سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :3

انيس انصاري

   زندگي

زندگي ڪاغذ جي ٻيڙي آ انيس

وقت جي ڌارا ۾ جا پئي ٿي لڏي

موت جي موجن هٿان آخر اها

ٿي قضا سر تي قبولي ۽ ٻڏي

    زندگي

زندگي ۾ موڙ اهڙا ٿا اچن

محب ماڻهو هاءِ وڇڙي ٿا وڃن

جن بنا هڪ پل نه جيڪر گهارجي

وقت گذرڻ ساڻ وسري ٿا وڃن

    اڪيلي

سڄڻ سير ۾ آءٌ آهيان اڪيلي

نه ڪو آهه ساٿي نه ڪو آهه ٻيلي

نه سرتي سجي ۽ نه ڪائي سهيلي

رسج تون اچي ويل آهي اويلي

ادل سومرو

گيت

زندگيءَ جي رات ۾

مان ته ڪوئي خواب هان

ساڀيا تون آن پرين!

 

منهنجي جيون ۽ خوشي

پيار، خوشبو، روشني

۽ هوا تون آن پرين!

ساڀيا تون آن پرين! 

جا نظارن کي ملي

۽ بهارن کي ملي

سونهن سا تون آن پرين!

ساڀيا تون آن پرين!

 

منهنجي هر هڪ ڏينهن جي

۽ نڪوري نينهن جي

ابتدا تون آن پرين!

ساڀيا تون آن پرين!

عبدالقيوم صائب

غزل

سڀ کي ساري، پنهنجي واري، کڻڻي پنهنجي ساري آهي،

زنده قومن جي ته جيئڻ لئه، راند ازل کان جاري آهي.

منهنجا مٺڙا، ٻارن وانگر ترسي ويهڻ مان ڇا ورندو؟

جلهه ڪري تون اڳتي وڌ جو، سامهون تنهنجي ڪاري آهي.

تنهنجو عضوو زهريلو ٿي تو ۾زهر پکيڙي ٿو پيو،

تو ڪيئن اهڙو زهر قبولي، پنهنجي حياتي ڳاري آهي.

واٽون ويهه چئون ٿا ليڪن، وينديون ساڳيءَ منزل تي سڀ،

پانڌين پنڌ پڇائي اڳ ئي باهه جبل تي ٻاري آهي.

اونداهين مان روشن راهون، پاڻهي اڀري اينديون آهن،

ڏس ته چُرن جي سوراخن مان چلڪي رڻ تي واري آهي.

پيرا پرکي اڳتي وڌجو، چور هٿيڪا ٿيڻا آهن،

پاٿارين جي وٽّ جهلي جن، عمر سموري گهاري آهي.

رڃّ هجي يا سڃّ هجي پر رڻ کي جهاڳي پار پوڻ لئه،

اوڳي سان رهه رس ۾ تون جو، بار کڻڻ جو باري آهي.

ٽاڻا مٽبا رهبا جيسين ڌڪ ڌنارن جا ٿا پهچن،

ڄاڻ رسيا سي جُنگ جوان جن باهه برهه جي ٻاري آهي.

دانهن دريا تي ڏيندي ڏيندي، وقت وڄائي ويٺا آهيون،

ڏاڍن جا ڪي ڏيل ڏڪائي، ڪرڻي واري نياري آهي.

ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ويا ۽ صائب سر جو سانگو لاهي،

ڳالهه ڪيل ڪا ويڙهيچن سان پاڻي ڏيئي پاري آهي.

غلام حسين رنگريز

غزل

هڪڙي ڳل کان هڪ ٻي ڳل تائين

زندگي ڪيڏي نه آهي مختصر،

چاهتن جا سلسلا ڪيڏا ڊگها،

پهچ پنهنجي ٿورڙي آهي مگر.

ڪو ڊهي ٿو، ڪو ٺهي ٿو روز هت،

جيت جو ۽ هار جو حيرت چڪر!

موهي من تنهنجو وجهي آهي ڪٿي،

آه منهنجي ۾ سمايل سو اثر.

