* تخفة الطاهرين
شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽويءَ هي ڪتاب 1190هه
۾ تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾ ٺٽي ۽ مڪليءَ تي مدفون 168
بزرگن جو احوال ڏنل آهي. مصنف ڪلهوڙن جو زمانو ڏٺو
۽ ميرن جي دور ۾ فوت ٿيو. آغا بدر عالم دراني
مرحوم سنڌي ادبي بورڊ لاءِ اصل فارسي ڪتاب مرتب
ڪيو، ان تي مقدمو ۽ حاشيا سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيائين.
هي ڪتاب 1956ع ۾ ڇپيو. ليکڪ جاگرافيءَ بابت هڪ
ڪتاب ”هيئت العالم“ نالي سنا تيار ڪيو. هن ڪتاب ۾
سنڌ جي شهرن بابت آيل مواد ”تحفة الطاهرين“ جي
ضميمي ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
(17) ترجمو
از عبدالرسول قادري. مترجم سليس ترجمو ڪيو، ان تي
مختصر حاشيا لکيا ۽ آخر ۾ تصويرن جو عمدو سيٽ به
شامل ڪيو آهي. آخر ۾ ڏنل انڊيڪس ڪتاب جي اهميت ۾
اڃا به واڌارو ڪيو آهي. هي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ
1411هه/1990ع ۾ شايع ڪيو آهي. بدر عالم دراني
مرحوم جي ايڊيشن کان پوءِ، راشدي صاحب ”تذڪرة
اميرخاني“ ۾، شيخ محمد اعظم بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏني
هئي، جا پڻ هن سنڌي ڇاپي ۾ اچڻ کپي ها.
* تخفة الڪرام
از مير علي شير قانع (م. 1203هه). مصنف ڪنهن به
رسمي تعارف جو محتاج ڪونهي. فارسيءَ جو سٺو شاعر ۽
نثر نويس هو. چاليهن کان مٿي ڪتاب لکيائين، جن جي
سنڌي جي مطالعي ۾ وڏي اهميت آهي. هي ڪتاب ٽن جلدن
تي آهي. آخري جلد سنڌ جي تاريخ، شهرن ۽ مشاهيرن
بابت لکيائين، جو سن 1304هه ۾ مطبع ناصري دهليءَ
مان ڇپيو هو. سيد حسام الدين راشدي صاحب، هي ساڳيو
جلد سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪيو ۽ سال 1971ع ۾
(بخش اول) ڇپجي نروار ٿيو. ليڪن ڪم جي طوالت سبب،
پير صاحب سنڌ بابت هن اهم جلد جو ٻيو حصو شايع نه
ڪري سگهيو. راشدي صاحب، مير علي شير قانع جا ڪجهه
وڌيڪ ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪري ڇپرايا هئا.
(18) ترجمو
از مخدوم امير احمد (م. 1971ع). هي ايڊيشن مطبع
ناصري ڇاپي تي مبني آهي. ڪٿي ڪٿي مترجم پنهنجي
طرفان حاشين جو واڌارو به ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ
”تحفة الڪرام“ جو سنڌي ڇاپو 1957ع ۾ آندو هو. ان
جا متعدد ايڊيشن نڪتا آهن.
* تذڪره الاولياء
از فريدالدين عطار نيشاپوري (م. 627هه). تذڪراتي
ادب ۾ هن جو شمار آڳاٽن ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. اوليائن
جي حالت تي مبني هي تذڪرو اڪثر ڀيرا ڇپيو آهي.
(19) ترجمو
ميان عنايت الله سومري عام فهم ۽ آسان ترجمو ڪيو
آهي. هي سنڌي ترجمو منشي عبدالغفور جويي جي نظر
ثانيءَ سان، مولوي محمد عظيم اينڊ سنس شڪارپور
وارن ڇپيو آهي. منهنجي نظر مان ٻيو ايڊيشن نڪتو.
سال معلوم نه ٿي سگهيو.
* تذڪره مخاديم کهڙا
مصنف مخدوم الهه بخش کهڙوي. هن ڪتاب ۾ کهڙن جي
مخدومن جو احوال ڏنل آهي. مصنف ”تاريخ گنجينہء
جهان نما‘ جي لکندڙ مخدوم محمد عاقل جو پٽ هو. ان
جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.
(20) ترجمو
مخدوم امير احمد مرحوم جي پٽ مخدوم غلام احمد، هن
تذڪري جو ترجمو ڪيو آهي. اصل ڪتاب توڙي ترجمو اڃا
نه ڇپيا آهن.
* تذڪره مشايخ سيوستان
ليکڪ عبدالغفور بن حيدر سيوستاني. هي مختصر ڪتاب
سيوهڻ جي صوفين بابت آهي، جو سن 1039هه ۾ تيار
ٿيو. اصل ۾ هي تاريخي تذڪرو سيوهڻ جي نواب ديندار
خان لاءِ لکيو ويو. سيد حسام الدين راشدي مرحوم
رسالي ”مهراڻ“ (3-5/1974ع) ۾ ان کي شايع ڪيو آهي.
(21) ترجمو
مترجم نياز همايوني، ترجمو پڻ رسالي ”مهراڻ“
(3-4/1979ع) ۾ ڇپيو. هي ترجمو مون پنهنجي ڪتاب
”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ ۾ پڻ شامل ڪيو آهي. ڪتاب
سنڌي ادبي بورڊ 1992ع ۾ شايع ڪيو آهي.
* ترخان نامہ
سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽويءَ سنه 1045هه ۾
لکيو. ڪتاب ۾ ترخانن ۽ ارغونن جي تاريخ ڏنل آهي.
راشدي صاحب جي سعيي سان 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
اصل فارسي ڪتاب ڇپيو آهي.
