سيد ماڪن شاهه رضوي
ڪجل بنا نيڻ
ڌرتي مٿي جيئن تيز هوائن جي زور تي ڇڻيل ۽ سڪل پن
اڏامندا آهن، تيئن وقت جي تيز واچوڙن ۾ انسان به
اڏامندو ۽ گردش ڪندو رهي ٿو. وهندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ
لاءِ بند ٻڌبو آهي ۽ ويندڙ مسافر کي وري جبل جيڏي
دل ۾ وسندڙ اڻ ميي پيار جي ڌاڳي سان قابو ڪبو آهي،
سو وقت جي طوفانن هٿان ڇڻيل پن جيئن ڀٽڪندڙ سانوڻ
کي به ڪاڪي فضل قُرب جي ڏور ۾ اهڙو ته ٻڌي قابو
ڪيو جو هن جي رولاڪ من ۾ ماٺار اچي وئي.
اڄ کان ٻارنهن سال اڳ جڏهن سانوڻ جي ڄمار به
ٻارنهن ورهيه هئي، تڏهن هن وڏي ڀاءُ جي پادرن کان
بيزار ٿي پنهنجو ڳوٺ ڇڏيو هو. ماءُ پيءُ ته ڇٺيءَ
۾ ڇورو ڪري ويا هئس ۽ ڀاڻس، ڀاءُ ٿورو ۽ مُلهه ڳڌل
غلام گهڻو سمجهندو هئس. سڄو ڏينهن مال ۾ رُلڻ،
جهنگن ۾ ڌڪا کائڻ ۽ واهن جا ڪپ پيرن هيٺان ڪڍڻ
پڄاڻان بت سور سان ڀرجي ويندو هئس. مٿان وري لڪڻ
سان مالش ۽ پٺن تي کهرو هٿ به ڦيرايو ويندو هئس،
سو هو بنهه بيزار ٿي پيو.
انسان بيزار ٿئي ته دنيا ڇڏيو ڏئي، پر سانوڻ رڳو
ڀاءُ جو گهر ڇڏيو ۽ پوءِ پورا ٻارنهن سال هن جي
ٿڪل ڄنگهن ڌرتي جي سيني تي هلندي گذاري ڇڏيا. ڪٿي
ٻه چار ڏينهن ترسي ڪنهن جي ٻني مان وؤڻاٺيون
وڍيائين، ڪٿي ڪنهن هوٽل ۾ چار ڏينهن چانهه
ڪاڙهيائين. ڪٿي ڪنهن جي ڀُريل ڀت کي مينهن کان اڳ
راڳو ڏنائين. مزور کي مزوريون گهڻيون. اڄ هتي
سُڀان هُتي.
پر جڏهن ڪاڪي فضل سندس حقيقت کان واقف ٿي، وسائي
واري ڪاڄ مان هن کي پاڻي ڀرڻ جي ڪنواٺي ڇڏائي گڏ
وٺي آيو، تڏهن هن کي هي ڳوٺ ۽ ڳوٺ وارا ڏاڍو وڻي
ويا ۽ هو اڳتي وک به نه چريو ۽ پوءِ هن ڪاڪي فضل
کي بادشاهه پير جو هٿ ڏنو ته هاڻي هو سندس در مري
ڇڏيندو.
ڪاڪي فضل سانوڻ جي اچڻ کان مُرڳو ٻه مهينا اڳ ننڍي
نيٽي نازو سان نڪاح ڪري ٽيون گهر سڄو ڪيو هو نازو
جو پيءُ حاجن ٻوڙو به ڄائي ڄم کان ٽوٽي هوندو هو.
جواني ۾ جُوا جي پِٽ هوندي هئس ۽ هاڻي پيري ۾ پيٽ
لاءِ پريشان هو. تنهن وڏي ڳڻ ڪري، ارڙهن ورهين جي
نازو کي ڪاڪي فضل جي ڪنوار ڪندي ويرم ئي ڪانه ڪئي
۽ پهنجي پر ۾ هن ڪاڪي فضل جي گهر تڙ ۽ ٻني ٻاري
کان وٺي ٻڪرين ٺڪرين ۾ به پنهنجو حصو ڳنڍي ڇڏيو ۽
اٽي لٽي جي فڪر کان آجو ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ هو فضل
جي ڳوٺ ڌيءَ وٽ گهڻو ڪونه ايندو هو پر جماڻي
چنڊاڻي ڀيرو پيو ڀڃندو هو. ڪاڪي فضل ٻه زالون اڳ
ئي پنهنجن هٿن ۾ سرُهيون ڪيون هيون، پر انهن مان
ڪو اولاد ڪونه ٿيس. هاڻي ته ساٺيڪو ورهيه جيتوڻيڪ
ڳڙڪائي ويو هو ته به سندس يقين انهيءَ پهاڪي تي
پختو هو ته مرد ۽ گهوڙو ڪڏهن پوڙهو نه ٿئي، ۽ پاڻ
کي جوان ظاهر ڪرڻ ڪاڻ ثبوت طور هن پنهنجي ڏهٽيءَ
کان به ننڍي نازو سان لانئون لهي راڄ وارن کي
انهيءَ پهاڪي جي سچائي ثابت ڪري ڏني هئي.
