ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
جنگ نامه منظوم
فارسي
(سن 1114هه/1702ع ۾ بختاور خان جي بغاوت ۽ ان جو
انجام)
اڄ کان پنج ورهيه اڳ جڏهن راقم پنهنجي ڪتاب ”تذڪره
ڪوٽائي سادات روهڙي“ جي سلسلي ۾ مواد ڪٺو پئي ڪيو،
تڏهن ان خاندان جا ڪيترائي مخطوطا مطالعي هيٺ
رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ سيد غلام مرتضيٰ بن سيد غلام
علي رضويءَ جي لکيل قلمي ڪتاب ”شجره سادات
رضوي/نقوي“ تائين رسائي حاصل ٿي، جنهن جو اڀياس
ڪندي مير سيد يعقوب علي خان رضويءَ جي وفات جي
ماده تاريخ ملي. ان ماده تاريخ جو وضع ڪندڙ خواجه
عبدالرؤف نالي هڪ شاعر ڄاڻايل هو. انهيءَ وقت کان
وٺي خواجه عبدالرؤف جي باري ۾ تلاش ۽ جستجو جاري
رهي ۽ ساڳئي وقت دل ۾ اها هورا کورا پئي رهي ته
ايڏو وڏو شاعر، جنهن رضوي سادات جي بزرگن ۽
مشاهيرن جي وفات جون تاريخون چيون آهن، تنهن ضرور
فارسي زبان ۾ پنهنجي ڪلام جو ڪو مجموعو يا ديوان
يادگار طور ڇڏيو هوندو. ازانسواءِ، سندس زندگيءَ
جي حالات جي باري ۾ به ڪٿان ڪو سراغ ڪونه ٿي مليو.
آخرڪار، تازو پنهنجي نوجوان علمي دوست سيد
عبدالحسين شاهه ”تجمل“ موسويءَ جي ذريعي خواجه
عبدالرؤف جو هڪ ننڍڙو قلمي رسالو دستياب ٿيو.
انهيءَ رسالي جو مطالعو ڪندي اسان جي گمان کي هٿي
ملي ٿي ته خواجه عبدالرؤف جون ٻيون به ڪيتريون ئي
تصنيفات ۽ تاليفات هونديون، جي روهڙيءَ طرف يا سنڌ
جي ڪنهن نه ڪنهن قديم خانوادي جي ڪتبخاني ۾ موجود
هونديون.
خواجه عبدالرؤف جي انهيءَ مٿئين دستياب ٿيل قلمي
رسالي جو نالوي ’جنگ نامہ“ آهي، جو روهڙي شهر جي
مشهور ”آخوند خاندان“ جي آخوند ميان عبدالله
جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
سنڌ جي تاريخ متعلق هن وقت تائين قديم دور جا جيڪي
به ڪتاب دستياب ٿيا آهن، تن ۾ رڳو وقت جي بادشاهن
۽ حاڪمن جا احوال، اميرن جو ذڪر، جنگين جا قصا ۽
ملڪ گيريءَ جون ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن. پر
هيءُ پهريون رسالو آهي، جنهن ۾ انهن مڙني روايتي
ڳالهين کان هٽي، هڪ فساد ۽ فتني جو ذڪر، ان کي
ٻنجي ڏيڻ ۽ ناس ڪرڻ جو تذڪرو بيان ڪيو ويو آهي.
خواجه عبدالرؤف جي سوانح حيات
اسان منڍ ۾ اهو بيان ڪري آيا آهيون ته خواجه
عبدالرؤف جي باري ۾ ڪوبه مستند ۽ مفصل احوال ڪونه
ٿو ملي، پر جيئن ته هن پاڻ پنهنجي قلمي نسخي جي
آخر ۾ پنهنجي نالي سان ”خواجه“ جي عرفيت لڳائي
آهي، انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ ”خواجه“
قوم جو فرد هو.
”خواجه قوم، قديم زماني کان وٺي روهڙي شهر ۾ ڪافي
تعداد ۾ رهندي هئي، پر هن وقت ان قوم جو
ڪوبه نالو نشان باقي نه رهيو آهي. اهو معلوم ٿي نه
سگهيو آهي ته هن قوم جا فرد، زماني جي ڦيرين
گهيري، انقلابن ۽ حادثن جو شڪار ٿي روهڙيءَ مان
لڏي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي آباد ٿيا يا آهستي آهستي
لاولد ٿي فوت ٿيندا ويا. اهو به ممڪن آهي ته ڪن
فردن پنهنجي ذات مٽائي، ڪي نيون ذاتيون متعارف
ڪرايون هجن. بهرحال، روهڙي شهر ۾ اڄ به قديم زماني
جون ٻه مسجدون موجود آهن، جي خواجه قوم جي بزرگن
جون تعمير ڪرايل آهي. انهن مان هڪ مسجد خواجه محمد
صالح جي تعمير ڪرايل آهي، جا هن وقت ”ٻنڌ واري
مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي. ڪنهن زماني ۾ اها
مسجد ”ڦڙڪاين واري مسجد“ به ڪري سڏبي هئي، ڇاڪاڻ
ته انهيءَ هنڌ ”ڦڙڪاين“ جو هڪ محلو آباد هو.
