سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :12

گرڏنو گانگاڻي

دستاويزن ۽ مخطوطن جي مرمت جا طريقا

بحالي (Restoration) هڪ اهڙو عمل آهي. جنهن جي وسيلي ڪنهن دستاويز تي وقت ۽ انساني استعمال جي باعث ٿيندڙ تباهيءَ ۽ نقصان کي درست ڪرڻ ۽ ان کي اهڙيءَ طرح مضبوط ۽ پائدار بڻائڻ آهي جو انهيءَ جي اصل هيئت (originality) برقرار رهي. هر تحرير هڪ پيغام رکي ٿي. انهيءَ پيغام کي محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ انهيءَ ڪاغذ کي به محفوظ ڪرڻ ضروري هوندو آهي جنهن تي تحرير هجي. ڇاڪاڻ جو تحرير ۽ ڪاغذ به تاريخ جو اهم حصو هوندا آهن. ڪاغذ جو قسم، انهيءَ جي بناوٽ، انهيءَ تي ٺاهيا ويندڙ نقش ۽ تصويرون، طرز تحرير، استعمال ڪيل مس ۽ ڪاغذ جي هلڪڙائي وغيره اهڙا عنصر آهن، جن جو مطالعو تاريخ ۾ نوان رستا کولي ڇڏي ٿو ۽ تحرير ٿيل پيغام کان سواءِ مورخ کي اڃان به وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي ٿو.

بحاليءَ جا ڪجهه بنيادي اصول آهن، جن کي ڪنهن حال ۾ به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. اهي اصول هيٺينءَ ريت آهن.

(الف) بحاليءَ دوران تحرير جو ڪوبه حصو لڪائڻ يا ضايع ڪرڻ نه گهرجي. تحرير جو هڪ هڪ لفظ واضح هئڻ گهرجي.

(ب) بحاليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ شيون اهڙيون هئڻ گهرجن، جن جي باري ۾ يقين هجي ته اهي دستاويز کي اڳتي هلي نقصان نه پهچائينديون. مثلاً مرمت جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاغذ ۾ تيزابيت نه هئڻ گهرجي. لَئي اهڙي هجي جيڪا ڪيڙن ماڪوڙن جي خوراڪ نه بڻجي سگهي ۽ دستاويز جيتن جي حملي کان محفوظ رهي.

(ٻ) بحالي اهڙي طرز جي هجي جنهن مان دستاويز جي اصل هيئت تبديل نه ٿئي ۽ انهيءَ جي اصليت برقرار رهي.

(ڀ) گذريل/ اڳوڻي بحالي يعنيٰ اڳوڻا مرمت ۾ استعمال ٿيل جزا دستاويزن تان لاهي ڪري ريسٽوريشن يا بحاليءَ جو ڪم ڪرڻ گهرجي. نئين بحالي دستاويز تي واضح هئڻ گهرجي.

بحاليءَ کان اڳ دستاويز جو تفصيلي معائنو ضروري هوندو آهي، انهن ۾ هيٺيون ڳالهيون شامل آهن:

(الف) دستاويز جو نالو، نمبر، ڳڻپ، سائيز، صفحن جو تعداد.

(ب) دستاويز جي تاريخ، قدامت ۽ اهميت.

(ٻ) دستاويز تي موجود سابقه/ اڳوڻي بحالي ۽ انهيءَ جي طبعي حالت.

(ڀ) دستاويز جي ڪاغذ ۽ مس جو معائنو.

بحالي ڪرڻ واري لاءِ آخري ٻه ڳالهيون وڌيڪ اهم آهن. دستاويز تي موجود سموري بحاليءَ کي جدا ڪرڻ ضروري هوندو آهي. انهيءَ بحاليءَ کي جدا ڪرڻ ۾ مختلف ڳارا (solvenats) استعمال ڪيا ويندا آهن. ڪاغذ جي طبعي حالت ۾ انهيءَ جي ٿولهه، مضبوطي، رنگ وغيره جو معائنو شامل آهي. هڪ تجربي ڪار ماهر بحال ڪندڙ، انهيءَ جو اندازو سولائيءَ سان ڪري سگهي ٿو. بهرحال ڪجهه آزمائشون (test) اهڙيون به آهن جيڪي ڪاغذ ۽ مس جي باري ۾ وڌيڪ معلومات مهيا ڪن ٿيون. انهن مان چند ضروري آزمائشون هيٺين ريت آهن.

(الف) ڪاغذ سازيءَ دوران ان کي وزني ۽ سڻڀو بڻائڻ لاءِ انهيءَ ۾ ڦٽڪي (Alum)،Rosin  يا جيلاٽين (Gelatin) استعمال ڪئي ويندي آهي. اهڙو ڪاغذ پاڻيءَ ۾ پُسڻ کان پوءِ ڪمزور ۽ هلڪو ٿي پوندو آهي. بحال ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪلف (size) ڪرڻو پوندو آهي. ڪاغذ ۾ مرڪبن جو پتو ڪڍي سگهجي ٿو. انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. ايلومينين (aluminon) جي ڳلري جو هڪ قطرو جيڪڏهن دستاويز تي وجهبو ۽ اهو گلابي رنگ اختيار ڪري وٺي ته اهو ڪاغذ ۾ ايلم ۽ روزن (Rosin) بابت ڄاڻ ڏئي ٿو. ڪاغذ جيڪڏهن ڪاٺ جي ٻُوري (ground wood) مان تيار ڪيو ويو آهي ته پوءِ فلورو گلوسينول (phloroglucinol) جي ڳاري جو هڪ قطرو ڪاغذ تي وجهڻ سان اهو ڳاڙهو رنگ اختيار ڪري وٺندو، جيڪو وري ڪاغذ ۾ لگنينن جي ڄاڻ ڏيندو آهي. اهو ڪاٺ جي ٻوري ۾ گهڻي مقدار ۾ موجود هوندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو مفيد ڳارو هيزبرگ جو ڳارو (Helberg's Stain Solution) آهي. هن ڳاري جو هڪ قطرو ڪاغذ تي وڌو وڃي، جيڪڏهن ڳاڙهو رنگ اچي ته ڪاغذ ۾ ڪاٽن ۽ لينن (cotton/linen) آهي ۽ جيڪڏهن ان جو رنگ پيلو/هئڊو ٿي پوي ته ڪاغذ ڪاٺ جي ڪيميائي ٻُوري مان تيار ڪيو ويو آهي. غرض ته انهن ٽيسٽن (spot tests) وسيلي ڪاغذ بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