بي اولاد ۽ پوڙهو ماڻهو جي مال ملڪيت وارو هجي ته
گهڻين لالچي نگاهن جو نشانو بڻبو آهي، سو حاجن
ٻوڙي به انهيءَ نشاني تي بندوق ڇوڙي هئي.
پوڙهو ماڻهو جوان زال جي ڀر ڇڏڻ تي وسنئون راضي نه
ٿيندو آهي، پر پيٽ پاپيءَ خاطر ڪاڪي فضل کي به نه
چاهيندي گهر ڇڏڻو پوندو هو. سانوڻ جي اچڻ کان اڳ
هو سارو ڏينهن ٻڪرين چارڻ لاءِ ڌڻ سان گڏ رلندو
هو. تنهن کي سانوڻ اصل جيئاري ڇڏيو. هاڻي ٻڪريون
سانوڻ جي بلي ڪري هو سارو ڏينهن بي فڪرو ٿيو گهر ۾
ويٺو هوندو هو.
سانوڻ لوڙهي جي گهٽيءَ تي ٻڪرين جي واڙ اڳيان بيٺل
پپر جي وڻ هيٺ سمهندو سهڙندو هو. ڏينهن جو مال سان
۽ رات جو اها ڀيڻي اها ڀت. سانوڻ کي بخشيل پراڻي
واڻ واري کٽ ڏينهن جو ڪاڪي فضل جي آرام لاءِ ڪتب
ايندي هئي ۽ رات جي ساوڻ ان جو ڌڻي اچي ٿيندو هو.
هونئن به هن کي گهر ۽ ڇت جي ضرورت به ڪهڙي؟ سُڃو
سِر هو. سياري جي ٿڌي رات ۾ ٿُلهي سوَڙ ۽ ٻه رليون
سيءَ جهل هونديون هيس ته گرمي ۾ گهُلندڙ هير ۽
ستارن جي چادر مٿي ڇانءُ. وقت وهندڙ پاڻيءَ جيئن
وهندو پئي ويو.
ڪاڪو فضل پنهنجي وَهي وقت ۾ قنڌار مڙس هو. چورن
چڪارن ۽ ڪاٽڪن سان سينڌ سلامت رکيو آيو. سموريون
مڙساڻيون خصلتون هڏ ۾ ويٺل هئس. گهڙن مُنهان غيرت
رڳ رڳ ۾ رچيل هئس. پر وقت جي ڳالهه آهي. پيريءَ ۾
سؤ عيب هوندا آهن ۽ هو ته پيري ۾ به گهڻو اڳتي
نڪري آيو هو. نظر به جهڪي ٿي وئي هيس ته مُڇن،
ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار به گهڻا کُسي ويا هئا ۽ جيڪي
بچيا هئا سي به ماهئي کير جهڙا اڇا ٿي ويا هئا.
ويندي ٻانهن جا وار به اڳي جهڙا ڪارا نه رهيا هئا.
ڏند به ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ اصل هو، نه ته چوس ڏيئي چاڙهڻ
وارا پٿر جا جڙيل ڏند وات جي لڄ رکيو پئي آيس. هن
شادي تائين رهيل وارن کي ميندي هڻي سُنت پوري ڪندو
هو. سڀ شوق هن ۾ هئا پر هن پنهنجي اصلي ويس نه
ڇڏيو هو. چوندو هو ته ويس ۽ ديس ڇڏڻ مڙساڻو شان
ڪونهي. اهائي صدري، گوڍواڙ سُٿڻ ۽ پٽڪو، ميگهواڙ
کان هٿراڌو چاندي مڙهيل جتي ٺهرائي، تيل ۾ جهڙا
ٻوڙ ڪري پوءِ پائيندو هو. اڳ ته ڪڏهن ڪهاڙي هٿ مان
نه ڪڍيائين پر هاڻي پٽائين پُچ چڙهيل لٺ ڪهاڙي جي
جاءِ والاري هئي. مڙس ڪرڙي اک وارو پاڻياٺو هوندو
هو. اڄ ڪلهه جي وات ڳاڙهن ڇورن جي چرچي تي جهٽ چڙي
پوندو هو ۽ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. هي
نازو سان جيڪي شادي ڪيائين سابه ائين ئي ڪچهري ۾
عوثو جي ٽوڪر تي جوش ۾ اچي.
ٿيو ائين جو ڪاڪي وٽ ڪي مزمان آيا. ڪا پراڻي سنگت
هئي. آيل مڙس به جيتوڻيڪ پيرسن هئا ته به جڙد مڙد
ٿي لڳا. ڪاڪي جي گهر جا سونها ڪونه هئا سو عوثو
کين گڏ وٺي ڪاڪي جو گهر ڏيکارڻ آيو.
اڳ ته ڪاڪي فضل جي اوطاق گهر کان ٻه ايڪڙ پري
هوندي هئي، سدائين آيو ويو پيو ٽُڪر ڀور لاءِ
لڙندو هو. پر ڪاڪي جو پويون گهر به ڀڄي پيو. گهر
واري ويئي هُن جهان. ڄمار به ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي آئي.
