سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :15

دادا هوندراج بلواڻي ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته: هڪ سٺي ٻال گيت جو مکيه انگ اهو آهي ته ٻار نظم کي نه رڳو سمجهي سگهي، پر ان مان کيس رس پڻ اچي ۽ هو ڳائي سگهي يا سُر ۾ پڙهي سگهي. ٻولي سَولي ۽ سلوڻي هجي. وزن ننڍا ۽ سولا، قافيا نرم ۽ تشبيهون ٻاراڻي مشاهدي مطابق … ۽ اهڙي سرل شاعري ئي ٻار لاءِ ڪشش جو سبب بنجي سگهي ٿي.

مٿينءَ ڪسوٽيءَ تي پرکيندي مجموعي ’مؤجي گيت‘ بابت ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بيوس سائين اهي گيت ٻارڙن لاءِ ئي لکيا آهن. پنهنجي ان ڪتاب لاءِ ڪوشش ڪري هن اهڙا موضوع چونڊيا آهن، جيڪي ننڍي کان ننڍي ٻار لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بنجن ٿا. مثال طور ’ڀنڀوري‘ ، ’بدڪ‘ ، ڪتو‘ ، ’ڦوڪڻو‘ ، ’گهوڙو‘ ۽ ’پينگهه‘ وغيره. انهن نظمن ۾ معصوميت پنهنجي پوري زور سان موجود نظر ايندي ۽ ترنم به. شاگردن لاءِ جيڪي نظم بيوس لکيا آهن اهي به نصابي ڪتابن ذريعي نوجوان شاگردن ۾ گهڻا مقبول ٿيا. انهن مان موضوع جي اعتبار سان ڪي آهن قدرتي نظارن تي، جهڙوڪ ’برسات‘ ، ’بهار‘ ، ’ڪاري گهٽا‘ ، ’سهائي راتڙي‘ ڪي آهن هلندڙ وقت جي معاملن تي، جيئن ’اسڪائوٽ‘ وغيره. بياني ڪوتائن ۾ ’آڱريون ۽ منڊي‘ ، ’تڏ ۽ ماکيءَجي مک.‘ ڪي وري آهن اتساهه ۽ امنگ واريون ڪوتائون، جيئن ’محنت‘ ، ’ڪڙمي‘ ۽ ’ملڪي پيار‘ وغيره.

اِهي مائر ڀلي مَرڪن، جي ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين

ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.

هي شعر بيوس 1916ع ۾ لکيو هو، جنهن وقت پهرين مهاڀاري لڙائي شروع هئي. ان وقت بيوس جي هن شعر کي ’لڙائي پڌري ڪميٽي‘ انعام به ڏنو هو.

جتي سوَ مان نوي گڏجي، چون ڪنهن ڳالهه کي پنهنجي،

اُتي ’بيوس‘ وطن حب جي، وڄي ٿي واهه جي نوبت.

بيوس سائين جي ’مؤجي گيت‘ مجموعي وارن نظمن تي تبصرو ڪندي شريمان هري دلگير لکيو هو ته بيوس جون ڪي ڪي ڪوتائون، دنيا جي بهترين نرسري نظمن ۾ شماري سگهجن ٿيون. جڏهن ته شاگردن لاءِ لکيل نظمن تي تبصرو ڪندي هري دلگير ڪيڏي نه صحيح ڳالهه لکي آهي ته ان قسم جون رنگارنگ ڪوتائون سنڌيءَ ۾ فقط بيوس ئي لکيون آهن ان ڪري ٻئي ڪنهن شاعر سان هن جي ڀيٽ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي.

انگريزن جي دؤر ۾ سندن ئي ترغيب تي جڏهن ٻارڙن لاءِ نرسري نظم لکجڻ جي ابتدا ٿي ته ڪاڪو ڀيرومل، شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، جمع خان غريب ۽ ڪشنچند بيوس سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي پيڙهه جا پٿر بڻيا. دنيا جي ڪنهن به ادب ۾ سٺي ۽ فڪري ارتقا جي لاءِ ٻاراڻي ادب جي ايتري ئي ضرورت هوندي آهي، جيتري ڪنهن به اڏاوتي ڪم ۾ مضبوط بنياد جي. ڇو ته مضبوط بنياد تي ئي مضبوط عمارت کڄي سگهندي آهي. انهن مٿين سرموڙ شاعرن بيشڪ ته ٻارن لاءِ پنهنجي ڏات جا رنگارنگ گل، ادب جي ايوان ۾ ورکايا، پر انهن سڀني مانوارن نالن مان ٻاراڻي شاعريءَ جي سرواڻ طور فخر سان جي ڪنهن جو نالو وٺي سگهجي ٿو ته اهو فقط ۽ فقط ڪشنچند بيوس جو ئي نالو ٿي سگهي ٿو. 1925ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان ٻارڙن جو رسالو ’گل ڦل‘ جاري ٿيو ته بيوس سائين نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجي ڏات جي انوکي سوغات ٻارن کي ڏيڻ شروع ڪري ڏني ۽ جڏهن باقاعدگيءَ سان سندس ٻاراڻا گيت ’گل ڦل‘ ۾ اچڻ لڳا، تڏهن ٻارن ۾ ڄڻ خوشيءَ جي ڪائي سُريلي لهر ڊوڙي ويئي. وري جو ٻارن لاءِ ڪراچيءَ مان ’گلستان‘ مخزن جاري ٿيو ته ان کي به سينگارڻ ۾ بيوس جون ٻاراڻيون ٻوليون بيحد مددگار ثابت ٿيون.

