لئيءَ کي نرم وارن واري برش جي مدد سان دستاويز تي
لڳايو وڃي ۽ پوءِ ٽشوءَ کي دستاويز تي آهستي آهستي
اهڙي طرح رکيو وڃي، جو هوا جو ڪوبه ڦوڦلو بلبلو
دستاويز ۽ ٽشوءَ جي وچ ۾ نه رهجي وڃي. ٽشوءَ جي
سائيز، دستاويز کان ٿورڙي مٿڀري هئڻ گهرجي. ٽشوءَ
کي هلڪڙو، رٻڙ رولر
(Rubber Roller)
جي مدد سان دٻايو وڃي. هاڻي دستاويز کي ابتو ڪري
انهيءَ تي به مٿيون عمل دهرايو وڃي ۽ ڪنهن لسائين
سطح تي رکي ڪري ڇانو ۾ خشڪ ڪيو وڃي. هن ليمينيشن
کان اڳ دستاويزن جي ضروري مرمت ڪرڻ گهرجي ۽ ضروري
هجي ته گارڊ
(Guard)
به لڳائي وٺڻ گهرجن. هن مقصد لاءِ اهڙيون ميزون
(repair tables)
استعمال ڪيون وڃڻ گهرجن جن جي سطح تي شيشو لڳل هجي
۽ لائيٽ باڪس
(Light Box)
روشنيءَ واسطي مهيا ڪيل هجي.
محلل/ڳاري واري ليمينيشن
(Solvent Lamination)
هيءُ طريقو نيشنل آرڪائيوز آف انڊيا ۾ دريافت ٿيو.
هن ۾ صاف ۽ شفاف پتلي، سيلولوس ايسيٽيٽ جي فلم
(Cellulose Acetate film)
استعمال ڪئي وڃي ٿي. دستاويز
کي سيلولوس ايسيٽيٽ فلم جي ٻن ٽڪرن جي وچ ۾ رکيو
وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن جي ٻنهي پاسن کان ٽشو ڪاغذ جا
ٻه ٽڪرا رکي ڪري پنجن تهن تي مشتمل هڪ
سنبوسو/سئنڊوچ تيار ڪري ورتو ويندو آهي. هاڻي ان
کي ميز تي رکي واري واري سان ٻنهي طرفن کان ايسي
ٽون وسيلي ڳلو ڪيو ويندو آهي. ايسي ٽون ٽشو ڪاغذ
جي پورن مان گذري ڪري سيلولوس ايسيٽيٽ
(Cellulose Acetate)
فلم تائين پهچي ويندو آهي ۽
انهيءَ کي حل ڪري نرم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ٽشو ڪاغذ
دستاويز سان چنبڙي پوندو آهي. ايسي ٽون جي خشڪ ٿيڻ
تي سيلولوس ايسيٽيٽ فلم دستاويز جي ريشن تائين
پهچي ويندو آهي ۽ دستاويز کي مضبوط بڻائي ڇڏي ٿو.
ايسي ٽون هڪ سٺو ڳارو آهي، تنهن ڪري اهو ڪاغذ کي
صاف به ڪري ٿو.
لوهه جي داٻ ۾ ٿورڙي دير رکڻ کان پوءِ ان کي ڪڍي
وٺبو آهي. هن طريقي ۾ دستاويزن کي تمام گهڻي
گرميءَ جي درجي ۽ داٻ مان گذرڻو نٿو پوي، جهڙوڪ
وري مشيني طريقي ۾ ليمينيٽنگ پريس
(Lamination Ma-chine)
۾ ٿيندو آهي. هيءُ طريقو گهڻو
گهٽ وقت وٺي ٿو ۽ ليمينيشن ڇڙو هڪ ٻن منٽن ۾ مڪمل
ٿي پوي ٿي. ڪتابن جي صفحن ۽ ورقن کي به هن ريت
ليمينيٽ ڪري سگهجي ٿو. ڦاٽل دستاويزن کي به جوڙي
سگهجي ٿو. مس وسيلي تحرير ٿيل دستاويز هن طرح بحال
ڪري سگهجن ٿا. اهي دستاويز جن تي مهرون
(seal)
لڳل هجن، هن طريقي تحت صحيح ڪري سگهجن ٿا. ڇاڪاڻ
جو هن طريقي ۾ مهر تي وڌيڪ داٻ نٿو پوي ۽ ضرورت
پوڻ تي ليمينيشن کي ايسي ٽون ڳاري کان جدا ڪري
سگهجي ٿو ۽ دستاويز کي پنهنجي اصل حالت تي ٻيهر
آڻي سگهجي ٿو. انهن سڀني خوبين سان گڏوگڏ هن طريقي
۾ هڪ وڏو نقص هيءُ آهي ته مرمت ٿيل دستاويز جو وزن
چڱو خاصو وڌي وڃي ٿو.