پراڻي ياري به هاڻ نه اچڻ جهڙي ٿي آئي. ڇو ته سندس
تُور جا ڪي ته رهجي ويا. اٿڻ کان آزرُٿ. ته ڪي وري
پيالو پي ويا هئا.
عام مزمان مڙي لاءِ وڏيري علڻ جي اوطاق هوندي هئي،
سو ڪاڪو فضل اجايو اوطاق ڇا لئه رکي؟ رڳو لوفرن ۽
ڳاڙهه واتن ڇورن لاءِ اوطاق رکڻ کان رهيو. جن کي
نه ننڍ وڏائي جي ساڃهه نه پنهنجي پرائي واري
سُڃاڻو اک. جنهن جو کائن گلا به ان جي ڪن. اهي سڀ
ويچار ڪري، هن اوطاق واري لانڍي ڊاهي ڇڏي ۽ گهر
جهلي ويهي رهيو. سو هاڻ جو عوثو ڪاڪي جي ساٿاري
يارن کي هٿ ڏس ڪري وٺي آيو ته ڪاڪو ڏاڍو ڦِڪو ٿيو.
سؤ قرب هجن. گهر ۾ زال هجن يا نه، پر دوست کي گهر
جي پردي ۾ ته ڪونه وٺي وڃبو؟ اهوئي ته مڙد جو شان
آهي. گهر جا ’ڪايا‘ ته ڪونه ڳڻائبا؟ سو يارن لاءِ
کٽ کڻي ٻاهر آيو ۽ پپر جي وڻ هيٺ کين وهاريائين.
مزمانن لاءِ ماني سومار جي گهران پچرائي ورتائين.
سومار ايترو ڌاريو ڪونه هو. ڇڊائتو ور وراڪي مائٽ
هوس. جواڻ جماڻ هو سال کن اڳ پرڻيو هو. هڪڙو پٽڙو
به خدا ڏنو هئس. لوڙهو لوڙهي ۾ ڏيو ويٺو هو. سو
اهڙين مهلن ۾ ڪاڪو هن کان حجاب ڪونه ڪندو هو. اوير
سوير سومار جي زال جنان ماني ٽڪر پچائي ڏيندي هئي.
سو مزمانن مان هڪ جهوني ڪاڪي فضل جي تڪليفن کي
ڏسندي کل ڀوڳ ۾ ٽين شادي جي کڻي صلاح ڏنيس. ڪاڪو
نٽائڻ لڳو ته عوثو ٽوڪر هڻي ڪڍي، چي: ”ڪاڪي فضل جا
هاڻي ڏڪ پيا وڍجن، اٿڻ ويهڻ ۾ هلاڪ سو ٿو شادي
ڪري“. ڇورا بي افعالا، ڇا ڄاڻن ننڍ وڏائي مان؟ سو
اهڙن جي ڳالهه ڪٿي ٿو ڪاڪو فضل ٻڌي. سو هن اتي
فيصلو ڪري ڇڏيو.
”بس ڪر، ڙي ڇوڙا! مون کي پڻهين جي ڇٺي به ياد آهي.
پر اڄ به ٻانهن ۾ هٿ وجهئين ته ڇڏائي ڪونه
سگهندين. پوڙهو اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي عوثو خان!“
”برابر ڪاڪا! پر شادي.... سا به هن ڄمار ۾، ڪير
سنڱ ڏيندءِ؟ ماڻهن وٽ ڪي ڌيئون گهڻيون ته ڪونه
ٿيون آهن.“ عوثو وري به ڦوڪ ڏني ۽ ڪاڪو باهه ٿي
ويو.
”اي انهيءَ ڳالهه تي ٿو اچين ته ڏس ته ڪيئن ٿو
پرڻجي ڏيکاريانءِ. بُکيو ڀينگيو ڪونه آهيان. لُنب
لوفر ڪونه آهيان، جو سنڱ نه ملندم“ ڪاڪي نقلي ڏندن
کي زبان سان سنڀاليندي چيو.
پوءِ ته ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. عوثو به وڃي
پنهنجي ڪرِت سان لڳو ته ڪاڪي جا مزمان به سندس وٽو
پاڻي جو پي وڃي پنهنجي پنهنجي گهر رسيا. پر ڪاڪو
فضل شادي جي شوق ۾ اڌ چريو ٿي پيو. هن پنهنجي ڳوٺ
کي تورڻ تڪڻ کان پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ به ڪوششون
شروع ڪيون ۽ پوءِ ڪاڪي جي جاکوڙ هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
حاجن ٻوڙي ڪاڪي کي نازو جو سنڱ ڏيڻ قبوليو. اڀرو
سڀرو ڀت ٿيو. کارڪون ۽ پتاشا ورهايا ويا. ملان
عبدالله نڪاح پڙهايو. ڳوٺ جا ڪي پٽڪي ور ڪاڄ ۾
ويٺا ۽ ڪاڪو نازو کي وٺي پنهنجي ڳوٺ ان گهر ۾ آيو
جتي ڪاڪي جي ٻن مرهيات زالن جا روح اڳ ئي واڪا ڪري
رهيا هئا. نازو جي به قسمت جو سُنهن کڻجي. ماءُ
ٻنڌڻن ۾ ئي ڇڏي وڃي خدا کي پرتي. پڻس اڳ ئي جوئاري
نڪمو. اوطاقن جي ٻانڌاڻي. جتي سڻڀو ٽڪر سُجهيس ات
پڙ ڪڍيو ويهو رهي.