بيوس سائينءَ جي ڌيءَ ’پورن ديوي‘ لکيو آهي ته: بابا سائينءَ جا جيڪي به ’ٻال گيت‘ آهن، سي هن پنهنجن ٻارن سان گهر ۾ راند روند ڪندي، ٻارڙن جي مؤج مزي ۽ سکيا لاءِ لکيا آهن. اُهي مڙئي گيت هڪ ’آدرشي سنيهه پتا‘ جي تصوير آهن، جن جي لفظ لفظ مان ’پتا‘ جو پيار ڇلڪي رهيو آهي. دادا هري دلگير گواهي ڏني آهي ته بيوس سائين شاعري ڄمي ويهي نه پر ڳالهائيندي ڳالهائيندي، گهمندي ڦرندي، نهايت سولائي سان ۽ منٽن ۾ تيار ڪري وٺندو هو. ڀاءُ تاج جويي جو انومان آهي ته هن جا ’مؤجي گيت‘ ۾ شايع ٿيل سمورا گيت ۽ نظم، محسوس ٿئي ٿو ته هن گهر ۾ يا گهٽين ۾ ٻارڙن سان ڊوڙون پائيندي ۽ رانديون رهندي لکيا آهن ۽ سچ پچ لڳي ٿو ته آهي به ائين ئي!. سندس ٻاراڻا نظم پڙهو ته جهڙا آرسين ۾ ٻار رانديون ڪندي ٺينگ ٽپا پيا ڏين ۽ هٿ ۾ هٿ ڏيو، دائري ۾ ويٺا ڳائن ۽ خوش ٿين. بيوس جي انهن نظمن جي حيرت انگيز ڳالهه هي به آهي ته ٻاراڻن نظمن ۾ هن نوان نوان ۽ دلچسپ موضوع متعارف ڪرائي، منجهائن رنگ ۽ خوشبو سميٽي جيڪو گلدستو ڪالهه جوڙيو هو، ان مان ٻاراڻي ادب کي اڄ به سڳنڌ ۽ نئون ساءُ ملندو ۽ ان مان هر نسل جي ٻار جو وات ڄڻ کنڊ پتاشا ٿيندو رهيو آهي.

چون ٿا: بيوس سائين ڪنهن به موضوع تي نظم ان وقت لکندو هو، جڏهن سمورو مواد، موضوع جو حسن ۽ مشاهدو هن جي ذهن ۾ مڪمل طرح سان گڏ ٿي ويندو هو ۽ ان کان پوءِ اُهو نظم هن جي ڪاغذ تي ائين هوندو هو جئن ميوو رسي راس ٿي ڌرتي تي پنهنجو پاڻ ڪِري پوندو آهي. مثال طور ’ريل‘ وارو نظم پڙهو ته انجڻ جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. جڏهن ٻار پڙهي ٿو ته: ”ڇَهه ڇَهه پئسا، ٻه ٻه پايون....“ تڏهن لڳي ائين ٿو ته راند ئي راند ۾ سگنلس جي رنگن بابت معلومات ته بس هو ائين ئي پيو ڏئي؛ نظم جو اصل مقصد ته آهي رڳو ٻار کي خوشي ڏيڻ.

ڳاڙهي جهنڊي ريل بهاري

سائي جهنڊي جڏهن نهاري

ڪُوڪ ڪندي ٿي ڇُٽي لڳايون

ڇَهه ڇَهه پئسا، ٻه ٻه پايون.

پکيئڙن ۾ مور، ڪبوتر، طوطا، جهرڪيون، ڪڪڙ، ڪڪڙيون، ڪٻريون ۽ جيتن ۾ پوپٽ، ڀنڀوريون ۽ جانورن ۾ ڪُتا، ٻليون، گڏهه، گهوڙا، هاٿي، هرڻ، رڍون، ٻڪريون وغيره ٻارن کي پنهنجا دوست ڀاسندا آهن. خاص ڪري ڪتن ۽ ٻلين جي ٻچن کي ڪڇ ۾ ويهاري انهن جي نرم نرم بدن تي هٿ ڦيرائڻ يا ڪنهن مهل کين پڇ کان وٺي ڇڪ ڏيڻ، ٻارن لاءِ وندر جو من پسند وسيلو هوندو آهي. ڪڪڙن کي هڪلڻ لاءِ ٻار جو من ڪيڏو نه اڇلون لائيندو آهي. بيوس سائينءَ ٻارن جي انهن من پسند جانورن، پکين ۽ جيتن جو ”راڻي باغ“ ڪيڏي نه ذهانت سان لفظن جي پڃرن ۾ بند ڪري، ڪاڳرن تي قائم ڪري ڏيکاريو آهي. وري هتي وڏي ڳڻ ڀري ڳالهه هي به ته انهن ئي جانورن ۽ پکين جي عادتن ۽ خصلتن کي موضوع بنائي، ٻارن لاءِ عجب عجب پيغام رکيا آهن ته اهي سندن سڀاو مان سبق پرائين. مثال طور پنهنجي نظم ”ڪُڪڙون ڪون“ ۾ هن ٻارن ۾ وقت تي اٿڻ سمهڻ ۽ وقت تي ڪم ڪرڻ جو سنيهو، ڏسو ڪيئن نه ذهانت سان رکيو آهي.

تارن ۾ تو لئه گهڙيال

وقت جو جنهن مان، جاچين حال

ڄاڻين پهر بجا پلڪون

ڪڪڙون ڪون ۽ ڪُڪڙون ڪوُن.

بيوس جي هن نظم جو آهنگ ڏسو ته محسوس ائين پيو ٿيندو، ڄن ڪڪڙ اسان جي ڪنن جي ويجهو ڪٿي ٻانگون پيو ڏئي: ڪڪڙون ڪون!! وري اڳتي هلي، ڪهڙيءَ نه مهارت سان، راند روند ۾ بيوس ٻارن کي پکين جي اهميت کان ڪيئن نه ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آگاهه ڪندو ويو آهي.

ڳائي ڪُڪڙون ڪُون جو راڳ

ستلن کي ٿوڪرين سجاڳ

جاڳين ۽ جاڳائين تون

ڪُڪڙون ڪون ۽ ڪڪڙون ڪون.