مشيني ليمينيشن
(Machine Lamination)
ليمينيشن جي هن طريقي ۾ هڪ اهڙو ٽشو استعمال ڪيو
ويندو آهي، جنهن جي هڪ طرف هڪ اهڙو مادو لڳل هوندو
آهي جيڪو عام گرميءَ جي درجي تي ٺوس حالت ۾ واپس
اچي ويندو آهي. اهڙي ئي هڪ ٽشو کي ليميٽڪ
(Lamatec)
چوندا آهن، جنهن جي ايجاد جو موڙ برطانيه جي مسٽر
ٽي. جي ڪولنگز
(T. g. Collings)
۽ مسٽر ايف مارش جي مٿي تي آهي. ڪمبرويل اسڪول آف
آرٽس ائنڊ ڪرافٽس لنڊن جي تجربي گاهه ۾ اهڙا
”پاليمر“
(Polymer)
مرڪب دريافت ڪيا ويا جيڪي ٽشو
جي ڪوٽنگ
(Coating)
لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا. انهن
۾ پرائمل جا ٻه قسم
(primal AC73
۽
Primal AC34
ذڪر جي قابل آهن. مسٽر ڪولنگز
وري انهن ٻنهي جي جڳهه تي وري پرائمل اي سي 61
(Primal AC61)
به تجويز ڪيو آهي.
برطانيه جي هڪ فرم ميشرس آدمڪو
(M/s Ademco)
وري ڪوٽڊ ٽشو
(Coated Tissue)
يعني ليميٽڪ
(Lamatec)
کي تجارتي پيماني تي تيار ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا ٽشو تيار ڪيا
جيڪي برطانيه کان گهرائي سگهجن ٿا. اهي ٽشو دنيا
جي گهڻن ئي آرڪائيوز ۾ ليمينيشن لاءِ استعمال ٿي
رهيا آهن. انهن کي دستاويزن تي لڳائڻ لاءِ بجليءَ
وسيلي گرم ٿيندڙ هڪ داٻ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو هارڊ
بيڊ پريس شڪل انهن کي دستاويزن تي لڳائڻ لاءِ
بجليءَ وسيلي گم ٿيندڙ هڪ داٻ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو
هارڊ بيڊ پريس شڪل
(Hard Bed Laminating Press)
سڏبو آهي. هن ۾ ”26
X
22“ سائيز تائين جي ليمينيشن ڪري سگهجي ٿي، پر
ضرورت پوڻ تي انهيءَ سائيز کان وڏا دستاويز، مثلاً
نقشا يا چارٽ وغيره حصن ۾ واري واري سان ليمينيٽ
ڪري سگهجن ٿا. هن قسم جو هڪ داٻ
(Manual Press)
ماڊل نمبر 2226 نيشنل آرڪائيوز
اسلام آباد ۾ استعمال هيٺ آهي.
دستاويز کي ليمينيٽنگ ٽشو جي ٻن هڪ جيترن ٽڪرن جي
وچ ۾ اهڙيءَ طرح رکيو وڃي جو دستاويز جي چئني طرف
تقريباً هڪ سينٽي ميٽر ٽشو ٻاهر نڪتل هجي. هاڻي هن
کي هڪ خاص قسم جي سڻڀي ڪاغذ
(Release Paper)
۾رکي پريس ۾ افقي حالت ۾ داخل ڪرڻ گهرجي. داٻ جو
گرميءَ جو درجو 85 ڊگري سينٽي گريڊ جي ويجهو هئڻ
گهرجي. داٻ جي ڦيٿي/چڪري کي ٻنهي هٿن سان کاٻي طرف
ڦيرايو وڃي ته جيئن داٻ جو مٿيون حصو آهستي آهستي
هيٺ اچي ۽ داٻ بند ٿي وڃي. هڪ يا ڏيڍ منٽ کان پوءِ
داٻ کي کولي (ساڄي پاسي ڦيرائي) دستاويز کي ڪڍي
ورتو وڃي ۽ ڪنارن کان بچيل ٽشوءَ کي اهڙيءَ طرح
ڪٽيو وڃي جو دستاويزن جي چئني طرف گهٽ ۾ گهٽ 2 ملي
ميٽر جو حاشيو باقي رهي. مختلف ليمينيٽنگ ٽشوءَ
لاءِ مختلف گرميءَ جا پدَ گهربل هوندا آهن. جيڪي
هيٺ درج ڪجن ٿا:
نائيلون = 85 سينٽي گريڊ
ليمينگ = 90 سينٽي گريڊ
پولي ٿين = 110 سينٽي گريڊ
سيلولوس ايس ٽيٽ = 110 سينٽي گريڊ
ميشرز آدمڪو وري ڪترن ئي قسمن جا ٽشو تيار ڪيا آهن
جيڪي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿين ٿا. انهن مان
ڪجهه هيٺئين ريت آهن.