گُل ڇڻن ٿا گُل ڦٽن ٿا، پيا ڏسون،

سلسلو قائم رهي ٿو سال ڀر.

آثم ناٿن شاهي

گيت

سانوري! سانوي! آءٌ موٽي وَري،

تو سوا او چري! آءٌ ويندس مَري.

سانوري! سانوري!

پهرُ جيڪو پيو،

سالَ مون کي لڳو،

تو نه پاتو ليئو؛

وقت ايڏو وڏو، ڪيئن تنهنجي سَري؟

سانوري! سانوري!

سَجُّ ڪارو تَئو،

چنڊُ گرهڻ وتو،

تون نه آهين ته پو؛

ڏينهن ڪيڏو بُرو، رات ڪيڏي گري.

سانوري! سانوري!

اَنڌَ، انياءَ ۾،

وِرهه جي واءَ ۾،

ميڻ وانگر سڄو، جيءُ ويندو ڳَري.

ميڻ وانگر سڄو، جيءُ ويندو ڳري.

سانوري! سانوري!

منير سولنگي

غزل

هٿ جي ريکائن ۾ قسمت ڳوليان ٿو،

دل جي پيڙائن ۾ قسمت ڳوليان ٿو،

مون سانڍيا آهن سَوَ سپنا نيڻن ۾،

تن جي ساڀيائن ۾ قسمت ڳوليان ٿو.

گهرا گهرا گهاوَ لڳا منهنجي من کي،

پنهنجي ڪوتائن ۾ قسمت ڳوليان ٿو.

شايد ڪو چنڊ لهي منهنجي اڱڻ اچي،

جيون آشائن ۾ قسمت ڳوليان ٿو.

ڪڏهن مون ساڻ سکن ناتو نه نڀايو،

هاڻي ته خلائن ۾ قسمت ڳوليان ٿو.

اياز گل

غزل

درد اسان جي هانوَ ڏي هٿ وڌايو پئي،

پاڻ ٻئي خاموش هياسي ڳوڙهن ڳالهايو پئي.

 

تنهنجن اکڙين هوريان هوريان ائين ڪيو سگهو،

ڄڻ ڪنهن ماريءَ ڄار ۾ پنڇي ڦاسايو پئي.

 

هڪڙو ڏاڍو پيارو منظر رات ڏٺو هو مون،

اک ڀڳي ٿي تارن ۽ چنڊ لڄايو پئي.

 

سنڌُ جي سُورن جون ڳالهيون پئي فنڪشن ۾ هليون،

من ئي من ۾ ڪيڏن ماڻهن ۽ شرمايو پئي.

 

مون محسوس ڪيو پٿر جو بنجي ويو آهيان مان،

هڪڙي پنهنجي کُهري لهجي ۾ ڳالهايو پئي.

 

تنهن وٽ تنهنجن يادن جا سَوَ سورج هوندا پڪ،

رات جي پهرين پهر ۾ ئي جنهن ديپ اجهايو پئي.

بخش مهراڻوي

غزل

ڪهڙا لڙڪ لکان مان ويهي،

دل جا دفتر خالي آهن.

 

تنهنجي پيرن منجهه پيا هن،

رستا ڀي ته سوالي آهن.

منهنجا سُڏڪا تنهنجي آڏو،

حالي ۽ احوالي آهن.

 

منهنجي ٻالڪپڻ جا ساٿي،

ٻٻر، ٻير ۽ ٽالهي آهن.

 

مست گگن ۾ چنڊ ستارا،

مون جيئن يار موالي آهن.

سوز هالائي

گيت

ڳايون، ڳايون، گيت خوشيءَ جا ڳايون

آيون آيون، روشن گهڙيون آيون.

گيت نگر ۾ گل ٽري پيا،

خوشبوءَ جا دروازا کُلي پيا،

لايون لايون، خوشبو مرڪي لايون،

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون.