اهو زمانو ”تحفة الڪرام“ جي تاليف ٿيڻ کان ڪجهه اڳ
جو آهي. مسجد جي اندرئين محراب جي مٿان ڪاشيءَ جي
سرن تي شڪسته خط ۾ هڪ ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هيٺين
عبادت لکيل آهي:
”اِعّتَصِمَت باللهِ الَّذِي لايَيئَسُ مِن فَضلِہ
الفاسِقُ وَالفاجِر ثُمَّ قُلتُ التَّارِيخ بَنَيٰ
’المسجدلله‘ محمد صالح تاجر- راقم اثيم سيد محمد
علي بخاري“
ٻي مسجد ”سخي دين پناهه واري مسجد“ جي نالي سان
سڏبي آهي. اها مسجد خواجه محمد حسين جي ٺهرايل آهي
۽ درياهه جي وٽ سان، مشهور ميرڪي سادات جي حويليءَ
جي ڀرسان آهي.
خواجه عبدالرؤف جي والد جو نالو فتح علي هو، جنهن
بابت پڻ خواجه صاحب پنهنجي رسالي جي آخر ۾ نشاندهي
ڪئي آهي. جيئن ته ميان عبدالرؤف جو تعلق ”خواجه“
قوم سان هو ۽ هيءَ قوم صدين کان وٺي تجارت جي ڪرت
۾ مشهور رهندي پئي آئي آهي، انهيءَ حوالي سان
خواجه عبدالرؤف جو به واپار ڏانهن گهڻو لاڙو هو.
ان دور جي ڪن خطي دستاويزن جو مطالعو ڪندي اهو
معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ان وقت بکر سرڪار ۾ ”عمدة
التجاري“ جي عهدي تي فائز ٿيل هو. اهو منصب موجوده
دؤر جي ”وزير تجارت“ جي هم پلئه هو. ساڳئي وقت ان
دستاويز جي اڀياس مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته
خواجه صاحب کي بکر سرڪار جي سادات ۽ شرفاء طرفان
پڻ انهيءَ عهدي تي فائز ٿيڻ لاءِ پورو پورو تعاون
حاصل هو. مسلمان ۽ هندو واپاري پڻ سندس انهيءَ
منصب مان راضي هئا. دستاويز جي عبارت هن طرح آهي:
”وفوجداري سرکار بکر باستصواب سادات عظام و شرفاء
کرام و رضامندي بيوپاريان از مسلمين و هنود و سائر
سکنه سرڪار بکهر عهده عمدة التجاري بنام مشيخت و
شرافت پناه شيخ عبدالرؤف مقرر و مسلم داشته.‘
ان مذڪور خطي دستاويز ۾ خواجه عبدالرؤف جي تقرريءَ
جو سن وغيره نه ڏنو ويو آهي، البت پرواني تي لڳل
مهرن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهي سن 1138هه/1726ع
کان 1148هه/1736ع تائين واري عرصي جون ثبت ٿيل
آهن. انهيءَ ڪاروبار هلائڻ واسطي خواجه صاحب جي ٻن
پٽن فضل الله ۽ ڪرم الله کي به نائب طور شامل ڪيو
ويو هو. اهڙيءَ طرح اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته
خواجه عبدالرؤف نه صرف پنهنجي وقت جو اديب ۽ شاعر
هو پر وقت جي سرڪار طرفان اعليٰ منصبن تي به فائز
هو.
خواجه عبدالرؤف جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن تي جيتوڻيڪ
اونداهيءَ جو پردو ڇانيل آهي ۽ سندس تصنيفات ۽
تاليفات جو ڪوبه صحيح احوال ڪونه ٿو ملي، ان هوندي
به خواجه صاحب جي مذڪور ”جنگ نامي“ کان سواءِ سندس
ڪلام ۾ ٻه ماده تاريخون پڻ دستياب ٿيون آهن، جن
مان هڪ نواب سيد مير يعقوب علي خان رضوي جي آهي.
مير صاحب، مغل بادشاهه اورنگزيب طرفان بکر جو نواب
مقرر ٿيل هو. هن سن 1091هه/1680ع ۾ وفات ڪئي. ماده
تاريخ هن ريت آهي:
از آلِ رسول سيد رضوي،
از آلِ رسول ثمر عجب رضوي.
1090هه
خواجه صاحب جي وضع ٿيل ٻي ماده تاريخ، روهڙيءَ جي
هڪ ولي ۽ ڪامل درويش مولا محبت شاهه جي وفات جي
موقعي تي چيل آهي. سيد صاحب سن 1178هه/1764ع ۾
رحلت ڪئي. اها ماده تاريخ هيٺينءَ طرح آهي.
از سر اخلاص گفتا هاتفي،
1
کان محب جان بحق واصل شد است.
1177+1=1178هه
جهڙيءَ طرح خواجه عبدالرؤف جي زندگيءَ جي تفصيلي
احوال جي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي، اهڙيءَ طرح سندس
وفات جي باري ۾ به ڪا صحيح معلومات ميسر ٿي نه
سگهي آهي. خواجه صاحب جي باري ۾ دستياب ٿيل مواد
جو غور سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه واضح
ٿئي ٿي ته مولا محب شاهه جي وفات جي ماده تاريخ
يعني سبن 1178هه کان پوءِ ٻيو ڪوبه اهڙو مواد يا
ماده تاريخ ڪانه ٿي ملي، جا خواجه صاحب ڏانهن
منسوب ٿيل هجي. انهيءَ ڪري اسان انهيءَ راءِ جا
آهيون ته خواجه عبدالرؤف سن 1178هه/1746ع کان پوءِ
جلد وفات ڪئي هوندي.