1. Unglazed Lamatec Tissue
2. Area Bonded Fibre Tissue (ABF)
3. Crompton Coated Tissue
4. Unsupporte Lamatec
5. Double Sided Heat-Seal Film
پهرين ٽن قسمن جا ٽشو دستاويزن، اخبارن ۽ نقشن جي
ليمينيشن ۾ ڪم ايندا آهن. جڏهن ته نمبر 4 ليميٽڪ
ريسٽوريشن جي ڪم ۾ کئونر طور استعمال ٿئي ٿو ۽
بحال ڪندڙ شخص جي پسند مطابق ڪنهن ڪاغذ تي به
منتقل ڪري سگهجي ٿو. هن جي مدد سان ڪچي مس يا رنگن
وارن مخطوطن تي بحاليءَ جي ڪم ۾ گهڻي سولائي ٿئي
ٿي. ڊبل سائيڊ فلم
(Heat Seal Film)
فوٽوءَ جي مائونٽنگ
(mounting)
۾ استعمال ٿئي ٿي. ميشرز آدمڪو
جي تيار ڪيل ٽشو ۾ ڪيترائي ٻيا مختلف قسمن جا ٽشو
به آهن جيڪي مختلف شين جي ليمينيشن ۾ ڪم اچن ٿا.
دستاويزن کي عام طور ٻنهي پاسن کان گڏوگڏ داٻ ۾
رکي ليمينيٽ ڪيو ويندو آهي. هن کي ڊبل ليمينيشن
چيو ويندو آهي، پر گهڻو ڪري جيئن شروع ۾ بيان ڪري
چڪا آهيون ته سنگل ليمينيشن يعني صرف هڪ پاسي جي
ليمينيشن به ڪئي ويندي آهي. مثلاً ٿلهي ڪاغذ جا
چارٽ، نقشا وغيره. ڊبل ليمينيشن ۾ به هيءُ خيال
رکڻ گهرجي ته ليمينيٽنگ ٽشوءَ جي ريشن جو رخ
اهڙيءَ طرح هجي جو اهي هڪ ٻئي جي قائم ڪيل ٽڪندي
تي پڄاڻي ڪن. ٻين لفظن ۾ اسين هن ريت چئي سگهون ٿا
ته هڪ دستاويز جي پٺئين پاسي جيڪڏهن لڳايل ٽشو جي
ريشن جو رخ مٿان کان هيٺائين طرف آهي ته دستاويز
جي سامهون لڳايو ويندڙ ٽشوءَ جو رخ ساڄي کان کاٻي
طرف هئڻ گهرجي. هن طرح ٿيندڙ ڊبل ليمينيشن ۾
دستاويز مڙي نٿو ۽ رول ۾ نٿو ٿئي. سڌو يا لسائون
رهي ٿو. ڇاڪاڻ جو دستاويز تي ليمينيٽنگ ٽشوءَ جي
ڇڪ هڪ جهڙي يا برابر ٿئي ٿي. ليمينيشن کان اڳ
جيڪڏهن دستاويز جي ضايع ٿيل حصن جي جڳهه تي مناسب
ڪاغذ لڳائي ليمينيشن ڪئي وڃي ته دستاويز گهڻو
خوبصورت نظر ايندو. انهيءَ لاءِ هڪ ماهر بحال ڪندڙ
جو هئڻ ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ڪتابن جي صفحن کي
ليمينيٽ ڪرڻ وقت سنگل يا ڊبل ڪاغذ وسيلي گارڊ
(Guard)
به ڪري سگهجي ٿو ته جيئن جلد سازيءَ جي وقت ڏکيائي
پيش نه ٿئي. هن ڪم کي انجام ڏيڻ ۾ گرم ڇري ڪپ
(Tacking Iron)
جي مدد وٺڻي پوي ٿي، تنهن ڪري هن جا ڪيترائي ماڊل
۽ قسم مهيا ٿيل آهن. هن ۾ هڪ اهڙو ماڊل به آهي
جنهن جو گرميءَ جو درجو گهٽ ۽ وڌ به ڪري سگهجي ٿو.
