سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :20

ڪاڪي فضل عقلي دليل ڏيئي سانوڻ کي نه ڪڍڻ جو سبب بيان ڪيو.

”بروبر.. اها ڳالهه تو ڳڻ واري ڪئي. خير هاڻي پيا ڌوڙ پائن. منهنجو هينئو جاءِ ٿيو.“ نورڻ چيو ۽ پوءِ ٻئي جهونا انهيءَ زماني جي خبرن چارن ۾ لڳي ويا جڏهين نج گيهه اٺين آني سير ۽ سون چوڏهن روپيا تولو هوندو هو ۽ ٻن روپين ۾ وڳو ڪپڙن جو پٽڪي سوڌو ملي ويندو هو.

هو لوڙهي جي اندران بيهي مُڙس ۽ ڏاڏي نورڻ جي وچ ۾ ٿيندڙ سڄي ڳالهه ٻڌندي رهي ۽ پوءِ هٽي ڇني ۾ آئي، جتي جنان اڳ ئي کٽ تي ويٺي هئي. نازو جي منهن تي مرڪ ڏسي پڪ ٿي ويس ته حالتون سازگار آهن.

”ڪر خبر؟“ جنان پڇيو.

”مئي گوڙو چورت سان ڪونه گهٽايو، پر پاڻ وارو جهونو به پير کوڙي بيٺو جو هُن جي صفا ڪانه هلي. مئي ڳاڙهه ڏاڙهئي کي ارهه تي هٿ هڻي چيائين ته ٻار مونجو آهي“ نازو نورڻ کي مختلف لقب ڏيندي ٻڌايس.

”چڱو ٿيو، مُڙس کي زال تي شڪ نه هجي، باقي ٻيا ڪهڙو ٺُٺيو پٽيندا“ جنان نازو کي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.

”مون کي ته خبر ئي ڪانه پئي نه ته اهڙا ڏينهن ڏسڻا ئي ڪونه پون ها“ نازو چيو.

”تو واري هُن کي ڏاڍو ڊَپ هوندو. غريب نڌڻڪو ماڻهو، نه اوهي نه واهي، ڪٿي ڪري نه ڊپ کان جُتي چنبن ۾“ جنان سانوڻ جي ڀڄي وڃڻ جي امڪاني انديشي جو اظهار ڪيو.

”هو مري وڃي ته به مون کي ڇڏي ڪونه ويندو“ نازو ناز ۽ اعتبار سان چيو.

”پوءِ به تون وجهه ڏسي چئي ڇڏيندس ته ڊپ نه ڪري“ جنان صلاح ڏني.

”وجهه ڪٿي ٿو ملي. ان ڳالهه کان پوءِ مُئو کڳو چوڪسي ڪريو ويٺو آهي. هڪ گهڙي به ويساهي نٿي ملي، تون ڪٿي ڏسينس ته دلاسو ڏجانس“ نازو سانوڻ کي تسلي ڏيڻ جو بار جنان تي رکندي چيو.

ڪاڪو فضل اڳ به سانوڻ سان شوخي مان ڳالهائيندو هو، پر هاڻي ته ڪجهه وڌيڪ کهرو ٿي پيو هو نه رُکو به. رات جو لانڍي جي در کي قلف هڻي ڪنجي اڳٺ ۾ ٻڌي پوءِ زال سان گڏ سمهندو هو. سانوڻ کي به ماني ٽڪي هٿ سان کڻي ٻاهر ڏيندو هو. گهر ۾ اُڙيو ٿڙيو اچڻ وڃڻ به بند ٿي ويو هو.

نازو ۽ سانوڻ به هوشيار ٿي ويا هئا. مٿان ڪاڪي جو پهرو، سو ٻه مهينا گذري ويا پر هو هڪ ٻئي سان هڪ اڌ اکر ڳالهائي به نه سگهيا. ڪڏهن ڪڏهن جنان جي معرفت هڪ ٻئي کي ڪو دم دلاسو پيا موڪليندا هئا نه ته خير.

جڳ جهان جي منهن ۾ ڍينگهر ڏيئي، نازو جي ايندڙ ٻار کي پنهنجو چئي، سانوڻ ۽ نازو تي ڪَرڙي اک رکي به الائي ڇو ڪاڪي فضل جو من اڃان شڪ جي ڄار مان نڪري نه سگهيو هو. ڪجهه گذريل جواني ۽ ڪجهه هلندڙ پيري جو تجربو هن جي سمورن هوڏن هٺن ۽ ڏاڍ مڙسين کي هارايو بيٺو هو.

هن شڪ جي بنياد تي سانوڻ کي خون ڪرڻ نٿي گهريو ۽ نه نازو جي رت ۾ هٿ رڱڻ ٿي چاهيا. هونئن به پيري جي آخري ڏاڪي تي ويهي جواني کي قتل ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. دنيا جي ٺٺول ۽ شڪ کي پختي ڪرڻ جي ڀؤ کان هو سانوڻ کي في الحال ڪڍي به نٿي سگهيو. جيتوڻيڪ پنهنجيءَ پر ۾ هو اصل حقيقت کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته به هن کي اڃا ڪا اهڙي ثابتي نه ملي هئي جو هن جو شڪ پڪ ۾ بدلجي. پوءِ به هن لاءِ سانوڻ جو وجود ناسور بنجي پيو هو. هن دل ئي دل ۾ سانوڻ کي صاف دشمن سمجهي ورتو هو.