نازو سدائين پراين درن جا ڌڪا جهليا ۽ ونڊ جا لولا
کائي وڏي ٿي. ساري ڄمار اوبرون پلئه پيس. پر خدا
جي قدرت جو بکن، مارُن، ڏکن ۽ دڙڪن هوندي به جواني
۾ پير پائي هو حسن جو پتلو بڻجي پيئي. پورو پنو
ڀريل بت، ڪجليون اکيون، لال لب، موتين جهڙا ڏند،
رنگ اهڙو جهڙو کير ۾ گلاب جو ڳاڙهو شربت. بس ڌڻي
هٿ سان ويهي جوڙيو هئس. جواني آهي ئي خوابن جي
موسم. هرڪو جاڳندي ذهن سان خواب ڏسندو آهي. دل ئي
دل ۾ تمنائن جا محل جوڙيندو آهي. پوءِ جي اهي محل
واريءَ گهرڙن جيئن ڊهي پون ته ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟
سو نازو به دل ۾ ڪئين شيش محل جوڙيا هئا. رنگن ساڻ
رهاڻ رچائي هئي. ناني سڦوران جڏهن ڏهٽين پوٽين کي
ڳالهيون ٻڌائيندي هئي ته نازو به وڃي ڀر وٺي وهندي
هئي.
هن کي ان غريب ڇوڪري جي ڳالهه ڏاڍي وڻندي هئي،
جيڪا سُور سهندي مارون کائيندي وڏي ٿي هئي. پوءِ
هڪ ڏينهن هڪڙو شهزادو گهوڙي تي چڙهي آيو ۽ ان غريب
ڇوڪري کي پَٽ راڻي بنائي سامونڊي گهوڙي تي سوار
ڪري وٺي ويو اتي جتي پرستان ۾ هن جو موتين جڙيل
محلات هو. ناني سڦوران جي اها ڳالهه ننڍپڻ کان
نازو جي دل ۾ گهر ڪري وئي هئي ۽ هو دل ئي دل ۾ اڻ
ڄاتل سامونڊي گهوڙي واري شهزادي جو انتظار ڪندي
هئي. پڻس ڪڏهن وال ڪپڙي جو به يادگيري ۾ وٺي ڪونه
ڏنس. هن جڏهن کان هوش سنڀاليو هو تڏهن کان ڦٽين جا
چونڊا ڪري، ڪڻڪن جا لابارا ڪري يا پاڙي وارن جي
ٻارن کي راند ڪرائي، ٻهارا ڪڍي، ٿانو ملي، انگ ڪاڻ
اڌوراڻي اڳڙي حاصل ڪئي هئي. هن کي ياد نه هو ته
ڪڏهن سندس گهر ۾ عيد برات تي به چلهه ٻري هجي. خدا
ڪارڻ جا لولايا اوبر سوبر سندس پيٽ ڀريندا هئا.
سکن جي ڪابه تصوير هن جي نگاهن ڪانه ڏٺي هئي.... ۽
پوءِ ٻالڪپڻ ساٿ ڇڏي هن کي جواني جي بسنت رُت
حوالي ڪري ڪيڏانهن گم ٿي ويو.
۽ اڃا هن تمنائن جي نه ته پوري فهرست ئي پڙهي هئي
۽ نه چانديءَ جهڙا خواب پورا پڙهيا هئا، جو پڻس هن
کي اٺين پُري اُٺ جو گهوگهيتو ماسات وارو سنڱ ڳنڍي
ڪاڪي فضل جي ڪنوار بنائي ڇڏيو. اوڙي پاڙي جي عورتن
کي هن نڪ تي آڱر رکي توبه توبه ڪندي ڏٺو. ڪيترين
اکين ۾ هن پاڻ لاءِ همدردي جا پاڇا به پسيا، پر ڪا
زبان هن جي لاءِ حق جو ڪلمو ڀرڻ لاءِ ڪانه کلي ۽
نازو بي زبان گُگدام جيان ڪاڪي جي ڪلي تي اچي ٻڌي.
هن سپنن جي تعبير صفا ابتڙ ڏٺي. سامونڊي گهوڙي تي
چڙهيل شهزادي بدران ڏاڏي جيڏو ڪاڪو فضل، موتي محل
جي جاءِ تار لوڙهي اندر مٽي ۽ ڇيڻي سان راڳيل گهر،
لوڙهي جي گهٽي تي، ٻڪرين جي واڙي ۽ ان واڙي اڳيان
پپر جو وڻ.