ليمينيشن جي ميدان ۾ ويڪيوم داٻ
(Vacum Press)
ميشرز آدمڪو جي جديد ترين ايجاد آهي. هن داٻ جو
هيءُ فائدو آهي ته هن ۾ مختلف ٿولهه وارين شين کي
به هڪ ئي وقت ليمينيٽ ڪري سگهجي ٿو. ليمينيشن داٻ
(ماڊل نمبر 6040) ۾ ”40
X
60“ سائيز تائين دستاويز ۽ نقشا رکي سگهجن ٿا. هن
۾ گرميءَ جو درجو 250 واٽ جا ڏهه انفراريڊ
(Infrared)
بلب پهچائيندا آهن. دستاويزن کي دٻائڻ لاءِ ليٽيڪس
رٻڙ
(Latex)
جي ٺهيل هڪ شفاف شيٽ هوندي آهي. انهيءَ کي دستاويز
تي رکي ويڪيوم پمپ هلائي ڇڏيو ويندو آهي. گرميءَ
جي درجي ۽ وقت کي سيٽ
(set)
ڪري ڇڏبو آهي. مقرر ٿيل وقت ۽
گرميءَ جي درجي تي پهچڻ کان پوءِ گهنٽي وڄندي آهي.
تنهن ڪري داٻ کي کولي دستاويزن کي ڪڍي ورتو ويندو
آهي. هيءَ مشين خودڪار
(Automatic)
آهي ۽ انهيءَ جي وڌيڪ سار
سنڀال جي ضرورت به نٿي پوي.
ليمينيشن جي مشينن ۾ هڪ قسم هائيڊرالڪ داٻ به آهي.
هيءَ هائيڊرالڪ داٻ
(Hydrahyic Press)
پاڻياٺ جي دٻاءُ جي اصول تي ڪم ڪندا آهن. هن قسم
جي هڪ مشين يوگوسلاويه جي ٺهيل آهي.
Masino Ipmpex
جيڪا پشاور جي صوبائي آرڪائيوز
(Record Office)
۾ استعمال هيٺ آهي، هن ۾ اخبارن جا صفحا به
آسانيءَ سان ليمينيٽ ڪري سگهجن ٿا. مٿيءَ ذڪر ڪيل
مشينون
"Flatbed Laminators"
سڏجن ٿيون، يعني انهن ۾ ليمينيشن جو عمل هڪ لسائين
سطح تي سرانجام ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ جي برعڪس
گهمندڙ/ڦرندڙ ليمينيٽر
(Rotary Laminators)
به استعمال ٿيندا آهن، جن ۾ ليمينيشن جو عمل ڪاغذ
کي ٻن ڦرندڙ گرم رولرن
(Rollers)
مان گذارڻ سان سرانجام ڏنو وڃي
ٿو. اهي رولر دستاويز تي داٻ وجهڻ سان گڏوگڏ گرمي
به رسائين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح ليمينيشن جو عمل
پڄاڻيءَ تي رسي ٿو.
ليمينيشن هڪ مشيني عمل آهي، تنهن ڪري هن ۾ گهٽ وقت
۾ کوڙ سارو ريڪارڊ محفوظ ڪري سگهجي ٿو، پر جيئن
اسان شروع ۾ بيان ڪري چڪا آهيون ته دستاويزن کي
ليمينيٽ ڪرڻ جو فيصلو گهڻي سوچ ويچار بعد ئي ڪرڻ
گهرجي. ڇاڪاڻ جو دستاويز کي هڪ ڀيرو ليمينيٽ ڪرڻ
کان پوءِ جيتوڻيڪ کيس اصلي حالت ۾ واپس آڻي سگهجي
ٿو، پر تڏهن به دستاويز جي ريشن ۽ مس کي ڪجهه نه
ڪجهه نقصان ضرور رسي ٿو. ليمينيشن دوران دستاويز
کي گهڻي داٻ ۽ وڌيڪ گرميءَ جي درجي کي برداشت ڪرڻو
پوندو آهي، جنهن سبب ڪاغذ جا نازڪ ريشا متاثر ٿين
ٿا. وري اهو به ڏٺو ويو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ
ٽسو هئڊو ٿي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته هن طريقهء
ڪار کي هڪ سؤ يا پنجاهه سالن کان وڌيڪ پراڻي
دستاويزن تي نه استعمال ڪرڻ گهرجي. اخبارن ۽ جديد
ريڪارڊ جي تحفظ لاءِ هيءُ طريقو نهايت مناسب آهي.
جيڪڏهن ضرورت پوي ته ليمينيٽ ڪيل دستاويزن کي
هيٺينءَ طرح ذڪر ڪيل ڳارن وسيلي لاهي سگهجي ٿو.
1- باريڪ ڪاغذ جي هٿ جي ليمينيشن -- گرم پاڻيءَ ۾،
60 سينٽي گريڊ تي
2- آدم ڪو ليميٽڪ ٽشو – نيم گرم پاڻي / اسپرٽ
3- پالي ٿين – ٽرائي پرڪلورو ايٿلين، 50 سينٽي
گريڊ
4- پالي مائيڊ (نائيلون) – گرم الڪوحل
5- سيلولوس ايسيٽيٽ – ايسي ٽون.