(ٻ) جيتري قدر مس جو تعلق آهي، بحاليءَ دوران هيءَ ڳالهه گهڻي اهميت رکي ٿي ته مس ڪهڙن ڳارن ۾ حل پذير آهي. مثلاً ڪچي ڪاري يا نيري مس پاڻيءَ ۾ حل ٿئي ٿي/ڳري وڃي ٿي، تنهن ڪري ڦهلجي وڃي ٿي. اهڙيءَ مس کي فيوجيٽيو (fugitive) به چوندا آهن. جيڪڏهن اسين دستاويز جي تحرير تي هڪ ڪنڊ ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو وجهون ۽ ڪجهه دير کان پوءِ سفيد بلاٽنگ ڪاغذ انهيءَ تي رکي ڪري دٻايون/زور ڏيون ۽ بلاٽنگ ڪاغذ کي هاڻي کڻي ڪري ڏسنداسين ته جيڪڏهن بلاٽنگ تي مس جو نشان هجي ته مس ڪچي آهي ۽ کيس بحاليءَ دوران پاڻيءَ کان بچائڻ ضروري ٿيندو. اهڙيءَ ريت بال پين جي مس کي ڊائيميٿائل فارما مائيڊ (Dimethyl Formamide) کان بچائڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو اها اِنهيءَ ڳاري ۾ حل ٿي وڃي ٿي. مس کي محفوظ ڪرڻ لاءِ انڪ فڪسنگ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي.

بحالي هڪ اهڙو علم آهي جنهن ۾ عملي ڪم کي گهڻي اهميت حاصل آهي، تنهن ڪري بحاليءَ جي ڪم لاءِ هڪ سٺي تجربي گاهه نهايت ضروري آهي. بحاليءَ جي ڪم دوران عڪس بندي (Photography) هن فن جي تدريس ۾ گهڻي مددگار ثابت ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري دستاويزات کي بحال ڪرڻ کان اڳ انهيءَ جي عڪس بندي ڪري وٺڻ گهرجي.

مرمت جا طريقا (Repair methods)

دستاويزات کي عام طور تي جن طريقن وسيلي درست (Repair) ڪيو ويندو آهي، انهن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

1- روايتي پاڻيءَ وارو طريقو (Traditional Wet) repair

2- خشڪ طريقو (Dry repair)

روايتي طريقا: (Traditional Repair)

روايتي طريقن ۾ هيٺيان طريقا شامل آهن:

1- سادي مرمت (Simple backing)

2- فريمنگ (framing)

3- سلڪ ريپيئر (Silg repair)

4- ٽشو ليمينيشن (Tissue Hand Laminaion)

1- سادي مرمت: سادي مرمت ۾ جيڪڏهن دستاويز جي پٺيان تحرير لکيل نه هجي ۽ دستاويز گهڻو ڪمزور ۽ ڀُرڻو هجي ته انهيءَ جي پٺيان مناسب قسم جي ڪاغذ (Repair paper) کي ميدي جي لئيءَ جي مدد سان چنبڙائي ڇڏيو ويندو آهي. چنبڙائي ويندڙ ڪاغذ ۾ تيزابيت نه هئڻ گهرجي ۽ دستاويز جي تيزابيت به ختم ڪرڻ گهرجي.

2- فريمنگ (framing) ۾ عام طور ڊگهن تندن وارن تيزابيت کان پاڪ هلڪي وزن جي ڪاغذ کي استعمال ڪيو ويندو آهي. مثلاً

- بوڊلين ريپيئر ڪاغذ (Bodelain)

- ڊوور ريپيئر ڪاغذ (Dover)

- گيمپي ريپيئر ڪاغذ (Gampi)

- ڪوزو ريپيئر ڪاغذ (Kozo)

- هاڊو مورا ريپيئر ڪاغذ (Hodomura)

اهي ڪاغذ هلڪي زرد، ڪريم، سليٽي ۽ هلڪي خاڪي رنگن ۾ ملندا آهن. ڪاغذ کي ضرورت پوڻ تي رنگ به ڪري سگهجي ٿو. رڱڻ لاءِ ڊائيلان (dylon) رنگ استعمال ڪرڻ گهرجن. مٿي ذڪر ڪيل ڪاغذ قديم دستاويزات ۽ مخطوطن جي مرمت لاءِ گهڻا مناسب آهن. بدقسمتيءَ سان ڪاغذ جا اهي سڀئي قسم پاڪستان ۾ نٿا ملن. اُهو ٻاهرين ملڪن يعني برطانيه، جرمني يا جپان کان گهرائڻو پوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو ملڪ ۾ پهچڻ کان پوءِ اهي گهڻا مهانگا پوندا آهن. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته مرمتي مواد (repair material) جن ۾ اهي ڪاغذ به شامل آهن، اسان جي ملڪ ۾ تيار ڪيا وڃن يا انهن جا متبادل تيار ڪيا وڃن.

