابن جون ٻوريون ڀري مولوي عبدالقادر لغاري کي ڏئي ڇڏيون. باقي سياسي ۽ انقلابي ڪتاب وري جنرل محمد ايوب خان جي مارشل لا جي ڪري خطري ۽ احتياط طور پاڻ ساڙي ڇڏيائين. هينئر هن لئبرريءَ ۾ ڪتاب ۽ پراڻا رسالا پنج سو کن مس آهن. سندن اصل ڳوٺ ٻاٺو آهي. محمد سليمان لاکو به تازو وفات ڪري ويو آهي.

مولوي ثناءالله ”بدر“ جمالي لئبرري

مولوي صاحب نواب شاهه هوائي اڏي جي ڀر ۾ رهندو هو. پراڻي نموني جو عالم ۽ سادي طبيعت وارو صوفي مزاج ماڻهو هو. ديني تعليم مولوي عبدالله يمشي ڪٻرن واري بزرگ وٽ پڙهيو. علم دوست ۽ ڪتابن جو ڏاڍو عاشق هو. وٽس غريبت آهر چڱا ڪتاب هئا، جيڪي سندس وفات (24 جنوري 1973ع) کان پوءِ سندس وصيت موجب، نواب شاهه جي مشهور شاعر، عالم ۽ سندس دوست الحاج رحيم بخش قمر کي مليا. پاڻ سٺو ڪاتب به هو. سندس هٿ جا لکيل هيٺيان ڪتاب راقم جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهن: فتاويٰ احمدي سنڌي، شرح قصيده برده سنڌي، ارشاد الساري، بياض سلوڪي، بياض حديثي، بياض قرآني، بياض حنفي، بياض فقہ صغير، استاد فارسي، صلوٰة العيدين ۽ صوم رمضان قلمي.

الحاج رحيم بخش ”قمر“ لئبرري

حضرت قمبر لاکو 1933ع ۾ ڳوٺ عمر راهو لڳ دولتپور ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. سندس ننڍپڻ شڪارپور ۽ بلوچستان طرف گذريو. پويون وقت نواب شاهه جي آسپاس ۽ نواب شاهه شهر ۾ بسر ٿيو. پاڻ هڪ ئي وقت عالم، شاعر، مصنف، مبلغ، سگهڙ ۽ خطيب پڻ هو. جيتوڻيڪ هڪ شخص ۾ تقرير ۽ تحرير جون ٻئي خوبيون قسمت سان ملن ٿيون. حضرت قمر صاحب بهترين مقرر ۽ نثر و نظم ۾ چاليهن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي؛ جيڪا تمام وڏي علمي خدمت آهي. قمر صاحب بنيادي طور وڏو شاعر هو، ان ڪري سندس ڪتب خاني ۾ ديني ادب سان گڏ ديوان ڪليات ۽ شعر و شاعري تي ججهو مواد موجود هو. قمبر صاحب جي لئبرريءَ ۾ چند قلمي نسخا به هئا، جيڪي کيس دوست بدر جمالي جي ڪتب خاني مان مليا هئا. آخري وقت ۾ مهراڻ يونيورسٽي نواب شاهه جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ خطيب ٿي رهيو هو. قمبر صاحب ويجهڙ ۾ 26 نومبر 1993ع تي نواب شاهه ۾ وفات ڪئي آهي. هن وقت سندس ڪتب خانو راقم جي تحويل ۾ آهي. حضرت قمر صاحب مشاعرن جو مور، خطابت ۾ شهزور، يار وفادار، همہ گير ۽ هردلعزيز شخصيت هو. سندس تصنيفات تي ادبي ۽ صدارتي ايوارڊ به مليل آهن.