پر پيري ۽ جواني ۾ اهوئي ته فرق آهي، جو جواني ۾ هوش جي صلاح گهٽ ۽ جوش جو حڪم وڌيڪ هلندو آهي. بري ڀلي کي پسڻ ۽ پرکڻ جو وقت گهٽ ملندو آهي، پوءِ کٽي ڀاڳ ۽ پيري ۾ ته جوش رهندو ئي ناهي. هوش به گهڻو ڪري اڻ سالم، پوءِ سواءِ پُور پڄائڻ ۽ چالون هلڻ ڏٺي مان به ڏسڻ سواءِ باقي بچي به ڇا ٿو؟ سو سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ ڪاڻ هُن پنهنجي دماغ ۾ هڪ رٿ رٿي. رات جو کائي پي جڏهن زال سان گڏ اچي ستو ته ڳالهه چوريائين.

”آءٌ صبح جو پاسي واري ڳوٺ ويندس. اتي ڪي ماڻهو نوان لڏي آيا آهن، اهي پئسن تي سنڱ ڏين ٿا. سانوڻ ڪا انين ۾ نينگري ڏسي آيو آهي، سو صفا چريو ٿي پيو آهي. چئي ڪاڪا منهنجو ابو به تون ته ادو به تون. مون کي ڪيئن به ڪري اهو سنڱ وٺي ڏي، نه ته اڦٽ مري پوندس. آهي به ويچارو نڌڻڪو سو ڀانيان ته سڀان ڏوڪڙن جي چٽائيءَ ڪري هن کي به ڪريون گهوٽ. لڳيءَ کي لانت آهي. ڇورو ڪمائتو آهي. سڀاڻي ٿيئي چريو يا آسرو پلي ڀڄي وڃي، تنهن کان به ڏوڪڙ ويا ته گهوريا. هونئن به هو ڪمائي پيو، جي هو ڇوڪري آئي ته تو وٽ پئي ڌنڌو ڪندي ۽ تنهنجي هيڪلائي به لهي پوندي.“

ڪاڪي جا لفظ نازو جي دل تي ڪرنٽ بڻجي اچي ڪريا. هو ماٺ ٿي ويئي، پر اندر ۾ اڻ ڄاتل باهه ٻري پيس. ڪير ٿو پنهنجي پيار کي ڀائيوار بنائڻ چاهي.

”سانوڻ اها ڇوري ڪيئن ڏٺي؟“ نازو پڇيو. هن جي آواز جي ڏڪڻي ڪاڪي صاف محسوس ڪئي. آخر ته زمانو ڏسيو ويٺو هو.

”هي ڪو ٻڪريون چاريندي پري نڪري ويو هو. ان ويل ڳوٺ جي انهن عورتن ڪي جهنگ ۾ ڪاٺيون پئي ڪيون. انهن ۾ اها نينگري به هئي. جواڻي آهي ديواني، سو ڇورو دل هارائي ويٺو. پوءِ اتي ڌراڙن کان پڇا ڪيائين ته اهي ماڻهو ڪير آهن. خبر پئي ته غريب ماڙهو آهن. ڳوٺ ۾ ڏوڪڙن تي ٻه ٽي سنڱ ٻيا به ڏنا اٿن، ان ڪري آسرو سمجهي لڏي اچي اتي ويٺا آهن. مون کي ته ڇوري ايترو ٻڌايو وڌ تير پتير ته مون ڪونه پڇيا.“

”ته هاڻي ڌراڙ به ٿو عشق ڪري؟“ نازو جي لهجي ۾ ڪاوڙ جو اڻ لکو تاثر هو.

”عشق ته اڄ ٻار به پيا ڪن، هونئن به ويچارو ڇڙهو ماڻهو آهي. مون کي چيائين ته ڪاڪا تون ته ٻچڙيوال آهين سڀاڻي ٻچڙو به ٿي پوندئي، هاڻي ڪو منهنجو بِلو ڪر. مون ته پنهنجي ڳوٺ ۾ حڪيم وارو گهر هن لاءِ تاڙيو هو. چيم، اهي به اڀرا ماڻهو آهن. ڇورين جي ڇانگ اٿن. ٻه ٽي هزار هيڏانهن هوڏانهن ته مون کي جباب ڪونه ڏيندا، پر ڇورو چوي ته ٻي ڪا حُور پري ڪانه کپي. ٻيون سڀ انهيءَ ڇوريءَ جي پير تان صدقي. مون کي اصل اها وٺي ڏي يا ڄمار ڪمائيندس.“ ڪاڪي سانوڻ جي عشق کي ويتر چٽو ڪري ٻڌايو.

”ائي گهوڙا! ائين ٿو چوي…؟“ نازو هنڌ تي اٿي ويهي رهي. هن جي لهجي ۾ ڪاوڙ به هئي ته ميار به. جواني ۾ اهائي ته خامي آهي جو جوش هڪدم اچي ۽ هوش غائب ٿي وڃي ٿو. ماڻهو ماحول کان بي خبر ٿي عقل جون حدون اورانگهيو وڃي.

”پر توکي ڪهڙي ڪاوڙ لڳي؟“ ڪاڪي اوچتو پڇيو ۽ نازوءَ جي بت مان ڄڻ ته ساهه نڪري ويو.

”مونجو ڇا وڃي، مون کي ته عجب لڳو جو… تڏهن پڇيم.“

”ڪهڙو عجب؟“ ڪاڪي پڇيو.

”ٻيلي! هن رستي هلندي ڪنهن کي ڏٺو نه ڄاڻ نه سڃاڻ نه ڳالهايو نه ٻولهايو، پوءِ ايترو عشق ڪيئن لڳي ويس.“ نازو پڇيو.

”هونئن، توکي ڪهڙي خبر، تو ڪو ڪڏهن عشق ڪيو هجي ته…“ ڪاڪي چيو.

”الله پناهه ڏيندو.“ بي اختيار چيائين.

”ماڻهو لڳي ته هڪ نظر ۾ لڳي پوي، بس دل لڳندي ڪا دير آهي. ڪالهه ٿو مون کي چوي ته ڪاڪا وارو ڪر. هاڻي ته ڍار جون ڊڊيون ۽ گڏهيون اصل نٿيون وڻن.“ ڪاڪي چيو.