هوائن مان پکين ۽ جيتن جا آواز جهٽڻ ۽ چرندڙ تصويرن کي لفظن ۾ ڏيکارڻ، بيوس سائينءَ جي ٻاراڻن نظمن جون زوردار خوبيون آهن. مثال طور، ٻارن کي چنڊ تارا ڏاڍا وڻندا آهن ۽ رات جو آڪاس ۾ پيا نهاريندا ۽ چنڊ ستارن بابت وڏڙن کان سوال پيا پڇندا آهن ۽ فطرت جي اها جهرمر ٻارن کي ڪيڏو نه وڻندي آهي. نظم ’تارن ڀري رات‘ ۾ ٻار جي تارن سان هيءَ گفتگو، هي مڪالمو ٻڌو ۽ معصوم ٻار ۽ چنچل ستاري کي تصور ۾ آڻي ڏسو، ڇا ته مزيدار منظر آهي:

آءُ لهي تون تارا آءُ

مون سان گڏجي ماني کاءُ

ڇو مچڪائين خالي وات

ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات

اوهان ڏٺو نه هي دلچسپ لقاءُ. هيٺ اجهو ٻار ماني پيو کائي ۽ مٿان آسمان تي ستارا وات مچڪائي رهيا آهن. ٻار ستارن کي چوي ٿو ته هيٺ لهي، مون سان گڏجي ماني کاءُ. هري دلگير هن نظم بابت ڪيڏي نه سهڻي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته اهي خيال ئي ٻار جي جذبات جي سچي ترجماني ڪن ٿا.

آءُ ته لڪ ڇپ راند رچايون

گڏجي هڪ ٻئي کي وندرايون

تون ڪر جهات ڪيان مان هات

ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات

نظم ’ڦوڪڻو ملوڪڻو‘ ته بيوس سائين جي بهترين نظمن مان هڪ آهي. ايڏو لسو، ايڏو سنگيت سان ڀريل، جئن پُسي مٺي پاڻيءَ يا انگور رس سان ڀريل هوندو آهي. نظم جو ذائقو سچ پڇو ته ٻار لاءِ ”اگلو آئسڪريم“ يا چوڪ بار کان وڌيڪ مزيدار آهي.

ٿورو تصوير ڪيو. ڦوڪيل، مٽولا، گول گول وڏا ڦوڪڻا، ٻارن لاءِ ڪيڏي نه ڪشش رکندڙ هوندا آهن. رنگارنگي ڦوڪڻن جا ڌاڳا هٿ ۾ جهليندي ٻار بنهه ائين خوش ٿيندا آهن ڄڻ کين سڀ رنگ هٿ اچي ويا هجن. هي نظم، بقول تاج جويي جي، ٻار جي جذبات جي بهترين عڪاسي ڪري ٿو. هڪ ننڍڙو ٻارڙو کيسي جي خرچيءَ مان ڦوڪڻو خريد ڪري ٿو ۽ ٻيو وڏو ٻار کانئس ڦوڪڻو وٺي کيس ڦوڪي ڏئي ٿو. ان وقت ننڍڙي ٻار کي سڀاويڪ طور ڊپ ويڙهي وڃي ٿو ته متان سندس ڦوڪڻو گهڻي ڦوڪجڻ سان ڦاٽي نه پوي. ٻار جي ان بي قراريءَ ۽ اتاولائي کي بيوس ڪيڏي دل بهار انداز ۾ چٽيو آهي.

ڦاٽي پوندو سبي نه سگهبو

کونئر لئي سان لنبي نه سگهبو

ٽئنڪر ڏيندي ٽوٽڻو

ڦوڪي ڦاڙ نه ڦوڪڻو

منهنجو آهي ملوڪڻو.

هتي وري اسان جي رهنمائي هڪ دفعو ٻيهر دادا هري دلگير جا هي لفظ به ڪن پيا ته هڪ سٺي ٻاراڻي نظم جي خوبي اها آهي ته ٻار ان نظم کي سمجهي سگهي، ان مان کيس رس اچي ۽ هو ان کي ڳائي به سگهي.

”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ“ ۽ ”هل ته ڀنڀوري ڀڻون بزار“ ته بيوس سائين جي بهترين نظمن ۾ شماري سگهجن ٿا. وقت جي لٽ ۽ اڌ صديءَ جي ڄمار به هنن نظمن جي معصوم مک جي ڪشش، رنگ ۽ خوشبوءَ تي اثر انداز نه ٿي سگهي آهي. مٺڙيءَ سنڌ جو ڪهڙو پڙهيل لکيل سپوت هوندو، جنهن جي نظر مان هي عاليشان نظم نه گذريو هوندو.

مٺڙا گهوڙا اوري آءُ

خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ

پنهنجي منهن تان لاه لغام

تازو گاهه هلي چر جام

جڏهن شام جا وڄندا پنج

توتي وجهندس سهڻا سنج

ٻالڪ چوندا ڊوڙو ڊوڙو

ڏسو ڪِڪي جو سهڻو گهوڙو

ٻاراڻن نظمن ۾ جانورن سان ڪهل ۽ محنت جهڙو مٺو مثال، هن نظم جي هنن سٽن ۾ سمايل آهي، شايد ئي ٻئي ڪنهن نظم ۾ اهڙو اثردار هوندو.

توڙي هٿ ۾ چهبڪ کڻندس،

مٺڙا توکي مور نه هڻندس.

بيوس سائين جا نظم محض وندر ورونهن لاءِ ئي ڪونه آهن، هر موضوع تي لکندي ان ۾ هن جانورن، پکين ۽ جيتن جون خصوصيتون ۽ گڻ بيان ڪري، انهن ڏانهن ٻارن کي نه فقط باخبر ڪيو آهي پر ان مان سبق حاصل ڪرڻ جو اڻ سڌي طرح سنيهو به ڏنو آهي.

ڏينڀوءَ جهڙو سونو رنگ

پر نه هڻنين ٿي ڪنهن کي ڏنگ

تنهن لئه توسان آهي پيار

هل ته ڀنڀوري ڀڻوّن بزار

ائين به ناهي ته بيوس سائين ٻارن کي رڳو ڪي سنجيده سڀاو وارا نظم ارپيا آهن ۽ رڳو هدايتون ۽ سمجهاڻيون ئي ڏنيون آهن، پر گڏوگڏ ٻارڙن ۾ کل خوشيءَ واري جذبا بيدار ڪرڻ لاءِ پڻ سنديس ڏنا آهن.