”خدا رحمت ڪند اين عاشقان پاڪ طينت را“

قاضي فيض محمد لئبرري

قاضي صاحب (وفات 13 آڪٽوبر 1982ع) اصل ۾ هالاڻي جو ويٺل هو، پر وڪالت جي ڪري سڄي زندگي نواب شاهه ۾ گذاريائين. هو اديب، قومي خدمتگار ۽ قانوندان هو. موسيقي ۽ علمي شوق جي ڪري وٽس وڏي لئبرري هئي. سندس لئبرري کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ۾ وڪالت جي ڪري قاعدي قانون جا ڪتاب ۽ ٻئي حصي ۾ قومي تحريڪن سان وابسته رهڻ ڪري انقلابي ادب جيئن خلافت تحريڪ، ڪانگريس، خاڪسار تحريڪ، مسلم ليگ، هاري تحريڪ ۽ عوامي ليگ بابت ججهو مواد موجود هو.

ايڇ - ايم. خواجه لئبرري

تعليمي ماهر خواجه صاحب اصل ۾ حيدرآباد طرف جو آهي. سالن جا سال ڊي. سي. هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ هيڊماستر ٿي رهيو. سڄي عمر شادي ڪانه ڪيائين. قوم جي ٻارن جي تعليم و تربيت ۾ زندگي وقف ڪري ڇڏي اٿس. هاڻي حيدرآباد ۾ رهي ٿو. تعليم سان چاهه ڪري وٽس ڪتابن جو چڱو تعداد آهي. ڪي ڪورس جا ڪتاب ترجمو به ڪيائين. هاڻي ڊي. سي. اسڪول نواب شاهه سندس نالي مبارڪ منسوب ڪيل آهي.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي لئبرري

خانائي صاحب خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري جو آهي. ، پر گهڻي عرصي کان سروس سانگي نواب شاهه شهر ۾ سڪونت پذير آهي. سندس خاندان علم ادب جي زيور سان سينگاريل ۽ خانداني حڪيم به رهيو آهي. هن خاندان جا سنڌ جي مشهور علمي بزرگن ڊاڪٽر دائود پوٽي، سکر جي موسوي خاندان، نصرپور جي بزرگن، راشدي برادران، مولائي شيدائي، ڊاڪٽر بلوچ ۽ مولانا گرامي سان گهاٽا علمي تعلقات رهيا آهن. خانائي صاحب گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ سنڌي جو پروفيسر رهيو آهي. ”ساهتي جا قديم علمي مرڪز“ عنوان تي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. خانائي صاحب بهترين مقالہ نگار ۽ چند ڪتابن جو مصنف به آهي. جيئن ته نواب شاهه ضلعو شهر ۽ شخصيتون، تاريخ وار مبارڪ، تاريخ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، بکر جا نواب، تاريخ گچيرو، آثار قديم نواب شاهه ۽ مقالات خانائي.

جيئن ته خانائي صاحب جو ڏاڏو به اهل علم ۽ حڪيم هو. سندن والد بزرگوار محمد يعقوب ”صابر“ به عالم، حڪيم، شاعر ۽ استاد هو، ان ڪري خانائي صاحب جو ڪتب خانو خانداني طور ديني، تاريخي ۽ حڪمت جي مواد سان ڀرپور آهي. برصغير جي اڪثر ادارن جا ناياب فارسي، اردو، سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب هن لئبرري ۾ موجود آهن ۽ چند قلمي ڪتاب به محفوظ آهن.

موجوده دور ۾ ڊاڪٽر خانائي صاحب مقاله نويسي ۾ وڏو محقق مڃيو وڃي ٿو. سندس هر هڪ مقالو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر خانائي ڪاليج مان رٽائر ڪيو آهي، پر سندس قلم جوانن جهڙو جوان ۽ علمي روح رهاڻ جاري رکيو اچي. سندس تحقيقي مقالن جو تعداد ٻن سوَن جي لڳ ڀڳ آهي. سندس مقالا سنڌ جي سڀني مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.