ليمينيشن لاهڻ جو ڪم صرف تربيت يافته ماهرن کي ئي
ڪرڻ گهرجي. ليمينيشن ۾ اهڙو مواد استعمال ڪرڻ
گهرجي جو دستاويز ۾ اکين کي خراب لڳندڙ چمڪ پيدا
نه ٿئي ۽ اصل تحريري مواد جو وزن ۽ ضخامت وڌيڪ نه
ٿيڻ گهرجي.
دستاويزن جي کيسي بنديءَ وارو طريقو
(Encapsulaion)
دستاويزن جي بچاءُ جو هيءُ هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن
۾ دستاويز کي ٻنهي طرفن کان ٻن شفاف فلمن ۾ رکي
چئني پاسن کان بند ڪري ڇڏيو ويندو آهي. هيءُ فلم
ميلينڪس
(Medinen)،
پاليٿين
(Polythene)
پوليس ايسٽر
(Polyester)
پالسيلولوس، ايسيٽيٽ جي ٿي سگهي ٿي. هي فلم
پلاسٽڪ
(Plastic)
جي هرگز نه هئڻ گهرجي.
دستاويزن کي محفوظ فلم ۾ بند ڪرڻ جوهيءُ طريقو
پهريون ڀيرو لئبرري آف ڪانگريس ۾ شروع ڪيو ويو.
پولي ايسٽر فلم جي ٺهيل لفافن ۾ هڪ هڪ دستاويز کي
رکي چئني پاسن کان اهڙي طرح سيل
(seal)
ڪيو ويو جو هڪ طرف کان هول جي نيڪال جي جڳهه باقي
رکي ويئي. هن ريت ڪمزور ترين دستاويزن کي به محفوظ
ڪيو ويو ۽ ان جي اسٽوريج ۽ استعمال ۾ ڀڳ ٽٽ جا
خطرا ختم ٿي ويا. هن طريقي ۾ دستاويزن کي تيزابيت
کان پاڪ هئڻ گهرجي ۽ نه ئي انهيءَ ۾ ڪو اهڙو مادو
هئڻ گهرجي جيڪو اڳيان وڌي دستاويزن کي نقصان
رسائي. لفافا جوڙڻ لاءِ مائيلر
(mylar)
يا ميلينيڪس
(Malinex)
جي شيٽ استعمال ڪري سگهجي ٿي ۽ سيل ڪرڻ لاءِ ٻنهي
پاسن کان چنبڙندڙ 2/1 سينٽي گريڊ ويڪري شفاف ٽيپ
استعمال ڪئي ويندي آهي. ٽيپ جي هڪ طرف ڪاغذ هوندو
آهي. اول پوليس ايسٽر جي هڪ شيٽ ميز تي رکي وڃي
پوءِ انهيءَ تي وچ ۾ دستاويز کي اهڙيءَ طرح رکيو
وڃي جو چئني طرفن کان گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ انچ يا
تقريباً اڍائي سينٽي ميٽر جو مفاصلو هجي. هاڻي ٽيپ
کي دستاويز جي چئني پاسن کان 1 سينٽي ميٽر جو
مفاصلو ڇڏي ڪري لڳايو وڃي ۽ هڪ طرف اڌ سينٽي ميٽر
خالي جڳهه ڇڏي ڏني وڃي. ٽيپ جي مٿان لڳل ڪاغذ کي
لاهي وٺڻ گهرجي ۽ پولي ايسٽر جي ٻيءَ فلم کي
دستاويز تي رکي ڪري اسفنج سان هلڪي داٻ سان لسو
ڪري ورتو وڃي. هن ريت ڪمزور کان ڪمزور ترين
دستاويز کي به انهيءَ قابل بڻائي سگهجي ٿو ته
انهيءَ کي جهڙيءَ طرح مرضي هجي استعمال ڪريو. هن
ريت نهايت ڳريل دستاويزن، نقشن، اخباري
تراشن/ڪٽنگس وغيره کي به محفوظ ڪري سگهجي ٿو. ٽيپ
بجاءِ مشين وسيلي چئني پاسن کان سيبو ڏيئي دستاويز
کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو. هن طريقي ۾ دستاويز جي اصل
حالت تي واپسي
(Reversal)
گهڻي آسان ٿيندي آهي. لفافي کي
هڪ طرف کان ڪٽي دستاويزن کي ڪڍي سگهجي ٿو. کوڙ
سارن ماهرن ويجهو هيءُ طريقو نهايت ڪمزور دستاويزن
لاءِ ابتدائي طبي امداد
(First-Aid)
جي حيثيت رکي ٿو. هن ريت
دستاويزن کي ڪيستائين رکڻ گهرجي ۽ ڪهڙو طريقو انهن
جي مستقل تحفظ لاءِ اپنائڻ گهرجي؟ انهن سوالن جو
جواب نهايت گهريءَ تحقيق تي دارومدار رکي ٿو. بحال
ڪندڙ جيستائين انهن سوالن جي جوابن تائين نٿو
پهچي، تيستائين دستاويزن کي کيسي بند ڪرڻ ئي بهتر
آهي.
هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري اُپاءُ:
باهه ۽ پاڻيءَ کان متاثر ٿيل مواد جي بحالي ۽
حفاظت جو طريقو:
هنگامي حالت لاءِ منصوبي بندي:
محافظ گهر يا ڪتبخانا ننڍا هجن يا وڏا، موسمي ۽
آسماني حادثن سان ڪنهن به وقت سامهون ٿي سگهن ٿا.
تنهن ڪري نگران عملي جو هيءُ فرض آهي ته هو پنهنجي
تاريخ ۽ تهذيبي دولت جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار
رهن. هر حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف ٽيمون تيار
ڪرڻ گهرجن، جن کي واسطو رکندڙ ادارن ۾ سول ڊفينس
جي تربيت ڏياري وڃي. اسٽوريج ايريا کي باهه وسائڻ
لاءِ سمورن ضروري ساز ۽ سامان سان مڪمل هئڻ گهرجي.
اڪثر اهو به ٿيو آهي ته عمارت جي ڇت يا درين مان
پاڻي وهي ڪتابن جي ڪمرن ۾ هليو ايندو آهي. پاڻي
ٻوڏ جو هجي يا پائيپ لائين جو، انهيءَ کان متاثر
ٿيندڙ ڪاغذي مواد کي بحال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
تنهن ڪري نگران عملي کي هڪ اهڙو منصوبو تيار ڪري
رکڻ گهرجي جنهن تي هنگامي حالتن ۾ جلد کان جلد عمل
ڪري سگهجي.
ٻوڏ کان جيتري قدر جاني ۽ مالي نقصان ٿيندا آهن،
انهيءَ جو انداز لڳائڻ نهايت مشڪل آهي. جڏهن به
اهڙي نقصان کان اسان جا علمي مرڪز، تحقيقي ادارا،
عجائب گهر ۽ ڪتبخانا متاثر ٿين ٿا، انهيءَ جو
انداز محقق ۽ قارئين حضرات ئي لڳائي سگهن ٿا.
هيٺ جنهن پهلوءَ تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي
وڃي، انهيءَ ۾ ٻوڏ وگهي پهتل نقصان يا باهه تي
قابو حاصل ڪرڻ دوران عمارت ۾ پاڻيءَ جي بي پناهه
استعمال يا ڪاغذن ۽ ڪتابن جي ڪمرن ۾ ڪنهن پائيپ
لائين وغيره جي اوچتو ڦاٽي پوڻ سان جيڪا صورتحال
پيدا ٿي سگهي ٿي، انهن جي اثرن کان قيمتي قلمي
نسخن، ڪتابن ۽ قومي ريڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ جي طريقن
جو جائزو وٺڻ گهربل آهي.
ڪتبخانن، عجائب گهرن ۽ دستاويزي مرڪزن کي جڏهن به
ٻوڏ ۽ باهه وگهي نقصان سهڻو پوي ته پوءِ مرڪز جي
عملي کي گهرجي ته فوري طور تي ڪتابن ۽ ڪاغذن کي
بچائڻ جون تدبيرون اختيار ڪري ۽ ڪتابن ۽ فائيلن
وغيره کي خشڪ ۽ صاف جڳهه تي منتقل ڪرڻ شروع ڪري
ڏي. ائين نه ٿئي ته انهيءَ جڳهه تي مواد گهڻي دير
تائين ڇڏڻ سان انهيءَ تي نظر نه ايندڙ جيوڙا، سائي
ڪائيءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پون ۽ اهي ڪتابن ۽ فائيلن
کي وڌيڪ نقصان رسائي ڇڏين. گرم ملڪن ۾ جتي گرمي ۽
پوسل جي تناسب وڌيڪ هوندو آهي، اتي بچاءُ جي طريقي
کي اڃا به جلد عمل ۾ آڻڻ ضروري هوندو آهي. انهيءَ
کان پوءِ پهريون عمل هيءُ هئڻ گهرجي ته نقصان جو
تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ متاثر ٿيل مواد جي
بحاليءَ لاءِ منصوبي بندي ڪري وٺجي. بحاليءَ جي
منصوبي ۾ سموريون ضروري تدبيرون، فني اوزارن ۽
مهارت وغيره جا انتظام ڪري ورتا وڃن. جهڙيءَ طرح
آپريشن لاءِ ڊاڪٽر صاحب مريض بابت سمورا ضروري
تفصيل ۽ انهن جي واسطي اپاءُ پيشگي طور طئي ڪري
وٺندا آهن، اهڙيءَ طرح قيمتي دستاويزن ۽ قلمي نسخن
جي بحاليءَ جي ڪم کان اڳ سمورا اپاءُ ڪرڻ ضروري
آهن.
