دستاويزن جي ماهرن جو هيءُ خيال آهي ته 1966ع ۾
فلورينس جي قومي ڪتبخاني ۾ ٻوڏ وگهي جيڪو نقصان
پهتو، جيڪڏهن اتي ڪاغذن ۽ ڪتابن کي ڄمائڻ جي طريقي
کي ڪتب آندو وڃي ها ته پوءِ هزارن نسخن کي محفوظ
ڪري سگهجي ها. يا وري کين گهٽ ۾ گهٽ نقصان کان
پوءِ محفوظ ڪري سگهجي ها.
فلورنس جي هن ڪتبخاني ۾ ٻوڏ وسيلي جيڪا تباهي ٿي،
انهيءَ جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته
اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جا ڪتاب نهايت بريءَ طرح
خراب ٿيا. انهيءَ کان سواءِ ڇپيل ڪتاب جن جو پاڻي
خشڪ ڪيوويو هو. انهن جا صفحا هڪ ٻئي سان اهڙيءَ
طرح ڳتجي ويا جو بعد ۾ ڪنهن به طرح الڳ نه ڪري
سگهيا ويا، ۽ انهن جي شڪل سخت پٿر ۽ ڪاٺ جي بلاڪن
کان گهٽ نه هئي. ڄمائڻ جي طريقي جو هڪ فائدو هيءُ
آهي ته هن طرح پاڻيءَ کان متاثر ٿيندڙ شيون، مثلاً
مس، رنگ جيڪي وري عام سڪائڻ جي طريقي تحت خراب ٿي
سگهيا ٿي، انهن جو امڪان گهٽجي وڃي ٿو. ڄميل مواد
تان ويڪيوم فريز ڊرائنگ
(Vacuum Freez Draying)
جي طريقي وسيلي پاڻيءَ کي
اهڙيءَ طرح خارج ڪيو ويندو آهي جو انهيءَ مان مس
ڌوپجي وڃڻ جا امڪان بلڪل گهٽجي وڃن ٿا. ڄمائڻ جي
پندرهن سالن جي تجربي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي
ته متاثر مواد کي جيتري وقت تائين چاهيو ته کيس
رکي محفوظ ڪري سگهو ٿا. هيءُ طريقو متاثر ٿيل
ڪتابن، قلمي نسخن، نقشن، ڊرائينگ ۽ ٻئي تاريخي
مواد کي ڄمائڻ ڪري بحال ڪرڻ ۾ گهڻو مددگار ثابت
ٿيو. البت ڄمائڻ کان اڳ، اهو بهتر ٿيندو ته ڪاغذن
تان مٽي ۽ گند کي صاف ڪيو وڃي.
اهو ڪم ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن
قيمتي مواد وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. اهڙا ڪاغذ
جي لکت پاڻيءَ جي وڌيڪ استعمال سان متاثر ٿيندي
هجي، جهڙوڪ مس، واٽر ڪلر
(Water colour)
نقشن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه
رنگ، اهڙي قسم جي مواد کي هرگز صاف نه ڪيو وڃي، نه
ته انهن جي ڌوپ سبب انهن جي ضايع ٿيڻ جو انديشو
رهي ٿو. سردخاني ۾ متاثر ٿيل ڪاغذن ۽ ڪتابن کي
موڪلڻ کان اڳ، ٻڌل جلدن، مومي ڪاغذ يا سليڪون
پيپرز ۾ ويڙهي رکيا وڃن. اهڙيءَ طرح اڻ ٻڌل
دستاويز جن ۾ قلمي نسخا، ريڪارڊ، تصويرون، ڊرائنگ
وغيره هجن ته انهن کي به اهڙيءَ طرح ميڻ لڳل ڪاغذ
۾ ويڙهي پلاسٽڪ جي کوکن ۾رکڻ بهتر آهي. بنڊل وڌيڪ
ٿلها هئڻ نه گهرجن. هر بنڊل تي انهيءَ ۾ رکيل
ڪاغذن جي سڃاڻپ، انهيءَ جي اڳوڻي جڳهه ۽ انهيءَ تي
ٻين ضروري هدايتن بابت لکڻ ضروري آهي. سردخاني ۾
رکيل مواد جي گرميءَ جو درجو 20 ڊگري فارن هائيٽ
تائين هئڻ مفيد آهي. سردخانن ۾ منتقل ڪيل ڪاغذن کي
Vacuum Drying
جي طريقن تحت خشڪ ڪيو ويندو آهي. تنهن کان پوءِ
ايٿلين آڪسائيڊ
(Ethylen Oxide)
کي ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ۾ ملائي ڪري انهن ڪاغذن
مان سينڌر يا ڄاري کي دور ڪيو وڃي. تنهن هوندي به
جيڪڏهن ڪيميائي طريقي وسيلي متاثر ٿيل ڪاغذن کي
سينور کان محفوظ رکڻ جو انتظام نه هجي ته اهڙيءَ
صورت ۾ خشڪ مواد کي کليل شيلف تي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري
۾ جدا رکڻ گهرجي ۽ وقتاً فوقتاً انهيءَ جو جائزو
وٺڻ گهرجي، ته جيئن متاثر مواد سينور جي اثرن کان
ڪيتري قدر پاڪ ٿي چڪو آهي. بحالياتي ڪمري ۾ مواد
کي ڇهن مهينن تائين رکي انهيءَ جي طبعي اثرن جو
جائزو وٺڻ مناسب آهي، ته جيئن مڪمل يقين جي صورت ۾
ڪاغذن کي اصل ذخيري سان گڏ آراسته ڪري سگهجي. اهو
خيال رهي ته جتي پاڻيءَ کان متاثر ٿيل ڪاغذن ۽
ڪتابن جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو پيو وڃي، اتي گهم/پوسل
جو تناسب 30 کان 40 سيڪڙو ۽ گرميءَ جو درجو 65
ڊگري فارن هائيٽ تائين هجي، تنهن هوندي به انهن ۾
ضرورت مطابق ٿورڙي گهڻي ردوبدل به ڪري سگهجي ٿي.