جنگ نامي جو ادبي جائزو
جنگ نامي جو هيءُ ننڍڙو رسالو فارسي نظم ۾،
مثنويءَ جي طرز تي خواجه عبدالرؤف جو جوڙيل آهي.
هيءُ قلمي نسخو 8x4
انچن جي سائيز ۾، 14 صفحن تي ڦهليل آهي. هر صفحي
تي 9 سٽون آهن ۽ هر عنوان کي ڳاڙهيءَ مس سان نروار
ڪيو ويو آهي. مصنف، هيءُ ڪتاب اصل واقعي جي وقعو
پذير ٿين کان پورا ٻه سال پوءِ 6 محرم الحرام سن
1116هه/11 مئي 1704ع تي تصنيف ڪيو. هن نسخي جو
ڪاتب مصنف خود پاڻ آهي. نسخي جي آخر ۾ هيٺين عبارت
تحرير ڪيل آهي:
”مصنف و کاتب اين رسالا احقر عبدالرؤف ولد خواجه
فتح عيل بجهت ........ مگر کس از .... ديده در حق
اين بنده دعائي خير کند اميد در عيبش نکو .... و
بذيل الطاف بپوشند. بتاريخ ششم محرم الحرام سن
1116هه تحرير يافت روز شنبه بوقت عصر انجام يافت.
نوشته بماند سيه برسفيد،
نويسنده را نيست فردا اميد.
والسلام.“
خواجه عبدالرؤف پنهنجي هن تاريخي منظومي کي ڇهن
عنوانن تحت بيان ڪيو آهي. رسالي جي شروع ۾، تصنيف
جو سبب ”در سبب تصنيف اين رساله‘ عنوان هيٺ لکيو
اٿائين، جنهن جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته
هن اهو مذڪور رسالو پنهنجي ڪن دل وارن دوستن ۽
احبابن جي چوڻ تي لکيو هو ته جيئن اهو رزميه
داستان تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي وڃي. پاڻ لکي ٿو:
مرا شوق بر شعر گفتن نبود،
بسي ميل با اين نوشتن نبود
و ليکن بمرز بکهر مفسدي.
به بيختند سرز امر شاهناشاهي.
برو لشکر شہ ظفر يافتند،
سرش را به تير و تير کافتند.
پي سال قتلش رزم داستان،
مگر بعد يکچند صاحبدلان.
تجسس نمايند زان قصه ناز،
بيابند زين نامه نغز ساز.
انهيءَ مختصر تعارف کان پوءِ ”در آغاز جنگ نامه“
جي عنوان سان بکر جي ان باغي ۽ فساديءَ جو تعارف
ڪرائيندي ٻڌائي ٿو ته بختاور نالي هڪ شخص بکر ۾
فساد ۽ ظلم جو رڻ ٻاري ڏنو هو. بکر جو غريب عوام
ته ٺهيو پر شرفاءَ به سندس ظلم ۽ ستم جو شڪار هئا.
خواجه صاحب پنهنجي رسالي ۾ کيس بدخواه، بدڪيش ۽
بدبخت جهڙن لفظن سان ياد ڪيو آهي. اڳتي هلي، هن جي
ظالمانه ڪاررواين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته هن جي ظلم
جي انتها هئي. بکر جا شهر ۽ راڄ، سندس ظلم جي ڪري
تباهه ۽ برباد ٿي ويا هئا. سندس ظلمن جو داستان نه
صرف بکر تائين محدود هو، پر ٻين علائقن ۾ به مشهور
هو.
ان کان پوءِ مغل بادشاهه اورنگزيب جي مدح ۾ ڏهاڪو
کن بيت ڏنا ويا آهن، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته
بختاور، بکر ۾ اورنگزيب جي دور حڪومت ۾ ٿي گذريو
آهي. جڏهن سندس ظلم ۽ ڏڦيڙ حد کان وڌي ويو، تڏهن
اورنگزيب پنهنجي پوٽي شهزادي معزالدين کي ملتان
مان انهيءَ فساديءَ جي سرڪوبيءَ لاءِ بک روانو
ڪيو. اهڙيءَ طرح خواجه صاحب اورنگزيب جي مدح کان
پوءِ شهزادي معزلادين جي مدح ۾ چند بيت ڏنا آهن.