ٻوڏ يا باهه وسائڻ دوران پاڻيءَ ۾ ٻڏل مواد کي ڪڍڻ
سولو ڪم هرگز نه آهي. انهيءَ لاءِ هوشيار باهه
وسائيندڙ عملي ۽ عمارت جي رستن کان واقفيت رکندڙ
ماڻهن، تنهن کان سواءِ اهم ڪاغذن ۽ ڪتابن جي
المارين جي شناخت ڪندڙ منتظمين جو سهڪار ضروري
آهي. جڏهن پاڻي ۽ غير ضروري رڪاوٽن کي پمپن ۽
ڪرينن وسيلي دور ڪيو وڃي ته هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ
گهرجي ته سڀ کان اول قيمتي تحقيقي مواد بچايو وڃي
ته جيئن وڌيڪ دير تائين پاڻيءَ ۾ رهڻ سبب وڌيڪ
خراب نه ٿي پون. بعد ۾ ڇپيل مواد جي حفاظت جا
بندوبست ڪيا وڃن. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن جديد ڇپيل ڪتاب
خراب ٿي به وڃن ته کين ٻيهر مهيا ڪري سگهجي ٿو.
متاثر ٿيل عمارت يا جتي پُسيل سامان کي آندو پيو
وڃي، اتي گرميءَ جو درجو ۽ پوسل جو تناسب وڌيڪ نه
هئڻ گهرجي نه ته وري ڪتابن جي جلدن تي فوراً
نامياتي جيوڙا پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا، جنهن ڪري
وڌيڪ نقصان جو انديشو پيدا ٿي پوي ٿو. تحقيقي مواد
کي اهڙيءَ جڳهه تي ڇڏڻ، جتي جو گرميءَ پد 70 فارن
هائيٽ ۽ پوسل جو تناسب نه 70 سيڪڙو هجي، اتي جيوڙن
۽ نامياتي جسمن جي افزائش يقيني آهي ۽ اهڙيءَ طرح
قيمتي مواد جي بحاليءَ ۾ وڌيڪ محنت ۽ بي انداز
مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.
مٿي ذڪر ڪيل ماحول ۾ جيڪو مواد وڌيڪ متاثر ٿيندو،
انهيءَ ۾ جديد ڪاغذ تي ڇپيل ڪتاب، ويلم ۽ نفيس کلن
تي لکيل ڪتاب ۽ چمڙي جا جلد وغيره جلد خراب ٿيڻ
لڳن ٿا. جڏهن ته جلدن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪلف لڳل
ڪپڙو، ريڪسين، سريش وغيره نسبتاً دير سان خراب ٿئي
ٿو. شيلف ۾ رکيل ڪتابن اندر جيوڙن جو حملو اندرين
صفحن بجاءِ ٻاهرين جلدن تي سولائيءَ سان ٿئي ٿو.
هن صورت ۾ ڪتابن کي الماڙين مان ڪڍي، کين کولڻ ۾
هرگز تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي.
دستاويزاتي فائيل به جيڪي انهيءَ طرح باڪس ۾ ۽ بند
الماڙين ۾ رکيل هوندا آهن، پاڻيءَ وسيلي پيدا
ٿيندڙ نقصان کان گهٽ متاثر ٿيندا آهن. عام طور تي
اهو ڏٺو ويو آهي ته گهميل ۽ گرم جڳهه تي جتي هوا
جو ڪنهن به قسم جو گذر نه ٿئي، اتي پُسيل ڪتابن ۽
ڪاغذن تي پاڻمرادو ئي جيوڙن جي افزائش تيزيءَ سان
شروع ٿي ويندي آهي. جڏهن ته دستاويزاتي فائلن تي
اهو حملو جلد نٿو ٿئي. اهڙيءَ طرح اهي ڪاغذ ۽ فائل
جيڪي گهڻي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن يا پاڻي سان تر آهن،
سينور/ڪائيءَ جي حملي کان ڳچ وقت تائين محفوظ رهن
ٿا ۽ جيئن جيئن کين پاڻيءَ مان ڪڍي ٻاهر رکيو
ويندو آهي، ته ڪتابن جي ڪنارن تي ساوڪ جي افزائش
جا آثار نظر اچڻ لڳندا آهن. خاص طور تي انهيءَ وقت
جڏهن ته اتي جي فضا گرم هجي ۽ هوا جو گذر مشڪل سان
هجي، اتي رکيل دستاويزاتي مواد جي برعڪس جديد ڪاغذ
تي (جيڪو کنئور، لاک ۽ ٻين چنبڙندڙ جزن مان تيار
ڪيو ويندو آهي) ڇپيل ڪتابن کي انهيءَ گرم گهميل
فضا ۾ سڪايو وڃي ته پوءِ انهن جا صفحا هڪ ٻئي ۾
اهڙيءَ طرح لڳي پوندا آهن جو کين جدا ڪرڻ به محال
ٿي پوندو آهي.