تنهن هوندي به سردخاني جو گرميءَ جو درجو جيترو
گهٽ هوندو، اوتري ئي ڪاغذ جي عمر وڌيڪ ٿيندي.
اهڙيءَ طرح ڪاغذ ۾ جيتري وڌيڪ گهم/پوسل هوندي
اوتري قدر خرابي به وڌيڪ پيدا ٿيندي. گرميءَ جي
درجي کي منفي 30 سينٽي گريڊ تي ڪاغذن کي ٽن کان
ستن ڏينهن تائين رکي جيوڙن کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو.
برٽش ميوزيم ۾ هيءَ طريقو ڪاميابيءَ سان جاري آهي.
ڪتابن ۽ ڪاغذات کي سڪائڻ جو ٻيو طريقو:
مٿي ذڪر ڪيل خشڪ ڪرڻ جي طريقي کي تجربيڪار عملي جي
مدد سان اختيار ڪري سگهجي ٿو. جتي خشڪ ڪرڻ جو ڪم
ڪيو وڃي اهو وري ڀنل ۽ متاثر ٿيل مواد کان هٽي
ڪنهن چڱي مفاصلي تي هئڻ گهرجي. خشڪ ڪرڻ واري ڪمري
جي گرميءَ جو درجو وري خودڪار طريقي تحت هجي. جڏهن
هوا جي ضرورت ٿئي ته انهيءَ جو به انتظام ڪيو وڃي.
ڪمري ۾ جڏهن وڌيڪ گهم محسوس ٿئي ته دريون ۽ دروازا
کولي ڇڏجن. متاثر ٿيل جڳهه کان ڪتاب ۽ ڪاغذن کي
پلاسٽڪ يا پولي ٿين جي ٿيلن جي مدد سان خشڪ جڳهه
تي منتقل ڪيو وڃي. جن ڪتابن ۽ فائلن تي گند يا مٽي
لڳل هجي، انهن کي وهندڙ صاف پاڻيءَ سان ڌوئجي. هن
ڪم لاءِ سڄي ڪتاب کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي فوم جي نرم
اسفنج کي ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿو. پر خيال رهي ته کليل
ڪتاب جا ڇڙوڇڙ پنا، ڊرائنگ يا تصوير کي اهڙيءَ طرح
نه ڌوئڻ گهرجي جو مس وغيره به ڌوپجي وڃي. اهڙيءَ
طرح ڪاغذن کي رڳڙ يا اُنهن مٿان تيل جي داغن کي به
هٽائي نٿو سگهجي. اهڙيءَ صورت ۾ جلد ٻڌل، ڇپيل
ڪتابن کي صاف ڪرڻ جي غرض ڪارڻ صاف پاڻيءَ ۾ وڌيڪ
دير تائين رکي سگهجي ٿو. غير ضروري تيل جا داغ يا
ٻوڏ جي پاڻيءَ سان پيدا ٿيل داغن کي ڌوئڻ جي غرض
سان گرم وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪجهه دير رکي سگهجي ٿو. هن
ريت وڏيءَ حد تائين نه صرف ڪتابن ۽ ٻين ڪاغذن تان
سينور پئدا ٿيڻ جي انديشي کي ختم ڪري سگهجي ٿو پر
ان سان گڏوگڏ کوڙ ساري مَرَ ۽ مٽيءَ جي داغن کي به
دور ڪري سگهجي ٿو.
ڪتابن کي پاڻيءَ جي گهڻن ٽبن مان گذاري به صاف ڪري
سگهجي ٿو. هن طريقي وسيلي ڪتابن کي چڱيءَ طرح بند
ڪري هڪ پاڻيءَ جي ٽب مان گذاري آهستي آهستي اسفنج
وسيلي لڳل مٽيءَ، گند، گپ وغيره کي صاف ڪري ٻئي
وهندڙ صاف پاڻيءَ جي حوضن ۾ نيو وڃي ۽ پهرين طريقي
تحت لڳل گند ڪچري کي صاف ڪيو وڃي. ايستائين جو
ڪتاب چڱيءَ ريت صاف ٿي وڃن. انهيءَ کان پوءِ هٿ جي
هلڪي داٻ وسيلي ڪتاب جي وڌيڪ پاڻيءَ کي نچوڙي
ڇڏجي. البت اهو خيال رهي ته پاڻيءَ کي نچوڙڻ لاءِ
ڪنهن آهني يا لوهي داٻ ۾ ڪتاب کي نه رکيو وڃي.