انهيءَ مدح سرائي کان پوءِ ”در آغاز جنگ“ جي سري
هيٺ ان لڙائيءَ جو احوال بيان ڪيو ويو آهي، جنهن
موجب شاهي فوج ۽ فساديءَ جي درميان ڇتي ويڙهه شروع
ٿي. بختاور جو پاسو ڳرو ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ وڏي ڳالهه
اها هئي ته کيس شاهي لشڪر جو ڪوبه ماڻهو چڱيءَ طرح
سڃاڻي نه ٿي سگهيو. ملڪ الله بخش افغان هڪ چڱي اثر
رسوخ وارو امير هو ۽ شهزادي معزالدين جو اتحادي
هو. خواجه صاحب، ملڪ الله بخش لاءِ عنوان قائم
ڪري، ان جي مدح بيان ڪئي آهي. پاڻ ٻڌائي ٿو ته ملڪ
الله بخش، بختاور کي سڃاڻي، بادشاهي لشڪر کي ان جي
نشاندهي ڪئي. آخر گهمسان جي لڙائيءَ کان پوءِ
بختاور کي قتل ڪيو ويو ۽ سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي
وئي. شهزادي معزالدين حڪم ڪيو ته هن بدبخت جي جسم
جا ڳڀا ڳڀا ڪري انهن کي وڻن ۾ لٽڪايو وڃي ته جيئن
ڏسندڙ ان مان عبرت حاصل ڪن ۽ آئنده ڪنهن کي به نمڪ
حراميءَ جي جرئت نه ٿئي. خواجه صاحب چوي ٿو:
که از حربگه جسم او آورند،
کشيده ورا سوئي بکگهر برند.
بسازند آنجا تنش لخت لخت،
معلق نمايند بر هر درخت.
که تابعد زين کس بمثلش مدام
نسازد دگر ره نمک را حرام.
نمودن آن حسب فرمان شاه،
در آندم بکردند جسمش تباه.
هيءُ واقعو سن 1114هه/1702ع ۾ ٿيو. بختاور جي قتل
جي ماده تاريخ، خواجه عبدالرؤف هيٺينءَ ريت وضع
ڪئي آهي:
شنو اي برادر نصيحت نيوش،
که چون سال قتلش بجستم زهوش.
خرد متفق ش برين مقصدي،
که مقهور دارين شد مفسدي.
1114هه
خواجه عبدالرؤف جو هيءُ ننڍڙو تاريخي رسالو، سنڌ
جي تاريخ جو هڪ نادر ۽ قيمتي خزانو آهي، ليڪن
افسوس آهي ته مصنف کي نهايت ئي مختصر نموني ۾ بيان
ڪيو آهي.
خواجه صاحب پنهنجي رسالي ۾ اهو نه ڄاڻايو آهي ته
ان وقت بکر جو نواب ڪير هو؟ تاريخ جو مطالعو ڪندي
اهو معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ بکر جو نواب امين
الدين خان حسين هو. ان سلسلي ۾ ”مؤرخ سنڌ‘ سيد
حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”مير امين الدين خان 15-1114هه ۾ بکر جو فوجدار
هو. ٺٽي مان بدلي ٿي بکر جو فوجدار مقرر ٿي آيو ۽
ان زماني ۾ خانپور جي نيابت به سندس سپرد ٿي. پاڻ
سن 1120هه تائين بکر ۾ انهيءَ عهدي تي برقرار
رهيو.“ (1)
خواجه عبدالرؤف جي لکڻ مان اهو اشارو ملي ٿو ته
بختاور ايڏو ته طاقتور ٿي چڪو هو، جو خود بکر جو
نواب به شايد ان کي منهن ڏيئي نه ٿي سگهيو؛ ڇاڪاڻ
ته جيڪڏهن نواب ان فتني ۽ فساد کي ٻنجو ڏئي ها، ته
اورنگزيب تائين اهو معاملو نه وڃي ها. جڏهن بکر جي
عوام ۽ شرفاء مغل نواب جي بيوسي يا لاپرواهي ڏٺي،
تڏهن مجبور ٿي ان سنگين معاملي کي درٻار شاهيءَ
تائين پهچايو ويو، جتان ملتان جي حاڪم شهزادي
معزالدين کي بختاور جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو ويو.
ساڳئي وقت ملڪ الله بخش جي باري ۾ به ڪا نشاندهي
نه ڪئي وئي آهي. ازان سواءِ ”جنگ نامي“ ۾ محمد
امين نالي هڪ شخص جو ذڪر ملي ٿو، جنهن جي باري ۾
به ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي. افسوس آهي جو ان تاريخي
واقعي کي مفصل بيان ڪرڻ بجاءِ نهايت مختصر نموني ۾
بيان ڪيو ويو آهي.
”جنگ نامي“ ۾ آيل واقعي جو تاريخي جائزو
خواجه عبدالرؤف جي مٿئين بيان ڪيل ”جنگ نامي“ ۾
منظوم ڪيل واقعي جو جڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾
مطالعو ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ
ساڳئي واقعي کي سنڌ جي ڪيترن ئي مؤرخن پنهنجي
پنهنجي نموني ۾ مختلف روايتن سان بيان ڪيو آهي.