شهنائيءَ جي آلاپن تي،

گيت نچن ٿا مورن وانگي،

پايون پايون، پاڻ به جهمريون پايون،

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون.

سُرهي سُرهي هير گهلي آ،

خوشين جي برسات وٺي آ،

ڇانيون ڇانيون، سُکن گهٽائون ڇانيون،

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون.

ساري جڳ کان نيارو نيارو،

آهي دلبر ديس اسان جو،

لايون لايون، تن من تنهن سان لايون،

ڳايون ڳايون گيت خوشيءَ جا ڳايون.

سُر سان سُر کي لڳائي ڳايون،

تن تنبور بنائي ڳايون،

وايون وايون، شاهه لطيف جون وايون،

ڳايون ڳايون، گيت خوشيءَ جا ڳايون.

احمد ٽالپر

وائي

ساجن! ترسي پئو، ڪو پل قرب ڪري،

تو بن ڪانه سري.

اڌمن لاتي آڳ اندر ۾، تن تتو ڄڻ تئو،

ساجن ترسي پئو.

ٿوري هاءِ حياتي ويتر، موت مئي جو ڀئو،

ساجن ترسي پئو.

نُور ڀٽياري ڪونه ٿيو آ، ڍوليا تو مان ڍئو،

ساجن ترسي پئو.

”احمد“ پيار گهڙي تان گهوريان، هوند حياتيون سئو،

ساجن ترسي پئو.

مير محمد پيرزادو

گيت

آئي ننڊ اگهور ،

ڏکڻ کهلي جو پيڙو آهي!

ساجن سپني ۾ جو آيا، جيئن ئي تن سان نيڻ ملايا،

گهاءَ چڪايا گهُورَ،

تير نظر جا تڪڙا تائي!

هيل به هيکڪل ڪٽڻو پوندو، جوڀن ڪنهن جي مور نه مڃندو،

مکڻي ڪئي آ مُورَ،

سڪ به پئي ٿي پرڙا ساهي!

ڇڏ ته سکي ڙي! کيچل هاڻي، اڄ به نه موٽيو، جواني ماڻي،

ناهيان چِتَ ۾ نُورَ،

ڳالهين جيءَ وڌو آ ڳاهي!

جندڙو ڪاٺي سڪل آ ڄڻ، جنهن کي ڪين ڦُٽائي سانوڻ

ساهه سڄي تي سُورَ،

گهاءَ ويا هن گهرا ٺاهي!

وسڪاري جا رنگ رچن ٿا، پوٺن تان پڙلاءَ اچن ٿا،

چنگ ڪيا هن چُور،

چاڪ اندر جا چاهه وڌائي!

پکي پکين کي ڳر لڳائن، سڪ ستل کي جيئن جاڳائن،

انبن جهليا هن ٻوُرَ،

جاني آءُ جواني کائي!

گڏجي ڳاتل گيت رهي ٿو، توريءَ ڳايان ڪيئن ڀلا سو،

سڀڪا ساري تُورَ،

مُندَ ويا هن مينهن بنائي!

بادل

غزل

ڪيڏو اڳتي نڪري ويو آهيان!

شايد رستو ڀلجي ويو آهيان.

هيءَ به راهن جو ٿورو آهي،

جو پنهنجي گهر پهچي ويو آهيان.

هائو! ملاقاتن ۾ ڪاوڙيس،

ساروڻين ۾ سرچي ويو آهيان.

ڪوئي مون کي مون ۾ ڳولي پيو،

پنهنجي پاڻ ۾ گم ٿي ويو آهيان.

ڪجهه ڪجهه تنهنجون ڳالهيون ڪريان پيو،

ڪجهه ڪجهه شاعر بنجي پيو آهيان.

سقراط سيتائي

غزل

حسرتن جو حجتون وڌنديون وڃن،

خواهشن جا کنڀ ڪمري ۾ اڏن،

 

چئني ديوارن تي تصويرون ٽنگيل،

ڇت ۾ آکيرا اچي ٺاهيا پکين.