اهڙيءَ طرح نرم ڪاغذ تي جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي مٽيءَ جا
ذرڙا باقي رهجي وڃن ته اهي وري ڪتاب ۾ داخل ٿي
ڪتاب کي اڳ کان وڌيڪ نقصان رسائي سگهن ٿا. ڪتابن
جي صفائيءَ جو هي ڪم وڏيءَ احتياط سان ڪرڻ گهرجي.
تجربي ڪار فردن جي غير موجودگيءَ ۾ ڪتابن کي صاف
نه ڪيو وڃي ته بهتر آهي. ڳريل ۽ نازڪ ڪتابن کي به
هن ريت صاف ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي. جلد ٻڌل
ڪتابن کي مٿي ذڪر ڪيل طريقي موجب صاف ڪرڻ کان پوءِ
ڪنارن ڀر بيهاري ڇڏڻ گهرجي. جڏهن ته اڻ جلد ٻڌل
ڪتابن کي ڪنهن پاٺي يا هارڊ بورڊ جي مدد سان
بيهاري خشڪ ڪيو وڃي.
صاف ٿيل ڪتابن کي خشڪ ڪاغذ تي بيهاري ڪرو سڪايو
وڃي. انهيءَ لاءِ اخباري ڪاغذ سستو ۽ پاڻيءَ کي
جذب ڪرڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿئي ٿو. انهيءَ کان
سواءِ اڇو مس چوسيندڙ/مسچٽو (بلاٽنگ پيپر) به
استعمال ڪري سگهجي ٿو. پر هيءَ خيال رهي ته اخباري
ڪاغذ تي ڪتابن کي سڪائڻ وقت وقفي وقفي بعد کيس
اٿلائڻ ضروري آهي.
انهيءَ کان پوءِ ٿائيمول
(Thymol)
جيڪو وري ديسي دوائن ۾ اجوائن
جو ست سڏيو ويندو آهي، سنيور يا ڄاري جي پيدائش کي
روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جيڪڏهن انهيءَ جو 10 کان 15
في سيڪڙو ڳارو (هڪ گيلن الڪوهل يا ايٿونول يا ايسي
ٽون ۾ هڪ پائونڊ ٿائي مول آسانيءَ سان حل ٿي سگهي
ٿو) الڪوهل ايسي ٽون يا ايٿونول ۾ ملائي ڪري تيار
ڪري ورتو وڃي ته انهيءَ ڳاري ۾ ڪتابي سائيز جي
ڪاغذ جي شيٽ
(sheet)
ٻوڙهي ڪري متاثر ٿيل ڪتاب جي
صفحن جي وچ ۾ رکي ڇڏي وڃي ته انهيءَ سان
ڄارو/سينور ۽ ٻين خورد جيوڙن جي افزائش کي ختم ڪري
سگهجي ٿو، پر جيئن ته هيءَ ڳارو نشي آور ۽ باهه کي
جلد پڪڙي وٺندو آهي، تنهن ڪري اهو ڪم ٻاهر ۽ عام
ذخيري کان هٽي ڪري ڪرڻ ضروري آهي. وڌيڪ احتياط هن
ڪم جيءَ ڪئي وڃي ته هٿن ۾ رٻڙ جا دستانا، اکين تي
گاگل يا چشمو ۽ ساهه کڻڻ لاءِ ماسڪ جو استعمال
ضرور ڪيو وڃي. هن عمل کي کليل فضا ۾ انجام ڏيڻ سان
اهو ٿيندو ته ڪتابن جي وچ ۾ ٿائيمول مان تيار ڪري
رکيل صفحا ته جلد ئي خشڪ ٿي پوندا ۽ انهن خشڪ ٿيل
پرچين کي جمع ڪري ڪنهن ٿڌيءَ جڳهه تي رکيو وڃي ته
جيئن انهن مان پئدا ٿيندڙ بوءِ کي روڪي سگهجي ۽
ضرورت پوڻ تي انهن پرچين کي ٻيهر استعمال ۾ آڻي
سگهجي.
پُسيل ورقن کي جدا ڪرڻ جو طريقو:
اهڙا ڪتاب ۽ ڪاغذ جيڪي ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بُري طرح
متاثر ٿي چڪا هجن، انهن جي ورقن کي هڪ ٻئي کان جدا
ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ اهڙي مواد کي
دستاويزن جي ماهرن جي آخري راءِ معلوم ٿيڻ تائين،
اهڙن سردخانن ۾ ڇڏي ڏنو وڃي جتي انهن تي سينور يا
ڄاريءَ جا انديشا ممڪن نه رهن، ۽ جن ڪاغذن تي
سينور پيدا ٿي چڪي آهي، انهن کي دور ڪرڻ جي فوري
ڪوشش هرگز نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو خشڪ ٿيڻ تي انهيءَ
کي سولائيءَ سان دور ڪري سگهجي ٿو. تنهن هوندي به
پسيل ورقن کي پولي ايسٽر فلم جي مدد سان الڳ ڪري
سگهجي ٿو. انهيءَ لاءِ پولي ايسٽر جي هڪ شيٽ پسيل
ورقن مٿان ڦهلائي ڇڏڻ گهرجي ۽ پُسيل ورقن کي هڪ هڪ
ڪري پولي ايسٽر فلم جي مدد سان ڪاغذ جي ڪنڊن کي
جهلي ڪري مٿي کنيو وڃي ۽ انهيءَ کي ميز تي پولي
ٿين جي شيٽ تي اهڙيءَ طرح ڦهلايو وڃي جو پولي
ايسٽر جو رخ پولي ٿين جي طرف هجي، انهيءَ کان پوءِ
هڪ ٻيو خشڪ پولي ايسٽر جو ٽڪڙو پسيل صفحن جي مٿان
ڦهلائي ڪري انهيءَ جو پاسو بدلائي ڇڏجي ۽ انهيءَ
کان پوءِ پولي ايسٽر فلم کي هٽائي ورتو وڃي ۽
انهيءَ جي مٿان پولي ايسٽر جو ٻيو ٽڪرو وڇائي ڇڏيو
وڃي. اهڙيءَ ريت باقي ورق به پولي ايسٽر فلم ۽ خشڪ
پولي ايسٽر جي ٽڪڙي جي مدد سان جدا ڪري انهن کي
خشڪ ڪرڻ لاءِ ميز تي پکيڙي ڇڏيو وڃي. اهڙيءَ طرح
پنجاهه يا سٺ ورق ڦهلائڻ تي اسين ڏسنداسين ته
پهريون ورق پولي ايسٽر جي مدد سان خشڪ ٿي چڪو آهي.