(22) ترجمو
از مرزا عباس علي بيگ. ترجمو سنڌي ادبي بورڊ 1994ع
۾ شايع ڪيو. اصل ڪتاب ۾ فهرستون هيون، جي ترجمي ۾
ڪونهن.
* حاصل النهج
ليکڪ مخدوم جعفر بن ميران بن يعقوب بوبڪائي. مصنف
مخدوم نوح عليہ الرحمة (م. 998هه) جو همعصر ۽
صحبتي هو. مخدوم جعفر پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽
استاد هو. عربي ۽ فارسي ٻولين تي پوري مهارت هيس.
ٻنهي ٻولين ۾ ڊزن کن ڪتاب لکيائين. تعليم بابت
عربي زبان ۾ هڪ ضخيم ڪتاب ”نهج التعليم“ نالي سان
تيار ڪيائين. اڳتي هلي ان جو اختصار فارسي زبان ۾
”حاصل النهج“ عنوان سان ترتيب ڏنائين. اهو 976هه ۾
تيار ٿيو، جڏهن هتي ترخانن جي حڪومت هئي. جيتوڻيڪ
ڪتاب تعليم جي طور طريقن بابت آهي، پر ان ۾ سنڌ ۾
ان وقت جي نظام تعليم جي باري ۾ اکر به نٿو ملي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اصل فارسي ڪتاب ايڊٽ ڪري،
سنڌ يونيورسٽيءَ پاران سن 1389هه/1969ع ۾ شايع
ڪيو.
(23) ترجمو
عبدالرسول قادري صاحب سنڌي ترجمو ڪيو ۽ ”سنڌي
ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ (سنڌي لئنگويج اٿارٽي)
ان کي 1993ع ۾ پڌرو ڪيو. اصل ڪتاب جي ڪاپي مترجم
کي راقم الحروف مهيا ڪئي.
* حڪايات الصالحين
اصل ڪتاب فارسيءَ ۾ هو جتان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو.
تفصيل معلوم ڪونهي.
(24) ترجمو
مولوي ولي محمد 1220هه (ميرن جي دور ۾) ڌاري،
منظوم ترجمو ڪيو. متعدد ڀيرا ڇپيو آهي. هڪ ڇاپو
پبلشر اردشير رستمجيءَ ايڊورٽائرز پريس ڪراچيءَ
مان 1851ع ۾ نروار ڪيو هو.
* خزانة المعرفت
ملفوظات شريف پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه اول
(م. 1246هه). مرتب پير پاڳارو سيد علي گوهر شاهه
(م. 1263هه).
(25) ترجمو
مترجم فقير مفتي محمد رحيم سڪندري ڇپيل 1411هه. هي
ترجمو جمعيت علماءِ سڪندريه، پير جو ڳوٺ ضلعي
خيرپور پاران شايع ٿيو.
* ديوان حافظ
ايران جي مشهور شاعر حافظ شيرازي (م. 791هه) جو
ديوان عالمي ادب ۾ وڏي شهرت رکي ٿو. ننڍي کنڊ ۾
ماڻهو حافظ جي ديوان مان فال به ڪڍندا آهن.
(26) ترجمو
ترجمو عبدالقيوم صائب، سڌاريندڙ علي نواز جتوئي.
سولو سنڌي نثر ۾ هي ترجمو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽر
آرٽس جي ڪورس لاءِ تيار ڪيو ويو، جنهن کي آزاد بڪ
ڊپو حيدرآباد پڌرو ڪيو. سال معلوم نه ٿي سگهيو.
(27) ترجمو
مترجم: محمد يعقوب نياز، آگم پبلشنگ ايجنسي
حيدرآباد، هي ترجمو 1983ع ۾ شايع ڪيو.
* ديوان مسڪين
از پير سيد حزب الله شاهه ”مسڪين“ پير صاحب ٽيون
پاڳارو ٿي گذريو، جنهن 1308هه ۾ وفات ڪئي.
(28) ترجمو
مترجم مفتي محمد رحيم سڪندري. ابتدا ۾ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جو مقدمو ڏنل آهي. فارسي شعر سان گڏ
سنڌي نثر ۾ ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. هي ترجمو
جمعيت علماءُ سڪندريه درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ضلعي
خيرپور، سال 1985ع ۾ وڏي تختيءَ تي 402 صفحن تي
ڇپيو آهي.
* رباعيات خيام
از عمر خيام (م. 515هه) خيام مختلف علمن جو ماهر
هو، ليڪن رباعين سبب سندس شهرت وڌي. مشرق کان
علاوه مغرب پڻ هن جي رباعين مان فيضياب ٿيو.
(29) مئڪده ناز
مترجم مير علي نواز خان ”ناز“ (م. 1935ع). مير
صاحب رياست خيرپور جو والي هو. پاڻ سٺو اديب ۽
شاعر هو. سندس ڪليات عطا محمد حامي مرحوم مرتب
ڪئي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1987ع ۾ شايع ڪيو.
ناز مرحوم، خيام جي پنجاهه رباعين جو منظوم ترجمو
ڪيو، جو شيخ مولابخش خان مئنيجر فيض پريس خيرپور
1930ع ۾ پڌرو ڪيو. حامي مرحوم ”ڪليات ناز“ ۾ هي
رباعيون وري ڇپيون آهن.
* رسالہ اويسيہ
از مخدوم محمد معين (م. 1161هه). سنڌي زبان جي وڏي
شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي (م. 1165هه)، پنهنجي
دوست مخدوم محمدمعين کي خط لکي اويسي طريقي بابت
ڄاڻ گهري. هي رسالو ان معلومات تي مبني آهي. مخدوم
صاحب عربي ۽ فارسي ٻولين جو وڏو اديب ۽ مشهور عالم
ٿي گذريو آهي.