ڪريو راند ۽ روند ٽهه ٽهه ڪري

غمن ۾ گهڙي ڀي نه گهارڻ کپي.

ٻارن جو پيار ٺڪرن ٺوٻرن سان به ذرا زياده ٿيندو آهي، ته انهن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو:

ڪوڏ ٺڪر ۽ ڪاڳر ڪانا

خاصا تو لئه خاص خزانا

ٻالڪ آئنده جو ابو آهي، تنهن جي مٺي مهانڊي، پيار ڀري دل، ٻالي ٻولي صورت ۽ مٺڙن ٻولن، استاد بيوس جي دل ۾ گهري ڇاپ ڇڏي آهي. ان ڪري ٻالڪ کي پڪاري چوي ٿو.

ٻالڪ ننڍڙا تون گل ڦل

رهين سڀن سان ٿي رل مل

مٺو مهانڊو ڇا من مهڻو

ڌوتل گل کان سندر سهڻو

صورت تنهنجي ٻالي ڀولي

ڇا ٻاتلي تنهنجي ٻولي

ٻارن ۽ شاعرن لاءِ ازل کان ”چنڊ‘ ڪشش جو وڏو ڪارڻ رهيو آهي. اسان جو بيوس، جو شاعر به هو ۽ ٻار جهڙي معصوم دل رکندڙ انسان پڻ، تنهن ڏسو ”چنڊ“ کي ڪهڙي نه سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ ۽ اسان جي اکين اڳيان آڻي بيهاريو آهي.

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال

چوکي تنهنجي چنچل چال.

اڳتي هلي نظم ”چنڊ“ ۾ ڏسو ته هن ٻارن جي معلومات ۾ ڪهڙي نه آسان انداز ۾ اضافو ڪيو آهي.

اُڀ ۾ اُڀري نو لک تارو

تو راجا بن آهي انڌارو

تارن جي توسان نه مجال

چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال

هن ئي نظم جي ٻين مصراعن ۾ معلومات ڏيندي بيوس سائينءَ ٻارن کي ٻڌايو آهي ته چنڊ کي پنهنجي ڪائي جوت ڪانهي. اها ان کي سورج وٽان اڌاري ملي ٿي يا چنڊ جڏهن پهرين تاريخ تي اڀري ٿو ته اهو ”لاٽ“ وانگر ٿئي ٿو ۽ چوڏهين تاريخ تي سندس چوڌاي چمڪاٽ ٿين ٿا. هن نظم جي حوالي سان هري دلگير ڳالهه لکي آهي ته هي نظم ”بيوس“ يقينن ٻارن جي سکيا ۽ انهن جي معلومات ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ ئي لکيو آهي.

۽ هاڻي ٿورو ٻارن جي پينگهه 'Sea-Saw' جو ڏيک ڏسو جنهن ۾ هڪ ساهيڙي ٻي ساهيڙيءَ کي سڏي چوي ٿي:

آءُ ته ادڙي راند ڪڏون

تختي واري پينگهه لڏون

هڪڙي هيٺ مٿي ٻي ٿيندي

پينگهه مزي سان لوڏا ڏيندي.

هن نظم جي وچ ۾ بيوس ڇا ته مزيداري رکي آهي جو ان ۾ ڪتي جي موجودگيءَ سان نظم جي منظر ۾ ڏسندي 'Sea-Saw' جي جهولڻ جو مزو به اچي ٿو ۽ ڪتي جي ڪنڌ ڌوڻ تي کل به نڪريو وڃي.

هڪڙي هيٺ مٿي ٻي ٿيندي

پينگهه مزي سان لوڏا ڏيندي

ڪتو به وچ تي پيو واجهائي

ٿورا ٿورا لوڏا کائي

وري”بدڪون ۽ ڪتا“ واري گيت ۾ ڏسو ته ڪيئن نه همدرد دل واريون ٻولڙيون ٻوليون اٿس:

نه وڌ منهنجي بدڪن سٺين ڏي ڪتا

هجن شل هي قائم سدا اي ڪتا

مون پاليون نپايون جي پاٻوهه سان

نه جهل تن کي ڊوڙي اچي ڊوهه سان.

ٻار جڏهن اهڙا گيت ۽ نظم ڳائيندو، جنهن ۾ قرب، پيار، همدردي، سچ ۽ سونهن سان گڏ روزانه واري زندگيءَ ڏانهن به اشارا هوندا ته ازخود ٻارن تي سٺا اثر پوندا ويندا. پکين پسن جي عادتن ۽ انهن جي جيوت جي باري ۾ ٻارن کي ههڙي وندر ورونهن ۾ سيکارڻ، ڪيڏو نه سٺو ۽ اثرائتو طريقو آهي. وري سون تي سهاڳو اهو جو جيڪي ٻار هي نظم هڪ دفعو پڙهن ٿا، پوءِ سڄي زندگي انهن جو هنن نظمن سان ڄڻ رت جو رشتو جڙيو وڃي.

آيو پاڻي ليٽ ڪري

ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري

ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي

مون هي پنهنجي پاڻ بنائي

ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٿينديون

ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون

ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي

مفت ۾ ايندي مفت ۾ ويندي.

اها ته اسان بيوس سائين جي انهن معصوم ۽ موهيندڙ نظمن جي جهلڪ ڏٺي، جيڪي لڳ ڀڳ پنجن ستن سالن جي ڄمار وارن ٻارن لاءِ هن لکيا هئا. ٿورن وڏيرن يعني چوڏهن پندرهن سالن جي ڄمار وارن شاگردن لاءِ لکيل بيوس سائين جا نظم پڻ پنهنجي وجود ۾ انوکا موضوع ۽ انوکو سنگيت رکندڙ نظم آهن. هر موضوع تي نظم جوڙيندي هن نهايت مهارت سان لفظ لفظ ۾ موسيقيءَ جا مينهن وسايا آهن. اهوئي نه، سٽن ۾ موسيقيءَ جي لهر روان دوان رکڻ لاءِ هن هر هڪ مصرع جي اندر قافين سان قافيا ملائي پنهنجي فن جي وياکتا به ڪئي آهي.