”مارڪا…“ آخري جملو ڇڏي ڏنائين. ياد آيس ته ”مون ۾ آهين تون متان…“ ۽ پوءِ ڪاڪو منهن ڦيري سمهي پيو، ڄڻ ته هٿ سان نازوءَ کي سوچڻ جو موقعو ڏنائين.

نازو پنهنجيءَ پر ۾ دل جو راز ڪاڪي کان لڪائي ويئي هئي پر هن کي اها شايد خبر ڪانه هئي ته جواني جي بهاني ۽ پيريءَ جي تجربي ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي.

ماڻهوءَ جي اها نفسياتي ڪمزوري آهي ته جيڪڏهن هن کي اوچتو ڪو شاڪ لڳي ته آپي کان ٻاهر ٿي ويندو آهي. خاص طور عام ذهن جو ماڻهو، جنهن وٽ نه مطالعو هجي نه مشاهدو، نه صبر جي فائدن جي ڪل هجيس ۽ نه قوت برداشت جي خبر. نازو به ائين ئي هئي. ڀوري، پرمتڙي. هن کي رکي رکي سانوڻ تي خار ٿي آيا، جنهن پرپٺ ڪاڪي وٽ ڍار جي ڊڊين ۽ گڏهن جو ذڪر ڏنو هو. ڄڻ ته هُن اهي نالا هن کي ڏنا هئا. هن سان لنئون لائي، صفا پنهنجو ڪري هاڻي اکيون ٻئي ۾ اٽڪائي ويٺو هو.

”بيقدرو، بيوفا، شادي ٿو ڪري! واٽ ويندي سان عشق ٿو ڪري. پڻس فضل کي منٿون ڪريو ٿو لاڏو ٿئي. ڍءُ نٿو ٿئي مُئي جو. حيف اٿئي ڪوڙا، دل ڦري دوکا ٿو ڪرين. شابس اٿئي.“ دل ئي دل ۾ هوءَ سانوڻ کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏيڻ لڳي. پوڙهي جا اونگاٽ شروع ٿي کونگهرن ۾ بدلجي ويا ته نازو جي اکڙين مينهن وسائي ڳل پسائڻ شروع ڪيا. هن جي دل کي هي ڳالهه ٻڌي ڌڪ لڳو هو. من ۾ باهه ڀرجي ويئي هيس. هو دل ئي دل ۾ سانوڻ سان وڙهندي رهي.

”ڇو ڀلا، هاڻي آءٌ نٿي وڻئين؟، مئو دغاباز! مون کي چئي ’تو سواءِ ننڍي ڀيڻ وڏي ماءُ‘ ۽ اڄ وري؟ ٻارن لاءِ ٿو پرڻجي؟… ته پوءِ ڀلا منهنجي پيٽ ۾ ڪنهن جو ٻار آهي. اهو به ته تنهنجو. فضل ٻن زالن کي اولادي ڪيو باقي مون کي ڪندو؟“ ائين روئيندي، دل ئي دل ۾ جهيڙيندي الائي ڪيڏيءَ مهل ننڊ هن کي اکين ۾ ڀرجي ويئي. پر ننڊ جي وادي ۾ به هو سانوڻ کي سامهون ڏسندي رهي. ان محبوب کي، جنهن جي قرب ۾ ڪُسي هو هن حال کي پهتي هئي، جو سڄي راڄ ڀاڳ جي طعنن تُنڪن جو نشانو بڻيل هئي.

هن خواب ۾ سانوڻ کي گهوٽ بنجي گهوڙي تي چڙهيل ڏٺو. هن سانوڻ جي ڪنوار کي ڳاڙهي کنهبي ۾ ٻهڪندي ڏٺو. اوچتو هن سانوڻ جي ڪنوار جي منهن تان گهونگهٽ پاسي ٿيندي پسيو. سانوڻ جي زال وڏن ڏندن واري ڏائڻ هئي. نازو سانوڻ جي گهوڙي جو اڳ جهلي بيهي رهي.

”هيف اٿئي… بيقدرا…. منهنجي قرب جي…. انعام…… ڪٿي…. واه سانوڻ….. جاني….. واه…… فضل… مري ويندو…. آءُ توسان ڀڄي وڃان….. تون هِن….. ڏائڻ کي ماري ڇڏ…. نه نه سانوڻ نه تون منهنجو….. مونجو آهين…“ بي ربط اڻپورا جملا هن جي زبان مان نڪرڻ لڳا. هوءَ رڙ ڪري جاڳي پئي. خواب ۾ چيل لفظ بي ترتيب جملا ته برابر هئا، پر ٻڌڻ ۽ سمجهڻ واري لاءِ ته چٽو چٽو اعلان هو. اطلاع هو. سچ هو. پڪ هئي.

رڙ سان هن جي اک کلي پيئي. هن آڏيءَ اک سان مڙس ڏي نهاريو، جيڪو هن جي رڙ تي به سجاڳ ڪونه ٿيو هو ۽ ائين ئي کونگهرن ۾ هو. نقلي ۽ اصلي کونگهرن جو فرق نازو پرکي نه سگهي. هن کي ننڍپڻ کان ئي ننڊ ۾ وڦلڻ جي عادت هئي. مڙس به ڪيئي ڀيرا سمجهايو هئس پر ڪوشش هوندي به هو پنهنجي ان عادت کي ترڪ نه ڪري سگهي هئي.