هن ڪم ۾ گرم هوا جو گذر صفحن کي خشڪ ڪرڻ ۾ وڌيڪ
مددگار ثابت ٿيندو. انهيءَ کان سواءِ پيدا ٿيندڙ
پوسل جي نيڪال لاءِ ايئرڪنڊيشنڊ يا نمي يا پوسل کي
گهٽائڻ وارن اوزارن جو استعمال هن ڪم کي وڌيڪ سولو
بڻائي ڇڏي ٿو.
مائيڪرو فلم يا فوٽو اسٽيٽ جي وسيلي پسيل مواد جي
بحالي:
پاڻيءَ کان متاثر ٿيل مواد جڏهن ٿورڙو به خشڪ ٿيڻ
لڳي ۽ انهيءَ ۾ ڄاري يا سنيور جي سبب ڪري ڪجهه
ساوا ۽ پيلا نشان محسوس ٿيڻ لڳن ته اهو به ڪري
سگهجي ٿو ته مواد کي ٿورو گهڻومٿي ذڪر ڪيل طريقن
وسيلي خشڪ ڪري فوري انهيءَ جي مائيڪرو فلم تيار
ڪري ورتي وڃي يا پُسيل صفحن کي الڳ الڳ ڪري پلاسٽڪ
جي شيٽ يا ميڻ لڳل ڪاغذ تي ڦهلائي فوٽو اسٽيٽ ڪجي.
اهڙيءَ طرح مائيڪرو فلم ۽ فوٽو اسٽيٽ ٿيڻ جي صورت
۾ انهن جا نقل حوالي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجن ٿا.
جڏهن ته گهربل مواد جي فلم وڌيڪ سولائيءَ سان تيار
ڪري وڌيڪ متاثر ٿيل مواد کي تلف به ڪري سگهجي ٿو.
فوٽو گرافڪ مواد جيڪو ٻوڏ جي پاڻيءَ کان متاثر ٿي
چڪو آهي ۽ انهيءَ ۾ مٽي لڳي چڪي هجي. ٿڌي، صاف ۽
وهندڙ پاڻيءَ ۾ 14 ڪلاڪن لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. پوءِ
کيس کليل هوا ۾ سُڪائجي. ٻاهرين ملڪن ۾ ايسٽ مين
ڪوڊڪ ڪمپني ۽ ٻيون فوٽوگرافيءَ جو سامان ٺاهيندڙ
ڪمپنيون سلولائيڊ جي ريڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ
مائيڪرو فلم، مائيڪروفش ۽ ٻيو مشين تي پڙهيو ويندڙ
مواد/ادب کي فوري طور تي فوٽو گرافڪ ليبارٽرين ۾
پهچائي ڇڏيو ويندو آهي. جتي تجربيڪار ۽ هنرمند
محافظ دستاويزن يا مائيڪرو فلم آفيسر جي مدد سان
متاثر ٿيل فلمن کي خودڪار پروسيسرز (مشين) وسيلي
ٻيهر پڙهڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. البت ڪوشش هيءَ
ڪي وڃي ته جيستائين مائيڪرو فلم ۽ ٻين سلو لائيڊ
تي محفوظ ادب کي مناسب ليبارٽريز تائين نه پهچائي
ڏنو وڃي، تيستائين سڄي مواد کي ٿڌن دٻن يا ٿڌيءَ
جڳهه تي احتياط سان رکيو وڃي ته جيئن گرميءَ جي
سبب انهن کي طبعي منفي اثرن کان محفوظ رکي سگهجي.
قدرتي آفتن تي جيتوڻيڪ انسان جو اختيار نه آهي،
تنهن هوندي به جيڪڏهن دستاويزن ۽ ڪتب خانن جا
محافظ هيٺيان چند اپاءُ ذهن ۾ رکن ته پوءِ تاريخي
۽ ثقافتي ورثي کي بچائڻ ۾ چڱي خاصي مدد ملي سگهي
ٿي.
1- عمارت مضبوط بنيادن سان گڏوگڏ پائيدار پلرن/پيل
پاون تي تعمير ڪئي وڃي ۽ کيس زلزلن جي جهٽڪن کان
به محفوظ بڻائي ورتو وڃي.