دستاويز جي ”فريمنگ“ ۾ دستاويز کان هڪ انچ وڏا ريپيئر ڪاغذ جا ٻه مساوي/برابر ٽڪرا اهڙيءَ طرح ڪٽيا وڃن جو انهن جي ريشن/تندن جو رخ هڪ طرف هجي. ڪاغذ کي جيڪڏهن مس طرف رکي ڏسندا ته اسان کي متوازي لائينون ۽ انهن کي ڪاٽيندڙ مفاصلن تي زنجيري لائينون (chain lines) نظر اينديون. ڪاغذ جي ٻنهي ٽڪرن جون لائينون هڪ ئي طرف هئڻ گهرجن. ڪاغذ کي دستاويز تي رکڻ کان اڳ هلڪڙو آلو ڪيو وڃي.

دستاويز کي هڪ پاليٿين جي ٽڪر تي ابتو (reverse) رکي مرمت جي ميز (repair table) تي رکي هلڪڙو آلو ڪري وٺڻ گهرجي. دستاويز جي مڙيل حصن کي کولي سڌو ڪجي ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي گهُنجن کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهو عمل ڪاغذ کي ٿوري پاڻيءَ وسيلي هلڪڙو تر ڪرڻ کان پُسائڻ گهرجي. هن ڪم ۾ رٻڙ جي رولرن (rubber rollers) کان مدد وٺي سگهجي ٿي.

دستاويز تي هڪ پاليٿين جو ٽڪرو رکي ريپيئر پيپر کي اهڙيءَ طرح رکيو وڃي جو اهو پوري دستاويز کي مڪمل طور ڍڪي ڇڏي. ڪاغذ کي پيسل اسفنج سان چڱيءَ طرح لسو ڪيو وڃي. هاڻي مرمت جي ميز ۾ لڳل بجليءَ جي بلب کي روشن ڪيو وڃي ته جيئن دستاويز تي موجود تحرير چڱيءَ طرح واضح ٿي پوي. هاڻي هڪ سئي (needle) کڻي ڪري دستاويز جي پٺ جي تحرير جي چئني پاسن کان ٽريسنگ (tracing) ڪئي وڃي. ٽريسنگ وقت سُئي دستاويز سان گڏ 30 درجي واري ڪنڊ ٺاهيندي هجي.سُئيءَ تي داٻ نه ايترو وڌيڪ ڏجي جو ڪاغذ ڪٽجي پوي ۽ نه ئي ايترو گهٽ جو وري ٽريس ڪيل حصي کي ڦاڙي ڪڍڻ به مشڪل ٿي پوي. ٽريسنگ ڇڙو هڪ ڀيرو ڪرڻ گهرجي. ٻٽيون لائينون هرگز نه ڪڍڻ گهرجن. ٽريسنگ ڪرڻ وقت لائين لهر (Wave) وانگر هئڻ گهرجي. ٽريسنگ کان پوءِ ڪاغذ جي سُڪڻ کان اڳ ٽريس ڪيل ڪاغذ جي اندرئين حصي کي اهڙيءَ طرح ڦاڙي ڪڍڻ گهرجي جو ڪاغذ جا ريشا ڦاٽل حصي جي اندرئين طرف هجن. هاڻي پاليٿين ۽ ٽريس ڪيل ريپيئر پيپر کي کڻي وٺو ۽ انهيءَ کي اٿلائي ميز تي رکو ۽ ميدي جي لئيءَ کي انهيءَ تي برش سان پکيڙي ڇڏيو. لئي لڳل ريپيئر پيپر کي دستاويز تي اهڙيءَ طرح رکو جو تحرير جو ڪوبه حصو دٻيل نه رهي ۽ ريپيئر پيپر دستاويز جي چئني پاسن کان برابر ٻاهر نڪتل هجي. اندرئين ڦاٽل ڪنارن تي اضافي لئي (paste) لڳائي، انهن کي فولڊر بون (Folder Bone) سان اهڙيءَ طرح لسو ڪري وٺو جو ريپيئر پيپر جا ريشا/تاندورا دستاويز سان چڱيءَ طرح چنبڙي پون. هاڻي پاليٿين جي ٽڪري کي دستاويز سميت احتياط سان کڻي ڪنهن خالي ميز تي رکي ڇڏيو ۽ ريپيئر ٽيبل تي صاف پرسپيڪس (Perspex) جو هڪ ٻيو ٽڪرو رکو ۽ انهيءَ تي هلڪو پيسٽ برش سان لڳائي وٺو ۽ هڪ ٽيرالين (Terralyn) ڪپڙي جو ٽڪر چڱيءَ طرح هموار ڪري لڳائي ڇڏيو. ٽيرالين تي به لئي لڳائي وٺو ۽ هاڻي پاليٿين جو اهو ٽڪرو جنهن تي دستاويز رکيل هو، نهايت احتياط سان کڻي لئي لڳل ٽيرالين جي ٽڪري تي ابتو ڪري رکي ڇڏيو ته جيئن ٽريس ڪيل ڪاغذ ٽيرالين سان گڏ لڳي وڃي ۽ انهيءَ تي چنبڙيل دستاويز جو پهريون رخ (front side) مٿين طرف هجي. انهيءَ تي رکيل پالي ٿين کي آهستي آهستي رول ڪري کڻي وٺڻ گهرجي ۽ پهرين وانگري ريپيئر پيپر جي ٻئي ٽڪري کي لئي لڳائي دستاويز تي رکي ڇڏجي. ريپيئر پيپر کي مٿان کان به آلو هئڻ گهرجي ۽ انهيءَ جي داڻن (grains) ۽ لائينن جو رخ پهرئين ڪاغذ جي ٽڪري جي متوازي هئڻ گهرجي. ڪاغذ کي چڱيءَ طرح هٿن سان هيٺئين طرف ڇڪي لسو ڪري وٺڻ گهرجي ڪاغذ تي آلو اسفنج ڦيرائڻ گهرجي ۽ پوءِ پهرئين طرف ريپيئر ٽيبل جا هيٺان لڳل بلب روشن ڪري دستاويز جي ڪنارن سان گڏوگڏ 8/1 اندرئين پاسي ڪاغذ کي ٽريس ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪاغذ جي چئني طرف سُئي سان ٽريس ڪيل لائين مڪمل ٿي وڃي ته ڪاغذ کي احتياط سان وچ مان ڦاڙي کڻڻ گهرجي ۽ ٽريس ڪيل لائين تان ڪاغذ کي هلڪو هلڪو ڇڪي ڦاڙڻ گهرجي. جڏهن سمورو ڪاغذ وچ کان جدا ٿي وڃي ۽ ڪنارن تي ڪاغذ رهجي وڃي ته پوءِ اندرين ڪنارن کي فولڊربون وسيلي هموار ڪري ڇڏجي. مرمت ڪيل ڪاغذ کي بون جي مدد سان چڱيءَ طرح لسو ڪري وٺجي ۽ انهيءَ کان پوءِ پرسپيڪس کي، جنهن تي آلو دستاويز چنڀڙيل آهي، عمودي حالت ۾ ”خشڪ ڪرڻ جي ريڪ“ (Drying Rack) تي رکي خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. دستاويز سڪڻ کان پوءِ ٽيرالين کي پرسپيڪس تان لاهي وٺڻ گهرجي. (فولڊر بون جي مدد سان مرمت ڪيل دستاويز کي ٽيرالين تان لاهي وٺڻ گهرجي). دستاويز جي چئني طرفن کان تقريباً 8/1 انچ ويڪرو حاشيو ڇڏي ڪاغذ کي اسٽيل اسڪيل ۽ تيز چاقو (cutter knife) يا اسڪيل پيل (scal pel) جي مدد سان ڪٽي وٺڻ گهرجي. دستاويزن کي فوٽوگرافڪ ڪٽر ۾ به رکي ڪري ڪٽي سگهجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن دستاويز تي ريپيئر پيپر جي پوري شيٽ لڳائڻ بدران ريپيئر پيپر جا ٽڪرا به استعمال ڪيا ويندا آهن. هي هڪ فائديمند طريقو آهي. ڇاڪاڻ جو هن ۾ قيمتي ريپيئر پيپر جي بچت ٿئي ٿي. ٽڪرا استعمال ۾ آڻڻ وقت ڪاغذ جي داڻن جو خيال رکڻ ضروري آهي.