(30) شاهه جو مخدوم معين ڏانهن خط ۽ ان جو جواب
ڊاڪٽر نبي خان بلوچ اختصار ۽ ترجمو ماهنامه ”نئين
زندگي“ (نومبر 1953ع) ۾ شايع ڪيو هو. هن رسالي جي
مڪمل ترجمي ۽ اشاعت جي ضرورت باقي آهي.
* رشف الزلال
تصنيف مخدوم محدم هاشم ڍٽوي (م. 1174هه). مخدوم
صاحب ڪلهوڙن جي دور جو وڏو عالم ۽ اديب هو. عربي،
فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۾ سوين ڪتاب لکيائين. هن ڪتاب
۾ ٻن پهرن جي نماز جي وقت بابت بحث ڪيو اٿس، جو سن
1133هه ۾ تيار ٿيو.
(31) ترجمو
عبدالرسول قادري صاحب هي ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي بااختيار اداري سال 1994ع ۾ پڌرو ڪيو.
* روضة الشهداءُ
از ملا ڪمال الدين واعظ ڪاشفي (م. 910هه). ڏهن
بابن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل هن ڪتاب جي فارسي اديبات
۾ وڏي اهميت آهي.
(32) ترجمو
مولوي احمد 1172هه ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ منظوم ترجمو
ڪيو. برٽش ميوزم ۾ هڪ قلمي نسخو آهي. هي ترجمو
ڇپيل به آهي.
(33) ترجمو
ٻيو ترجمو فقير هدايت علي تارڪ (م. 1939ع) 6
جولاءِ 1933ع تي پورو ڪيو. هي ترجمو مختلف نالن:
حديقة الاولياء ۽ حديقة الاصفياء سان به مشهور
ٿيو.
* ساقي نامه
از حافظ شيرازي (م. 791هه)
(34) ترجمو
فقير هدايت علي تارڪ هي منظوم ترجمو بعنوان
”ميثاقي عنبر شمامه“ جي نالي سان 16 فيبروري 1935ع
تي مڪمل ڪيو.
* سطعات
از شاهه ولي الله دهلوي (م. 1176هه). هي ڪتاب
اسلامي فلسفي تي مبني آهي ۽ ان کي مذهبي لٽريچر ۾
وڏي اهميت ڏسجي ٿي.
(35) ترجمو
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ترجمي سان گڏ ان تي
مفيد حاشيا به لکيا آهن. شاهه ولي الله اڪيڊمي
حيدرآباد 1976ع ۾ هي ڪتاب ڇپيو آهي.
* سڪندر نامہ
از نظامي گنجوي (م. 598هه). هي مثنوي سن 597هه ۾
مڪمل ٿي ۽ اڪثر ڇپجندي رهي آهي.
(36) ترجمو
سيد غلام مرتضيٰ ”مرتضائي“ ٺٽوي (م 1313هه) هن
مثنويءَ جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو. هي ترجمو محمد
يوسف ڪتب فروش ڪراچي، لاهور جي اسلاميه ليٿو پريس
مان ڇپرائي 1312هه/1894ع ۾ پڌرو ڪيو. ”مرتضائي“
ٺٽوي سنڌ جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو.
(37) ترجمو
مترجم مولوي غلام محمد خانزئي. برٽس دور ۾ ”سڪندر
نامہ“ جو هي ٻيو سنڌي ترجمو ٿيو.
* سياست نامہ
از نظام الملڪ طوسي (م. 485هه). هي ڪتاب طوسيءَ سن
484هه ڌاري، سلطان سعيد ابوالفتح ملڪ شاهه (م.
485هه) لاءِ لکيو. هن جو تعلق ملڪي معاملن ۽ سياست
سان آهي. ان ۾ پنجاهه باب آهن ۽ اڪثر ڀيرا ڇپيو
آهي.
(38) ترجمو
پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ عبدالقيوم صائب ڪتاب جي
ابتدائي تيرهن بابن جو ترجمو ڪيو ۽ آزاد بڪ ڊپو
حيدرآباد 1957ع ۾ شايع ڪيو. ان وقت هي ڪتاب سنڌ
يونيورسٽيءَ جي انٽر آرٽس جي ڪورس ۾ شامل هو.
* شاهد عشرت
مصنف بابت گهڻي ڄاڻ نٿي ملي. شاعر هن مثنويءَ ۾
پنهنجي محبوب جي هر عضوي جي دل کولي تعريف ڪئي
آهي.
(39) ترجمو
منظوم سنڌي ترجمو فقير هدايت علي تارڪ (م. 1939ع)،
16 فيبروري 1935ع تي مڪمل ڪيو.
* شاهنامہ فردوسي
فارسي اديبات ۾ ”شاهنامہ“ کي وڏي اهميت حاصل آهي.
ان جي رسمي تعارف جي ضرورت ڪانهي.
(40) ترجمو
سنڌي نثر ۾ هي ترجمو پير پاڳاري سيد صبغة الله
راشدي جي فرمائش تي، محمد عاقل عاقليءَ سن 1347هه
۾ شروع ڪيو. ڪم جاري هو ته مترجم فوت ٿي ويو. قلمي
نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو.
* صحبت نامہ
هي ملفوظات پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ (م. 1223هه)
جي آهي، جنهن کي خليفي محمد حسين مهيسر مرتب ڪيو
هو.
(41) صحبت سپرين جي
مترجم فقير عبدالرحيم سڪندري. مدرسه صبغت الهُديٰ
شاهپور چاڪر ضلعي سانگهڙ پاران هي ڪتاب
1413هه=1993ع ۾ ڇپيو آهي.
* طوطي نامہ
از سيد محمد قادري. اصل ۾ هڪ هندي قصو آهي. محمد
تغلق جي دور ۾ (م 752هه)، مولان ضياءُالدين
نخشبيءَ فارسي زبان ۾ تيار ڪيو ۽ پوءِ سيد محمد
قادريءَ ان جو فارسي اختصار ڪيو. ان اختصار کي جان
گلڪرسٽ جي حڪم تي سيد حيدر بخش حيدريءَ سال 1801ع
۾ اردو ۾ ترجمو ڪيو.