 

مان سندن ئي نانوَ ۾ لُٽبو رهيس،

پوءِ به مون کي جيڪڏهن پنهنجو نه ڪن!

 

شهر جي گهٽين ۾ مان نڪري اچان،

تنهنجي يادن جو جڏهن ڳڙکيون کُلن.

 

رات جا ٻارنهن، لتا جو مٺڙو سُر،

دل جا ٽاڪا هڪٻئي پٺيان ٽٽن.

مختار گهمرو

وائي

آهه نشانبر،

نينهن ته پنهنجو پاڻ نه ڄاڻون پيار ڪتابي

خوشيون واسيو سارو سر

مرڪز محور

سونهن سندءِ آ کڻ ته پرين او نيڻ شرابي،

جڳ جلي ٿي ڀل ته آڱر

منهنجو اوڍر

پيار ڪڪر آ، نيٺ ته ٿيندي سوڪ ستابي،

پنهنجي دل آ پريم ننگر

منهنجا دلبر،

پيار امر آ، مرڪ ته مهڪن گل گلابي،

منهنجي دل ۾ تنهنجوگهر.

چمڪي چوڌر

عشق اسان جو، لوڪ پڙهي ڀل نينهن نصابي،

تنهنجو گهرجي ساٿ سفر

ڪرم ٽالپر

نظم

مُنهنجا جاني، مون کان ويندي،

مون سان گڏ ڏکارو ٿيندي،

پيار منجهاران پُٺ ٺَپيندي،

منهنجي من کي آٿت ڏيندي،

تو ته چيو هو......

وسندا ٻيهر ڪچي جا ٻيلا،

مالوندن جا ٿيندا ميلا،

چڻا مٽر گاهه عام ٿي پوندو،

کير مکڻ گيهه جام ٿي پوندو،

فصل ڀلا، ان پليون ڀربيون،

روز پيون تازيون مڇيون تربيون،

ماککين ۾ نت مال به ٿيندا،

وٽا ڀري هڪ ٻئي کي ڏيندا،

جهانگي ڏيندا کلي واڌايون،

ٿيندا جهرجهنگ ماڳ مِٺايون،

سانوڻ چاڙهه سنڌوءَ ۾ ايندو.

تڏهين آءٌ به موٽي ايندس!

ميها متيرا گدرا ڇانهيون،

سِڱر، گولاڙا پَلئو ۾ پايون،

کُنڀ آڻيندا ڇنگا ٺاهي،

سانئين جو ڀَتُ پاٽ ۾ لاهي،

آئي وئي جي هيءَ مهماني،

مکڻ جا چاڻا، ٻاجهر ماني،

وڄندا چنگ ۽ ڇِڙنديون کيرون،

ڀٽن ۾ ٿينديون، رنڀون ٽيڙون،

مارُو ستابا، مال متارا،

ورندا پنهنجي ماڳ لاهيارا،

ٿر مٿان وسڪارو ٿيندو

تڏهين آءٌ به موٽي ايندس!

گهر ڌياڻيون گهر ليپينديون،

سُگهڙون سوڙون،رليون ٺاهينديون،

هوندا تڏهين ڏڻ ڏياريءَ جا،

سَرءُ، سياري جي تياريءَ جا،

جوارين ۾ ٿينديون لابارو،

پونير سَرءُ ۽ مُنڊ سيارو،

ڦٽين چونڊا ختم يا جاري،

ڪڻڪ جي هر ۾ هوندا هاري،

چانور ڇڙبا، ساريون لُڻبيون،

ڪونجون جڏهين سانگ تي اينديون،

سُڳداسي هر گهر سانڀيندو،

تڏهين آءٌ به موٽي ايندس!

