سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :17

هونئن به نستي ۽ نٻل جسم ۾ سواءِ سڪ جي ٻيو باقي بچي به ڇا ٿو؟

”اي ڪهڙا پئي سينگار ڪرين؟… هيڏانهن اچ ٻي ٽي زور تي ڏينم. ڄنگهن ۾ سُور اٿم“ ، ڪاڪي فضل زال جي هٿ ۾ ٽِڪ ڏسي هڪل ڪئي ۽ نازو جي سوچن جي سنگهر ڇڄي پئي.

”مئي کي منهنجي سينگار جو به وڏو سُور آهي. اهو سُور ته قبر ۾ به گڏ کڻي ويندو.“ دل ۾ چيائين.

”ڪانه ٿي ڪريان سينگار، اچان ٿي.“ ورندي ڏيئي ٽِڪ جاري ۾ رکي ٻاهر نڪري آئي، جتي ڇني ۾ جهونو کٽ تي ليٽيو پيو هو. هو کٽ جي ايس تي ويهي سُريل ڪاٺين جهڙن ڄنگهن کي آهسته آهسته زور ڏيڻ لڳي. هن کي لڳو ڄڻ ڄنگهن بجاءِ چم چڙهيل لٺ کي زور ڏيندي هجي.

’زور ٿي ڏئين يا راند ٿي ڪرين؟ مُڪون هڻيم“ جهوني کي زور ڪونه وڻيا.

”مئا، هي هٿ ته اهڙا آهن جو لاش کي لڳن ته به چڱو ڀلو ٿي پئي پر.... دل ئي دل ۾ چيائين ۽ ماٺ ڪري مُڪون هڻڻ لڳي.

هڪ لڱا من ۾ آيس ته هڪ مُڪ مڙهي جي گنجي مٿي ۾ وهائي ڪڍي. پر هو مجبور هئي. ٿوري ويرم ۾ جهوني جي اک لڳي ويئي. پر ڪانگ واري ننڊ جهُٽڪي جي. جهوني جا اونگاٽ ۽ کُونگهرا، نازو جي ڪن پيا. پوڙهي جو وات پٽجي ويو. اکيون اڏ کُليون هيون. هو هن زندهه لاش کي ڏسڻ لڳي ۽ خيالن ۾ وري ميلا مچڻ لڳس.

هن جي بُت ۾ رت جي گردش تيز ٿيڻ لڳي ڄڻ سڄو بُت پيڙجي رهيو هئس. اکين ۾ ڄڻ ته ٽانڊا ٿي ٻريس. دل چيس ته اڄ جيڪر پَهڻ به ڀاڪر ۾ اچي وڃيس ته ڪر ان کي پيهي پڻي ڪري ڇڏي. هن تي بيخودي جي ڪيفيت ڇانئجڻ لڳي ۽ هن جون سخت آڱريون لس لس وارن ۾ ڦرڻ لڳيون… جيئرو وجود ٻانهن جي گهيري ۾ اچي ويو. ڀاڪر جو گهيرو تنگ ٿيندو ويو… اوچتو دانهن… هڪ ٻرڙاٽ ٿيو ۽ هن کان ڇرڪ نڪري ويو. اڇي رنگ جو ٻڪر هن جي ڀاڪر مان نڪري ويو.. ۽ پري کان بيهي هن کي عجيب و غريب حيواني نگاهن سان ڏسڻ لڳو. سانوڻ کي کل اچي ويئي. هن ان ڇيلي کي پاڻ سان هيرائي ڇڏيو هو. هو ڄڻ ته سندس گهاٽو دوست هو. جڏهن ٻيون ٻڪريون ٻٻرن ۽ ڪامهون جي وڻن تي لڙڪي لڙڪي چرنديون هيون ته هي اڇي ڇيلي سان رهاڻيون ڪرڻ لڳندو هو. ٻٻرن مان پلڙا پٽي ۽ ڪنڊين مان سڱريون ڇني هن کي کارائيندو هو. آڱر ڌارائيندو هئس… ڇيلو به مٿس ٽپ ڏيئي پيو چڙهندو لهندو هو.