ريپيئر دوران ڪاغذ کي خشڪ ٿيڻ نه ڏجي ۽ اهو خيال رکڻ گهرجي ته ڪاغذ جي تهن جي وچ ۾ ذري به هوا نه هجي. ريپئر وچ ۾ فولڊر بون وسيلي ڪاغذ تي ايترو وڌيڪ داٻ نه وجهڻ گهرجي جو دستاويز ۽ ڪاغذ جي وچ تي لڳل سموري لئي ٻاهر نڪري اچي. تمام ننڍڙن ٽنگن کي ڪاغذ سان هرگز بند ڪرڻ نه گهرجي.

3- سلڪ وسيلي مرمت جو طريقو. (Silk Repair) جڏهن به ڪنهن اهڙي دستاويز کي بحال ڪرڻو هجي جيڪو ڳريل ۽ ڪمزور هجي ۽ انهيءَ جي ٻنهي پاسن کان تحرير به هجي ته انهيءَ کي سلڪ يا شيفون سان مرمت ڪرڻ گهرجي. مرمت ۾ استعمال ٿيندڙ سلڪ تمام باريڪ هئڻ گهرجي. ميز تي پرسپيڪس جو ٽڪرو رکيو وڃي، انهيءَ تي اڳئين وانگر لئي لڳائي ٽيرالين جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏجي. انهيءَ تي به لئي لڳائي وڃي ۽ پوءِ انهيءَ تي پالي ٿين جو ٽڪرو وڇائي ڇڏجي ۽ رولر جي مدد سان لسو ڪري وڍڻ گهرجي. انهيءَ تي دستاويز کي ابتو رکجي ۽ پوءِ دستاويز تي سلڪ رکي انهيءَ تي ميدي جي لئي برش جي مدد سان احتياط سان لڳائي وڃي. پوءِ انهيءَ تي ريپيئر ڪاغذ جي هڪ شيٽ رکي ٽريسنگ ڪئي وڃي ۽ لکائيءَ جي مٿئين ڪاغذ کي احتياط سان ڦاڙي ڪڍي وٺڻ گهرجي ۽ ڦاٽل ڪنارن تي لئي لڳائي فولڊربون وسيلي هڪ طرف جي مرمت کي مڪمل ڪري ورتو وڃي. پوليٿين کي مٿئين ٻنهي ڪنڊن کان جهلي احتياط سان پرسپيڪس جي شيٽ تان کڻي وٺو ۽ هڪ طرف هموار سطح تي رکي ڇڏيو. پرسپيڪس جي شيٽ تي لڳل ٽيرالين تي ڪجهه لئي وڌيڪ لڳايو ۽ چڱيءَ طرح لسو ڪري وٺو ۽ هاڻي پالي ٿين جو اهو ٽڪرو جنهن تي دستاويز چنبڙيل هو، ابتو ڪري ٽيرالين جي سطح تي پکيڙي ڇڏيو. هن کي هٿن يا رولر جي مدد سان لسو ڪري وٺو ۽ پاليٿين کي رول ڪندي دستاويز تان اهڙيءَ طرح الڳ ڪريو جو دستاويز ۽انهيءَ جي پٺ تي لڳايل سلڪ ۽ ريپيئر پيپر ٽيرالين سان ئي چنبڙيل رهن.