”گهوڙا! اڄ ته الائي ڇا پئي چيم. خدا ڪيو مُئو ننڊ ۾ هو نه ته….“ دل ئي دل ۾ چيائين. هن کي وري صبح تائين ننڊ ڪانه آئي صبح جو جنان هٿ سانوڻ ڏي ميار موڪلي هئائين ۽ شام جو جنان اچي سُنهين ساکين ٻڌايس ته اهو نسورو ڪوڙ آهي. هن ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. هن جي دلجاءِ ته ٿي، پر هو سمجهي نه سگهي ته جهوني اها ڦوڪ ڏني ڇو؟

                        *      *      *

ضروري ڪونهي جنهن کي سُتل يا بي خبر سمجهجي، ته اهو واقعي ستل يا اڻڄاڻ هجي. نازو ته ڪاڪي کي ننڊ ۾ سمجهي مطمئن ٿي ويئي هئي پر ڪاڪو ته سڄي رات ستوئي ڪونه هو. هن جيڪو عقل جو ٻج ڇٽيو هو، ان جو فصل پچندي ڏسڻ لاءِ هو ساري رات جاڳندو ۽ سمهڻ جو بهانو ڪندو رهيو هو. هن نازوءَ جي چپن مان نڪرندڙ هڪ هڪ اکر چٽو ٻڌو هو. هاڻي هن کي پڪ ٿي ويئي هئي ته دل ۾ ويٺل شڪ جو نانگ ڇو نٿي نڪتو. هن جو اندر ڀُتل ڀاڻ کي لڳل باهه وانگر دکي رهيو هو.

غيرت جو دونهون دلجي دنيا ۾ پکڙندو ويو. هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو هو، پر هو جي رهيو هو. زال ذات تي ڀلا ڪهڙي ميار ماکي نه ڏسي وڻ. زال نه ڏسي وڙ. پر سانوڻ کي ته هن ٻچو ڪري سمجهيو هو. بي آسري کي آسرو ڏنو هو. بي واهي جي واهه بڻيو هو ۽ هن بيهي ليمڪ لڄايو هو. اڄ هو بي پڄت پوڙهو هو. ڪنهن جواڻ مڙس کي مارڻ جي سگهه هن جي جسم ۾ برابر ڪانه هئي، پر غيرت پوڙهي نٿي ٿئي.

هڪ لڱا سوچيائين ته هو سانوڻ کي ڪڍي ڇڏي، پر وري خيال آيس ته ڪڏهن وجهه وڍي هو نازوءَ کي ڀڄائي وڃي ته پوءِ؟ هن چپ سبي ڇڏيا. هن کي هاڻي پيريءَ جو ڀرپور احساس ٿيو هو. پنهنجن غلطين جو احساس نانگ بڻجي هن کي ڏنگڻ لڳو.

هن سوچيو ته هو نورڻ سان صلاح ڪري، پر جنهن يار اڳيان هو ارهه تي هٿ هڻي پڪ ڏيئي سندس ڳالهه کي رد ڪري چڪو هو، ان آڏو غلطي مڃڻ گوارا نه ٿيس.

هاڻي هن کي لڄ جي ويريءَ سان پاڻ ئي منهن ڏيڻو هو. پوءِ هو سِٽائون سٽيندو رهيو. اندر ۾ پچندو رهيو، پر هلت چلت مان ظاهر ٿيڻ نه ڏنائين. ڪجهه مهينا وڌيڪ گذري ويا. هاڻي نازو اڄ سڀان تي هئي. ڪنهن به وقت ننڍڙو ٻالڪ دنيا ۾ اچي ٿي سگهيو. ان ڪري ڪاڪي دائي ڪريمان کي اڳواٽ ئي وٺي اچي گهر وهاريو هو. سُئائجي جو سامان، سچي گيهه ۽ ڪونڀٽ جي کنئور کان وٺي نباتن تائين هر شيءِ وٺي رکي هئائين.

۽ تڏهن ڀرواري پوٺي تي سامي فقيرن جو وڏو سرو اچي لٿو هو. پکن جا گهرڙا اڏجي ويا هئا. فقير فقراءُ ڳوٺن ۾ گدائي شفائي لاءِ پکڙجي ويا. هنن سامين ۾ جهونو حاجي فقير ڪاڪي فضل جو ڪنهن زماني کان يار هو. جڏهن سج ڌرتيءَ تي آخري رنگ هاريا ته ڪاڪو فضل فقيرن جي پکڙن ڏي روانو ٿيو. گهر ۾ دائي ڪريمان جي ڪري اڪيلائي ڪانه هئي ۽ ڪاڪو پري پنڌ لاءِ نڪتو ڪونه هو.

هو ڍوري وٽ ٻڪريون جهليو بيٺو هو. اڄ شام جي چانهه ته ويندي به اوير ٿي ويئي هئس. هن کي خبر هئي ته گهر ۾ دائي ڪريمان اٺن ڏينهن کان ويٺي آهي، پر جڏهن ڪاڪي فضل کي پريان لٺ سوڌو ويندي ڏٺائين ته دل ۾ اُڌمن پويان اُڌمان اٿڻ لڳس. هن کان پل به نه سري. هو ٻڪريون لکاني جي حوالي ڪري چانهه پيئڻ جو بهانو ڪري مٿان ڦري سومار جي گهر پويان ڪماند ۾ گهڙيو ۽ اچي سومار جي لوڙهي وٽان نڪتو. سومار ڪالهوڪو ساهرن پُٽ کي وٺڻ لاءِ ويل هو. جنان گهر ۾ اڪيلي هئي. هن ڀتر اڇليو ته جنان هن کي ڏسي هلي آئي. هو لوڙهي جي ٻاهران هو ۽ جنان لوڙهي جي اندران.

”ادي اڄ مڙهو ڪيڏانهن ويو آهي، خدا جي نالي باتشاهه پير جي مُهابي اڄ هن جو منهن ڏيکار“ سانوڻ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.