”اي سانوڻ!…. اي ٻڪريون پرائي ٻني ۾. ڀڄ ڀيڻيان مار ٿو کائين.“ پريان لکاني هل ڪيس. لکانو به هن جو يار هو، هن جهڙو ٻڪرار هو. گڏ گڏ ٻڪريون چاريندا هئا.

هن لٺ کڻي ٻڪرين ڏي رومڙ ڪئي، جيڪي سندس غفلت سبب سامهون ٻروچن جي ٻني ۾ وڃي پهتيون هيون. شام ٿي ته اُتران وري ڪڪرن جا ڪارونڀار چڙهڻ لڳا. هن به ٻين ڌراڙن وانگي پنهنجو ڌڻ واپس واريو. مال واڙي ۾ پوري بس ڪيائن ته بوندون برسڻ لڳيون.

”ميان! ڪا اڀري سڀري ڀُونگي ٺاهي وجهين ته به مينهن پاڻي کان بچي پوين“ ڪاڪي فضل چيو ۽ تڪڙيون وِکون کڻي گهر ڏي هلڻ لڳو.

”ڪاڪا! سارو ڏينهن خفي ۾ آهيان، واندڪائي ملي ته….“ سانوڻ ورندي ڏني.

”ٺهيو هاڻي گهر هليو آ.. پُسين ٿو ”، ڪاڪي ڇَني ۾ پهچي چيو.

۽ هو سِگهو سِگهو اندر هليو آهي.

نازو اڄ لانڍي بدران ڇني ۾ چُلهه تي مانيون پئي پچايون. هن کي ڏسي ٿورو پاسيرو ٿي ويٺي. چُني جو پلئه ڇڪي ڇڏيائين. ٻرندڙ باهه ۽ وسندڙ مينهن ۾ ٻهڪندڙ حُسن جو روپ ئي نرالو هوندو آهي.

ٻاهر مينهن پئي وٺو اندر باهه پئي ٻري ۽ نازو جي منهن تي پگهر ڦُڙا ائين پئي چمڪيا ڄڻ اُڀرندڙ سج جي روشني ۾ گلاب جي پنکڙي تي ماڪ جا موتي. پر سانوڻ کي انهن شاعرانه خيالن جي ڪهڙي خبر؟ هن کي ته بس ڪا خبر ڪانه هئي سواءِ انهي جي ته نه چاهيندي به ڪيڏي ڪيڏي مهل اک هن کي ڏسڻ لاءِ کڄيو ٿي ويئي.

”ڀيڻسان مينهن به يڪي ناڙي آهي. نه وِهڻ جو مزو نه وري سُمهڻ جو مزو“ ڪاڪي فضل مينهن تي ميار ڪئي ۽ اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍي زال ۽ ڌراڙ جي وچ ۾ ويهي رهيو.

هر پيري گهڻو ڪري پنهنجي جواني جا ورق وساري ٻن جوانين جي وچ ۾ ديوار بڻجي ويندو آهي ۽ انهي ديوار کي غيرت جو نالو ڏيئي پَهري کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ سؤ سؤ جتن ڪندي آهي. پر جوان نگاهون ته پٿر جي هُن پار به هڪٻئي کي جانچي وٺنديون آهن.

سانوڻ کاڌ جي ٻورين مان ٺاهيل گاهه واري چادر وڇائي ان تي ويٺو هو. ڪنڌ جهڪيل ۽ اکيون ڌرتي ۾ کُتل هئس پر پوءِ به رکي رکي بي اختيار نگاهه هن ڏي کڄي ٿي ويئي. دانگي مان نڪتل گرم ماني ڪاڪي هٿن سان کڻي هن کي ڏني.