چاڙهه سنڌوءَ ۾ ڏاڍا آيا،

ٿر ۾ ڪڪرن مينهن وسايا،

ڦٽيون ميڙيون، ساريون لٿيون،

ڳاهه وائُر ٿي ڪڻڪون ڪپيون،

چيٽ، ڪتيون ڪيئي گُذري ويون،

ڪونجون اچي اچي وري ويون،

ملندين ڪڏهين من پيو جهيڙي،

سيوهڻ ۾، نه ته شاهه جي ميڙي،

راهون تڪيون، نَکَٽ نِهاريا،

تو ته اچڻ جا قول وساريا،

ٿر ٻاٻيهو، هرڻ جيئن رُڃ ۾،

منُ آ سِپ سمونڊ جي، اُڃ ۾،

چيڙهه چڳون ۽ ليڙ لٽا ٿيا،

ورهيه جو راتيون، ڏينهن ڊگها ٿيا،

وکري ويون سڀ منهنجون آسون،

منهنجي وس ۾ رهيون نه سوچون،

جيون ديپ ته اِجهي اُجهاڻا،

ڄاڻ ته نيڻ به ٻري وساڻا

تنهنجي سار اڃان ڀي من ۾،

اوسيئڙو ٿو تڙڦي تن ۾،

آس نراس ۾ مٽجي ويندي،

لاش به تو بن لٽجي ويندي،

اڳ ۾ ايندين؟ يا پوءِ ايندين؟

بنهه نه ايندين؟

ماڻڪ ملاح

گيت

اوسيئڙو، اڌ رات، اوجاڳو، پيار به ڄڻ ڪو ڪچڙو ڌاڳو،

دل ۾ تڙپ تنور،

او سائين

هيڪر آءُ ضرور!

جوڀن موٽيو ڪنهن جو ناهي، جوڀن آ مهمان پرين،

جوڀن کامي پڄري ٿو پيو، سورن جو سامان پرين،

سوچن جي سنگرام تي چاڙهي،

ايڏو ڪر نه ڪلور،

او سائين،

هيڪر آءُ ضرور!

توريءَ منهنجو جاڙ جيئڻ آ، آءٌ نه ڄاڻان اوڙو پاڙو،

ڪير به توڙي آڌر ڏئي ٿو، پوءِ به جيون آهي ٻاڙو،

پيڙا تو بن پيڙي ڇڏيو،

پل پل تنهنجو پُور،

او سائين،

هيڪر آءُ ضرور!

آءٌ ڏسان پئي ڏور پکين کي، نياپو ڪوئي آڻن،

توريءَ پنهنجو حال آ اهڙو، جهڙو سِڪ ۾ ساڻن،

پوياڙيءَ جي پنڇيءَ وانگي،

وياڪل ۽ وهلور

او سائين،

هيڪر آءُ ضرور!

ريجهي مور نه دلڙي ڪنهن سان هيرائي جا تو ته،

تنهن کي پنهنجي يار اچڻ جو آٿت ڏئي وڃ ڪو ته،

ماڻڪ کان جو يار کسي وئين،

واپس ڏي ته سُرور

او سائين،

هيڪر آءُ ضرور!

فياض ”چنڊ“ ڪليري

دوها

چائنٺ تي بيهي گوري! تون موٽي وئينءَ ڇاڪاڻ؟

مون کي مُرڪ نه ڏين جي جيڏي! لڙڪ کڻي تون آڻ.

”تو سان ڪهڙا ليکا منهنجا، من جو آن تون ميت“

ڪيئي ڀيرا ائين چيو تو، پر نه نڀائي ريت.

ڪنهن جي جذبن کي ميسارڻ آهه وڏو سچ پاپ،

سڀڪجهه ڄاڻيندي ڀي پياري آهين ڇو چپ چاپ!

پيار جي پيڙا ڏاڍي اوکي، ڦٽيو منهنجو روح،

مون کي ڪومل جذبن عيوض مليا لفظن-ٽوهه.

تنهنجا ڪنوارا چپ ائين ڄن ماکيءَ جي ڪا لار،

تن کي جيون ارپي ڇڏجي، ڇڏي سڄو سنسار،

تنهنجي واس سان واسيل آهن منهنجا سارا شعر،

آءُ وري نئون گيت لکان ڪو، ڇا لئه ڪئي تو دير؟

ماٺ اسان کي ماري ٿي تون ڇيڙ نئون ڪو ساز،

مون لئه آٿت آهي سچ پچ، راڳي تو آواز.