(42) سنڌي طوطي نامه
از اڌارام ٿانورداس. ڪراچيءَ ۾ ليٿو تي 1862ع ۾
ڇپيو. برٽش ميوزم جي فهرست نگار جو خيال آهي ته هي
ترجمو سيد مهمد قادريءَ جي اختصار تان ڪيل آهي.
* فتاويٰ همايوني
از مولوي عبدالغفور همايون (م. 1336هه). مولوي
صاحب اتر سنڌ جو هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي.
(43) ترجمو
مولوي محمدابراهيم ڳڙهي ياسينويءَ پهريون حصو، سال
1969ع ۾ مولوي محمد عظيم اينڊسنس شڪارپور کان
ڇپرايو. ٻين حصو مولوي نجم الدين ڳڙهي ياسينويءَ
شايع ڪيو. ان جو سال معلوم نه ٿي سگهيو.
* فتح نامہ
از مير صوبدار خان (م. 1261هه)
(44) ترجمو
منظوم سنڌي ترجمو مير حسن علي خان ٽالپور.
* فتح نامہ سند
علي بن حامد ڪوفيءَ سن 613هه ۾ عربيءَ مان فارسيءَ
۾ منتقل ڪيو. مشهور تاريخي ڪتاب آهي. ابتدا ۾
ڊاڪٽر دائود پوٽي ايڊٽ ڪري بمبئيءَ مان ڇپرايو.
تازي دور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وري هي ڪتاب
ترتيب ڏئي نيشنل انسٽيٽوٽ آف هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل
ريسرچ اسلام آباد مان ڇپرايو آهي.
(45) چچ نامہ
مرزا قليچ بيگ (م. 1929ع). مرزا صاحب ان جو
انگريزي ڇاپو 1900ع ۾ آندو. بعد ۾ دوستن جي فرمائش
تي سنڌي ترجمو به ڪيائين. ان جو پهريون حصو چچ جي
حڪومت تائين، سال 1923ع ۾ نئين سنڌ لئبرري پنهنجي
اشاعتي سلسلي جي ڇٽيهين ڪتاب طور، بليوٽسڪي پريس
حيدرآباد ۽ ڪرشنا پرٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپرائي
پڌرو ڪيو. ٻئي حصي بابت معلومات نه ملي سگهي.
چچ نامہ جو مشهور سنڌي ترجمو، مخدوم امير احمد ڪيو
جو سنڌي ادبي بورڊ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
نظرثاني ۽ حواشي سان شايع ڪيو. (راهي صاحب هن
ترجمي جو ذڪر ڪيو آهي).
* فتوحات فيروز شاهي
از سلطان فيروز تغلق (م. 790هه). گذريل صديءَ ۾
ڪتاب جو مواد ڪتبن تان نقل ڪيو ويو. بادشاهه فيروز
جي فرمانن ۽ حڪمن بابت، هنن ڪتبن مان مواد ملي ٿو.
پروفيسر شيخ عبدالرشيد جي ڪوشش سان علي ڳڙهه مسلم
يونيورسٽيءَ هي ڪتاب 1954ع ۾ شايع ڪيو.
(46) ترجمو
عبدالرسول قادري صاحب ترجمو ڪيو. ڪاپي اڻ ڇپيل
حالت ۾ مترجم وٽ موجود آهي.
* قوه العاشقين
از عثمان انصاري. ڪجهه لکندڙن ان کي لعل شهباز
قلندر جي تصنيف به سڏيو آهي، جو درست ڪونهي. ڪتاب
۾ عشق جون رمزون ۽ اوليائن جا قصا ڏنل آهن.
(47) عشقيو
از حامد بن حسن. ترجمو 13 شعبان 1243هه تي مڪمل
ٿيو. هي هڪ منظوم سنڌي ترجمو آهي. ليٿو تي ڇپيل
آهي. آخر ۾ ڪاتب فارسي ٻوليءَ ۾ هي نوٽ لکيو آهي:
تمام شد کتاب قوة العاشقين مشهور بہ عشقيہ بدست
حاجي احمد بن حاجي محمد کاتب سمه عفاالله عنها
بروز پنجشنبہ 12 محرم الحرام 1292 هجري بارشاد و
باهتمام جناب قاضي ابراهيم صاحب ابن جناب حاجي
الحرمين قاضي نور محمد صاحب پلبندري غفرالله
لهما.“
* ڪريما
هي ڪتاب شيخ سعدي عليہ رحمة (م. 691هه) ڏي منسوب
آهي. صدين تائين برصغير اندر نصاب ۾ شامل رهيو.
(48) ترجمو
از نامعلوم. ليٿو تي ڇپيل سنڌالاجيءَ جي ڪتبخاني ۾
نظر مان گذريو. پهريائين فارسي ۽ پوءِ سنڌي منظوم
ترجمو ڏنل آهي. هن ۾ ٻيو به مواد آهي. سال درج
ڪونهي. مون ٽيون ڇاپو ڏٺو جو منشي پوڪرداس
ٿانورداس تاجر ڪتب فروش شڪارپور، لاهور جي اسلاميه
پريس مان ڇپرايو هو.
(49) ترجمو
مترجم مولانا عبدالڪريم ڪهاوڙ (م. 1358هه). هي هڪ
ئي وقت عربي ۽ سنڌي منظوم ترجمو آهي.