”اچي ڪوسي ڪوسي کاءُ. ٺرڻ کان پوءِ ماني جو مزو ئي نڪريو وڃي. هي وري جيڪو هاڻ نئون ٻج نڪتو آهي. سو ته وري اهڙو جو ٺرڻ کان پوءِ اٽو جهڙو رٻڙ، چٻاڙيندي حال آهن.“ ڪاڪي پنهنجي ڏندن جي غير حاضري ۽ ڄاڙين جي نستائي کي نظرانداز ڪندي سارو ڏوهه نئين جنس جي ڪڻڪ تي اڇلائي ڇڏيو.

ڪاڪو يخي هڻندو رهيو ۽ سانوڻ ڀينڊين جي ٻوڙ سان ماني کائيندو رهيو. هر گرهه ۾ هن کي نازو جي هٿن جي سُرهاڻ پئي محسوس ٿي. ماني کائي هن پاسي ۾ پيل گهڙي مان پاڻي جو وٽو ڀريو ۽ ڇني اندر ئي بيهي ٻاهر وسندڙ مينهن ۾ گُرڙي اڇلائي.

پوئتي وريو ته نازو هڪدم منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو. سانوڻ کي لڳو ڄڻ نازو هن کي چور نظرن سان ڏسندي رهي هئي. هن نازو جي منهن ڦيرائڻ سان پنهنجون اکيون ڦيرايون ته هڪ لحظي لاءِ هن جي اکين فيشني چولي جي کليل گلي جي اندر اهو ڪجهه ڏسي ورتو جيڪو جواني جي نظر ۾ سڀ کان قيمتي ڌن آهي. جواني انهي ڌن کي دل کولي خرچ ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ پيري ان کي سو پردن ۾ ويڙهي رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

رات گذرندي رهي. مينهن وسندو رهيو. باهه ٻرندي رهي. جيءُ جلندو رهيو. هن جي اکين کان ننڊ رُسي ويئي هئي. هن جا ڪن لانڍي مان ايندڙ سُرٻاٽن کان سواءِ ڪو ٻيو آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. راتوڪي ساڳي کٽ تي ليٽي هو ننڊ جي انتظام ۾ سوچيندو رهيو هو ته هي اندر ئي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڇو شروع ٿي ويئي آهي.

”هونئن، هونئن… پري ٿي سُمهه.“ اندران مٺي آواز ۾ کارو لهجو هن جي ڪن پيو.

”ڪوهَ…“ جهوني جي سهڪندڙ آواز جو جملو هن پورو ڪونه سمجهيو.

”ها… چُهٽيو پيو آهين… ڪو…“ سُريلي آواز جو چيل پويون جملو به سمجهي نه سگهيو.

”ڪميڻي نخرو ٿي ڏيکارين…“ اوچتو ڪاڪي فضل جي ڪاوڙ ڀري هڪل ٻُڌي سانوڻ ٽپ ڏيئي کٽ تي ويهي رهيو.

”ڪميڻيون هوندءِ پُنهنجون، مُئا مرو!“ نازو به تيز لهجي ۾ چيو.

”تنهنجي ته….“ ڪاڪي فضل جي گار ۽ چماٽ جو ڦهڪو گڏجي سانوڻ جي ڪن تائين پهتا. اهو ڦهڪو پڪ نازو جي منهن يا بُت تي ٿيو هو.

”مئا ڪَٽا سوئر کڳ ڌڪ ٿو هڻين. ڪا قيدياڻي آهيان ڇا؟“ نازو رڙ ڪندي چيو ۽ وري ٻيو ڦهڪو ٿيو. پر پهرين کان مختلف. ائين لڳو ڄڻ ڪو کٽ تان هيٺ ڪريو هُجي.

”بيهه ته رن گڏهه لتون هڻيو ٿي ڪيرائين.“ ڪاڪي فضل هڪل ڪئي.

”اڙي گهوڙا ڙي… نڌڻڪي ٿيو پئي مارجان…“ نازو رڙ ڪئي. سانوڻ کي ائين لڳو ڄڻ هو هن کي مدد لاءِ سڏيندي هجي ۽ پوءِ خبر ناهي ڇو بنا سوچ سمجهه جي هو لانڍي ۾ گهڙي پيو. ڪاڪو فضل تريون کوڙي پٽ تان اُٿي رهيو هو ۽ نازو کٽ جي ٻئي پاسي بيهي رڙيون ڪري رهي هئي.