ساهتي لئبرري

ڪنڊيارو، نوشهرو ۽ مورو- ساهتي پرڳڻي جا مشهور شهر آهن. اهي ٽيئي تعلقا اڳ ۾ نواب شاهه ضعي ۾ شامل هئا، پر ويجهڙ ۾ اهي تعلقا ڇني، نوشهرو فيروز ضلعو ٺاهيو ويو آهي. سنڌ ۾ ساهتي علائقو علم ادب جو مرڪز رهيو آهي. گهڻائي اهل علم ۽ بزرگ پنهنجو وارو وڄائي ويا. هي لئبرري به ساهتي پرڳڻي جي نالي ۽ ياد ۾ ٺاروشاهه شهر ۾ قائم ڪيل هئي، مگر هن وقت هيءَ لئبرري مهراڻ ڪالوني نواب شاهه شهر ۾، ٻه ماڙ تي سينگاريل آهي. هن لئبرريءَ جو روح روان نوجوان اهل علم بشير احمد هيسباڻي آهي. سندن والد احمد خان هيسباڻي به سالن جا سال ڊي. سي. هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ هيڊ ماستر، ايس. ڊي. اي. او مورو ۽ ڊي. اي. او نواب شاهه جي حيثيت ۾ تعليمي خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو آهي.

سندس لائق فرزند بشير احمد هيسباڻي پيشي جي لحاظ سان ته بئنڪ آفيسر آهي، پر ڪتابن سان سندس ازلي ناتو ۽ دل، لئبرريءَ جي عشق سان ٽمٽار آهي. سندس عاليشان ۽ عظيم ساهتي لئبرري ۾ گهڻو ڪري پراڻي زماني کان وٺي موجوده دور تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل سڀ جا سڀ ڪتاب موجود آهن. عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن جو به ذخيرو دستياب آهي. ان کان علاوه فارسي ۽ سنڌي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ نسخا به خوبصورت جلدن ۾ محفوظ آهن. ان ڏس ۾ هزارين روپيا پاڻي وانگر وهائي خرچ ڪري رهيو آهي. سنڌي ڪتابن جي حوالي سان نواب شاهه ۽ سنڌ ۾ هي منفرد لئبرري آهي. ڪوبه سنڌي ڪتاب ڀلي ڪٿي نه ملي، پر ساهتي لئبرري مان ضرور ملي ويندو. هتي سنڌي ڪتابن جي حوالي سان ايڏو ذخيرو موجود آهي جو ان کي ساهتي سان گڏ ”خاص سنڌي ڪتابن جي لئبرري“ چئجي ته بجا آهي.

ان کان علاوه ساهتي لئبرريءَ جي ٻي خوبي هي آهي ته هتي اڪثر رسالن جهڙوڪ: اخبار تعليم، ڳوٺ سڌار، مهراڻ، نئين زندگي. الرحيم، الولي، شريعت، سنڌ ۽ پيغام رسالن جا مڪمل سيٽ موجود آهن. هن لئبرريءَ مان ڪيترا علم دوست پي. ايڇ. ڊي جي تحقيقي سلسلي ۾ فائدو پڻ حاصل ڪري رهيا آهن. هن لئبرريءَ ۾ ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد ڏهن هزارن کان به وڌيڪ آهي. نواب شاهه ضلعي ۾ وڏي ۾ وڏي ۽ بهترين لئبرري آهي.

منظور قريشي لئبرري

پاڻ تعليم جي مقدس پيشي سان وابسته ۽ نواب شاهه ۾ رهي ٿو. منظور جهونو استاد، شاعر، اديب ۽ ڪتابن جو ڪوڏيو آهي. وٽس چونڊ ادبي ڪتابن جو سٺو سرمايو آهي.

سيد حبيب الله شاهه لئبرري

نواب شاهه جي سيد خاندان مان سيد حبيب الله شاهه علم ادب جا گهڙا ڀريندو رهيو آهي. سندس دلپسند موضوع اسلامي تاريخ آهي، ان ڪري وٽس تاريخ اسلام تي تمام گهڻو مواد موجود آهي. سندس سيرت پاڪ ۽ تاريخ اسلام بابت چند ڪتاب به لکيل آهن. پاڻ زمينداري سان گڏ علم ادب جي آبياري به ڪندو رهيو آهي.