ٻئي مرحلي ۾ دستاويز تي سلڪ جو هڪ ٽڪرو رکو ۽ انهيءَ تي لئي برش سان لڳايو ۽ ريپئر پيپر رکي اڳ وانگر هموار ڪري وٺو ۽ سُئيءَ وسيلي دستاويز جي ڪنارن سان گڏوگڏ ٽريسنگ ڪري وٺو. درمياني ڪاغذ کي ڦاڙي جدا ڪري وٺو ۽ فولڊر بون وسيلي بحاليءَ جي ڪم جي پڄاڻي ڪيو. دستاويزن کي بحال ڪرڻ کان پوءِ عمودي حالت ۾ سڪائي وٺو، اُس ۾ گرم هوا جو استعمال بلڪل نه ڪرڻ گهرجي. دستاويز سڪڻ کان پوءِ کيس ٽيرالين تان جدا ڪري انهن جي ڪنارن کي گهڙي وٺو. دستاويز جي چئني پاسن کان ريپيئر ڪاغذ جو 8/1 انچ ويڪر حاشيو ڇڏي ڏيڻ گهرجي.

سلڪ سان مرمت ٿيل دستاويز گهڻا مضبوط هوندا آهن، انهن جي ڦاٽڻ جا انديشا بلڪل گهٽجي ويندا آهن. دستاويز جا ڇڙوڇڙ ٿيل جزا پاڻ ۾ گڏجي هڪ جاءِ تي ٿي ويندا آهن، پر ڏٺو ويو آهي ته دستاويز ٿلهو ٿي پوندو آهي. سلڪ سان ريپيئر ڪيل دستاويزات کي تهه (Fold) ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. سلڪ کي جيڪڏهن تهه ڪيو وڃي ته پوءِ دستاويز ۾ ٽٽڻ جا آثار ظاهر ٿي پون ٿا. اهوئي سبب آهي جو بحاليءَ جو هيءُ طريقو هاڻي تقريباً متروڪ ٿي چڪو آهي. سلڪ وسيلي بحال ڪيل دستاويزن جي تحرير معمولي جهيڻي يعني هلڪي ٿي پوندي آهي. بعض محافظ گهرن ۾ سلڪ وسيلي بحال ڪيل دستاويزن جي رنگ ۾ تبديليءَ کي به نوٽ ڪيو ويو آهي. انهن مشاهدن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ جديد ٽشوز (tissues) استعمال ڪيا ويندا آهن.

4- ورق بندي (ليمينيشن). هيءَ هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ دستاويزن کي مختلف قسمن جي ٽشور مان مناسب ترين ٽشو وسيلي بحال ڪري سگهجي ٿو. هن ۾ جيئن دستاويزن کي آلو نٿو ڪرڻو پوي، تنهن ڪري هيءُ طريقو پاڻيءَ ۾ حل پذير مس وسيلي لکيل دستاويزن لاءِ گهڻو مفيد ثابت ٿئي ٿو. هٿ سان لکيل دستاويزن کي عام طور تي ليمينيٽ نٿو ڪيو وڃي، پر هن طريقي کي دستاويزن جي جزوي مرمت (partial repair) ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

جديد طريقا (Non-Traditional Repairs)

دستاويزات جي مرمت جا خشڪ طريقا (Dry Repair)

دستاويزات کي گهٽ ۾ گهٽ ڳلو ڪري يا سواءِ آلو ڪرڻ جي مرمت جي طريقن کي گهڻي اهميت حاصل آهي. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته دستاويزات پاڻيءَ جي اثرن کان محفوظ رهندا آهن ۽ انهيءَ تي موجود تحرير کي مرمت دوران ڪنهن به قسم جو خطرو نٿو رهي.

خشڪ مرمت جي طريقن ۾ هڪ طريقو فلورينٽائين ريپئر (Florentine Repair) سڏبو آهي. ڇاڪاڻ جو هن طريقي کي پهريون ڀيرو اٽليءَ جي شهر فلورنس ۾ اپنايو ويو هو. هن طريقي ۾ دستاويزن جي ضايع ٿيل حصن کي ڊگهن ريشن واري ڪاغذ جي مدد سان درست ڪري ورتو ويندو آهي. تحرير کي ته واپس آڻڻ مشڪل آهي پر دستاويز جو ڪاغذ پنهنجي مڪمل طبعي حالت تي اچي وڃي ٿو. هن مرمت جي هيءَ به خوبي آهي ته هن ۾ سڄي دستاويز کي مرمت جي مرحلي مان نٿو گذرڻو پوي. اهوئي سبب آهي جو مرمت جي هن طريقي وسيلي ڪتاب کي منتشر ڪرڻ کان سواءِ انهيءَ جي صفحن جي مرمت ڪري سگهجي ٿي.

هن طريقي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون هيٺين ريت آهن:

(1) ڊگهين تندن/ريشن وارو جاپاني ٽشو (Jap. Tissue)

(ب) ليميٽيڪ ٽشو (Lamatec Tissue)

(ٻ) پينٽ برشن (Fine Paint Brush)

(ڀ) ڊرافٽ مين پين (Draftsman Pen)

(ت) سي. ايم. سي C.M.C, (paste)

(ٿ) گرم ڇري ڪپ (Heated Spatula)

(ٽ) پرسپيڪس/ميلينڪس (Perspex/Melinex)