جنان کي هن تي رحم اچي ويو. هن کي ڪماند ۾ وڃي ويهڻ جو چئي. هو سڌي نازوءَ جي گهر هلي آئي.

”ائي نازو!“ جنان گهٽيءَ تان بيهي سڏ ڪيو.

”ڇا هي ادي!“ نازو اندران وراڻيو.

”ائي ادي! هيڏانهن اچ، مُئي اڳٺ جي تانڃي مُنجهي پئي آهي، سا ته سمجهائي وڃيم.“ جنان چيو.

هونئن به نازو ۽ جنان کي هڪٻئي جي گهر وڃڻ جي ڪا جهل پل ڪانه هئي. ماسي ڪريمان ستي پيئي هئي، سو نازو جنان سان گڏ هلي ويئي.

ٻئي جهونا ورهين کان پوءِ گڏيا هئا. حاجي فقير ۽ ڪاڪي فضل جي ياري به ورهين جي هئي. پر فقير ماڻهو، اڄ هِتي سڀاڻي هُتي. سالن جا سال سفر ۾. پنڻ ۽ کائڻ، نه ڪو هڪ هنڌ راڄ نه ڳوٺ. هونئن ته نانگ بلائون پالڻ ۽ واسينگن کي ور وجهڻ جوڳين جو ڪم آهي، پر ڪي ڪي سامي سج وڙاءُ به هوندا آهن ۽ حاجي فقير به انهن مان هڪ هو ۽ اڄ وري پنهنجي پراڻي يار کي ڏسي هو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. دين مذهب جو ڦير هو سو چانهه پاڻي جي صلاح رڳو زباني ٿي. پوءِ حال احوال، ويل وقت جون پچارون ڪندي نيٺ ڪاڪو فضل پنهنجي مطلب تي آيو.

”ٻيلي فقير! اڄ تو وٽ ڪم سان آيو آهيان.“

”ڀلي ڀلي آئين…. تون پڻ ڦقير جو يار… هي سِر به تولاءِ حاجرِ.“ حاجي فقير ٻانهون ٻڌي چيو.

”يار! ڳالهه اها اٿئي ته ڪتو ڌاريم، پر ڪتو حرامي نڪتو. ڌڻي به نٿو سڃاڻي. ليمڪ به لڄائي ڇڏيو آهيس. لڄ ۾ اکيون هنيون اٿس. مڙس آهيان پوڙهو، ڪتي کي ڪهاڙيءَ سان مارڻ جي ڪاڪت ڪانه اٿم. مون کي ڪو اهڙو وهه کپي جو ڪتو ماٺ ميٺ ۾ مري وڃي. تو جا احسان پيو ڳائيندس.“ ڪاڪي پر ۾ ڳالهه پچاري ۽ فقير پر ۾ سمجهي ويو.

”ٻيلي فُجل! تون ڦقير جو يار. جواڻي ۾ توسان چار ٽهڪ، توکان ڪيڙو گال لڪو ڪيئن ڦقير ڪنڌ ڪڍائي. اهڙو شئي ڊيندس جو ڪتو، ماڙو، اٺ اصل ٽنگ نه چوري، نه ڪو لکي ته ڪيئن مُرو مري ويو.“ فقير چيو ۽ ڪاڪي ٻئي هٿ کڻي سندس پيرن تي رکيا. فقير اهو به ٻڌايس ته هي زهر ڪنهن نانگ بلا جو نه پر ڪنهن جابلو ٻُوٽي جو آهي.

دلين جا وهم، وسوسا، شڪ، شبها سڀ لحظي ۾ لهي ويا. کين ائين لڳو ڄڻ سالن کان پوءِ مليا هجن.

جنان جي تڪڙ لڳي پئي هئي. پر هنن جو ڄڻ جدا ٿيندي هينئون ٿي ڦاٽو. نازو ته عورت هئي پر سانوڻ مرد هوندي به ان ڏينهن رئڻ سان هاڃا هڻي ڇڏيا. پر وقت جون گهڙيون لڙڪن جي سنگهرن ۾ ڪٿي ٿيون ٻڌجي سگهجن، نيٺ هنن کي جدا ٿيڻو پيو.

”مٺا! دل نه لاهجانءِ ماڪ جو ڏونگر نيٺ لهي ويندو.“

”نه نه….. دلبر سائين! دل ڪونه ٿو لاهيان، پر الائي ڇو ائين ٿو لڳيم ڄڻ اڄ پڇاڙي جو گڏيا هجون.“ چوندي چوندي هو وري روئي پيو.

”الله خير ڪندو، مرڻ کان اڳ وڇڙون اها اڻ ٿيڻي آهي. کپي سو پيو زور لڳائي، تون اصل دل وڏي ڪر.“ نازو هن کي دلاسو ڏيئي پوئتي موٽي، پر هو اتي ڪيترو وقت بيٺو رهيو.

”اچي ماني کاءُ، اڄ ٻيو ڳنڌڻ ڪونهي سو کير سان کائي ڇڏ.“

ڪاڪي فضل سانوڻ کي رات جي ماني ڏيندي چيو. سانوڻ ماني ۽ کير جو گلاس ڪاڪي کان ورتو.

”آءٌ گهر ٿو هلان. ڀانيان ٿو ته اڄ رات ئي خير جو ٻارڙو ڄمندو.“ ڪاڪي گهر ڏي ويندي چيو ۽ سانوڻ دل ئي دل ۾ نازو لاءِ دعائون گهرڻ لڳو.

جنان جي گهران ايندي ئي نازو کي سور شروع ٿي ويا هئا. ڳچ ويرم کان پوءِ ڪاڪو فضل به اچي ويو هو. ڪاڪي جي گهر ۾ ماني ٽڪي جو ڪم اڄ جنان کي سنڀالڻو پيو هو. ادو سومار به ڇوڪري کي وٺي اچي ويو هو، پر ان کان اڳ ڪاڪو فضل سانوڻ کي ماني ڏيئي ويو هو.