بيت الحڪمة لئبرري

هي لئبرري سڪرنڊ شهر ۾ علم دوست ۽ اديب عبدالرحمان منڱئي صاحب ڳچ عرصو اڳ قائم ڪئي. هي لئبرري سڪرنڊ شهر ۾ نواب شاهه ضلعي جي ٻئي نمبر تي وڏي لئبرري آهي، جنهن ۾ ڏهه هزار ڪتاب موجود آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: عربي فارسي پنج سو، انگريزي پنج سو، اردو چار هزار ۽ سنڌي پنج هزار. جڳ مشهور شاعر فردوسيءَ جو شاهنامو ۽ پنجاهه کن قلمي نسخا ۽ عڪس به هن ڪتب خاني جو سينگار آهن. بيت الحڪمة لئبرري جون خاص خوبيون هي آهن. هڪ هي ته هتي هندستان ۽ پاڪستان جي مشهور ادبي ادارن جا پراڻا ناياب ۽ نوان ڇپيل ڪتاب موجود آهن. ٻي خوبي هي آهي ته هتي اڪثر رسالن ڳوٺ سڌار، نئين زندگي، مهراڻ، المعارف، الرحيم ۽ ٻين رسالن جا مڪمل سيٽ خوبصورت جلدن ۾ محفوظ آهن. ان سان گڏ اخبارن ۾ هند سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جا آيل خط به فائيلن ۾ موجود آهن.

بيت الحڪمة لئبرري ۾ موجود چند قلمي ڪتابن جا نالا ڏيڻ به اهل علم لاءِ دلچسپي جو باعث ٿيندو. قلمي قرآن ڏهه عدد، تفسير جلالين، تفسير مدارڪ، طب دائودي، نادر القصص، تاريخ فرشتہ، نسب نامہ سنڌ، چراغ انجمن، رغبة الطالبين، فرائض الاسلام، ڪلام پير رشد الله جهنڊي وارو، شرح اسماء الحسنيٰ، حصن حصين سنڌي ترجمو، فتاويٰ احمدي، جامع الفوائد، ساهتي جا قديم علمي مرڪز، تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو، طب ميزان الاوزان، مسماة الامراض، بياض عاصي فيض محمد جمالي، بياض خليفو محمد خان جمالي ۽ تذڪرة شعراء سڪرنڊ. پاڻ ويجهڙ ۾ گذاري ويو آهي ۽ سندس پٽ محمد صديق ڪتب خاني جو نگران آهي.

مولوي محمد اڪتڙائي لئبرري

مولوي صاحب دادو ضلعي جي ڳوٺ اڪتڙ ۾ 1321هه ڌاري ڄائو. مختلف هنڌن تي پڙهي وڏو فقيہ، مدرس ۽ پرهيزگار عالم بنيو. زندگيءَ جو پويون 20-25 سالن جو دور نواب شاهه ضلعي ۾ ڏاهرين جي مختلف ڳوٺن ۾ ديني مدرسن ۾ پڙهائيندي گذاريائين. ڪتابن سان سندس دل هئي، خاص ڪري فتاويٰ ۽ فقہ ۾ وڏو ماهر ۽ مفتي هو. سندس وفات 12 ربيع الاخر 1396هه ۾ ٿي. وفات کان ٻه سال کن اڳ، پنهنجي پياري شاگرد مولوي غلام رسول ۽ مولوي عبدالڪريم ڏاهري وٽ ڳوٺ راڄ محمد ڏاهري (ساهيہ) ۾ اچي رهيو هو. سندس ڪتاب انهن وٽ ئي محفوظ رهجي ويا. سندس شاگردن مان ”هڪ ئي رانجهو لکان دا مٽ“ مولي محمد ادريس ڏاهري جڳ مشهور آهي.

مولوي محمد ادريس ڏاهري لئبرري

مولوي صاحب عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم، تقرير ۽ تحرير جو فاضل ۽ مصنف به آهي. سندس ڏهه پندرهن ڪتاب ڇپيل به آهن. هن وقت قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ تفسير لکي رهيو آهي. حقيقت ۾ نواب شاهه ضلعي ۾ هي واحد عالم آهي، جنهن ڪتب خاني کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ رکڻ به سٺو ڪم آهي، پر ڪتابن کي پڙهڻ، پرجهڻ ۽ حوالا ڏئي ڪتاب تيار ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي.