آيا مڙي، بادل کڙي، آيا ٽڙي ٽانگر به خوب

پڻ چڙي ٺاري نڙي گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.

بيوس پنهنجو اهو نظم ”برسات“ 1901ع ۾ لکيو هو، جڏهن هو سورهن سالن جو ڇوڪرو مس هو. نقادن هن جي ان ئي نظم کي هن جي پهرين ”بالغ ڪوتا“ به ڪري سڏيو آهي. نظم جي فني گهڙت جو جائزو وٺبو ته بيوس ان جي هڪ هڪ مصرح ۾ پنج ڇهه قافيا ائين ويهي جڙيا آهن جو پڙهندڙ تي مستيءَ جو خمار چڙهيو ٿو وڃي ۽ نظم پڙهندي برسات جي بوندن جي رم جهم ۽ ڪڪرن جا گوڙ گڙڪا بلڪل چٽا ٻڌڻ ۾ پيا اچن:

رعد رڙڪا، گوڙ گڙڪا خوب ڪڙڪا ٿو ڪري

پڻ تنبورا ساز سُرندا سارنگن جي سار ۾

پي پپيهو خوب پاڻي، ڍؤ منجهان ڍاپيو گهمي

بلبليون چيها چتون اهن لڳا للڪار ۾.

نظم نديءَ ۾ وري نديءَ جي آتم ڪهاڻي آهي. هي نظم به بنهه نديءَ ئي وانگر رنگا رنگ ڪنول جي گلن سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. سُر سان جهونگاريو ته فضا ۾، نديءَ جي ڌيرج ڀري وهڪري جو آواز چوڏس ٻُرندو پيو ڀاسندو.

کيٽن ۾ جي خوشيءَ سان، ڪنهن وير پير پايان،

ڀنڊار برڪتن سان سرسبز سي بڻايان

گلزار ۾ گلن جا ڪي رنگ ٿي رچايان

ڌرتيءَ جي فرش تي ٿي، تهه مخملي وڇايان

منهنجي ڦڙي ڦڙي ۾ جلوو ۽جان آهي

هر جيو جي رڳن ۾ منهنجو نشان آهي.

نظم ”آسمان“ به اسڪولي شاگرن لاءِ لکيل آهي. هن نظم ۾ ”ندي“ نظم وانگر روانيءَ جو مست مهراڻ مؤجزن آهي.

اي آســــــمــــــــان نــيـــلا

تارن سندا وسيلا

سهڻا لغڙ سدائين، ٿو انڊلٺ مان ٺاهين

بادل مٿان اڏائين، ڇا راند ٿو رچائين

ڇا صبح سون-ڏَنگي

ڇا شام لعل-رنگي.

انڊلٺ جي رنگن مان سهڻا لغڙ اڏائڻ، بادلن جي اڏامڻ کي راند رچائڻ سان ڀيٽ ڏيڻ، بيوس جو ئي فني ڪمال آهي. هن نظم ۾ عام رواني خيال نه پر هڪ تخليقي سوچ سمايل آهي جيڪا ٻار جي ذهن کي محدود نه ٿي ڪري، پر ان کي اعليٰ خيالن جي هندوري ۾ لوڏي منجهس اتم خياليءَ کي جنم ڏئي ٿي. هن ئي نظم ۾ ”آسمان“ جي وسعت ۾ رهندڙ سج ۽ چنڊ جي موجودگيءَ کي بيوس اڀ جون اکيون سڏي، ڪيڏي نه تخليقي انداز ۾ انهن کي شاعريءَ جو موضوع بنائي ڇڏيو آهي.

تيزي نظر نهارين

ڌرتيءَ تي باهه ٻارين

ماٺي نگهه سان ٺارين

ٿو هيٺ کير هارين

تنهنجا ٻه نيڻ نيارا

سج چنڊ نانو وارا.

”مکڙيءَ جي بيتابي“ پڻ بيوس سائين جو شاگردن لاءِ لکيل هڪ لافاني نظم آهي. منجهس ڏيکاريل آهي ته ننڍڙي مکڙي بيتاب ۽ اُتاولي آهي ته جلد از جلد گل بڻجي پوي ۽ سنسار کي وقت کان اڳ سرهاڻ ڏئي. پر شاعر کيس چوي ٿو ته مکڙي اجائي تڪڙ نه ڪر. وقت اچڻ تي پاڻ ئي کِلي ٽڙي پوندينءَ. هن نظم ۾ به پڙهندڙن لاءِ وڏو سنيهو رکيل آهي ته تڪڙ اجائي شيءِ آهي. نظم جو پهريون ۽ آخري بند پڙهي ڏسو.

سُرهي سڳنڌ آهيان

ٻاهر اچڻ ٿي چاهيان

هي ڪوٽ ڪيئن ڊاهيان

پردي جو پئد لاهيان

ڪڏهن بهار ايندو

کوپو خلاص ٿيندو

-

جيسين اڃا ڪچائي

بيوس اندر سمائي

تيسين تڪڙ اجائي

مکڙيءَ کڻي مچائي

اندريون اُڇل ڏيندو

ٻهريون نه سَٽ جهليندو.

”اسڪائوٽ“ کي موضوع بڻائي لکيل، بيوس سائين جو هي نظم اڌ صديءَ کان به اڳ جو لکيل هجڻ جي باوجود به جهڙوڪ اڄ جو لکيل ٿو لڳي. ڪالهه وانگر ”اسڪائوٽ“ اڄ به شاگردن لاءِ ساڳيءَ ريت سماجي راند ۽ خدمت جو درجو رکي ٿي ۽ ان جو متو اڄ به اهوئي آهي جيڪو هن نظم جي سٽ سٽ ۾ سمايو پيو آهي. هن راند ۾ شاگردن جون مشغوليون ڪهڙيون ڪهڙيون هونديون آهن ۽ انهن جو مقصد ڇا هوندو آهي، ان جو تت بيوس سائين اجهو هيئن ڏنو آهي:

آهه بيوس هن تحرڪ ۾ ڌريل جادو اثر

ٿو ڪري ٻارن کي ڦيري شير بانڪو تيار رهه!