منهنجو اڄ ڀي اڳ کان اڳرو پيار تي آ وشواس،

تون به خدارا تنهن کي ڄاڻج جيون جو اتهاس،

من مندر جون ڀتيون لوڏي، سرتي! تنهنجي سار،

ساهه جيان ڏس ويجهي آ تون، توڙي آهين ڌار.

”چنڊ“ چريو آ، روز اچي ٿو، توڏي بس تو ڪاڻ،

پر نه پروڙي سگهيو آن تون، جذبن جي چانڊاڻ،

اقبال رند

غزل

هر هر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هلچل نه ڪر پرين!

پاڳل نه ڪر! پاڳل نه ڪر! پاڳل نه ڪر پرين!

جَهل جَهل! گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهايل نه گهاءِ هاءِ!

اِيءَ پاپ اکڙين سين پلپل نه ڪر پرين!

کِل کِل! وري وري دل ڀرجي ڀلي اچي،

تون پاڻ کي اسان کان اوجهل نه ڪر پرين!

هيءَ ننڊ-ديس جنهن ۾ هر شخص پنڊ-پاهڻ،

تون ٽِنڊ سان ٽنڊيلا ڪا ٽل نه ڪر پرين!

وسيم سومرو

تـڙپــي پـــيـــو آهــيـــان،

تنهنجا خط اڳيان پڙهي.

تنهنجو خط اچي وري، ڪيڏو ٿو چاهيان،

تنهنجا خط اڳيان پڙهي.

جوڙي سوچن جا نوان رستا ٿو ڊاهيان،

تنهنجا خط اڳيان پڙهي.

ماضيءَ جي رڻ راهه ۾، ڪيڏو ٿو ڪاهيان،

تنهنجا خط اڳيان پڙهي.

پيڙا ڀوڳيان ٿو مگر، ساٿ نٿو ساهيان،

تنهنجا خط اڳيان پڙهي.

تو وٽ ڀانيان پاڻ کي، هتي نه مان ناهيان،

تنهنجا خط اڳيان پڙهي.

زوار نقوي

يادگيري

تنهجي دل تان، منهنجو نانءُ

تاريخ جي ڪتاب تان وسري ويل ورق جيان

وسري ويو آ

دلين جي انصاف گهر ۾

منهنجو آتما فريادي جي ڪٽهڙي ۾ بيٺو آ

تنهنجون مرڪون

منافقت جي ڪري پيل پُڙ ۾ پيون آهن

تون جيڏين سرتين سان

زندگي جي خوبصورت رستن تي

ڦڪي مرڪ مُرڪي رهي آهين

تنهنجي اداس مرڪ

مون لاءِ اجنبي ماڻهن کي ڏسي ٿي ته

ڪڏهن ڪڏهن توکي مون سان گهاريل

بي رحم وقت ياد ايندو آ.

راشد مورائي

غزل

يار بيمار کي ڪين ايندا پڇڻ، ڌيان زوريءَ ڇڪايون ته ٻي ڳالهه آ.

ڪوبه زخميءَ جي ڀرسان نه ويهي سگهي، گهاءَ پنهنجا لڪايون ته ٻي آ.

هر سيهه رنگ جي چيز واسينگ ٿئي، سو ته ممڪن ئي ناهي هي سمجهڻ کپي،

ڪين ڄاهي کي مرلي نچائي سگهي، ٿالهه ويهي وڄايون ته ٻي ڳالهه آ.

جڏ مفلسيءَ اچي آه واسو ڪيو، ساٿ سنگت ڇڏيو پيار پاسو ڪيو،

چئن ماحول هن ۾ ته مشڪل ملي، بَر وڃي ڪو وسايون ته ٻي ڳالهه آ.