جيئن ته هيءُ واقعو خواجه صاحب جي اکين آڏو ٿي
گذريو هو، ان صورت ۾ بهتر ائين هو ته ان کي اختصار
بجاءِ تفصيل سان بيان ڪيو وڃي ها، ته هوند کانئس
پوءِ جي مؤرخن جي شڪ ۽ گمان پيدا ڪرڻ وارين روايتن
بدران سندس بيان ڪيل واقعو وڌيڪ مستند سمجهيو وڃي
ها. بهرحال، تاريخ جو اڀياس ڪندي اسان کي ان واقعي
جون ٽي روايتون ملن ٿيون، جن جو هتي بيان ڪجي ٿو:
(الف) ”تخفة الڪرام“ واري روايت
خواجه عبدالرؤف جي بيان ڪيل واقعي جو جڏهن تاريخ
جي روشني ۾ مطالعو ڪجي ٿو ته اهو واضح ٿئي ٿو ته
اهو واقعو مغل بادشاهه اورنگزيب جو پوئين دور ۾ ٿي
گذريو آهي. ان دور ۾، سنڌ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو
پنهنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ جيڪي هٿ پير هڻي رهيو
هو، ان سنڌ جي مقامي قوتن کي پڻ لوڏي وڌو هو.
انهيءَ سلسلي ۾، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ان واقعي
طرف اشارو ڪندي لکي ٿو:
”ميان يار محمد قلات ۾ ٻه سال پريشانيءَ جي حالت ۾
گذاريا. اڪثر سرائي سردار پڻ پاسڙ وٺي ويهي رهيا ۽
سندس ملڪ جي گهڻي ڀاڱي تي مرزا خان جي پٽ بختاور
خان جي ماڻهن (پٺاڻن) قبضو ڪري ورتو. سن 1113هه ۾
ميان يار محمد، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي،
مريدن کان بيعت وٺي التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾
کڻي، پنهنجي موروثي زمين ڏانهن رخ رکيو. پهريائين
زيدي کان لنگهي، منزل ڪندا، منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي
هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ سانوه ڳوٺن ۾ پهتا. جن کي
زالون ساڻ هيون سي اتي رهجي پيا ۽ پاڻ اڳتي وڌي
پهريائين قيصر پنهور کان سامتاڻي وٺي، پوءِ ڳاهن ۾
اچي ڇانوڻي هنيائين. تنهن کان پوءِ، پنهنجي ڀاءُ
مير محمد کي سرائي سردارن سان گڏ اڳتي موڪليائين،
جنهن وڃي مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري،
فتحپور جو قلعو ڇڏايو.“ (2)
مير ”قانع“ ٺٽويءَ جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو
صاف ظاهر ٿئي ٿوته ميان يار محمد ڪلهوڙي قلات جي
حاڪمن، سرائي سردارن ۽ پنهنجن معتقد مريدن جي مدد
سان پنهنجي طاقت کي وڌائي، پنهنجيون وڃايل زمينون
۽ شهر ٻيهر فتح ڪري ورتا هئا. مير ”قانع“ ٺٽوي
اڳتي هلي ان واقعي جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن جو
خواجه عبدالرؤف مبهم نموني ۾ ذڪر ڪيو آهي. مير
”قانع“ ٺٽوي لکي ٿو:
”بختاور خان لاچار ٿي ملتان جي شهزادي معزالدين جي
خدمت ۾ عريضو موڪليو ته دين محمد جي ڀاءُ وري شورش
مچائي آهي. هيءُ وقت واهر ڪرڻ جو آهي.“ (3)
مير ”قانع“ ٺٽوي اڳتي هلي بختاور خان جي اصل
بدلجندڙ نيت جي باري ۾ لکي ٿو:
”جيتوڻيڪ بختاور خان، شهزادي معزلادين کي پنهنجي
مطلب لاءِ گهرايو هو، ليڪن ان جو نتيجو ابتو نڪتو.
اتفاقاً جڏهن شهزادي سڌو سندس ملڪ جي رستي سان رخ
ڪيو، تڏهن ملڪ جي برباديءَ جي خوف کان عرض ڪيائين،
ته هن رستي کان نه اچڻ گهرجي. شهزادي کي هي مختلف
عريضا ڏسي انهيءَ ۾ خلل ڏسڻ ۾ آيو ۽ انهيءَ پاسي
روانو ٿيو. هن کي کوٽي کنيو بيٺي هئي، تنهن ڪري
روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ سخت مقابلي ڪرڻ کان پوءِ
قتل ٿي ويو. ايتري ۾ هن طرف جي وڪيلن حاضر ٿي
(بادشاهزادي جي) دل تي پنهنجي غلاميءَ ۽ اخلاق جو
خاطر خواه اثر وهاريو. شهزادو، بختاور خان کي قتل
ڪري، ڪجهه وقت اچي بکر ۾ رهيو. (4)
مير ”قانع“ ٺٽويءَ پنهنجي انهيءَ مٿئين عبارت ۾
اهو ڪٿي به نه ڄاڻايو آهي، ته ڪو بختاور خان، بکر
جي شرفاء، عالمن مخدومن ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن کي
ستايو هو. ساڳئي وقت بختاور خان جي قتل جو واقعو
به بکر کان ٻاهر ڄاڻايو اٿائين. مير ”قانع“ ٺٽويءَ
جي ڀيٽ ۾ خواجه عبدالرؤف پنهنجي ”جنگ نامي“ ۾ اکين
ڏٺا احوال ڏنا آهن، خواجه صاحب ۽ مير ”قانع“
ٺٽويءَ جي بيان ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه تضاد آهي، پر ايترو
چئي سگهجي ٿو ته جڏهن شهزادي معزالدين، بختاور خان
طرف رخ ڪيو، ته ان وقت ممڪن آهي ته بختاور خان ٻيو
ڪو چارو نه ڏسي، شهزادي معزالدين کي هراسان ڪرڻ
لاءِ بکر جي ماڻهن تي ظلم ڪيو هجي.