اسڪول ۾ پلڪار هڪ عام رواجي اوزار هوندو آهي جو جاميٽري ۽ ڊرائنگ ۾ ڪم ايندو آهي. ان جو مثال ڏيئي، ڏسو بيوس جهڙو مفڪر شاعر ڪيڏو نه سولائيءَ سان وڏو فڪر شاگرد کي ڏيندي چوي پيو ته:

پير هڪ پلڪار وانگر جي رهي مرڪز مٿي

پير ٻئي سان پڙ ڦرڻ ۾ ڪانه اوکائي اچي.

”سنڌ سونهاري“ نظم ۾ وري سنڌ جي پوري جاگرافيائي حدن ويندي سنڌ جي مشهور پوکن جو نهايت وڻندڙ انداز ۾ ذڪر سمائي، شاگردن کي وڏي معلومات هڪ هنڌ هٿيڪي ڪري ڏني ويئي آهي ۽ فقط اهوئي نه، بيوس سائين اها معلومات به شاگردن لاءِ فراهم ڪئي آهي ته سنڌ جو ڪهڙو طبعي ڀاڱو ڪهڙي پوک ۽ ڪهڙي جنس کان مشهور آهي.

ڪڻڪ جؤ جابجا داليون ۽ تيلي ٻج به ڪٿ ڪٿ ٿين،

سرو ٿر، باجهري، جُوئر، وچولي لاڙ ۾ ساري.

ڪياماڙي عجب واري، منهوڙي تي مزيداري،

ڪلفٽن جي برج ڀاري، ڏياري ياد ڪوٺاري.

سنڌ ۾ ڪڙميءَ جي پوئتي هجڻ جو ڪارڻ سندس علم کان دوري ئي آهي. بيوس سائين ڪڙميءَ کي پنهنجي حالت سڌارڻ لاءِ ڪهڙو نه وقتائتو ۽ اهم پيغام ڏنو آهي.

علم سان پاڻ سڌاري تي اگر چاهه رکين

هوند حالت نه رهي تنهنجي نماڻي ڪڙمي.

سندس نظم ”محنت“ به اهڙن ئي جيءَ جياريندڙ ۽ همٿ ڏياريندڙ جذبن سان ڀرپور آهي.

ڪر ڪوشش سان کيتي واڙي

وڍ جهنگ کڻ تون ڪوڏر ڪهاڙي

محنت جنهن جي آهي اڳياڙي

سرهي تنهن جي آهي پڇاڙي

مند مٿي ٿي پوک تيار

محنت ڪر تون محنت يار.

سچ جي واکاڻ ڪندي، ان جي خوبين جو تت ڪڍي، شاگردن کي ترغيب پيو ڏئي ته:

سچو بيوس رڳو رهبو ته ٻيا گڻ ڊوڙندا ايندا

سچو چِتُ چاهه مان ازخود وڃي پوندو سچائيءَ تي.

نظم ”ڪتن جي ويڙهه“ ۾ شاعر، اٻوجهه ماروئڙن کي سنڌ ۾ وڏيرن جي چالبازين کان آگاهه ڪندي، سمجهاڻي ڏئي اهو ٻڌايو ۽ سجاڳ ڪيو آهي ته ڪنهن زورآور ۽ زردار جي چُرچ تي اسان مسڪين ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهڻ نه ٿو جڳائي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان غريب ماڻهوءَ کي پلئه پوندي آهي رڳو خلق خواري ۽ ٻيو ڪجهه به نه.

ڏسو ڪتن جي لڳي لڙائي

خلق تماشو ديکڻ آئي.

گگدامن کي ساسُ پيارو

ڪاساين کي ماس پيارو

مروان موت ملوڪان شڪار

الٽو دنيا جو وهنوار

شاگردن لاءِ لکيل بيوس سائينءَ جا ڪجهه نظم وري اهڙا آهن جو اهي رڳو شاگردن لاءِ ئي ڪونهن پر جڏهن هو گهر ۾ وڏڙن اڳيان زور زور سان اُهي پڙهن ته انهن نظمن مان گهر جي وڏن ڀاتين کي به ڪا نصيحت ڪار رهنمائي ۽ ڪو سبق حاصل ٿئي ٿو. مثال طور نظم ”ٻار جي سنڀال“ جا هي به بند ڏسو.

جنهن ٻار کي نپايو، پرهيز ۽ هنر سان

صورت سوائي سهڻي ۽ باجمال ٿئي ٿي

گدلي رهڻ جي عادت هاڃو ڪري ٿي ڪيڏو

پيءُ ماءُ لئه انهن جي جندڙي وبال ٿئي ٿي.

مطلب ته ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن ۽ شاگردن لاءِ بيوس سائينءَ جو هي خزانو ڄڻ پارس کاڻ مثل آهي. ٻاراڻن نظمن ۾ ته هو بجنسي ٻارن سان گڏ راند ۾ مشغول ٿو نظر اچي. جتي جتي ٻار کيڏن ۽ ڳائن ٿا ته هو به انهن سان کيڏڻ شروع ٿو ڪري. جي سوچن ٿا اتي هو پاڻ به سوچي ٿو. شاگردن لاءِ لکيل نظمن ۾ به موضوعن جي بيحد رنگارنگي جابجا نظر ايندي. غربت جا هاڃا ڏسڻ لاءِ هن جو ”غريبن جي جهوپڙي“ وارو نظم ڏسي سگهو ٿا. شاگردن جي ذهن ۾ سجاڳيءَ جو سنيهو ڀرڻ ۽ غلاميءَ کان ڌڪار لاءِ ”پڃرو ۽ پکي“ جهڙو نظم هن لکيو آهي. قدرت ۽ فطرت جا عڪس ۽ منظر چٽڻ لاءِ هن جي قلم ”بهار“ ، ”برسات“ ، ”ڪاري گهٽا“ ، ”سهائي راتڙي“ ۽ ”نديءَ“ جهڙا نظم تخليق ڪيا آهن. ڪهاڻي انداز ۾ ڪي نصيحتون ۽ سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ وري هن ”ماکيءَ جي مک“ ۽ ”آڱريون ۽ منڊيءَ“ جي عنوان سان نظم لکي ٻارن کي ارپيا آهن. ”آڱريون ۽ منڊي“ نظم ۾ هٿ جي پنجن ئي آڱرين جو جهيڙو آهي ته ”سوني منڊي“ ڪير پائي؟ هر هڪ آڱر پنهنجو پاسو ٿي پيش ڪري ته هو ڇو منڊيءَ جي حقدار آهي. آخر چيچ پنهنجو مؤقف هن طرح ٿي پيش ڪري.