دستاويز جي ڦاٽل يا ضايع ٿيل حصي تي جاپاني ٽشو جي هڪ مناسب سائيز جو ٽڪرو رکو ۽ ڊرافٽ مين قلم کي پاڻيءَ مان ٻوڙي ڪاعذ تي انهيءَ لائين کي ٽريس ڪريو، جتان کان دستاويز جو حصو ڦاٽي ضايع ٿي چڪو آهي. لائين لڳائڻ کان پوءِ ريپيئر پيپر (ڪاغذ) کي ميز تي رکي ڪري ڀڳل ليڪ کان مخالف ڏسن ۾ ڇڪيو، اهڙيءَ طرح جو ڪاغذ جا ريشا ٻاهرئين طرف نڪري اچن. ڪاغذ جي ريشن کي ڦاٽل حصن جي ڪنارن جي مٿان اهڙيءَ طرح رکو جو سمورا ريشا دستاويز تي افقي حالت ۾ هجن. هاڻي هڪ سنهڙي پينٽ برش جي مدد سان ريشن ۽ دستاويز جي ڪنارن تي C.M.C جي لئي لڳائي وٺو ۽ تنهن کان پوءِ جوڙي ڪري ليميٽڪ ٽشو جي پٽيءَ جي وسيلي ڍڪي ڪري گرم ڇري وسيلي هلڪو هلڪو دٻايو. هاڻي دستاويز کي ابتو ڪري ليميٽڪ ٽشو جي اهڙي ٽڪري سان ليمينيٽ ڪري وٺو جو ضايع ٿيل حصي ۽ جوڙ کي مڪمل طور تي ڍڪي ڇڏي. گرم ڇري ڪپ ڪاغذ تي استعمال ڪرڻ کان اڳ ميلينيڪس جي شيٽ يا ريليز پيپر (Release Paper) ضرور رکي وٺڻ گهرجي ته جيئن دستاويز سڌو سنئون گرمي جي اثرن کان محفوظ رهي.

ضايع ٿيل حصن جي ڀرائي (Grafting/Laminaion)

دستاويزن جي ضايع ٿيل حصن جي جڳهه تي مناسب ٿولهه ۽ رنگ جي ريپيئر پيپر کي لڳائي دستاويزن کي درست ڪرڻ گرافٽنگ (Grafting) سڏبو آهي. گرافٽنگ ۾ عام طور تي سنهڙو ڪاغذ استعمال ڪرڻ گهرجي. پر وڌيڪ ٿلهي ڪاغذ ٿلهي ريپيئر پيپر وسيلي به ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. پر بهتر آهي ته ٿلهي ڪاغذ کي ٻن سنهڙن ريپيئر ڪاغذ سان ڀريو وڃي. اول هڪ طرف کان پوءِ ٻئي طرف کان، گرافٽنگ دوران لئي صرف گرافٽ ڪاغذ يا انهيءَ جي ڪنارن تي ئي لڳائڻ گهرجي. گرافٽ ڪيل حصي کي هڪ طرف کان يا ٻئي طرف کان به ليمينيٽ ڪري سگهجي ٿو، پر اهو خيال رکڻ گهرجي ته گرافٽ ڪيل حصي جي ٿولهه دستاويز جي ٿولهه کان وڌيڪ نه ٿي وڃي. گرافٽ کي پائيدار بڻائڻ لاءِ هلڪي ٽشوز جي چونڊ ڪرڻ گهرجي.

خشڪ مرمت جو هڪ ٻيو طريقو انڊيا آفيس لئبرري ائنڊ ريڪارڊس لنڊن جي مسٽر فريڊرڪ مارش وري جولين ڪلاري سان گڏجي تيار ڪيو آهي. هيءُ طريقو خصوصاً اهڙن مخطوطن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي جن تي تصويرون ۽ نقش اڪريل هجن. هن مقصد لاءِ هنن جن ٽشوز يا ريپيئر ڪاغذ جي چونڊ ڪئي، اهي هيٺينءَ ريت آهن:

1- گيمپي [m.m. 0.04](Gampi)

2- لينز ٽشو [m.m. 0.05] (L-2)

3- هوڊو مورا [m.m. 0.11] (Hodomura)

گرمي سان پگهرجندڙ ۽ ٿڌو ٿيڻ تي ڄمي ويندڙ کئونر (Heat-set Adhesives) ۾ هيٺين ريت شيون استعمال ڪيون ويون آهن:

1- ٽسڪرل Texicryl – 13-002

2- پرائمل Primal- Ac 34

3- آدمڪو جو تيار ڪيل خاص ليميٽڪ Admeco unsupported Lamatec

مرمت کان اڳ رنگن جي صفائيءَ لاءِ هيٺيئين ريت ڳارو استعمال ڪيو ويو آهي:

1- هائيڊروجن پرآڪسائيڊ 30 حصا (H202)

2- ڊائي ايٿائل ايٿر 30 حصا [C2H5) 20]

مرمت دوران هيٺين سامان جي ضرورت ٿيندي آهي.

1- سوئي (needle)

2- چمٽو (tweezer)

3- گرم ڇري (heated spatula)

4- ميلينيڪس شيٽ (Melinex sheet)

5- سليڪون ريليز پيپر (Release Paper)

6- بليڊ اسڪيلپل (scalpel)

7- ڪاغذ جو پلپ/چورو (Pulp)

8- پيسٽ برش (گول) (Paste Brush)

9- عمدو باريڪ برش (Paint Brush)