ڪاڪو فضل روايتي مڙس ماڻهن جيان هو، ان ڪري ڳوٺ جي
ٻين گهرن کان هن جو گهر مڙيئي ڇڊائتو ۽ پنهنجي
ٻنيءَ ۾ ٺهيل هو ۽ سواءِ سومار جي گهر کان ٻيو ڪو
ويجهو گهر به نه هو. ان ڪري نازو جي پهرين واقفيت
ادي سومار جي زال جنان سان ٿي ۽ پوءِ ڏينهن اندر
ٻنهي ۾ گهاٽي سنگت ۽ محبت به ٿي ويئي.
جنان به سانوري رنگت ۽ ملوڪ منهن مهانڊي واري
ڇوڪري هئي. سال کن ۾ ئي هن پهرين زال ۽ پوءِ ماءُ
ٿيڻ جي تجربو ماڻيو هو. ڪاڪو فضل ڏينهن جو ٻڪريون
چارڻ ويندو هو، ان ڪري نازو گهر ۾ اڪيلي هوندي
هئي. مٿان جهونو زال ذات کي ضابطي ۾ رکڻ جو قائل
هو ان ڪري نازو کي سواءِ ادي سومار جي گهر وڃڻ ۽
جنان سان ملڻ جي ڳوٺ ۾ وڃڻ جي موڪل نه هئي. رهيو
سندس ڳوٺ ته اتي ڀلا نازو جو هو ئي ڪير، جنهن لاءِ
هو وڃي؟ انهيءَ ڪري جنان ئي هن جي ساٿي سهيلي
مائٽياڻي سڀ ڪجهه ٿي پئي. جنان به هن جيان ٻئي
ڪنهن ڳوٺ مان پرڻجي آئي هئي. پويان جيتوڻيڪ وڏو
ڪٽنب ڇڏي آئي هئي تڏهن به هتي ته سواءِ نازو جي هن
جو ٻيو ساٿ نه هو. ان ڪري ٻنهي ۾ محبت ڏاڍي گهاٽي
هئي.
ڪاڪو فضل شادي ته ڪري آيو، پر پوءِ به اوطاق ڪانه
ٺهرايائين. شادي جا ڪجهه ڏينهن خير جا گذريا، ڪاڪو
ٻالڪ ٻار زال ڏسي ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. پر نازو جو من
خبر ناهي ته ڇو هن سان نه ڀِريو. ڪاڪو فضل هن کي
بنهه نٿي وڻيو. شادي کانپوءِ ڪاڪي به شوق ۾ ڪجهه
تبديليون آنديون. ميندي ڇڏي جوڪر ڇاپ خضاب سان مٿو
مڇون ۽ ڏاڙهي سينگارڻ لڳو هو ۽ پوءِ مهيني سوا کان
پوءِ حاجن ٻوڙي به هڪ اڌ چڪر لڳايو ٿي ۽ پنهنجي پر
۾ ڪاڪي کان ٻه ٽي ڏوڪڙ به ٿي ورتا. هن جي وڃڻ
پڄاڻان ڏينهن جا ڏينهن نازو کي ڪاڪي فضل جو ڪُرڪو
ٻڌڻو ٿي پيو.
ٻن اڍائن مهينن پڄاڻان ڪاڪو فضل سانوڻ کي وٺي آيو،
دُونهاٽيل سانوري رنگ واري جواڻ جماڻ ۽ بي افعالي
سانوڻ کي، جيڪو نه ته ڪپڙا ئي سولا پائي ڄاڻندو هو
۽ نه هٿ منهن به وس هوندي ڌوئيندو هو. ميري سُٿڻ
جا ٻئي ور کڻيو لٺ هٿ ۾ جهلي سارو ڏينهن ٻڪرين
پويان چنگ وڄائيندو وتندو هو.
پر خبر ناهي ڇو نازو هڪ ٻه ڀيرو لڪي لڪي سانوڻ کي
ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪاڪي جي گهر ۾ ڇا وَهي ڇا
واپري، سانوڻ کي ان سان ڪابه غرض ڪانه هئي. هونئن
ته ڪاڪو هن کي گهڻو ئي ڀائيندو هو. هڪ ڀيرو هن کيس
خاڪي رنگ جا ٿلها ڪپڙا به سبائي ڏنا. جُتي به وٺي
ڏني. ماني ٽڪي به وقتائتي هٿ سان کڻي اچي
کارائيندو هئس. باقي ڪنهن ڪنهن ويل ڪرڪو ڪرڻ ۽
جهڳي هڻن جي ته ڪاڪي کي پراڻي عادت هوندي هئي، ان
ڪري هو ن جي نه ڪا ميار ڪاڪي کي ڏيندو هو ۽ نه دل
۾ ئي ڪندو هو.
پوءِ ائين ئي چار پنج مهينا لنگهي ويا، تڏهن
پهريون ڀيرو هن نازو کي ڏٺو هو. ان ڏينهن ڪاڪي فضل
کي تپ آيو هو. مڇرن وارو تپ ته جواڻن کي به
جهولايو ڇڏي، هي ته ويچارو مَڙهو مڙس هو. اصل
شيڪجي ويو. ڏندن کان سواءِ باقي سڄو پئي ڏڪيو. ڏند
به ان ڪري ڏڪڻي کان بچي ويا هئا جو وهاڻي هيٺ
سيرانديءَ کان پيل هئا. ان ڏينهن ادو سومار به
جنان کي وٺي ساهرن ويو هو.