اڀري ننڍڙي نار مان، هيڻي ۽ هيٺان،

ٻهاريندي جاءِ کي، ٻوهر ٻُڪ ڀريان،

هر هر ڌرتيءَ سان، پاڻ گسايان پانهنجو.

منڊيءَ جي حقدار آخر چيچ ئي ٿئي ٿي ۽ اها ڇو ٿي ٿئي، ان جو جواز به بيوس سائينءَ وٽ ڪيڏو نه ملهائتو آهي ته ٻهاريءَ سان صفائي ڪرڻ وقت چيچ ڌرتيءَ سان گڏجندي آهي. ان ريت سندس نهٺائي ۽ نياز جي ڪري چيچ کي سون جي منڊي سان نوازيو وڃي:

ميڙي مٺڙي ٿي لڳي پيرن پاڪ پڻي

هلندي جتيءَ هوت جا پيئي ڇار ڇڻي

مون کي ٽهل ٽڪور جي، وڌيڪ واٽ وڻي

منجهان خاڪ کڻي، سرهو ڪجو سون سان.

ٻارن ۾ وطن جي مٽيءَ لاءِ محبت ۽ پيار جو جذبو اڀارڻ لاءِ به بيوس سائين جا ڪيترائي گيت، نظم ۽ بيت آهن. ”پکيءَ جي پڪار“ ، ”وطن ۽ ملڪي پيار“ وغيره ان موضوع تي بهترين نظم آهن.

اهي مائر ڀلي مرڪن، جي ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين

ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت

1937ع ڌاري، بيوس هيڊ ماستريءَ تان رٽائر ڪيو ته ميونسپالٽيءَ ۾ کيس اسڪول بورڊ جو صلاحڪار ڪري کنيو ويو. تعليم جي کيتر ۾ بي پناهه خدمتون سر انجام ڏيڻ ۽ سڀاوَ جي سٻاجهاين باعث، رٽائر زندگيءَ ۾ به هرڪو کيس پيار، عزت ۽ نمرتا وچان ”سائين، سائين“ ڪري پيو سڏيندو ۽ سندس احترام ڪندو هو. اڄ به هو سنڌي ادب ۾ ”سائين بيوس“ جي نالي سان مشهور آهي، جهڙيءَ ريت مهاڪوي، ٽئگور کي ”گرديو“ جي نالي سان بنگالي ادب ۾ سڃاتو وڃي ٿو.

پنهنجي ماستريءَ واري سروس دوران ئي بيوس سائين 1932ع کان 1935ع تائين ڪلڪتي هوميوپيٿڪ ڪاليج مان هوميوپيٿڪ ڊاڪٽريءَ جي تعليم به حاصل ڪري ورتي هئي. چون ٿا ته هن جي هٿ ۾ شفا ۽ چهري تي هڪ عجب نمرتا هئي، جنهن هن کي بطور هوميوپيٿ وڏي شهرت ڏني هئي. ڊاڪٽر گوبند رام دادلاڻي لکيو آهي ته پنهنجي بي پناهه اڀياس ۽ طبي ڪتابن جي مطالعي ۽ لڳاتار تجربي جي ڪري هو ڏکين ڏکين بيمارين جو بي ڌڙڪ علاج ڪري

”گيان باغ“ لاڙڪاڻي جو اُهو ٿَلهو، جنهن تي ويهي بيوس سائين ليڪچر ڏيندو هو.

ويندو هو. ڄمار جي آخري ڏهاڙن ۾ ”ڪوي بيوس“ لاڙڪاڻي جي ”گيان باغ“ ۾ گيان گفتگو ڪندو هو ۽ چون ٿا ته اهڙي گفتگو ڪرڻ مهل هن کي پنهنجي سرير جي ڪابه سڌ ٻڌ ڪانه رهندي هئي. 1946ع ۾ ”گيان باغ“ ۾ ”ست سنگ“ ڪندي کين ڪنهن جيت چڪ پاتو جنهن سبب کيس پهرين خارس ۽ مَلو ٿيو ۽ آخرڪار ان سبب ٽنگون، پيٽ ۽ پٺا وٺبا ويا. بيوس سائين پاڻ خود حڪيم هو، پر پاڻ لاءِ هو بيوس! نيٺ اها بيماري وڌي دل ۽ ڦڦڙن تائين آئي ۽ 23 سيپٽمبر 1947ع تي شاعر، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، هيڊ ماستر، ڊاڪٽر، سماجي ڪارڪن ۽ ٻارن جو بيحد عظيم دوست ۽ شاعر کانئن هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

بيوس سائين جديد سنڌي شاعريءَ جي بانيڪارن مان هو ئي، پر ٻاراڻي ساهت ۾ به هن جو نالو سڀ کان مٿانهين جڳهه والاري ٿو. لاشڪ ته مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرومل جون ان ڏس ۾ خدمتون نهايت مٿانهيون آهن پر بيوس سائين به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس لکيل ٻاراڻن گيتن ۽ نظمن جو درجو ٽئگور جي ٻال ڪوتائن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪونهي. شاعريءَ جا برک نقاد چون ٿا ته شاعريءَ جو موسيقيءَ ۽ سُر سان لاڳاپو ازلي آهي. بنگالي شاعريءَ ۾ ”ٽئگور“ نئون آهنگ، نئين موسيقي ۽ نئون سُر ڏنو هو، جنهن کي ”رويندر سنگيت“ جو نالو ڏنو ويو هو. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اڄ هي جيڪو نئون چلن آهي، جيڪا نئين ترنگ، نئين موسيقي ۽ نوان سُر پيا ٻُرن، ان کي بيوس سائينءَ جي ئي دَين سمجهندي ان کي ”بيوس سنگيت“ چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو.