نازو ۽ دائي ڪريمان اندر لانڍي ۾ هيون، باقي سڀ اڱڻ ۾ ويٺا هئا. سومار جو ننڍڙو به ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو هو. رات سنجهي کي ڇڏي اڳتي وڌي ويئي هئي. ادو سومار ننڊ کي ٽارڻ لاءِ ڪچهري جو خيال کڻي ٻاهر سانوڻ ڏي نڪري آيو.

”سانوڻ! ڪر خبر ڪهڙا حال اٿئي؟“

”ٺيڪ آهن ادا، مڙيئي پيا ڏينهن گهاريون. پر اڄ ته پيٽ ۾ سُور ٿي پيو آهم.“ سانوڻ چيو.

”کاڌي هوندئي ڪا بادي شئي.“ سومار چيو.

”ٿوري ويرم اڳ ته کير سان ماني کاڌي اٿم. باقي ٻپهرن جو سو سانڌاڻو بروبر کاڌو هئم.“ سانوڻ چيو پر اوچتو سُور کان ٻيڻو ٿي ويو.

سومار هن جي حالت ڏسي سندس پٺا مهٽيا. ويچوڙيءَ جي لت ڏنئي پر هر گذرندڙ گهڙي سان هن جي حالت وڌيڪ بگڙندي رهي.

نيٺ سومار ڪاڪي جي گهران اچي پيٽ جي سور جي دوا پڇي. پر ڪاڪي انڪار ڪندي ٻڌايس ته وٽن اهڙي ڪابه دوا ڪانهي. وري سومار زال کي گهر اماڻي ڪجهه ڦوٽا ۽ جَنوهر جون ٽڪيون گهرايون.

هوڏانهن نازوءَ جي حالت به بگڙڻ لڳي هئي. هن جا سور به وڌ کان وڌ وڌڻ لڳا هئا. انسان دنيا ۾ سور کائي ۽ ٻين کي سور ڏيئي ايندو به آهي ته ويندو به آهي.

نازوءَ جون دانهون هاڻي اڱڻ ۾ به ٻڌڻ ۾ پئي آيون.

سومار ٽڪيون ڦوٽا کڻي سانوڻ وٽ آيو ته ان وقت سانوڻ جي حالت ويتر خراب هئي. هو لُڇي لُڇي کٽ تان هيٺ ڪري پيو هو ۽ ڪُٺل ڪڪڙ وانگر ڦٿڪي رهيو هو. وات مان اڇي جهڳ پئي وهيس. سومار هن کي سڏ ڪيا پر هو هوش ۾ ئي ڪونه هو. نيٺ سومار هراسجي ڪاڪي فضل کي سڏ ڪيا، جيڪو بتي کڻي ٻاهر آيو.

”هن کي وري ڇا ٿيو؟“

”الائي ڪاڪا!… پيٽ جي سور جو چيائين، آءٌ ڦوٽا کڻي آيس ته هن جي هيءَ حالت آهي…..!

”ته پوءِ هاڻي…..؟“ ڪاڪي پڇيو.

”منهنجي صلاح آهي ته هن کي شهر داختر ڏي کڻي هلون.“ سومار چيو.

”هن اويري مهل…. گهر جي به پاڻهي کبر اٿئي. هن ويل ڪيئن هلجي…..؟“ ڪاڪي عذر ڏنو.

”ته تون کڻي گهر رهه ڪاڪا! آءٌ ڍڳي گاڏي ۾ هن کي کڻي ٿو وڃان.“ سومار چيو.

”ڍڳي گاڏي به هڪڙي، جي تون اها به ڪاهي وڃين ته پوءِ جي پويان هيڏانهن ڪيئن هوڏانهن، ته قصو ڪيئن ٿيندو؟“ ڪاڪي وري نازوءَ جي تڪليف جو اشارو ڏنو، جنهن کي پڻ گاڏي جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

”ته پوءِ…. هن کي جي ڪجهه ٿي ويو؟“ سومار چيو.

”الله پناهه ڏيندو، هر ڪنهن جو خير…. پيٽ جو سور آهي. شت گڙدي جو سور هجي. گهڙي پل ڏسون پوءِ ڪو بِلو ڪنداسين، من تيسين فرحت ٿي وڃيس.“ ڪاڪي چيو.

سومار خاموش ٿي سانوڻ کي ڀاڪر ڀري کڻي کٽ تي سمهاريو. هن کي سانوڻ جو جسم بي ستو ٿي لڳو.

اوچتو سانوڻ رت جي الٽي ڪئي. هن جو منهن، کٽ، بسترو رت ئي رت ٿي ويو ۽ هن جي جسم هڪ زوردار جهٽڪو کائي ساهه ڇڏي ڏنو.

”اڙي…. اڙي… هي ته….“ سومار گهٻرائجي ويو.

ڪاڪي اڳتي وڌي سانوڻ جون اکيون بتي جي سوجهري ۾ ڏٺيون. ٻانهن تي هٿ رکيو….

”هي ته خير…. ڌڻي جي شئي ڌڻي وٺي ويو.“ ڪاڪي اعلان ڪيو ۽ الائي ڇو سومار جي اکين مان بي اختيار لڙڪ وهي نڪتا. اهڙا لڙڪ جيڪي بيوس مسافر جي موت تي وهائبا آهن، ۽ ان ويل.... ڪاڪي جي گهران ننڍڙي ٻالڪ جي اُوئان اُوئان جو آواز اڀريو ۽ ڪاڪو بتي کڻي تڪڙو تڪڙو گهر ڏي هليو ويو.