(50) ترجمو
از عبدالرئوف. سن 1178هه. مترجم بابت گهڻو علم
ڪونهي. پروفيسر بدويءَ جو خيال آهي ته هي ڪلواڙي
ضلعي سکر جو رهاڪو هو (تذڪره لطفي، جلد 2، صه
7-248). هڪ قلمي نسخو مڪتبه قاسميه نزد ڪنڊياري ۾
آهي، جنهن ۾ ڪل 39 ورق آهن. ڪاتب لکي ٿو: تمت شد
بيدالمسڪين عبدالرحمٰن ولد ضعيف نحيف عبداللطيف
سڪونت پذير ڪنڊياره وقت الضحيٰ روز شنبه بتاريخ
هشتم ماه جمادي الاول سن 1249هه.“
(51) ترجمو
مخدوم عبدالرئوف ڀٽي (م. 1166هه). پير حسام الدين
راشدي مرحوم ان جو ذڪر ڪيو آهي. (سنڌي ادب، صه
110) راهي صاحب هڪ ترجمو درج ڪيو آهي جو سن 1137هه
جو آهي ۽ ان جو مترجم عبدالرئوف لکيو آهي. ممڪن
آهي ته هي ساڳيو ڀٽي بزرگن جو ترجمو هجي.
* ڪشف الاسرار
از ابوالحسن علي بن عثمان هجويري (م. 465هه) محققن
جو خيال آهي ته هي تصنيف ڪنهن ٻئي بزرگ جي آهي.
(52) ترجمو
از حاجي علي محمد. هي ترجمو ”ڪشف المحجوب“ سان گڏ
1988ع ۾ ڇپيو آهي.
(53) رموز الابرار
مترجم ابو يوسف محمد سليمان ڏوڪري. مترجم پاڻ کي
خادم جامع مسجد ڏوڪري لکيو آهي. اشاعت جو سال لکيل
ڪونهي.
* ڪشف المحجوب
از داتا گنج بخش هجويري (م. 465هه) تصوف جو هڪ
بنيادي ڪتاب آهي جو ڪافي ڀيرا ڇپيو آهي.
(54) ترجمو
از حاجي علي محمد. هي ترجمو حاجي صاحب پاڻ ڪيو
آهي، ليڪن مترجم طور پنهنجي والده حاجياڻي آسو
(عائشه) زال سيٺ پرٿو خان ميمڻ جو نالو ڏنل آهي.
خاص ڏيپلي جو رهاڪو آهي ۽ هي ضخيم ڪتاب ذاتي خرچ
تي ڇپايو اٿس. سال 1988ع ۾ هي ترجمو ڇپيو.
(55) ترجمو
از عطا محمد حامي (م. 1982ع). هڪ سال اندر ڪتاب جو
هي ٻيو سنڌي ترجمو ظاهر ٿيو، جنهن کي سنڌي ادبي
بورڊ 1988ع ۾ پڌرو ڪيو.
* ڪلام امام خميني
ايران جو انقلابي ۽ روحاني اڳواڻ امام خميني، جو
شاعر به ٿي گذريو آهي.
(56) راه عشق
ترجمو ۽ انتخاب نياز همايوني. عارفاڻو ڪلام ڏنل
آهي. خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد
1993ع ۾ ڇپيو آهي.
* ڪلام قلندر لعل شهباز
فارسي ڪلام سيوهڻ جي قلندر لعل شهباز ڏي منسوب
آهي، جنهن 673هه ڌاري وفات ڪئي.
(57) شاهباز نامہ
هي ڪلام هڪ قلمي نسخي تان ورتل آهي، جو مترجم ميان
غوث محمد پيرزادي ”گوهر“ جي ڪتبخاني ۾ هو. فارسي ۽
سنڌي ڪلام گڏ ڏنل آهي. الڪبير اڪيڊمي ڪبير هي
ترجمو 1933ع ۾ ڇپيو آهي.
* ڪنوز المعرفت
ملفوظات خليفو محمود فقير (م. 1267هه). مرتب خليفو
گل محمد هالائي (م. 1272هه). محمود فقير نظاماڻي
روايتي تذڪرن جو آخري ڪتاب ”گلشن اولياء“ سن
1258هه ۾ لکيو. ضرورت آهي ته هن تذڪري جي اصل توڙي
ترجمي جي ڇپائيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي.
(58) توفيق الطالبين
مترجم مولوي حافظ نور محمد. ڪتابت 1339هه. پروفيسر
مير محمد نظاماڻيءَ جي سعيي سان، هي ترجمو محموديه
اڪيڊمي ڪڙيو گهنور شريف 1993ع ۾ ڇپيو آهي.
* ڪيميائي سعادت
ماما غزالي (م. 505هه) جو مشهور ڪتاب آهي، جنهن
مان مشرق سان گڏ مغرب به استفادو ڪيو.
(59) ترجمو
مرزا قليچ بيگ (م. 1929ع). هي ترجمو پنجن حصن ۾
1901ع ۾ مڪمل ٿيو. حصو اول 1981ع ۽ حصو ٻيو 1985ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي. ٽي حصا اڃا اڻ ڇپيل
آهن. مرزا صاحب هڪ انگريزي ترجمو
The Al- chemy of Happiness
جي نالي سان به ڪيو، جو پڻ سنڌي ادبي بورڊ 1986ع ۾
ڇپيو آهي.
(60) احياءُ علوم الدين
غلام اصغر ونڊير سٺ جي ڏهاڪي ۾ ستن حصن شايع ڪيو
آهي.
* گلستان بوستان
از شيخ سعدي عليہ رحمة (م. 691هه). اهي ٻئي ڪتاب-
گلستان ۽ بوستان- ننڍي کنڊ ۾ صدين تائين نصاب ۾
شامل رهندا آيا.
(61) ترجمو
علي اڪبر تنيو. ٻنهي ڪتابن جو گڏيل انتخاب ۽ ترجمو
آهي. هي ايڊيشن سنڌ يونيروسٽيءَ جي مئٽرڪ جي نصاب
لاءِ تيار ڪيو ويو. ايجوڪيشنل بڪ ڊپو حيدرآباد
1956ع ۾ ڇپيو.