(ب) ”تاريخ ڪلهوڙا“ واري روايت
”تحفة الڪرام“ کان پوءِ سنڌ جي هڪ ٻئي مؤرخ مولانا
غلام رسول مهر پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”تاريخ
سنڌ-ڪلهوڙا دور‘ ۾ مرزا خان جي پٽ بختيار خان جي
بيان کي مير ”قانع“ ٺٽويءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تفصيل
سان بيان ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت سندس ظالمانه ۽ سخت
گير ڪاررواين، جن جي نشاندهي خواجه عبدالرؤف
پنهنجي ”جنگ نامي“ ۾ ڪئي آهي، تي پڻ ڪافي روشني
وڌي آهي.
مرزا خان پنهنجي جيئري ئي پنهنجن حريفن ۽ مخالفن
جو گهڻي قدر صفايو ڪري ڇڏيو هو. ان هوندي به عوام
۾ سندس خلاف سخت نفرت ۽ حقارت موجود هئي. جڏهن
مرزا خان وفات ڪئي، ته سندس پٽ بختيار خان سندس
جاءِ نشين ٿيو. عام ماڻهن “ سندس پيءُ خواه سندس
متعلق جيڪا نفرت جي باهه دٻيل هئي، اها ڀڙڪو کائي
اٿي. سندس ڏاڍاين ۽ ظلم کان تنگ ٿي، ماڻهو سندس
خلاف ٿي بيٺا ۽ آخر بختيار خان مجبور ٿي ڀڄي وڃي
شڪارپور ۾ دائود پوٽن وٽ پناهه ورتي. دائود پوٽن
انهيءَ ڏيئي وقت جي گهڙيءَ ۾ سندس ساٿ ڏنو. کيس
”بختيار پور“ نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهايائون ۽ اڌ ڍل جو
کيس مالي مدد طور پڻ ڏنائون. (5)
بختيار خان جو سيوهڻ ۾ نواب مقرر ٿيڻ:
مولانا غلام رسول مهر لکي ٿو ته مٿي بيان ڪيل
حالتن دوران بختيار خان کي مغطل شاهي درٻار مان
سيوهڻ جي نوابيءَ جو فرمان پهتو. ان کان پوءِ
بختيار خان جي نيت ۾ وري ڦيرو اچي ويو. هن سيوهڻ
جي نوابيءَ کي پنهنجي لاءِ سٺو سنوڻ سمجهي دل ۾
پَههُ ڪيو، ته هاڻي پنهنجن دشمن ۽ مخالفن کان حساب
چڪتو ڪرڻ جو بهترين موقعو هٿ آيو آهي. بختيار خان
جي دماغ ۾ انتقامي باهه ايتري قدر ته وڌي ويئي
هئي، جو هو پنهنجن محسنن دائود پوٽن جي خلاف ٿي
بيٺو ۽ هنن جي احسانن کي وساري سندن پاڙون پٽڻ
شروع ڪيائين، ڇاڪاڻ ته کيس اهو ڊپ هو ته اڳتي هلي
ائين نه ٿئي جو دائود پوٽا ۽ سندن پاڙيسري قوتون
هن لاءِ خطري جو سبب بڻجڻ. انهيءَ دوران دائود
پوٽن جو سردار بهادر خان فوت ٿي ويو ۽ سندس پٽ
محمد مبارڪ خان گادي نشين ٿيو. بختيار خان ۽ دائود
پوٽن جا پاڻ ۾ تعلقات خراب ٿيندا ويا. شيخ حامد
گنج بخش قادري،
جو ٻنهي جو مرشد هو، اُچ شريف مان هلي اچي سندن
ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ليڪن بختيار خان جيڪو
ڪينه پرور هو، تنهن ٺاهه ٿيڻ کان صفا نابري واري
ڇڏي.
بختيار خان جي انهيءَ روشن کان تنگ ٿي، دائود پوٽن
جي سردار محمد مبارڪ خان سياسي مصلحت انهيءَ ۾
سمجهي، ته في الحال کين ٻئي طرف وڃڻ گهرجي ۽
شڪارپور کي ڇڏڻ بهتر آهي. دائود پوٽن جو هڪ امير،
محمد پنو خان پنهنجي سردار جي چوڻ تي بختيار خان
جي پٽ جهان خان جي حد ۾، سندس ڏنل زمين تي ”قلعو
پنو خان“ ٺهرائي وڃي رهيو. ڪجهه وقت کان
پوءِ سردار محمد مبارڪ خان به پنهنجي اهل عيال،
فوج ۽ نوڪرن سميت قلعي پنو خان ۾ پهچي ويو. جهان
خان جيتوڻيڪ بختيار خان جو پٽ هو، پر طبع ۾ پنهنجي
پيءُ جي بلڪل ابتڙ هو ۽ سياسي شطرنج جي راند جو
ماهر کيڏاري هو. هن ان موقعي کي سونهري موقعو
سمجهي دائود پوٽن جي ان لحاظ کان مدد ڪئي ته هو
ڏهر قوم سان سندس دشمنيءَ ۾ کيس مدد ڪندا. (6)
دائود پوٽن، جهان خان جي مدد ڪرڻ خاطر، ڏهرن سان
جيڪا جنگ ڪئي، مهر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو
تفصيلي احوال ”مرات دولت عباسيه“ جي حوالي سان ڏنو
آهي. ان جو هتي ذڪر ڪرڻ طوالت جو باعث ٿيندو.