ڪاڪو فضل سانوڻ کي ڏسي وڌيڪ ڀڀڙ ٿي ويو.

”ڇا سمجهيو اٿئي ڪميڻي. آءٌ ڪو بِنهه پوڙهو آهيان ڇا. اڄ به تو جهڙين ڪُتين جا ساهه گهُٽي ڪڍڻ جي سگهه اٿم.“ چاچي ڦُڙتائي سان کٽ جي پيراندي کان ڦرندي نازوءَ جي ڳچي ڏي هٿ وڌائي رومڙ ڪئي. پر سانوڻ وچ ۾ اچي ويو.

”ڪاڪا، ڪاڪا، ڌيان ڪر. ڀِنوري جو ماڻهو ٿو کلائين. ڳالهاءَ ٻاهر پيو ٻُڌجي.“

سانوڻ ڪاڪي جي ٻانهن جهليندي چيو.

”تون بس ڪر. ڏس ته اڄ ڪيئن ٿو هن …. جو ساهه ڪڍان.“ ڪاڪي زور لڳاو پر جلدئي پڪ ٿي ويس ته ٻانهن ڇڏائي ڪونه سگهندو. تڏهين هو ٿورو ٿڌو ٿيو.

”نه ڪاڪا نه… ماڻهو ڇا چوندا.“ سانوڻ ڪاڪي کي وڌيڪ ٿڌو ڪندي چيو.

”ماڻهو وڃي ڌوڙ پائن… پر… پر“ ڪاڪي جو ساهه ڀرجي پيو. سينو اندر ٻاهر پئي ٿيس ۽ ڇتين وحشي اکين سان نازو کي گهوري رهيو هو.

سانوڻ هن جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ ٻاهر نڪري پنهنجي هنڌ تي اچي ويٺو… ڪجهه گهڙيون هو ائين ئي ويٺو رهيو. پوءِ ليٽي پيو. مينهن شايد بند ٿي ويو هو. اندر ٻاهر چپ چپات لڳي پئي هئي. فضا ۾ رڳو آر جي چر چر ۽ ڏيڏرين ٽانءَ ٽانءَ پکيڙي پئي.

سانوڻ کي رکي رکي ڪاڪي تي خار پئي آيا.

”ڀيڻسا ڇِتو ٿي پيو آهي،ا هڙي ماڻهو کي ٿو ماري؟ ويچاري رڙيون ته ڪيئن ٿي ڪيون. آءٌ نه هجان ها ته پڪ مسڪين مارجي وڃي ها. منهنجو وس پُڄي ته ڪر نپوڙي ساهه ڪڍي ڇڏيانس.“ سوچ ذهن جي پردي تي ترڻ لڳي.

”ڪهڙي خبر بيقدرن کي، پيٽ اٿن ڀريل تڏهن پيا…؟“

”پر آئون ڇو پيو دل من هڻان؟ مونجو وڃي ڇا؟ آءٌ ته نه هنن جو عزيز نه قريب. ميان جا ڦقير سانوڻ! ڪو ڌيان ڪر. هو زال مُڙس ڄاڻن پاڻ ۾. تون ڇو اچي اجايو ڇتو ٿيو آهين؟“ پاڻ کي پنهنجي پَر ۾ سمجهايائين.

رات جون گهڙيون گُذرنديون رهيون. اندران لانڍي مان ڪاڪي جي کونگهرن ۽ اونگهاٽن جا آواز اچڻ لڳا. چوڌاري سانت هئي، پر ننڊ سانوڻ جي نيڻن کان اڄ صفا موڪلائي ويئي هئي.