تڏهن نازو سانوڻ کان چانهه لاءِ کير ڪاڻ ٻڪري ڏُهڻ
جو چيو هو، جيئن هو ڪاڪي کي چانهه سان تپ واري
گوري کارائي سگهي.
نازو هن سان پهريون ڀيرو ڳالهايو ۽ سانوڻ هن کي
پهريون ڀيرو ڏٺو هو. اڌ لوڙهي اندران لڪل، اڌ گهٽي
مان ظاهر ٿيل نازو.... چنڊ ڪڪرن پويان لڪي به چنڊ
ئي هوندو آهي. جواني پردي پويان لڪي به جواني
هوندي آهي. ٻئي هر حال پاڻ پسائيندا آهن.
سانوڻ به نازو کي اڌ ڏٺو نه ڏٺو، پر هن جي حسن ۽
جواني کي محسوس ضرور ڪيو هو. ٻئي ڀيري هن نازو کي
تڏهن ڏٺو هو جڏهن نازو مڙس سان گڏ الهورائي جي
ڌيءَ جي شادي ۾ وڃڻ لاءِ گهران نڪتي هئي. سانجهي
ويل اجرڪ ۾ ويڙهيل نازو پنن ڍڪيل گلاب جيان. لهندڙ
سج جي آخري ڪرن به هڪ ڀيرو هن جي چهري کي شايد چمڻ
چاهيو هو. سانوڻ کي ائين لڳو هو، ڄڻ نازو آڏي اک
سان هن کي ڏٺو هو. ان ويل هن ٻڪرين کي واڙ ۾ پوري
واڙ جي گهٽي تي ڍينگهر پئي ڏنو ۽ هن کي پهريون
ڀيرو ساجن سوائي جي ميڙي ۾ ڳائڻي جو ڳايل ڪلام ياد
آيو هو.
نيڻن جي نشاني سان قتلام ڪيو تو ڪيئن.
ڪاٺيون رڳو ٽانڊي تي رکي ڇڏجن ۽ ڦوڪ ڏيئي ٻارجي نه
ته هنن مان رڳو دُونهن نڪرندو آهي. اهو دونهن
ڪاٺين جو احتجاج هوندو آهي ته رڳو ٽانڊن جي تپش
ڇو؟ اسان ته شعلن ۾ سڙي روشني ڪرڻ ٿيون چاهيون. پر
رُڏ مغز سانوڻ نيڻن جو احتجاج ڇا سمجهي؟ ۽ پوءِ
هڪ رات سانوڻ ۽ نازو جي وچ ۾ ٽنگيل پردو گهڻو هٽي
ويو.
ان رات سانوڻ سانباها ڪيا هئا. آڌي رات جو مينهن
بي مهلي مزمان وانگر اچي ڪڙڪيو هو. وڏ ڦڙي وسڪارو
لاتو هو. سانوڻ مينهن کان بچڻ ڪاڻ پپر جي وڻ هيٺ
رکيل کٽ هيٺ گهڙي ويو هو، پر پُسيل هنڌ جا چُئاڪا
هن تي وسي وسي چئي رهيا هئا. پُٽ سانوڻ!… ”اوهيرن
کان ڀلا ڪيئن بچندين؟“
تڏهن ڪاڪي فضل جو سڏ هُن جي ڪن تي پيو هو.
”سانوڻ… س…ا…ن…و…ڻ… هو..هو… و… هو…“
ڪاڪي فضل جو بلغم ۾ ٻُڏل آواز مينهن جي شپڪي ۽
هوائن جي گهوگهٽ سان وچڙندڙ هُن تائين پهتو.
پهرين ته هن سمجهيو ته سندس ڪن پيا وڄن، پر سڏ وري
به ٿيو ته هُن کي پڪ ٿي.
”هُو.. هُو“ هُن جواب ڏنو.
”گهر هليو آ.. گهر هليو آ… اي ٻاهر پُسي ويندين.“
۽ هو پُسيل رَلِي اوڍي سيرانديءَ کان رکيل ڪهاڙي
کڻي گهٽيءَ جو ڍينگهر پاسي ڪري اندر لنگهي آيو.
”ڪاڪا… او ڪاڪا…!“ اڱڻ ۾ بيهي سڏيائين.
”ها ها… هليو آ“
۽ هو گهر ڏانهن وڌيو. هُن جا پير ڳرا ٿيندا ويا.
لانڍي اڳيان ٺهيل ڇَني ۾ پهچي هو بيهي رهيو. ڪاڪو
۽ سندس زال اندر لانڍي ۾ هُئا، جتي گاسليٽ جي بتي
پنهنجي بي سَتي روشني پکيڙي رهي هئي.