2- عمارت ۾ حادثاتي طور تي باهه لڳڻ جي صورت ۾
انهيءَ کي موثر طريقي سان وسائڻ جا انتظام موجود
هجن. جنهن ۾ باهه وسائڻ لاءِ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ
گئس جا سلينڊر هجن يا وري خشڪ پائوڊ جا سلينڊر،
باهه وسائڻ لاءِ نهايت ضروري آهن، ته جيئن باهه تي
قبضو حاصل ڪرڻ کان پوءِ بچيل مواد کي وڌيڪ نقصان
کان بچائي سگهجي. اسان وٽ عموماً ڪتبخانن ۽ علمي
مرڪزن ۾ باهه لڳڻ جي صورت ۾ فائر بريگيڊ کي طلب
ڪيو ويندو آهي، جنهن وسيلي بچيل ڪاغذ ۽ علمي جواهر
پارا بيدرديءَ سان پاڻيءَ جي گهڻي استعمال جي سبب
ضايع ٿي پوندا آهن.
3- سوڍا جو پائوڊر، صابڻ ۽ پاڻي وغيره سبب ڪري
وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن جا نشان وري
پينٽنگ تان هٽائي نٿا سگهجن. انهيءَ لاءِ باهه
وسائيندڙ مادو
CO2 BCF
يا
Halon Extin- guisher
وڌيڪ مناسب آهن. پر باهه وسائيندڙ ادارن سان هن
سلسلي ۾ رابطو رکڻ وڌيڪ فائديمند ٿئي ٿو.
4- اهڙين عمارتن ۾ پاڻيءَ جي پائيپ لائين ڪمرن جي
وچ مان نه گذاري وڃي، جتي ڪتابن ۽ فائل رکيا ويا
هجن.
5- قيمتي دستاويز ۽ قلمي نسخا تهه خاني ۾ نه رکيا
وڃن.
6- انهيءَ کان سواءِ اسان جا علم ۽ دانش جا بي بها
انمول خزانه ويمن جي فائيدن کان بلڪل اڻ واقف آهن.
ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻي آسماني آفتن کان انهن ذخيرن کي
پهچندڙ نقصانن جي تلافي، جيتوڻيڪ نٿي ڪري سگهجي،
پر ويمي وسيلي ملندڙ رقم مان يقيناً اهڙي تحقيقي
مواد کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، جيڪا
فوري طور تي سرڪار بجيٽ يا عوامي عطين وسيلي ڪنهن
به ريت پوري نٿي ڪري سگهجي.
انهيءَ کان سواءِ اسان جي وڏن وڏن ڪتبخانن ۽ علمي
مرڪزن ۾ ۽ هزارين روپيا تحيقي مواد کي مهيا ڪرڻ ۾
خرچ ڪيا وڃن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح بلاشڪ انهن ۾ بيش
قيمت مطالعي جي مواد مهيا ڪيو ويندو آهي. پر حيرت
جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن مرڪزن ۾ انهن نادر قلمي
نسخن ۽ تاريخي ڪتابن جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ
مناسب انتظام نٿا ڪيا وڃن. اتي نه ڇڙو ڪوبه تربيت
حاصل ڪيل ڪتابن جي محافظ جو تصور آهي ۽ نه ئي وري
جديد ڪتاب جي مرمت ۽ بحالي وغيره جو سامان موجود
هوندو آهي.
مددي ڪتاب
(1) اشرف علي، ”تحفظ دستاويزات و کتب خانه“ ،
اسلام آباد: مقتدره قومي زبان، باب 12، ص 183-
190.
(2) ڪليري، جولين
(Clare, Julion):
”اي ڊرائي ريپيئر ميٿڊ فار اسلامڪ، مينو اسڪپرٽس
ليوز، فريولرڪ مارب (اين آرٽيڪل) ص. 3-7.
(3) دراصل هيءُ طريقو ٻين ملڪن ۾ گهڻو اڳ ۾ اختيار
ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ پولينڊ جي قومي دستاويز جي
محڪمي ۾ اهڙن ئي هڪ مشين موجود آهي. جيڪا موجوده
ليف ڪاسٽنگ مشين جي ابتدائي شڪل آهي.
(4) ڊزاسٽر پلاننگ ائنڊ ايمرجنسيءَ ريٽمينٽس ان
ميوزيم، آرٽ گيلريز،، لئبريريز، آرڪائيوز ائنڊ
الائيڊ انسٽيٽيوشن.
نصير مرزا
ڇهه ڇهه
پئسا، ٻه ٻه پايون
(ڪشنچند ”بيوس“ جي ٻارن لاءِ
شاعري)
ٻارڙن جي عظيم گيت ڪار، شاعر ڪشنچند تيرٿداس کتري
(بيوس) 25 فيبروري 1885ع تي لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي
جي هوائن ۾ پنهنجي زندگيءَ جا پهريان ساهه کنيا.