بهرحال، ان جنگ ۾ ڏهرن کي شڪست ملي ۽ جهان خان جو
مقصد به پورو ٿي ويو. ان کان پوءِ بڪاري سادات جي
سرڪردي امير سيد شير ارزان، جنهن ڏهرن جي مدد ڪئي
هئي، کي به ختم ڪيو ويو. انهن ٻنهي واقعن ۾ دادئود
پوٽن انهيءَ مصلحت کان ڪم وٺي حصو ورتو ته جڏهن
بختيار خان اهو ٻڌندو ته دائود پوٽن سندس پٽ جهان
خان جي مدد ڪئي آهي ته هو کانئن خوش ٿيندو ۽ صلح
ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندو، پر سندس ڪابه اميد پوري ڪانه
ٿي (7).
مبارڪ خان دائود پوٽي جي ملتان جي حاڪم کي دانهن:
دائود پوٽن جڏهن اهو ڏٺو ته جهان خان جي ايتري قدر
مدد ڪرڻ جي باوجود بختيار خان کانئن راضي نه ٿيو،
ته پوءِ مجبور ٿي هنن اهو بهتر سمجهيو ته ملتان جي
حاڪم شهزادي معزلادين کان مدد وٺجي ۽ انهيءَ فتني
کان هميشہ لاءِ جان ڇڏائجي.
1- ربيع الاول 1113هه/6-آگسٽ 1701ع تي محمد مبارڪ
خان پنهنجن عزيزن ۽ ملازمن کي ساڻ وٺي، ملتان طرف
اسهيو. عزيزن مان بکر فيروزاڻي ۽ ان جا پٽ سنجر
خان، هوتي خان ۽ سوڀو خان ۽ وڏيري جوڌي خان جا پٽ
پني خان ۽ هوت خان ساڻس گڏ هئا. دائود پوٽا جڏهن
ملتان پهتا ته ان کان اڳ بختيار خان شهزادي جي
مشيرن کي پنهنجو بنائي چڪو هو، انهيءَ ڪري سندن
ڪابه حجت ڪانه هلي. ليڪن انهيءَ عرصي ۾ ديري غازي
خان جي واليءَ پنهنجن صلاحڪارن قطب خان ۽ عثمان
خان جي غلط صلاحن سان مغل شاهيءَ خلاف بغاوت ڪئي.
شهزادي معزالدين انهيءَ بغاوت کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ
مٿن حملو ڪيو. دائود پوٽن ان موقعي کي غنيمت
سمجهي، انهيءَ ويڙهه ۾ شهزادي جو ساٿ ڏنو. آخر ۾
شهزادي جي فتح ٿي ۽ ديري غازي خان جو والي ۽ سندس
صلاحڪار گرفتار ٿيا.
هن موقعي تي سيتپور ۽ جلالپور جي ساداتن، اٺن
هزارن جي لشڪر سان باغين جي مدد لاءِ شهزادي
معزلادين تي حملو ڪيو. سنجر خان نهايت مردانگيءَ
سان منهن ڏنو ۽ سيدن جي هار ٿي. شهزادي خوش ٿي
سنجر خان کي پنهنجو خاص خنجر عطا ڪيو ۽ مبارڪ خان
کي شاهي منصبدار بڻايو (8).
انهيءَ واقعي کان پوءِ شهزادي معزلادين جو دائود
پوٽن تي وڏو اعتماد ٿيو. شهزادي، بختيار خان خلاف
سندس هر شڪايت ٻڌي ۽ شهزادي اهو محسوس ڪيو ته
جيڪڏهن بختيار خان جي ڪاررواين کي بند نه ڪيو ويو
ته پوءِ پاڻي سر کان مٿي چڙهي ويندو ۽ مغل شاهي
سلطنت کي ٻوڙي وجهندو. انهيءَ خيال کان شهزادي
معزلادين لشڪر ساڻ ڪري سنڌ جو رخ رکيو. سفر دوران
دائود پوٽن پنهنجي چالاڪ ۽ عيار دشمن جي خطري کي
محسو ڪندي اهو بندوبست ڪيو ته ملتان کان سنڌ پهچڻ
تائين، رستي ۾ ڪوبه غير ماڻهو شهزادي سان ملاقات
نه ڪري. شهزادي جي فوج جڏهن شڪارپور جي ويجهو پهتي
ته ان وقت بختيار خان ڪن سيدن ۽ اڪابرن کي پنهنجي
پاران وڪيل بڻائي شهزادي ڏانهن موڪليو، ليڪن دائود
پوٽن کن شهزادي سان ملڻ نه ڏنو. جڏهن بختيار خان
اهو محسوس ڪيو ته سندس سڀ تدبيرون ناڪام ٿي چڪيون
آهن، تڏهن هن لڙائيءَ لاءِ ڪمر ڪشي. شاهي فوج سان
سندس سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پاڻ مارجي ويو.