مولوي صاحب سڄي سنڌ ۾ خطابت ڪري مشهور ۽ نهايت مصروف رهندو آهي، پر پوءِ به رات جو ٻه چار ڪلاڪ لکڻ ۽ پڙهن جو ڪم لڳاتار ڪندو رهي ٿو. وٽس بهترين ڪتب خانو آهي، جنهن ۾ تفسير، حديث، فقہ، تاريخ ۽ تصوف جي موضوع تي عربي ٻوليءَ ۾ وڏو خزانو آهي. لڳ ڀڳ پنج ست هزار ڪتاب ٿيندا. سڄي نواب شاهه ضلعي ۾ عربي ٻوليءَ جا ايترا ڪتاب ڪنهن به ڪتب خاني ۾ دستياب ناهن. ڪتاب سڀ ڪٻٽن ۾ قريني سان رکيل آهن ۽ مٿي ٻه ماڙ جڳهه تي محفوظ آهن. مولوي صاحب جو ڪتابن سان عشق جو اهو عالم آهي، جو ڪتابن جي صفائي ۽ حفاظت خاطر پنهنجي لئبرري ۾ ايئرڪنڊيشنر لڳرايو اٿس. نواب شاهه ضلعي ۾ هي هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺ مقيم ڏاهري نزد شاهپور جهانيان ۾ قائم ڪيل واحد لئبرري آهي، جيڪا ايئرڪنڊيشنڊ به آهي.

حڪيم غلام رسول لاکو لئبرري

اڳوڻي دور کان وٺي سنڌ ۾ گذر معاش ۽ حلال رزق خاطر، اڪثر عالم سڳورا پوکي راهي ۽ خاص ڪري حڪمت ۽ طبابت ڪندا رهيا آهن. حڪيم صاحب شاهپور جهانيان ۽ دولتپور جي آسپاس لاکن بزرگن جي علمي خاندان جو چشم و چراغ آهي. پنهنجن وڏڙن جو علمي ورثو شاهپور جهانيان شهر ۾ ساهه سان سانڍيو ٿو اچي. پاڻ به عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي جو ڄاڻو، مهراڻ طبيه ڪاليج مورو جو باني ۽ حاذق حڪيم پڻ آهي. سندس ڪتب خانو تمام سهڻو ۽ سٻنڌڙو آهي. منجهس اڪثريت حڪمت جي ڪتابن جي آهي، پر ان سان گڏ ديني ادب جو به وافر مواد موجود آهي. سندس گهر هڪ ئي وقت ڪتب خانو، مڪتب، اوطاق ۽ مطب جو سنگم آهي. انهن خوبين جي ڪري سڀڪو پيار مان کيس ”حڪيم الامت“ ڪري سڏيندو آهي.

غلام محمد لاکو لئبرري

تاريخ ۾ لاکو ڦلاڻي، لاکو پير ۽ سخي سعيد خان لاکو امر آهن. ويندي مير حسن لاکي تائين لاکا برادري جو مذڪور موجود آهي. گهڻي عرصي کان ضلعي نواب شاهه، دولتپور، شاهپور جهانيان ۽ ڪچي جي ڀر ۾ لاکا قوم جا مهمير ۽ ڀلارا ماڻهو آباد آهن ۽ علم ۽ دين سان به سندن گهرو واسطو پئي رهيو آهي. پروفيسر غلام محمد لاکو به انهيءَ ديني خاندان جو روشن ستارو آهي، جيتوڻيڪ هينئر اها اڳوڻي جوت نه رهي آهي ۽ جديد روشنيءَ جو جتي ڪٿي واسو آهي. غلام محمد به جديد علم انگريزي ۽ مسلم هسٽري ۾ ايم. اي. پاس آهي ۽ هينئر ڪلهوڙا دور تي پي. ايڇ. ڊي. ڪري رهيو آهي. سنڌيونيورسٽيءَ جهڙي اهم تعليمي اداري ۾ تاريخ جو استاد آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com