(62) ترجمو
اجمل بيگ ولد قليچ بيگ مرزا گڏيل انتخاب ۽ ترجمو
ڪيو آهي جو نصابي ضرورتن لاءِ تيار ڪيو ويو. آر.
ايڇ. احمد اينڊ برادس حيدرآباد 1955ع ۾ شايع ڪيو.
* گلزار سند نادرات هند
از مولوي عبدالرحيم سومرو. سومرن سنڌ تي ٽي صديون
راڄ ڪيو. مقامي خانداني روايتن تي مبني، مولوي
صاحب هي تاريخي مثنوي لکي. اصل ڪتاب اڃا نه ڇپيو
آهي.
(63) دولت علويہ
مصنف بعد ۾ صوفي قلندر بخش ۽ مرحوم محمد عثمان
سومري جي ارشاد تي هي مثنوي 1240هه/1922ع ۾ ترجمو
ڪئي. مولوي عبيدالله شائق سومري ان کي سڌاري ”دولت
علويہ“ جي نالي سان 1929ع ۾ شايع ڪئي.
* لب تاريخ سند
خانبهادر خداداد خان (م. 1320هه). سنڌ جي فارسي
تاريخن جو آخري ڪتاب. هي ڪتاب 1318هه/1900ع ۾
امرتسر ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سعيي
سان وري سنڌي ادبي بورڊ 1959ع ۾ شايع ڪيو.
(64) ترجمو
از حافظ خير محمد اوحدي. ناشر سنڌي ادبي بورڊ
1410هه/1989ع. فارسي ڇاپي ۾ انڊيڪس هئي، جا هن
ترجمي ۾ ڏنل ڪانهي.
* لطائف الطوائف
ملا ڪمال الدين حسين واعظ ڪاشفيءَ (م. 910هه)، جي
پُٽ فخرالدين عليءَ (م. 939هه) جي هي تصنيف اخلاقي
۽ اصلاحي آهي. آقاي احمد گلچين معانيءَ جي سعيي
سان هي ڪتاب ڇپجي چڪو آهي.
(65) ترجمو
شمس العلماء مرزا قلچي بيگ (م. 1929ع). طبع سنڌي
ادبي بورڊ 1967ع. مرزا صاحب مرحوم، ڪتاب جي لکندڙ
بابت غلطي ڪئي آهي. ان جو ازالو ناشر محمد ابراهيم
جويي پنهنجي نوٽ ذريعي ڪيو آهي.
* لطائف لطيفي
مير عبدالحسين خان سانگي (م. 1343هه). پاڻ آخري
ٽالپور حاڪم مير نصير خان جو پوٽو هو. سنڌي، فارسي
۽ اردو ٻولين جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هي ڪتاب
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ 1305هه/1888ع ۾
لکيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سعيي سان
1967ع ۾ شايع ٿيو.
(66) ترجمو
از عبدالرسول قادري صاحب. طبع 1407هه/1986ع. ڪتاب
جو فارسي توڙي سنڌي ڇاپو، پٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو
ڇپيل آهي.
* لطيفة التحقيق
از سيد رفيق علي شاهه (م. 1124هه). ترتيب سن
1122هه. نقشبندي سلسلي بابت مختصر رسالو آهي.
لکندڙ ڪڇ ملڪ جو رهاڪو هو.
(67) ترجمو
از غلام حسين. پبلشر مير خدا بخش ولد مير حاجي
عبدالله ٽالپور جاگيردار ٽنڊو جان محمد جي فرمائش
تي هي ترجمو ٿيو. مترجم ان وقت پينشنر هو ۽ تعليم
کاتي ۾ ملازمت ڪري چڪو هو. سال درج ڪونهي.
* مثنوي بو علي قلندر
شرف الدين بو علي قلندر پاڻي پٽي (م. 724هه). تصوف
۽ عرفان تي هڪ مثنوي آهي.
(68) چمڪندڙ گوهر
فقير هدايت علي تارڪ (م. 1939ع) منظوم سنڌي ترجمو
مارچ 1932ع. مطبوعات تارڪ فقير گهوٽڪي 1964ع ۾
ڇاپيو.
* مثنوي تحفة الاحرار
شاعر مولانا عبدالرحمان جامي (م. 898هه). هي مثنوي
نظامي ۽ خسرو جي تتبع تي لکي وئي.
(69) ترجمو
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ. هي ترجمو منظوم آهي ۽
ساڳئي بحروزن ۾ ڪيل آهي. ڪٿي ڪٿي شعر ڇڏيا ويا
آهن. نئين سنڌي لئبرري جي چوٽيهين ڪتاب طور هي
ڪتاب بليوٽسڪي پريس حيدرآباد ڇپيو هو.
* مثنوي گلشن راز
از مولانا سعدالدين محمود شبستري (م. 720هه). هي
مثنوي 717هه ۾ لکي وئي.
(70) ڪشف اعجاز
از مرزا قلچي بيگ. وڌيڪ تفصيل نه مليو.
* مثنوي يوسف زليخا
از عبدالرحمان جامي (م. 898هه) هي مثنوي 889هه ۾
تيار ٿي. ڪافي ڀيرا ڇپي آهي.
(71) ترجمو
از سيد غلام مرتضيٰ ٺٽوي. هي منظوم سنڌي ترجمو آهي
۽ سن 1308هه ۾ ليٿو تي ڇپيو.
* مجمع الفيوضات
ملفوظات پير محمد راشد عرف روضي ڌڻي (م. 1223هه).
مرتب: خليفو محمود نظاماڻي ۽ خليفو محمد حسين
مهيسر.
(72) ترجمو
مترجم مولوي محمد قاسم مشوري. ٽي جلد. پبلشر ۽
اشاعت جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. البت جمعيت
علماءُ سڪندريه پير جو ڳوٺ پاران 1981ع ۾ ٽيون جلد
وري ڇپيو آهي.