”اتي ڇني ۾ کٽ تي سمهي پئو. ٻاهر مينهن آهي. آءٌ
تولاءِ رلي کڻي ٿو اچان“ ڪاڪي فضل اندران چيو. ۽
ويرم کان پوءِ سڪل رَلِي ۽ وهاڻو آڻي هن کي
ڏنائين. سانوڻ بُت سان ويڙهيل آلي رَلي لاهي رکي.
قميص به سڄي پُسي ويئي هئس. هن اها به لاٿي ۽ آلي
سُٿڻ سميت سڪل رلي اوڍي کٽ تي سمهي پيو. ڪاڪو وري
اندر هليو ويو.
”رَلي ڏنئيس؟“ نازڪ نازڪ سُريلو آواز سانوڻ جي ڪن
پيو.
”هائو“ ڪاڪي وراڻيو.
”چڱو ڪئيه، نه ته ڇورو سڄي رات پُسي تپجي پوي ها“
آواز ۾ همدرديءَ جو اظهار هو.
سانوڻ جي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويئي.
”ڪيڏو خيال اٿس مونجو“ دل ئي دل ۾ سوال اُڀريس.
”سارو ڏينهن وٽن ڪمايان ٿو، ايترو خيال به نه ڪن
ته…“ اندر ئي اندر ۾ جواب به اُڀريو.
”ويچارن کي شابس هجي، نه ته اڄ ڪلهه ڪير ڪنهن جو
آهي. سڏ نه ڪن ها ته ساري رات ٻاهر مينهن ۾ پيو
پُسان ها…“ دل ئي دل ۾ هن ڪاڪي فضل سان گڏ نازو جو
به ٿورو مڃيو.
۽ پوءِ هو الائي ته ڪيتري دير اندر ئي اندر ۾
پنهنجو پاڻ سان ڪچهريون ڪندو رهيو. لانڍي مان ڪوبه
آواز ڪونه ٿي آيو. بس ڪيڏي ڪيڏي ويل اڻ لکا چوڙين
جا ڇڻڪاٽ يا ڪپڙن جي هلڪي هلڪي سَر سَر اُڀري وري
گم ٿي ويئي ٿي.
سُريلي آواز جو انتظام دل جي ڪنهن خاني ۾ اُڀريو
ٿي… پر پوءِ ڪوبه آواز ڪونه آيو. ۽ خبر ناهي ته
ڪهڙي ويل نيڻن ۾ ننڊ ڀرجي ويس.
فجر جو ڪاڪي فضل ٻانهن کان وٺي ڌونڌاڙي اُٿاريس.
”اي اُٿي ڇورا!.. ڏينهن اچي اُڀريو آهي. اُٿي
ٻڪريون ڏُهي وٺ ته چانهه چُڪو چاڙهيون…“ تڏهن هن
رِلي منهن تان لاٿي ۽ آرس ڀڃي اُٿيو. خبر ناهي ڇو
پهرين نظر لانڍي جي در ڏانهن کڄي ويس. گاسليٽي بتي
جيان چمڪندڙ چهرو هڪ پل لاءِ نظر اچي ويو. مرگهه
جهڙيون ڪجليون اکيون هن کي تڪي رهيون هيون ۽ هن جي
نظر پوڻ سان اهي نيڻ ائين جهاتي پائي لڪي ويا جيئن
کنوڻ ڪڪرن مان جهاتي پائي لڪي ويندي آهي.
”اُٿي ٻيلي! اسان وٽ به جواڻي آئي هئي، پر حرام جو
ڪا ڳهر هجي. ڪک جي کڙڪي تي به ڇرڪ ڀري اُڀا ٿي
ويندا هئاسون. اڃان به رهيا ڪونه آهيون، تو جهڙو
جواڻ ته اڄ به آهيان. پر توسان ته يار ڀليان ڀلي
لڳي پئي آهي. ايڏي ڍر! صفا ڪو موڳو آهين.“ ڪاڪي
فضل سانوڻ جي جواني سان پنهنجي ڄمار جي ڀيٽ ڪندي
آڏي اک سان لانڍي جي در ڏي ڏٺو، ڄڻ ته هو پنهنجي
ڦڙتائي سان ڪنهن ٻئي کي قائل ڪندو هجي.
پيري هميشہ جواني تي ڪُرڪي، کوکلا دليل ڏيئي پاڻ
پڏائيندي آهي. پر حقيقت کي ڪير به ۽ ڪڏهن به کوکلن
دليلن سان مٽائي نه سگهيو آهي. سو ڪاڪو به حقيقت
جي پاڙ اُکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ ڪُرڪندو ۽ کنگهندو
رهيو ۽ سانوڻ قميص پائي ٻاهر نڪري ويو.
خبر ناهي ڇو اڄ جهنگ ۾ ٻڪريون چاريندي به هُن جو
ذهن سوچن جي اڻ کٽ ڄار ۾ جڪڙيو رهيو. رکي رکي ملوڪ
مهانڊو اکين آڏو پئي ڦريس. هن ڪاڪي فضل جي ليمڪ کي
لڄائڻ نٿي گهريو. گهڻو ئي پاڻ تي ڦِٽ لانت ڪيائين،
شيطان کي گاريون ڏنائين پر نازو جي تصوير کان جند
ڇڏائڻ ۾ ناڪام رهيو.