دستاويز جي سامهون جي ڪمزور حصن تي گيمپي ٽريس ڪرڻ کان پوءِ ڇَريءَ جي مدد سان لڳائي ڇڏي وئي. باريڪ سوراخن کي L-2 ٽشو يا پلپ وسيلي ڀريو ويو. انهيءَ ڀرائي يا فلنگ کي داٻ جي مدد سان لسو ڪري ورتو ويو. دستاويز کي ٻئي طرف کان ”هوڊومورا“ ريپيئر پيپر جي مدد سان ڀريو ويو. اهو ڪم ڪرڻ وقت دستاويز تي ميلينيڪس جي شيٽ رکڻ ضروري آهي. ٽريسنگ جي وقت ريپيئر جي ميز جوبلب روشن ڪرڻ گهرجي ته جيئن دستاويز جي ڦاٽل حصن جي ٻاهرئين لائين يا ليڪ (out line) نظر ۾ ايندي رهي ۽ ٽريسنگ صحيح ٿئي. ٻنهي پاسن جي مرمت کان پوءِ ريپيئر ڪاغذ جي ڪنارن کي سڪيلپل جي مدد سان نهايت احتياط سان اهڙيءَ طرح هموار ڪرڻ گهرجي جو اهو دستاويز جو ئي حصونظر اچي. جيڪڏهن دستاويزات مرمت ڪيل صفحن کي جلد ۾ محفوظ ڪرڻ هجي ته سلائي لاءِ ريپيئر ڪاغذ (هوڊومورا) کي هڪ طرف کان پنجاهه ملي ميٽر ويڪرو رکڻ گهرجي. منقش مخطوطن ۽ اهڙن مخطوطن جا صفحا جن ۾ تصويرون هجن، جلد بنديءَ کان اڳ چڱيءَ ريت ترتيب وار ڪيا وڃن ۽ انهن جي درميان باريڪ ٽشو پيپر جيڪي تيزابيت کان پاڪ هجن رکيا وڃن ته جيئن تصويرن جي سطح کي رڳڙ کان نقصان نه رسي. هوڊومورا ڪاغذ بدران ڊوور (Dover) ريپيئر ڪاغذ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهو ڪاغذ هٿ سان تيار ڪيل آهي.

ليف ڪاسٽنگ Leaf-casting

مرمت جي جديد طريقن ۾ ليف ڪاسٽنگ هڪ نئون طريقو آهي. ليف ڪاسٽنگ جي پهرين مشين اسرائيل جي نيشنل آرڪائيوز ۾ تيار ڪئي ويئي. (4) هن مشين ۾ بنيادي طور ڪاغذ سازيءَ جي ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وڃي ٿي، يعني پلپ (Pulp) جي ذريعي نئون ڪاغذ جوڙيو ويندو آهي. پر هن ۾ خاص ڳالهه هيءَ آهي ته صرف ضايع ٿيل حصي تي ئي ڪاغذ ٺهندو آهي. پلپ مناسب رنگ ۽ وزن جي ڪاغذ سان علحده مڪسر (mixer) ۾ تيار ڪيو ويندو آهي. پلپ جي مقدار کي دستاويز جي ڦاٽل حصن واري جڳهن جي ماپ ڪري تيار ڪيو ويندو آهي. مشين ۾ لڳل ڄاريءَ جي هڪ ٽري هوندي آهي. جنهن تي دستاويز رکي ڇڏبو آهي ۽ ڄاريءَ جي باقي حصن کي ڍڪي ڇڏيو ويندو آهي. ڪاغذ جي پوري/پلپ جو هڪ مقدار ٽري ۾ وجهي ڇڏبو آهي ۽ پاڻي کي خاص گهرائيءَ تائين ڀربو آهي. انهيءَ ٽري کي جڏهين پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو ڪيو ويندو آهي ته ٽري ۾ پاڻي دستاويز ۾ ڦاٽل حصن مان گذرندو ڄاريءَ جي رستي هيٺ هليو ويندو آهي. انهيءَ دوران پلپ جا ريشا صرف انهيءَ حصي تي جمع ٿي ويندا آهن، جتان دستاويز ڦاٽل هوندو آهي. هن طرح ڪاغذ جي هڪ نئين تهه جيڪا پلپ جي ريشن وسيلي ٺهندي آهي، سوراخن کي ڍڪي ڇڏيندي آهي ۽ دستاويز پنهنجو پاڻ مڪمل حالت اختيار ڪري وٺندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پلپ ۾ ڪو مناسب کئونر به شامل ڪري وٺبو آهي. بعد۾ مرمت ٿيل دستاويز کي بلاٽنگ ڪاغذ وچ ۾ رکي خشڪ ڪري وٺبو آهي.

ليف ڪاسٽنگ مشينون مختلف ملڪن ۾ تيار ٿيڻ لڳيون آهن. انهن ۾ گهڻيون ته وري ساديون آهن ۽ کوڙ ساريون وري خودڪار آهن. مثلاً "Recurator" ۽ "Vinyector" وغيره. هن مشيني طريقي سان دستاويزن جي مرمت گهڻي آسان ٿي وئي آهي. هن ۾ وقت به گهٽ صرف ٿئي ٿو ۽ ماهر پيشور جي به ضرورت نٿي پوي. هڪ عام شخص جنهن کي مشين هلائڻ جي ترتيب ڏني وئي هجي، هيءَ ڪم ڪري سگهي ٿو. ليف ڪاسٽنگ وسيلي دستاويزن کي مرمت ڪرڻ کان پوءِ نائيلون جا ڄاريءَ، ۽ بعد ۾ "Multisorb" مس چوسيندڙ ڪاغذ تي رکي خشڪ ڪري ورتو ويندو آهي. هن طريقي سان صرف اهڙن دستاويزن کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو، جن جي مس پڪي هجي. اهڙن دستاويزن کي جن تي پاڻيءَ ۾ حل ٿيندڙ مس استعمال ڪئي وئي هجي، خشڪ مرمت جي طريقي وسيلي بحال ڪرڻ گهرجي. بهرحال اهڙين ليف ڪاسٽنگ مشين جي تياريءَ تي به ڪم ٿي رهيو آهي. جيڪي پاڻيءَ ۾ حل ٿيل مس وارن دستاويزن کي به بحال ڪري سگهن.