بيوس سائينءَ جا سنڌ جي ٻارڙن لاءِ لکيل گيت، نظم ۽ بيت، سدا بهار جي گلن واري باغ جيان ئي آهن. هن جي نظمن جي ويجهو وڃو ته گلن وارا سڀ گڻ ڏسڻ ۾ ايندا. مهڪ، تازگي، ڪشش ۽ نرمي.... ها، بيوس سائينءَ جي نظمن ۽ گلن ۾ فرق صرف ايترو آهي جو گل جلدي مرجهائجي ويندا آهن، پر بيوس سائينءَ جي نظمن جو واس سدا امر ۽ سدا بهار آهي. هن جا هي نظم ڪالهوڪي نسل لاءِ به ”چارمنگ“ هئا ۽ لڳ ڀڳ مني صدي گذرڻ کان پوءِ اڄ به هن نسل جي ٻارن لاءِ وڏي وٿ بڻيل آهن ۽ اهو به طئي آهي ته مستقبل ۾ به انهن جي عظمت ۽ امرتا قائم ۽ دائم رهندي.

بيوس سائينءَ جي شاعريءَ بابت خود بيوس جي شعر سان مان هن اڀياس کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندس.

آهه هر هڪ لفظ اندر، قيمتي رت جو ڦڙو

ڪير چوندو شعر بيوس، شاخ انگوري نه ٿي.

(اهو مٿيون اڀياس، ڪرشنا ڀمڀاڻي، پورن ديوي، فتح واسواڻي، جناب انيس انصاري، دادا هري ”دلگير“ ۽ تاج جويي جي لکيل مضمونن جي آڌار تي جوڙيو ويو آهي.)

هر ناول ۾ جن جذبن جو ذڪر هوندو هو، اُهي سڀ مون پنهنجي اندر ۾ ڳولي ورتا ۽ سڀني ڪردارن ۾، پوءِ ڀلي اُهي هيرو هجن يا ولين، مون پنهنجي صورت ڏسي ورتي، جيئن ڪو حساس انسان طبي ڪتاب پڙهڻ وقت محسوس ڪندو رهندو آهي ته سموريون بيماريون مون ۾ موجود آهن. انهن ناولن ۾ جيڪي ڳالهيون پسند هئم، اهي هيون سندن عيارانه خيال ۽ اشتعال ڏياريندڙ جذبا ۽ سچا ڪردار. سٺا ماڻهو نهن کان چوٽيءَ تائين خراب هئا. پنهنجي نوجوانيءَ جي شروعاتي دور ۾ ماڻهن جي باري ۾ بلڪل اهوئي اندازو هو.

-- ليو ٽالسٽاءِ

ڪهاڻيون

اهڙيءَ ريت موضوع سان گڏ ئي ڪهاڻي جو پلاٽ تيار ٿئي ٿو. پلاٽ ۾ ٽي شيون اهم آهن: شروعات، وچ ۽ پُڄاڻي: ڪهاڻي جي شروعات انهن لفظن ۽ جملن سان ڪرڻ کپي، جنهن ۾ پڙهندڙ کي ڪشش محسوس ٿئي. انهيءَ ڏس ۾ آءٌ عرض ڪندس ته اسان جي نون ليکڪن کي روايتي حملن ۽ مشڪل لفظن سان ڪهاڻي جي شروعات ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت فطري انداز ۾ ڪهاڻي کي اڳتي وڌڻ کپي. عام طرح جڏهن ڪهاڻي پنهنجي وچ واري حصي ۾ پهچندي آهي تڏهن اڪثر ان ۾ جهول پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آحي. ان وقت ڪهاڻيڪار کي گهرجي ته ڪهاڻي جي ٽيمپو کي نه سست ٿيڻ ڏئي ۽ نه ئي گهڻو تيز؛ ائين ڪرڻ سان ڪهاڻي ۾ جهول پيدا نه ٿيندو. ان طرح پڄاڻي به فطري انداز ۾ هئڻ کپي. محض ڇرڪائيندڙ پڄاڻي لاءِ غير فطري انداز، ڪهاڻيءَ جي اثر کي زائل ڪريو ڇڏي. ڪوشش ڪجي ته ڪهاڻي کي اتي ختم ڪجي، جتي پڙهندڙن جي ذهن ۾ خود اڳتي لاءِ سوچ پيدا ٿئي ۽ جيڪا ڳالهه ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جي انجام متعلق سوچي ٿو، اُها بنا ڪهاڻيءَ ۾ ڄاڻائڻ جي خود پڙهندڙ جي ذهن ۾ پيدا ٿئي.

ڪهاڻي لکڻ جي سلسلي ۾ هڪ ٻي اهم شيءِ ڪردار نگاري آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار سچا پچا هئڻ گهرجن. ٻين لفظن ۾ جيئرا جاڳندا ڪردار ڪهاڻيءَ جي جان هوندا آهن. اسان جي چوڌاري هوائي جهاز اغوا ڪندڙ کان وٺي شهرن ۾ رستن تي دهشتگردي جو نشانو بنجي ويل ۽ خون ۾ ٻُڏل لاشن تائي ڪيترائي ڪردار پکڙيا پيا آهن. پنهنجي ڪهاڻي ۾، جنهن ۾ ڪردار يا ڪردارن کي اسان کڻون ته انهن ۾ حقيقي روح هجڻ کپي. اسان کي نه صرف انهن ڪردارن جي هلت چلت، عادتن ۽ حالتن جي ڀرپور ڄاڻ هئڻ گهرجي پر ان سان گڏ ان ڪردار يا ڪردارن جي نفسيات ۽ انهن جي اندروني جذبن ۽ احساسن جي ڀليءَ ڀت پروڙ هجڻ کپي. تڏهن اسين ڪهاڻي انهن جي مختلف ڪردارن ۾ حقيقي رنگ ڀري سگهنداسين. - - ”ساحر“ پريمي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com