مسافر مئو ڪنهن نه سُئو. ازل کان دنيا جو دستور آهي ته ڪو ويندو آهي ته ڪو ايندو آهي. ڪاڪي فضل جي گهر جي گهٽي تي سانوڻ موڪلايو ۽ گهر اندر ننڍڙو ٻار آيو. دائي ڪريمان ٻاهر نڪري ڪاڪي کي پٽ ڄمڻ جي مبارڪ ڏني ۽ ڪاڪي کيس موٽ ۾ ڪاڇڻ ٻڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

جن کي جيئري نه پڇبو آهي، تن کي مئو ڏسي ماڻهو مڙندا آهن. سانوڻ جي حياتي ۾ جن ساڻس ڪچهري ڪرڻ به سٺو نٿي ڄاتو، اهي هن جي مرڻ جو ٻڌي اچي گڏ ٿيا. ڪئين ڳالهيون، ڪئين رايا.

”اي ڇا ٿيس؟“

”اي شام جو اٺکور چڱو ڀلو هو.“

”بس ادا، آدم ته ڪهڙو ڀروسو، دم کنئي نه کنئي جهڙو.“

”پر ڪو ته بهانو ٿيو.“

”بس ماني کائي ويٺو پيٽ ۾ سُور پيس ۽ همراهه موڪلائيندي دير ڪانه ڪئي.“

”هو به الائي ڪٿي جو؟“

ڪهڙي خبر.“

”ڪو وصي وارث به هئس الائي نه.“

”ڪاڪي کي ڪل هوندي. توبهن الله سائين توبهن.“

ڳالهيون ٿينديون رهيون. جي وات ڪالهه تائين سانوڻ جي گلا ڪندا رهيا هئا، اهي وري نيڪي ڪرڻ لڳا. جيئري جي گلا ۽ مُئي جي واکاڻ ڪرڻ پراڻي ريت آهي.

”يار ماڻهو چڱو هو.“

”هائو صفا ڳوڀ، نه ڪنهن جي لٿي ۾ نه چڙهي ۾.“

”بلي ويچارا ماڻهو.“

فجر ويل ملان موسي جنازي کي غسل ڏنو. ڪفن جو ڪپڙو ته ادو سومارو رات ئي دُوري ميمڻ جو دڪان کولائي وٺي آيو هو. جنازي نماز ٿي چئن ڪلهو ڏنو. چار پوئتي وريا ۽ سج اڀريو ته سانوڻ ڌرتي اندر ۽ سندس ڳالهيون ڌرتي مٿي رهجي ويون. ڪاڪي جي گهر ۾ ننڍڙي ٻالڪ جي اوئان اوئان گونجندي رهي. نازو اڃا پوريءَ ريت هوش ۾ ڪانه هئي نه کيس سانوڻ جي موت جي خبر هئي.

دائي ڪريمان ننڍڙي نينگر کي وهنجاري سُرمو پارائي کٽ تي پيل ”مُنهن- رکي“ ۾ ليٽائي ڇڏيو ۽ هاڻي نازو کي تيل جي تري هڻي رهي هئي.

ڪاڪو فضل ڇني ۾ ڪنهن ويچار ۾ بيٺو هو. هن غيرت جي دشمن سان پيري ۾ پلاند ڪري منهن مرڪندو ڪيو هو. سندس روح اڄ ڏاڍو خوش هو. پنهنجي منهن مرڪي هن کي وک چوري ۽ لانڍي ۾ داخل ٿي ويو. دائي ڪريمان هن کي ڏسي اٿي. نازو جون اکيون به ڪاڪي جي چهري کي ڏسڻ لڳيون. دائي ڪريمان ڪاڪي جي چهري تي خوشي جا تهه ڏسي ”منهن- رکي“ مان ننڍڙو ڪڍي آئي.

”ڏس ڪاڪا، تنهنجي سوکڙي، الله ۽ مرشد بشڪي بچائي ڏينئي.“

ڪاڪي دائي ڪريمان جي هٿن تي کنيل ننڍڙي ٻالڪ جي چهري تي نظر وڌي…. ۽...... ۽ ڄن ته ڪو شيشو زور سان ڪري ڀڄي پيو…… شيشي جا ڀور ڪاڪي جي اندر ۾ پري پري تائين پکڙجي ويا.

هن جي آڏو سانوڻ جي صورت هئي. اهڙي آرسي، جنهن ۾ سانوڻ جو عڪس وڌيڪ چٽو بڻجي اڀريو هو. هو بي اختيار ٻاهر نڪري ويو…… دائي ڪريمان جي چهري تي حيرت جون ريکائون اڀريون. هن ٻارڙي کي واپس سمهاري نازو ڏي ڏٺو.

نازو جي ڪجلين اکين جي ڪُنڊن مان ٻه ننڍڙا لڙڪ موتي بڻجي ڦٽي نڪتا هئا، ۽ انهن کان بي خبر ٻاهر ڪاڪو فضل پپر جي وڻ هيٺ اڪيلو ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. هو جيتيل بازي به هاري چڪو هو. هو سانوڻ کي ماري به ماري نه سگهيو هو.

شاه زمان ڀنگر

بوسينا جي ڌيءَ

 

هُن اڌ کليل ڳڙکيءَ مان ٻاهر نهاريو. هن جي سامهون روڊ هو. روڊ، جيڪو شهر مان مختلف گهرن جي دروازن تي لڳل ڀتين تي لکيل نمبر ۽ ماڻهن جا نالا پڙهندو ٻاهر پئي آيو، جتي شهر کان ٿورو ٻاهر سرب فوجي شهر جو محاصرو ڪري روڊ تي به قابض هئا. ڪنهن به گاڏيءِ کي شهر کان يا ٻاهر وڃڻ نه ڏيڻ جو قبضو؛ قبضو، جيڪو هميشه ڏاڍ سان ڪيو ويندو آهي.