(73) ترجمو
ملفوظات جا رهيل ٽي جلد مفتي در محمد سڪندريءَ
ترجمو ڪيا ۽ جمعيت علماءُ سڪندريه پير جو ڳوٺ شايع
ڪيا. جلد چوٿون 1974ع ۾ ڇپيو. پنجين ۽ ڇهين جلد جي
ڇپجڻ جا سال معلوم نه ٿي سگهيا.
* مدح نامہ سند
از مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (م. 1174هه). ڪنهن ڌارئين
ماڻهوءَ اسان جي ”سنڌي“ ملڪ جي مخالت ۾ ڪتاب لکيو.
مخدوم صاحب هن ڪتاب ذريعي ان جو جواب ڏنو آهي.
قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ آهي.
(74) ترجمو
مولانا الحاج محمد ادريس ڏاهري. اداره خدمت القرآن
و السنة شاهپور جهانيان، سن 1411هه ۾ ترجمو شايع
ڪيو.
* مقصود العارفين
از مخدوم عاري. سن 1224هه. قلمي نسخو سنڌالاجيءَ ۾
محفوظ آهي. هن ۾ شيخ مغل ڀينءَ جي سوانح ۽ ملفوظات
ڏنل آهن.
(75) ترجمو
نياز همايونيءَ ترجمو ڪيو ۽ تعليقات لکيا.
سنڌالاجيءَ سال 1989ع ۾ هي ترجمو ڇپيو آهي.
* مڪلي نامہ
از مير علي شير قانع (م. 1203هه). مير صاحب 1174هه
ڌاري مڪليءَ تي مدفون هستين بابت هي ڪتاب لکيو.
راشدي صاحب سال 1956ع ۾ ان کي رسالي ”مهراڻ“ ۾
شايع ڪرايو.
(76) ترجمو
سيد حسام الدين راشديءَ (م. 1982ع)، ان کي ايڊت
ڪيو. مهڙ ۾ اختصار سان ترجمو ڏنو ۽ تفصيلي حاشيا
لکيا. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ ڇپيو.
* منشور الوصيت
ميان نور محمد ڪلهوڙو (م. 1167هه). سيد حسام الدين
راشدي مرحوم جي شعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾
پڌرو ڪيو.
(77) ترجمو
مولانا عبدالرسول قادري صاحب ترجمو ڪيو، جو اڃا نه
ڇپيو آهي.
* منطق الطير
خواجه فريد الدين عطار نيشاپور (م. 627هه). سلوڪ ۽
عرفان تي هي مشهور مثنوي سن 583هه ۾ مڪمل ٿي.
(78) پکين جي پارليامينٽ
از غلام هسين جلباڻي. نثر ترجمو سنڌي ادبي بورڊ
سال 1962ع ۾ شايع ڪيو.
* ميزان الطب فارسي
از حڪيم محمد اڪبر ارزاني. ترتيب 1112هه. حڪيم
صاحب هي ڪتاب پنهنجن شاگردن لاءِ لکيو، جنهن ۾ هڪ
مقدمو ۽ ٽي مقالا آهن.
(79) ارشادات حڪمت
فقير هدايت علي تارڪ (م. 1939ع)، ترجمو سيپٽمبر
1931ع ۾ ڪيو.
* نظم مقبول
از بهلول دانا
(80) ترجمو
فقير هدايت علي تارڪ (م. 1939ع). منظوم سنڌي ترجمو
سال 1931ع ۾ ٿيو.
* وامق عذرا
مرزا صادق نامي. هڪ داستان تي مبني فارسي مثنوي.
(81) ترجمو
خلاصو ۽ ترجمو مرزا قليچ بيگ مرحوم، 1925ع ڌاري
تيار ڪيو. ٻاراڻي ادب تحت بار بار ڇپبو رهيو آهي.
* هفت مثنويات سچل
شاعر سچل سرمست (م. 1242هه). ست فارسي مثنويون:
ساقي نامو، تارنامو، رازنامو، گدازنامو، عشق نامو،
درد نامو ۽ رهبر نامو.
(82) نينهن جا نعرا
منظوم ترجمو عطا محمد حامي مرحوم. مرتب ڊاڪٽر نواز
علي شوق. مارچ 1983ع ۾ ڇپيو. نئون ڇاپو مارچ 1992ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ آندو.
مددي ڪتاب
(1) اختر راهيءَ ”ترجمه هاي متون فارسي بہ زبانهاي
پاکستاني“ ، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان،
اسلام آباد 1986ع.
(2) دانش: اردو فارسي تحقيقي جرنل، ثقافتي مرڪز
سفارتخانه ايران، اسلام آباد؛ شماره نمبر 14، 19،
20، 21، 22 ۽ 24-25.
(3) ديوان تارڪ، مقدمو ڊاڪٽر نواز علي شوق، سنڌي
ادبي بورڊ 1989ع.
(4) ذوالفقار راشدي: ”ڪسوٽي“ ، لاڙڪاڻو سنڌ 1986ع.
(5) سيد حسام الدين راشدي ”سنڌي ادب“ ، مترجم:
غلام محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن دولتپور صفن
1981ع.
(6) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي شاعريءَ تي
فارسي شاعريءَ جو اثر“ ، سنڌالاجي، ڄامشورو 1980ع.
(7) شايع ٿيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي، ٻه حصا،
سنڌالاجي.
(8) مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي: ”تڪمله مقالات
الشعراء“ ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي
بورڊ 1958ع.
(9) ڊاڪٽر محمد رياض ۽ ڊاڪٽر صديق شبلي: ”فارسي
ادب کي مختصر ترين تاريخ“ ، سنگ ميل پبليڪيشنس
لاهور 1987ع.
(10) سہ ماهي ”مهراڻ“ ، سنڌي ادبي بورڊ، مختلف
پرچا.