سندس پتا جو نالو حڪيم تيرٿداس هو. بيوس سائينءَ
وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. هڪ ڀاءُ تولارام انگريزي
ماستر هو ۽ ٻيو موتي رام ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. ٽيئي
ڀائر اڃان پڙهندا هئا، جو سندن پتا حڪيم تيرٿداس
لاڏاڻو ڪري ويو. ان ڪري بيوس سائينءَ لاءِ جلد
نوڪري ڪرڻ ۽ گهر جون ذميداريون سنڀالڻ نهايت ضروري
ٿي پيون. بيوس جي پتا جي پرلوڪ پڌراجڻ کان پوءِ،
سائين بيوس جي ماتا گهر ۾ حڪمت ڪرڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته
بيوس جي ناناڻن مان حڪيم ’ڪوٽومل‘ هڪ مشهور حڪيم
هوندو هو ۽ بيوس سائينءَ جو والد به هڪ سٺو يوناني
حڪيم هو. اُنهن جي تربيت هيٺ رهندي بيوس جي ماتا
به گهڻو ڪجهه پرايو هو. حڪمت جو ڪم ڄاڻڻ ڪري، کيس
پاڙي اوڙي وارا ’ڏاهي‘ ڪري به چوندا هئا. ڪنهن جو
ڪاڪڙو کڻڻ، ڪنهن کي مالش ڪرڻ، ڪنهن کي سُتيون
ڦڪيون وغيره تجويز ڪري ڏيڻ… مطلب ته هر نموني پاڙي
جون ڀينر ۽ ڀائر ٻارن کي کڻي وٽس دوا ۽ ڏس پتي وٺڻ
لاءِ ايندا هئا.
پنهنجي عظيم پورهيت ماءُ جي خرچ تي ’بيوس سائين“
جڏهن پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندڙ هو. تن
ڏينهن ۾، هڪ رات جو هاسٽل جو سپريڊنٽ جيئن هاسٽل
جو چڪر ڏئي رهيو هو ته بيوس جي ڪمري ۾ بتي ٻرندي
ڏٺائين. هن ڏٺو ته سورهن سالن جي نوخيز ۽ خوبصورت
نوجوان ’بيوس‘ کي ڪرسيءَ تي ويٺي ئي ننڊ کڻي ويئي
هئي ۽ سندس پاسي ۾ هڪڙو ڪاغذ جو ٽڪرو پيو هو، جنهن
تي هن نظم ۾ پنهنجي پهرين تخليق لکي هئي. پٽ تان
کڻي، هن جڏهن اهو پڙهيو ته نهايت متاثر ٿيو. ٻئي
ڏينهن هن صاحب ’بيوس‘ جي ڪلاس ٽيچر کي مبارڪون
ڏيندي اڳڪٿي ڪئي ته، هڪ ڏينهن هو اوس هڪ ”مهانُ
شاعر“ بنبو. اهو 1901ع جو سن هو ۽ ان کان پوءِ
1925ع کان 1940ع تائين وچ واري عرصي ۾ ’بيوس‘
پنهنجي انڊلٺي ڏات ۽ مورَ جي پرن جهڙي پنهنجي
موهيندڙ شاعري سبب سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر
بنجي چڪو هو. وري ان ئي مهانتا سبب، هُن 1941ع جي
28- 30 مارچ تي، ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ عظيم الشان ”سنڌي
ساهتيه سميلن“ جي سرواڻي به ڪئي ۽ مؤرخ لکن ٿا ته
سندس تقرير، ٻڌندڙن ۾ وڏي روشني پکيڙي ڇڏي هئي ۽
پنهنجي ٻوليءَ سان بي پناهه پيار ڪندڙ شاعر ان
تقرير ۾ چيو هو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن
کي پنهنجي عاليشان ورثي جي حفاظت ڪرڻ ۽ سنڌي ساهت
۾ نيون راهون گهڙڻ گهرجن“ ‘
پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾، بيوس سائين،
انگريزيءَ ٻوليءَ سان به ايتري واقفيت پيدا ڪري
ورتي هئي جو ’ٽئگور‘ جا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل نظم
آسانيءَ سان مطالعو ڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ’گيان باغ‘ ۾
1940ع کان مئي 1947ع تائين هفتيوار ادبي ڪلاس
هلائي ٽئگور جي شخصيت ۽ شاعريءَ کان سنڌ واسين کي
باخبر ڪندو رهندو هو.
بيوس سائينءَ جي بي بها ادبي خدمتن جي واکاڻ ته
سنڌ جي عظيم دانشورن، محققن ۽ ليکڪن به دل کولي
ڪئي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، شمس العلماءُ علامه
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، ميران محمد شاهه ۽
ٻين اسڪالرن بيوس سائينءَ کي اعليٰ درجي جي سرموڙ
شاعر سمجهندي، نمرتا سان هن جي ادبي خدمتن کي مڃيو
آهي ۽ کُليو کلايو چيو آهي ته هن انقلابي شاعر
اسان جي شعر وشاعري جي دنيا ۾ اٿل پٿل آندي ۽ اسان
کي سمجهه ڏني ته ’شاعري معنيٰ سرشٽيءَ جي سرور جي
ترجماني.‘ ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب جا لفظ آهن ته ’خاص
خوبي جا بيوس سائين جي شعر ۾ مون کي نظر اچي ٿي،
سا هيءَ آهي ته مضمون ۽ عبارت ’ٻئي اصلي آهن ۽ نه
نقلي ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي راءِ آهي ته ’مان
بيوس کي سنجيدو ۽ فهميدو شاعر ڪري ليکيان ٿو.‘
ميران محمد شاهه جن جي راءِ به نهايت سهڻي آهي.
لکن ٿا: ’بيوس جي شعر جي طاقت قوي ۽ فطري آهي.