تازو ئي هڪ نئين ليف ڪاسٽنگ مشين ڊينمارڪ ۾ تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي وڏي پئماني تي شڪسته/ڳريل قيمتي ڪاغذن کي ڊگهن ريشن واري ڪاغذ جي تيار ٿيل ڳاري وسيلي گهٽ وقت ۾ مرمت ڪري سگهجي ٿو. هن مشين تي مسلسل گهڻن سارن ڳريل ۽ ڦاٽل ڪاغذن کي جلد بحال ڪري سگهجي ٿو. اميد آهي ته هن مشين جي تيار جلد ئي وسيع پئماني تي ڪئي ويندي ۽ هن طرح روايتي ليف ڪاسٽنگ مشين جي جڳهه تي مستقبل قريب ۾ نئين ليف ڪاسٽنگ مشين حاصل ڪري وٺندي. جنهن وسيلي وسيع پيماني تي متاثر مواد جلد بحال ڪري سگهبو.

ورق بندي (ليمينيشن) (Lamination)

ورق بندي (ليمينيشن) هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ ڪمزور ۽ ڳريل ڪاغذ کي استعمال جي قابل بڻائڻ لاءِ انهيءَ جي هڪ يا ٻنهي طرفن اهڙو ڪاغذ يا ٽشو چنبڙايو ويندو آهي جنهن مان تحرير يا ڇپائيءَ کي سولائيءَ سان پڙهي سگهجي. هن طرح حاصل دستاويز، سنهڙي باريڪ ڪاغذ يا ٽشو جي ٻن تهن جي وچ ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو. ٽشوءَ کي چنبڙائڻ لاءِ ميدي جي عام لئي يا ٻيا مناسب قسم جا مادا استعمال ڪري سگهجن ٿا. بنيادي طور تي ليمينيشن هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو احتياطي تدبير لاءِ اختيار نٿو ڪيو وڃي، پر ان کي علاج طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، تنهن ڪري هر ڪمزور دستاويز کي ليمينيٽ نه ڪرڻ گهرجي. هيءُ طريقو صرف انهن دستاويزن لاءِ مخصوص هئڻ گهرجي جيڪي باهه، ڪيڙنماڪوڙن ۽ تيزابيت جي سبب ڪري ايتري قدر خراب ٿي ويا هجن جو کين وري ڪنهن ٻئي طريقي تحت محفوظ ڪرڻ ممڪن نه هجي. غرض ته دستاويزن کي ليمينيٽ ڪرڻ کان اڳ فيصلو نهايت سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي. تمام گهڻي تيزابيت وارن دستاويزن کي ليمينيٽ ڪرڻ کان اڳ انهن جي تيزابيت کي دور ڪرڻ به نهايت گهڻو ضروري هوندو آهي.

ليمينيشن جي مقصد لاءِ مختلف شين جا ٽشو استعمال ڪري سگهجن ٿا. عام ٽشو هيٺينءَ ريت آهي.

1- باريڪ گڏي ڪاغذ (Tap Tissue)

2- پاليٿين (Polythene)

3- نائيلون (Polyamide) (Nylon)

4- سيلولوز ايسيٽيٽ وغيره (Cellulose Acetate)

اهڙي قسم جا ٽشو استعمال ڪيا وڃن جن ۾ هيٺين ريت خاصيتون هجن:

1- هن مان عام روشني ۽ بنفشي ڪرڻا (U. V. rays) گُذري سگهن ته جيئن تحرير کي پڙهي سگهجي.

2- ليمينيٽنگ ٽشو گهڻو ٿلهو نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي انهيءَ جي استعمال سبب دستاويزن جي وزن يا ٿولهه ۾ واڌارو ٿئي.

3- ٽشوءَ جي تيزابيت 5ء8-5ء5 P.H جي وچ ۾ هجي.

4- ٽشوءَ کي سولائيءَ سان دستاويز کان سواءِ ڪنهن نقصان رسائڻ جي لاهي سگهجي، يعني هن ۾ واپس آڻڻ (Reversibility) ابت سبت ڪرڻ جي خاصيت هجي.

5- ٽشو ڪيميائي طور تي ڪاغذ ۽ تحرير جي مس تي اثر انداز نه ٿي.

دستي ورق بندي وارو عمل (Hand Lamination)

ليمينيشن جو هيءُ طريقو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان ۾ 1974ع تائين استعمال ڪيو ويندو رهيو. هن ۾ جاپاني باريڪ گُڏيءَ وارو ڪاغذ ۽ ميدي جي لئي کي چنبڙائڻ جي مادي طور استعمال ڪيو ويو. هيءُ طريقو سستو هئڻ سان گڏوگڏ سولو به هو. هن طريقي تحت عام طور تي ڇاپيل مواد کي، مثلاً قديم اخبارن کي، محفوظ ڪيو ويو. اهي دستاويز جن جي مس پختي هجي، هن طريقي تحت محفوظ ڪري سگهجن ٿا. هن ۾ استعمال ٿيندڙ ميدي جي لئيءَ جي هڪجهڙو گهاٽو هئڻ ضروري آهي. هن کي عام طور تي نيم پاڻياٺي حالت ۾ هئڻ گهرجي ۽ هن ۾ ٺوس يا نيم ٺوس مادي کي استعمال نه ڪرڻ گهرجي. انهيءَ مقصد لاءِ لئيءَ کي چڱيءَ طرح پچائڻ کان پوءِ باريڪ ڄاريءَ مان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ڇاڻڻ ضروري هوندو آهي. لئي ۾ ٿورڙو ٿائيمول (Thymol) جيوڙن کان بچاءَ لاءِ استعمال ڪرڻ ضروري آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن لئيءَ ۾ ٿورڙو ميگنيشيم اسيٽيٽ (Magnesium Acetate) شامل ڪري ورتو وڃي ته تيزابيت کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com