ڪتاب ۽ ڪاغذ پاڻيءَ کان ڪيتري قدر متاثر ٿين ٿا؟
پاڻيءَ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت ڪاغذ ۾ استعمال ٿيندڙ
جزن جي ساخت ۽ انهيءَ جي بناوٽ تي دارومدار رکي
ٿي. متاثر ٿيل ڪاغذن کي بچائڻ وارن کي اندازو هئڻ
گهرجي ته ڪهڙي جلد جي ڪاغذ ڪيتري حد تائين پاڻي
جذب ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي گهٽائڻ يا خشڪ ڪرڻ ۾
ڪيترو وقت ۽ محنت گهربل ٿيندي. اندازو هيءُ آهي ته
قلمي ۽ ڇپيل ڪتاب جيڪي 1880ع کان تيار ڪيا ويا،
پنهنجي اصل وزن کان 80 سيڪڙو پاڻي جذب ڪرڻ جي
صلاحيت رکن ٿا، پر جيئن ته اهي مضبوط ڪاغذ تي تيار
ڪيا ويندا هئا، تنهن ڪري سندن جلد جي خرابيءَ جو
انديشو گهٽ هوندو آهي.
جديد دور جي ڪاغذ تي تيا ٿيندڙ ڪتاب پنهنجي وزن
کان 60 سيڪڙو پاڻي جذب ڪن ٿا، پر جيوڙن جي پيدائش
کي جلد دعوت ڏين ٿا ۽ ڪتابن جو ڪاغذ پاڻيءَ مان
ڪڍڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي خراب ٿيڻ شروع ٿي پون
ٿا. ڪتاب جو جلد ڏسندي ڏسندي ڦنڊجي سموسي جي شڪل
اختيار ڪري وٺي ٿو ۽ کيس ٻيهر پنهنجي اصل حالت ۾
آڻڻ گهڻو ڏکيو هوندو آهي.
البت سورهين ۽ سترهين صدي عيسويءَ ۾ لکيل ڪتاب
جيڪي نفيس کلن ”ڪان ليڊر“ سان جلد ٻڌل هوندا هئا،
پاڻيءَ جي اثرن سبب وڌيڪ ڦنڊجي نه ٿا پون ۽ کين
محفوظ ڪرڻ گهڻي قدر سولو هوندو آهي. کين آهستي
آهستي خشڪ ڪري ڪنهن ماهر محافظ
(Conservator)
جي هٿن يا تجربي ڪار ڪاريگر جي
موجودگيءَ ۾ مرمت جو ڪرايو وڃي، جن جي وري اسان جي
ملڪ ۾ کوٽ آهي.
سردخاني وسيلي قيمتي مواد جي بحالي:
آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ پاڻيءَ سبب
متاثر ٿيل ڪاغذن کي سردخانن ۾ فوري طور منتقل ڪري
ڇڏيو ويندو آهي، ته جيئن انهيءَ مواد جي بحاليءَ
جي طريقي ڪار تي سوچي سمجهي عمل درآمد ڪري سگهجي،
۽ ڪاغذن کي پاڻي وسيلي پيدا ٿيندڙ وڌيڪ نقصانن کان
بچائي سگهجي. دستاويزن کي ڄمائڻ، ٿڌو ڪرڻ جي هن
طريقي مان مراد نه ئي خشڪ ڪرڻ آهي ۽ نه ئي جيوڙن
کان رسيل نقصان کي ختم ڪرڻ، پر هن وسيلي جيوڙن جي
وڌيڪ پيدائش جي انديشن کي روڪڻ ئي آهي. البت خشڪ
ڪرڻ جو طريقو جيڪو بعد ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي.
انهيءَ وسيلي ڪاغذن کي لڳل جيوڙن کان پاڪ ڪرڻ ۾
مدد ڏيڻ آهي. ڄمائڻ جي طريقي جو هڪ فائدو هيءُ
ٻڌايو وڃي ٿو ته بحاليءَ جو ڪم ڪندڙ ماهرن کي
انهيءَ سبب ايترو وقت ملي ويندو آهي جو اُهي متاثر
ٿيل مواد جي علمي ۽ تحقيقي حيثيت کي مقرر ڪري
انهيءَ جي بحالي جي ڪم کي صحيح ڏس تي شروع ڪري
سگهن. |