(11) مولوي محمد ادريس سومرو: ”ڪريما فارسيءَ جو
پهريون سنڌي ترجمو“ ، ماهنامه الرحيم حيدرآباد،
آڪٽوبر 1990ع.
(12) ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو: ”مولانا عبدالريم
ڪهاڙو“ ، ماهوار السنڌ، اسلام آباد مارچ 1994ع.
(13) C. Shackle: Catalogue of the Punjabi and
Sindhi manuscripts in the India Office Library
London, 1977.
(14) J. F. Blumhardt: Catalogue of the Hindi,
Punjabi, Sindhi and Pushto printed books in the
library of the British Museum London, 1893.
(15) J. F. Blumhardt: Catalogue of the Marathi,
Gujrati, Bengali, Assamese, Oriya, Pushtu and
Sindhi Manusciprts in the library of the British
Museum London, 1905.
بخش سوم
* اخلاق محسني
از ملا کمال الدين واعظ کاشفي (م 910هه) [رک: قسمت
يکم، بخش فلسفہء عملي]
1- ترجمہ
چاپ شده است
* اسرار خودي
از علامہ محمد اقبال لاهور [رک: قسمت يکم، بخش
منظومہ ها]
٢- ترجمہ
- از: محمد بخش واصف
چاپ: کراچي – اقبال اکادمي پاکستان (1385هه)
3- ترجمہ
از لطف الله بدوي
چاپ : کراچي – اقبال اکادمي پاکستان (1385هه)
* ارمغان حجاز
از علام اقبال لاهوري [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ
ها]
4- ترجمہ
(بہ نظم)
از لطف الله بدوي، ترجمہ سندي از هر دو بخش فارسي
و اردو
چاپ : کراچي – اقبال اکادمي پاکستان (1382هه)
* بوستان
از سعدي شيرازي [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ ها]
* بهارستان
از آغا تاج محمد خان
چاپ : حيدرآباد (1374هه)
* بيان العارفين
از محمد رضا بن عبدالواسع معروف بہ مير دريائي، در
سخنان و فرمودات
شاهه عبدالکريم سندي (م 1032هه) ، بہ سال 1038هه
بہ انجام رسانده ، در مقدمہ و هفت باب و خاتمہ
6- ترجمہء منظوم
از عبدالرحمان بن محمد ملوک
چاپ : باهتمام مخدوم عبدالصمد کتب فروش ميرپور
بڻهورو، بمبئي – مطبع مرغوب (1293هه) ، لاهور –
مطبع اسلامي (1327هه)
* تاريخ معصومي
از مير محمد معصوم بهکري [رک : قسمت يکم ، بخش
تاريخ (2)]
7- ترجمہ
از ديوان نندي رام ميراني ، بہ سال 1270 هه بہ
سندي ترجمہ کرده است چاپ : کراچي (1279هه)
8- ترجمہء ديگر
از مخدوم امير احمد
چاپ : حيدرآباد سندهه – سندي/ادبي بورد (1372هه)
* جامع الفيوضات
مجموعہء ملفوظات پير محمد راشد روضہ دهني (م
1233هه) ، گرد آوردهء
خليفہ محمود (م 1248هه) در يک مقدمہ بيست و سہ باب
و يک خاتمہ.
جمعاً دو هزار حکايت آورده شده
نسخہ هاي خطي : در کتاب خانہ هاي سند موجود اند
9- توفيق الطالبين
از حاجي محمد عثمان فرزند حاجي احمد صباح
نسخہء خطي : کتاب خانہء حسام الدين راشدي ، کراچي
* جاويد نامہ
از علامہ اقبال لاهور [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ
ها]
13- ترجمہ
از لطف الله بدوي ، با يک پيش گفتار از مترجم
چاپ : کراچي – اقبال اکادمي پاکستان (1379هه)
* چچ نامہ :
فتح نامہء سند
* حملہء حيدري
از بازل [رک : قسمت يکم ، بخش تاريخ (1)]
14- ترجمہ
از مير محمد حسن علي خان حسن (م 1324هه) [رک :
سندهه مين اردو شاعري ، ص 258]
* رباعيات خيام
از خيام نيشاپوري [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ ها]
15- ترجمہ
از مرزا قليچ بيگ
* رسالہء فتحيہ
از مخدوم فتح محمد متخلص بہ فقير ، در سخنان و
فرمودات جد پدري خودش مخدوم نوح هالائي (م 998هه)
، بہ سال 1019هه (= فتوحات سندي) نگاشتہ ، درسہ
جلد
نسخہء خطي : کتاب خانہء مخدوم زمان – هالہ (سند) ،
کتاب خانہء دانشگاهه سند – حيدرآباد
16- تحفة المريدين في مناجات مخدوم المرشدين
ترجمہء منظوم از ناشناس ، بہ سال 1288هه سروده شده
نسخہء خطي : کتاب خانہء مخدوم مد زمان – هالہ
(سند)
* رموز بيخودي
از محمد اقبال لاهوري [رک : قسمت يکم ، بخش منظومہ
ها]
17- ترجمہ
از محمد بخش واصف
چاپ : کراچي – ادارہء مطبوعات پاکستان (س – ن)
* سفر نامہء خواجه محمد حسن جان سرهندي
از خواجہ محمد حسن جان سرهندي (م 1365هه) کہ براي
سفر بہ عراق و شام و عربستان سعودي رفتہ و يادداشت
ها و خاطرات خود را دربارهء اين سفر نگاشتہ
18- ترجمہ
چاپ : بہ ظن قوي بچاپ رسيده است
* سلامان و ابسال
از عبدالرحمان جامي ، مثنوي عرفاني است ، درين
مثنوي با قرار دادن دو مظهر ، يکي براي نيکي
(ابسال) و ديگري براي بدي (سلامان) ، حقايق عرفاني
بيان شده ، بہ نام يعقوب بيگ بن حسن بيگ (883هه –
896هه) سروده شده
|