گل آڻي پَرائي گلستان مان، هار ٺاهي حسينن کي پاتا اسان،

روز ٻئي جي چمن ۾ نه آ آسرو، باغ پنهنجو بڻايون ته ٻي ڳالهه آ.

ظالمن جو ڀُري ڀور منشور ٿئي، آس آهي ته پيدا ڪو منصور ٿئي،

ڪنهن کي لاچار آهي جو ڦاهي چڙهي، پاڻ سوري سجايون ته ٻي ڳالهه آ.

هن جي نازن ۽ نخرن نهوڙي نيو، وهم دل مضطرب کي وڪوڙي ويو،

پنهنجي تقدير مشڪل بدلجي سگهي، هو ڇڏي چِلولايون ته ٻي ڳالهه آ

جاٿي پنهنجو به پنهنجو نٿو پيو ٿئي، ات پراون ۾ ڪيئن ڪو اميدون رکي

رس رهائڻ جي لئه ڪس کائي نه ڪو، پنهنجو گهر تڙ لٽايون ته ٻي ڳالهه آ

چنڊ جو آسرو سو به ٿوري گهڙي، پره جا پار راشد اڃان پرڀرو

همسفر پنڌ اونده ۾ ٿيندو به ڪيئن، ڪا ڏياٽي جلايون ته ٻي ڳالهه آ

مقصود گل

وڇوڙو

ڪنهن ماڻهوءَ جي وئي کانپوءِ سنسان شهر ٿي ويندو آهي.

ساري بستي سور سميٽي دردنگر ٿي ويندو آهي.

ڪي ڪي ماڻهو ساري جڳ لئه آٿت بڻجي ايندا آهن،

تن جي موت پڄاڻا هي سنسار زهر ٿي ويندو آهي.

بڙ جي ٿڌڙي ڇانوَ برابر سڀ کي ڇانو ڏين ٿا جيڪي،

تن جو جيون انسانن لئه ڇانوَ ڇپر ٿي ويندو آهي.

ميويدار وڻڻ جي وانگر مٺڙا ماڻهو ميٺ ورهائن،

هر هڪ پل تن پريت وندن جو ڄڻ ثمر ٿي ويندو آهي.

موت کان مرڻا ناهن جيڪي قوم مٿان قربان ٿين ٿا،

جيڪو ارپي سر ڌرتيءَ کي سو ته امر ٿي ويندو آهي.

ماڻهو سارا سهڻا ناهن، ڪونه پکي سڀ هنج ٿين ٿا،

ڪو ڪو ماڻهو ”شاهه“ چواڻي مشڪ عنبر ٿي ويندو آهي.

موت پَوئي ڪو موت ندورا، مٺڙا ماڻهو ڌار ڪرين ٿو،

تنهنجو ويڻ حياتي ڀر لئه زخمِ جگري ٿي ويندو آهي.

شال نه شفقت وارا هٿڙا ڪنهن جي سر تان دور ٿين جو،

اوڍر ڌاران اس ۾ ماڻهو پاڻ پگهر ٿي ويندو آهي.

گل ٿو هردم غم ۾ گهاري، سڪ مان سانگي روز سنڀاري،

روئي روئي راهه نهاري، سور سڄر ٿي ويندو آهي.

منظر راڄپر

وائي

ساجن تنهنجي سار،

منهنجي ننڊ ڦٽي وئي.

اٺئي پهر اکڙيون، تڪن تنهنجا پار،

منهنجي ننڊ ڦٽي وئي.

رڳو سوچون سور جون، ڪانهي جيءَ جيار،

منهنجي ننڊ ڦٽي وئي.

وڻي نه مند بهار جي، ڪوئل جي ڪوڪار،

منهنجي ننڊ ڦٽي وئي.

اچين اڄ جي اوچتو، ٿئي نينهن نکار،

منهنجي ننڊ ڦٽي وئي.