جن کي من ۾ اچڻو هوندو آهي، اُهي چُپ چاپ بنا موڪل
صفا ماٺ ميٺ ۾ اکين ۾ کُپي ۽ دل ۾ چُڀي ويندا آهن
۽ دل ۾ چُڀيل ڪنڊو ڪڍڻ ناممڪن هوندو آهي. سو هو به
اکين رستي هن جي دل ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيان چُڀي ۽ ڇپي
ويئي هئي. هن جيترو هُن جي صورت کان پاڻ بچائڻ ٿي
گهرو هو اوتروئي من مندر ۾ چٽي ٿيندي پئي ويئي.
”ٻيلي سانوڻ! الله هر ڪنهن جي لڄ رکي، پاڻ کي ڪاڪو
گهڻيئي ٿو ڀانئي. خدا سان ڪم پوندو، مُڙس جو ليمڪ
کاڌو اٿئون رب ڪري شل رهجي اچي. مولا پت رکندو…“
هو دل مان وهمن ۽ وسوسن کي تڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو
رهيو.
دل جو چور هميشہ اندر ئي اندر کاٽ هڻندو آهي ۽ هن
جي دل ۾ به ڪو چور کاٽ هڻي ويو هو. هر هر، آرسي ۾
پاڻ کي ڏسي دل ئي دل ۾ سوال اُڀرندا رهيس.
”ائي مُئي نازو! هي لال رتول چپڙا، هي ڀورا ڀورا
ڳٽول ڳل، هي سوٽ سخت جسم، هي ڪارا ڪارا نيڻ…
گهوڙا، هنن جو ڌڻي فضل پوڙهو؟… هي ته نسورو ناحق
چئبو. مُئو ڏاڏي کان به وڏو. سڄو سر سر، جهڙو ڌوتل
ريشمي ڪپڙو. دم، سهڪ، کانگهارا.. سڀ تنهنجي نصيب
۾… ڀَري جا مُڪ هڻجيس ته مئو ڦسِي پئي.“ اندر ئي
اندر ۾ خار ڀريل سوچ.
”پر ڇا ڪريان؟… ابي وٽ ڪهڙو ڌن کائي ويئي هيس. يا
ڳوٺ جا سڀ جيڏا مري ويا هئا، تڏهن هي مئو پِيڻ پيم
ڳچي ۾…“ اڻ لکي ميار… پر ڪنهن تي؟
”ابي کي به حيف هجي. پيري ۾ ٿو مُئو شاهوڪار ٿئي.
مُئي جو ڪو پرڻي جو هي وخت آهي.هي ته مئو مري ته
ٺهي… ابي ڀانيو ته هي قبر ۾ پير لڙڪايو سگهو مرندو
ته سڀ مال ايندم هٿ. جيسين امان حياتي هئي ته چون
ٿا ته اُها پورهيا ڪري کارائيندي هيس. انهي مري
جند ڇڏائي ته ننڍي لاڪئون مون کان پرايا گولپا
ڪرايائين. وڏي ٿيس ته لالچ ۾ پيءُ جيڏي سان پرڻائي
ڇڏيائين. ڪهڙو لڄايو هومانس؟… سؤ اکيون گهورڻ
واريون هيون. پر چيم گريب آهيان. پڇاڙي جو راڄ ۾
تڪ لانت جو طوق پوندم ڳچي ۾. ڪير آهي جو مون تي
اڳڙي وجهي، سو ڪنڌ ڪونه کنيم ڪنهن سامهون. پوءِ
به…؟“ پنهنجو پاڻ سان ڪچهري. ڏک ڏوراپا.
”پهرين ته اَبي کي هن به ڳاڙها نوٽ ٿي ڏنا. ابي به
ڀانيو ٿي ته سدائين پيو ائين مال ڳڙڪائيندس… پر
هاڻي جي چار پهر ٽڪي ٿو ته مُئي جو ٻُوٿ به ڦٽيو
وڃي… هاڻي ته ابي کي به کبر ته پئي… سڄو ڏينهن
مُئو پهرو ڏيو ويٺو آهي. بئيمان. جهڙوڪ…؟ هونئن
زال ذات پنهنجيءَ تي اچي ته ڇا نٿي ڪري سگهي؟ مُئا
اکين ۾ سُرمو وجهو هليو وڃن. هر ڪنهن کي پنهنجو
مرم ماري. شرم پلي.“ پيءُ تي ميارون ڪندي مڙس تي
خار اچڻ لڳس، جيڪو اٺئي پهر ڏنڊو ٽيڪيو گهر ۾، يا
گهٽيءَ واري پپر هيٺ ويٺو هوندو هو. گهر جو وکر
وانو به ادي سُومار هٿان گهرائيندو هو. جهنگ جي
خيال سان اُٿندو هو ته لانڍي جي پويان وڃي ويهندو
هو. گهر ۾ نازو ري ٻيو هو به ڪير؟ سو تان ئي ويٺو
زال سان ڳالهائيندو هو. |