سندس ڪلام نهايت رقت آميز ۽ دلڪش آهي.‘ سرموڙ
ڪهاڻيڪار آسانند مامتوراءِ، جو چوڻ آهي ته بيوس جي
شاعريءَ سان سنڌي نظم جي نئين پرڀات ڦٽي آهي ۽
بيوس سائين انهيءَ پرڀات جو ’وهائو تارو‘ آهي. برک
نقاد سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته بيوس سائين ئي سنڌي
ٻوليءَ جو اهو پهريون شاعر آهي جنهن جديد سنڌي
شاعريءَ جو بنياد وڌو آهي. هتي اهو طئه آهي ته نه
فقط جديد شاعريءَ جو بنياد بيوس سائينءَ رکيو هو،
پر انگريزن جي دؤر ۾ 1843ع کان1947ع تائين، سنڌي
ٻوليءَ ۾ باقاعده ٻاراڻي ادب جو بنياد جن شاعرن
رکيو، انهن سڀني ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو مٿاهين
جڳهه والاري ٿو. وقت گواهه آهي ته ٻارن جون اهي
پيڙهيون، جن ٻالڪ اَوستا ۾ بيوس سائين جا ٻارن
لاءِ لکيل نظم پڙهيا آهن انهن جي ذهن ۾ هن جا نظم
ننڍپڻ جي ڪنهن انتهائي خوبصورت ياد وانگر اڄ به
محفوظ آهن. سنڌ جي هر نئين نسل لاءِ. انهن جي ذهني
اوسر، وندر ۽ ورونهن ۽اخلاقي سکيا لاءِ بيوس نه
فقط سدا بهار جي گلن جهڙا نظم ۽ گيت ئي سرجيا آهن،
پر انهن سان گڏوگڏ سهڻا ۽ دلچسپ ناٽڪ پڻ لڳي،
سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب کي وڏو ذخيرو مهيا ڪري ڏيڻ جي
ڪوشش به ورتي هئي.
دادا شيوڪ ڀوڄراج، جيڪو بيوس سائينءَ جي ٻاراڻن
ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪندو هو، لکي ٿو ته جتي بيوس
سائين رهندو هو، انهيءَ گهر جي ٻاهران ئي پڌر ۾
ٻالڪن جي ٻاريءَ جا ميڙ ٿيندا هئا. ان ۾ بيوس
سائين پاڻ ئي هدايتون به ڏيندو هو، ۽ ناٽڪ ۾ جنهن
طرز تي، ڪنهن گيت جي ضرورت پئي ٿي ته انهيءَ موضوع
تي، اتي جو اُتي ٺههَ پههَ گيت تيار ڪري ڏيندو هو.
ٻارن لاءِ ٻاراڻا گيت ۽ وڏن لاءِ وري سُريلا گانا.
لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي فرشته صفت ننڍڙن معصوم ٻارڙن جو
پهريون وڏو شاهي ميڙ ڪوٺائڻ ۾ به، بيوس سائين جو
وڏو هٿ هئو. جنهن ۾ راندين راڳ، پرولين، آکاڻين ۽
شيل شُغل، سڀني ۾ بيوس سائين اڳيان اڳيان هو. ٻارن
جي کاڌي پيتي لاءِ اناج، ميون، ڀاڄين، ۽ کير وارن
کان پاڻ وڃي امداد وٺي ميلي ۾ آيل ٻارن جي مهماني
ڪيائين. ۽ هن جي ئي ڪوششن سان ميلي جي ميدان ۾
ڦرڻيون ۽ چوڏول لڳا، راندين ۽ ناٽڪن جو بندوبست
ٿيو ۽ رهائش لاءِ اسڪول ميسر ٿيا. ميلي جي پڄاڻيءَ
تي، ميلي لاءِ سڄي سنڌ مان پهتل اٽڪل اٺ سؤ ٻارڙن
کي بيوس سائين بس ۾ چاڙهي ’موهن جي دڙي‘ جو سير به
ڪرايو ۽ ائين هر طرح سان، هنن جي وندر ۽ ذهني سکيا
جو پورو پورو بندوبست ڪيو.
بيوس سائينءَ جو اصلوڪو گهر ’نانُؤ‘ جي پڌر ۾
هوندو هو. 1935ع ڌاري هُن ڊاڪٽر گوبندرام دادلاڻي
سان گڏجي ’نانؤ جي پڌر‘ لاڙڪاڻي ۾ هڪ اسپتال کولي
هئي ۽ ان جو نالو رکيائين. ’بيوس شفا خانو‘ 19380ع
ڌاري
”بيوس شفاخانو“ جتي بيوس صاحب ويهي مطب هلائيندو
هو.
’نانؤ جي پڌرَ وارو اهو گهر ڇڏي، ڪجهه وڏيرڙي ۽
بهتر گهر ۾ وڃي ويٺو، جيڪو امام بارگاهه جي ڀرسان
سنڌي جي اڳوڻي چيف منسٽر خان بهادر محمد ايوب کهڙي
جي بنگلي پويان هو. پنهنجي پورهئي جي ’موڙيءَ مان
بيوس سائينءَ جيڪو نئون گهر اَڏيو هو، اُن جو نالو
رکيائين ’جشن خانو‘ ، يعني خوشي جو گهر. سندس ملڻ
وارا جڏهن ساڻس
”جشن خانو“ بيوس صاحب جو گهر (لاڙڪاڻو)
ملڻ لاءِ سندس جشن خاني ۾ ايندا هئا ته هو قرب مان
پنهنجي مهمانن جي کير ڏڌ ۽ مکڻ سان مهمان نوازي
ڪندو هو ۽ اهي شيون کيس پنهنجي ڍڳين مان ملنديون
هيون، جن کي هو نهايت خبرداريءَ سان تاتيندو هو.