هن وانگر ٻيا به سڀ شهري مسلسل محاصرو هئڻ ڪري گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول، کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ ۽ ٻاهر نه نڪرڻ ڪري پنهنجي خوف جي محاصري ۾ هئا. جيتوڻيڪ فوجي شهر ۾ ڪونه گهڙيا هئا.

هُن جي نظر روڊ ۾ کتل هئي. شايد روڊ ۾ پنهنجي پيءُ جي رت جا نشان پئي ڳوليائين، جنهن کي گذريل مهيني واري ٽِن ڏينهن جي محاصري دوران سرب فوجين گهر مان ڪڍي روڊ تي قتل ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن جڏهن فوجي سندن گهر ۾ گهڙيا هئا، تڏهن پڻس کيس ڪٻٽ ۾ ڪپڙن پويان لڪائي ڇڏيو هو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪونه ٻڌايو هئائين ته کيس ڪا ڌيءَ به آهي.

”دريءَ کي بند ڪر.“

هُن ماءُ جي اوچتو چيل جملي تي ڪنڌ ورائي ڏانهس ڏٺو، هوءَ مسلسل ڏانهس ڏسندي رهي. سندس نهار ۾ ڪيئي سوال هئا. خوف جا، بيوسيءَ جا، لاچاريءَ جا. ڪيئي سوال، جن جو ڪوبه جواب ماڻس وٽ ڪونه هو. هوءَ لُڙڪن کي روڪي نه سگهي.

ماءُ ڪيڏي به ڊڄڻي هجي، اولاد اڳيان بهادر هوندي آهي، ماڻس به لڙڪ لڪائڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائي ڦيري ڇڏيو.

هن ڀت تي لڳل گهڙيال ۾ ڏٺو. ڏيها ڏيهي ميڊيا تي خبرن جو وقت ٿي ويو هو. هن جلدي ڳڙکي بند ڪئي ۽ ڀر واري ڪمري مان ٽرانسسٽر کڻي خبرون ٻُڌڻ لڳي. هن پنهنجي سماعتن کي ائين ريڊيو حوالي ڪيو، جيئن ڪنهن پامسٽ اڳيان پنهنجو هٿ جهلي کانئس زندگيءَ جا راز پڇبا آهن. بوسينا بابت خبر ۾ هن ائين دلچسپي ورتي، ڄڻ پامسٽ سندس پيار متعلق پيو ٻڌائي.

بوسينا بابت خبر اها هئي ته فوج کي بوسنيائي شهرن جا محاصرا ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ۽ امن جي عالمي اداري پاران ترت کاڌ خوراڪ جو سامان روانو ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄ ئي ڪنهن وقت محصور شهرن تائين پهچي ويندو.

هُن جي لڙڪن هاڻي چهري تي هاڻي خوشيءَ جا آثار نمايان هئا. هن نظر ڦيرائي ماءُ ڏانهن ڏٺو. ماڻس جي مُک تي ڪوبه خاص تاثر ڪونه هو. ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي هوءَ ٽرانسسٽر ٽيبل تي ڇڏي سڌي ڪچن ۾ وئي. ريفريجريٽر مان کاڌي جو رکيل اهو سامان جيڪو انتهائي ڏکئي وقت لاءِ بچائي رکيو هئائون، ڪڍي آئي. اڌ، ماءُ جي اڳيان رکي باقي اڌ مان پاڻ کائڻ لڳي. ماڻس پنهنجو ڀاڱو ۽ آخري ڪٽيل سلائيس، جيڪو هن لاپرواهيءَ ۾ ٽيبل تي اڇلائي ڇڏيو هو. کڻي واپس ريفريجريٽر ۾ رکيا. هوءَ بي ڌڙڪ کائيندي رهي.

ٻاهران ڪنهن گاڏيءَ جي اچڻ جو آواز ٻڌي هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي ۽ سڌو ٻاهرئين دروازي ڏانهن تيز تيز وکون کڻڻ لڳي. هن سمجهيو ته امداد پهچي وئي. امن جي اداري بچائي ورتو.

”نه کول دروازو نه کولجانءِ.“

سندس تيز ۽ خوشفهم وکن کي ماڻس جا چيل لفظ روڪي نه سگهيا. هن در کوليو. ٻاهر فوجي ٽرڪ ڏسي هيسجي وئي. دروازو ٺڪ سان بند ڪيائين. مگر سرب وحشي اکين سندس مُکڙيءَ جهڙي جوڀن کي تاڙي ورتو هو.

ٿوري ئي دير ۾ ٽڪر جي واپس ٿيڻ ۽ سندن گهر جي ٻاهران بيهڻ جو آواز ٿيو. لانگ بُوٽن جو آواز- دروازي تي ٺڪ ٺڪ.

هوءَ هراس ۾ بت بڻجي وئي. سندس هرڻي جهڙا نيڻ خوف وچان ڏيڏر جي دوڏن جان ڦوٽارجي ويا،

دروازو ڀڳو ۽ بوٽن جي ٺڪ ٺڪ ويجهو اچڻ لڳي. هن پناهه لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، هر پاسي ڀتيون گهر جو سامان ۽ سندس ماءُ، جنهن جا ٻئي هٿ مٿي هئا، انهن ئي ته کيس هيستائين پناهه ڏني هئي، مگر اڄ سڀ ڪيڏا نه مجبور هئا، لاچار ۽ بيوس.

باز جي چنبي جهڙو هٿ. ابهم ٻار جي مرُڪ جهڙي ٻانهن ۾ …… هڪ زوردار ڇڪ. سندس جسم ٻانهن جي شڪنجي ۾ جڪڙيل ۽ ماءُ جا، مٿي کانمٿي کڄيل هٿ اکين تي ڍرڪي آيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com