شهزادي حڪم ڪيو ته بختيار خان جي لاش کي چار ٽڪرا
ڪيو وڃي ۽ هرهڪ ٽڪرو شڪارپور، بختيارپور، خانپور ۽
بکر م ٽنگيو وڃي. (9)
انهيءَ مٿئين روايت کي جيڪڏهن خواجه عبدالرؤف جي
منظوم ”جنگ نامي“ سان ڀيٽجي ٿو ته اهو واقعو صحيح
درست معلوم ٿئي ٿو. فرق صرف اهو آهي جو خواجه صاحب
نهايت اختصار کان ڪم ورتو آهي.
مولانا غلام رسول مهر پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ڪلهوڙا“
۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي واري روايت به بيان ڪئي
آهي. اها روايت ڪجهه لفظي ڦير گهير سان ساڳي مير
”قانع“ ٺٽويءَ واري ڏني وئي آهي ۽ ان جو ماخذ به
”تحفة الڪرام“ آهي. اسان اها روايت منڍ ۾ ڏئي آيا
آهيون.
مهر صاحب، انهيءَ سموري واقعي جي بيان ڪرڻ کان
پوءِ لکي ٿو ته بکر ۽ سيوهڻ جي زمينداري ميان يار
محمد ڪلهوڙي کي ملي ۽ کيس ”خدا يار خان“ جو لقب
مليو. (10) ليڪن ”مؤرخ سنڌ“ سيد حسام الدين
راشديءَ جو قول آهي ته سن 1114هه/1702ع کان
1122هه/1710ع تائين بکر جو نواب سيد امين الدين
خان حسين هو. (11)
(ج) ”تاريخ بلوچستان“ واري روايت
راءِ بهادر هتورام پنهنجي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ ۾
لکي ٿو ته بختيار خان جون عادتون ۽ اخلاق ڪري چڪا
هئا. پاڻ ايتري قدر ته شَههَ ۾ پئجي ويو هو جو
پنهنجي عزيزن ۽ قريبن مان به نٿي ٽريو. سندس عزيزن
مان هڪ شخص پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ پنهنجي ڀائيٽي
سان ڪيو هو. بختيار خان وجهه وٺي، ان نياڻيءَ کي
زوريءَ کڻائي پنهنجي گهر ۾ رکيو. انهيءَ
بداخلاقيءَ واري ڪارروائيءَ جي خبر جڏهن ملتان جي
حاڪم معزلادين کي پئي، تڏهن هن کيس انهيءَ لاءِ
ڪافي هدايت ڪئي. ليڪن بختيار خان جي ڪَنَ تي ڪابه
جونءِ نه سُري ۽ شهزادي جي حڪم کي پُٺيءَ پاسيرو
ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيو. آخر شهزادي معزلادين
ڪاوڙجي مٿس فوج ڪشي ڪئي ۽ بختيار خان انهيءَ ويڙهه
۾ مارجي ويو. (12)
”تاريخ بلوچستان“ جي حوالي سان اها مٿئين روايت پڻ
بختيار خان جي ڪُڌن ڪرتوتن جو واضح ثبوت آهي. اها
روايت تاريخي لحاظ کان بلڪل نئين نموني جي ڏسڻ ۾
اچي ٿي، جنهن جو ذڪر خواجه عبدالرؤف ڪنهن به نموني
سان نه ڪيو آهي ۽ نه وري مير علي شير ”قانع“
ٺٽويءَ ان طرف ڪو اشارو ڏنو آهي. البت مولانا غلام
رسول مهر پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ڪلهوڙا“ ۾ اها روايت
”تاريخ بلوچستان“ جي حوالي سان ڏني آهي.
بختاور خان/بختيار خان نالي جي صحيح پڙهڻي
بختاور خان جي نالي متعلق پڻ ڪجهه مونجهارو نظر
اچي ٿو. خواجه عبدالرؤف پنهنجي ”جنگ نامي“ ۾
”بختاور خان“ جو نالو لکيو آهي. اهو ساڳيو نالو
مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ پڻ پنهنجي ڪتاب ”تحفة
الڪرام‘ جي فارسي متن ۾ ڄاڻايو آهي، جو هن ريت
آهي:
”و لادکانه از دست ملڪ الله بخش برادر بختاور خان
بتصرف آمد. بختيار خان بوقوع عجز بخدمت شاهزاده
معزالدين در ملتان عرضداشت نموده که: برادر دين
محمد باز چنين شورش کرده. وقت خبر گيريست.“ (13)
ليڪن تعجب آهي ته مولانا غلام رسول مهر پنهنجي
ڪتاب ۾ اصل ”بختاور خان“ نالي کي ”بختيار خان“ ڪري
لکيو آهي. خواجه عبدالرؤف، جنهن جي زندگيءَ ۾ هيءُ
اهم واقعو ٿي گذريو آهي، تنهن پنهنجي ”جنگ نامي“ ۾
”بختاور“ نالو ڄاڻايو آهي ۽ اهو نالو صحيح سمجهڻ
گهرجي. بختاور خان جو پيءُ مرزا خان سبي ۽ ڍاڍر جو
حاڪم هو ۽ اصل ۾ ”پني“ قوم جو فرد هو.
|