بيوس سائينءَ جي نياڻي ’پورن ديوي! لکي ٿي ته
’ڳئون‘ هن کي بي حد وڻنديون هيون. اُنهن جي سار
سنڀال ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هو. هڪ ڳئون جو نالو
رکيائين ’ڀولي‘ . پاڻ ان سان بي حد پيار ڪندو هو.‘
ٻارن سان به بيوس سائينءَ جو پيار بي انتها هوندو
هو. ٻارن جي وچ ۾ پاڻ جهڙو ٻار. سدائين مشڪندو
رهندو هو. ٻارن سان ڳالهيون ڪندي اهڙا خاصا چرچا
گهٻا ويٺو ڪندو هو جو اهي کِلي کِلي کيرا پيا
ٿيندا هئا. برک شاعر هري دلگير، سندس نڪ نقشي ۽ هڏ
ڪاٺ جو عڪس چٽيندي لکيو آهي ته: بيوس سائين،
سدائين سادا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پهريندو هو. سادو
پاجامو ۽ قميس ئي سندس پوشاڪ هوندي هئي. موسم
مطابق ڪوٽ به پائيندو هو. پيرن ۾ چمپل يا سليپر
پائيندو هو. سندس قد پورو پنو ۽ اکين ۾ عجيب روشني
هوندي هيس. سنهيون مڇيون ۽ ڏاڙهي صاف، سڀاوَ ۾
نهايت لڄارو ۽ شرميلو، گرونانڪ جي اثر هيٺ نهايت
ٻاجهارو، نماڻو ۽ نوڙت وارو انسان. مٺو، مشڪندڙ ۽
نهايت مڻيادار شخص هو ۽ فوٽو ڪڍائڻ کان ته اصل
ونءُ ويندو هو.“
پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ڪشنچند بيوس اسڪول توڙي ڪاليج جي
هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سدائين پهريون
نمبر کڻندو هو. زندگيءَ ۾ هن پنهنجي لاءِ ’استاد‘
جهڙي معزز پيشي جي چونڊ ڪئي ۽ آخرڪار 1937ع ۾
وليدن پرائمري اسڪول جي هيڊماستريءَ تان جڏهن
رٽائر ڪيائين ته کيس سندس تعليمي خدمتن جي موٽ ۾
ميونسپالٽيءَ جي اسڪول بورڊ جو صلاحڪار بنايو ويو.
ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي پيار صدقي ئي هن ٻالڪن جي
ٻاريءَ جو ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ ٿيڻ به قبوليو هو ۽
ان ئي ناتي سان پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جا سوين ميڙ
سڏائي سندن خاطر خواهه بندوبست به ڪيو هو. 1935ع
ڌاري جڏهن هن پنهنجو شفاخانو کوليوهو ته شفاخانو
هلائڻ سان گڏوگڏ ان زماني ۾ هن ٻارن لاءِ اتي ويهي
نهايت وڏو تخليقي ڪم به سرانجام ڏنو. هن کان اڳ
ٻارن لاءِ باقاعده شعر ڄڻ ته بنهه ڪين هو. هن ان
جي گهرج پوري ڪئي ۽ سندن وندر لاءِ خوب مال موجود
ڪيو. 1929ع ۾ بيوس سائينءَ جو شعري مجموعو ’شيرين
شعر‘ ۽ ان سان گڏوگڏ محمد صديق مسافر جي سهڪار سان
سهيڙيل شاعريءَ جو ڪتاب ’سامونڊي سپون‘ ان زماني ۾
اسڪولن لاءِ ’درسي ڪتاب‘ طور منظور ۽ مقرر ڪيا
ويا. فقط ان سطح تي ئي نه، ان دؤر ۾ يونيورسٽيءَ
لاءِ درسي ڪتابن ۾ پڻ سندس نظم نهايت فخر ۽ اعزاز
سان شامل ڪري شاگردن کي پڙهايا ويندا هئا. 1935ع ۾
بيوس سائين جو ٻارن لاءِ بهترين شعري مجموعو ’مؤجي
گيت‘ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ چار گيت هري دلگير جا ۽
چوڏهن گيت ۽ نظم بيوس سائين جا آهن.
”مؤ جي گيت“ تي تبصرو ڪندي برک ليکڪ تاج جويي لکيو
آهي ته ”بيوس جا سمورا گيت ۽ نظم جيڪي ’مؤجي گيت‘
۽ ’شيرين شعر‘ ۾ ڇپيا آهن، اهڙا ته عام فهم ۽ آسان
آهن جو ٻارن کي پڙهندي سمجهندي ۽ ياد ڪندي ڪابه
ڏکيائي محسوس ڪانه ٿي ٿئي. انهن نظمن ۽ گيتن جي
ٻولي رسيلي، سادي ۽ ٻارن جي ذهن ۽ فهم ۾ اچڻ جهڙي
آهي. اهي گيت ٻارن جي معصوم مُرڪن جهڙا موهيندڙ ۽
سندن پاڪ ۽ اوجل دلين جهڙا اُجلا ۽ نرم آهن.“ |