محسن عباسي

   ڌرتي ۽ تارو

ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي جو

ڪو آسمانن جو ستارو،

اوچتو ڪنهن خاڪي پتلي جي ڪفن ۾

لڙڪندڙ واليءَ يا نڪ سهڻي جي ڦليءَ،

يا خوبصورت ٻانهن جي چوڙيءَ ۾،

عڪس پنهنجو چمڪندي ڏسندو جڏهن آ،

بود ۾ ڀرجي تڏهن هو

۽ چاهه ۾ چريو به ٿي،

چاهيندو آهي ته مان،

عظمتن ۽ آسمانن کي ڇڏي،

جيئري ۽ جاڳندي چرپر ڪندڙ ڌرتيءَ جي

هن سونهن ۽ سرُهاڻ ۾ گم ٿي وڃان!

۽ اهڙي ڪوشش ۾ ڪڏهن

چُرندي ئي پنهنجي جاءِ تان

هٽندي ئي پنهنجي ڀونءِ تان

هو خلائي رهڙ ۾

ويندو سڙي آ خاڪ ٿي.

ماڻهو چوندا

آهي ڪو تارو کڙيو!

ضمير ڦل

غزل

مون سان گڏ ڪو ٻيو به سفر ۾ هو،

يا ته ڪو آئينو من اندر ۾ هو.

آءٌ چپ چاپ ويس پئي هلندو،

تنهنجو رستو ئي بس نظر ۾ هو.

رات اُماس هئي ۽ آواز نه هو،

ڪوئي سُڏڪو ٻڌم پٿر ۾ هو.

ائين لڳو ڀنل گلاب جو،

ڄڻ ڪو پورهيت شَل پگهر ۾ هو.

تنهنجي اکين ۾ غمزو به عجيب هو،

ڄڻ ته نيري سمنڊ جي اثر ۾ هو.

ڪاڏي ويو ”ضمير“ شاعر هيو جو،

تنهنجي لاءِ رُليو نگر نگر ۾ هو.

نياز پنهور

غزل

تون گيتن جي عنوان جيان،

مان خالي آهيان دان جيان.

 

پيار تنهنجي ۾ ڦيريون گهيريون

ڇا لئه سياستدان جيان.

 

اکيون تنهنجون ڳالهائن ٿيون،

ڪرفيوءَ جي اعلان جيان.

 

گگهه اونداهي، ڪمرو منهنجو،

يادون روشندان جيان.

 

ڪين تون کڙڪاءِ دل منهنجي،

آءُ هلي طوفان جيان.

 

مون کي هو وساري ويٺو،

منهنجي ڪنهن احسان جيان.

 

نياز وڃائجي ويو آهي،

شاعر جي ديوان جيان.

معشوق ڌاريجو

وائي

آءُ اهوئي هان،

توکي ڪيئن چوان-

تون بدلجي آن ويو.

ڏس پرين! ڪنهن کي ڀلا، تنهنجي دانهن ڏيان،

تون بدلجي آن ويو.

سوچي ٿڪجي ٿو پوان، ٿڪجي ٿو سوچيان،

تون بدلجي آن ويو.

هاڻي تنهنجي شهر ۾، ڪهڙي منهن اچان،

تون بدلجي آن ويو.

ڪنهن جي ٻانهن ۾ وڃي، هاڻي ٿڪ ڀڃان،

تون بدلجي آن ويو.

معصوم بخاري

غزل

ٿيون بند چپڙن جون مکڙيون ٽڙن،

گلابن کي معنيٰ ملي ٿي وڃي.

لڪائين ٿي چهرو هٿن ۾ جڏهن،

حجابن کي معنيٰ ملي ٿي وڃي.

نظر جئن نظر تي ٿي چاڙهي نشا،

شرابن کي معنيٰ ملي ٿي وڃي.

ڍڪي ٿو ڪڪر چنڊ کي، اُن گهڙي،

نقابن کي معنيٰ ملي ٿي وڃي.

جڏهن رڻ ۾ پياسو رُلي ٿو وڃي.

سرابن کي معنيٰ ملي ٿي وڃي.

ڪٿان دل جهٽڻ لئه اُڏن نيڻ ٿا،

عقابن کي معنيٰ ملي ٿي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com