هن جي ذهن ۾ ڪيئي خيال اچڻ لڳا. هو پاسا ورائيندو رهيو ۽ پوءِ رات جي ڪاري چادر ڇڪجڻ لڳي. اُجري اُجري پرهه ڦُٽڻ لڳي. ڪُڪڙن ٻانگون ڏنيون، پر سانوڻ هنڌ تي پيو ئي رهيو. هن دل اٿڻ تي نه پئي ٿي. تڏهن لانڍي اندران ڪاڪي فضل ڊيگهه سان ڪلمو ڀري کنگهڻ شروع ڪيو. پوءِ ڳچ دير کنگهڻ کانپوءِ ڪاڪي پهرين پاءُ کن جيترو کانگهارو لانڍي جي گهٽي مان ڇني ۾ اڇلايو ۽ پوءِ پاڻ نڪري آيو.

سانوڻ اُٿڻ گهريو پر کيس ائين لڳو ڄڻ سندس انگ انگ ۾ پيڙا ڀرجي ويئي هجي. هن مٿو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مغز ۾ سور جون سوٽون اُڀري پيس.

”ميان! اڃان ڊانڊاريو پيو آهين..“ ڪاڪي ڇڙٻ جهڙي لهجي ۾ چيو.

ڪاڪا! اڄ مڙيئي جوڙ ڪونه آهيان“ سانوڻ آهسته وراڻيو.

”هان؟.... وري ڇا ٿيو؟“ ڪاڪي هن جي بُت تي هٿ رکيو.

”اڙي توکي ته تپ آهي. هي مند ئي اهڙي آهي. رات جو کائن مڇر ۽ ڏينهن جو پيئو جهَڻ، تپ نه ايندو ته ٻيو؟ٻيلي! هونئن به نالي جا جواڻ آهيو، اسين جُواڻي ۾ ته ٺهيو پر اڄ اڄوڻي تائين انهي تپ تاءُ کي ته پُڇون به ڪونه، پر ڏوهه آنجو ڪونهي. اڄ اهي کاڌا ئي ڪونهن. ڊالڊا تي ڪهڙي ڪانڪت (طاقت)..“ ڪاڪو يڪو خُطبو پڙهي ويو.

ان مهل اندران هوءَ ٻاهر نڪتي. پرهه جي مٺي مٺي ٿڌي ٿڌي روشني جيان صبح ويل گهُلندڙ نرم نرم هوا جيان. سانوڻ کي لڳو ته ڄڻ پرهه هاڻ ڦُٽي هجي. هن ڪجلين اکين سان هڪ نظر سانوڻ تي وڌي. سندس منهن تي اڻ لکي مُرڪ تري آئي ۽ پوءِ هوءَ چُپ چاپ گهڙي مان پاڻي جو وٽو ڀري ٻاهر اڱڻ ۾ منهن ڌوئڻ لڳي.

”پوءِ هاڻي تپيو پيو آهين ته ڪو هتي پيو هوندين ڇا؟ هاڻي هل ٻاهر. انهي لاءِ ٿو چوان ته ڪا ڀونگي ٺاهي ڇڏ، پر آن کي ڪهڙي گرزَ؟ هڪ ڪن کان ٻُڌي ٻي کان ڪڍيو ڇڏيو.“ ڪاڪي جي زبان جيڪا زال کي ٻاهر ايندو ڏسيو لمحي لاءِ بند ٿي هئي، سا وري چالو ٿي ويئي. ان ويل هوءَ منهن ڌوئي اندر مڙي هئي ۽ سانوڻ کي هن جا ڪجل ڀنا نيڻ دل ۾ چُڀي ۽ جگر ۾ کُپي ويا هئا.

”ها ڪاڪا اُٿان ٿو.“ سانوڻ اکيون جهڪائيندي ۽ نازو جي صورت دل ۾ لڪائيندي چيو.

”ايئن نه اُٿي سگهين ته کڻي اُٿاريئين“ ڪاڪي پنهنجي ٻانهن جي ڏنئوري تي هٿ ڦيريندي چيو، جتان ماس رُڙي ويو هو ۽ چمڙي پُسيل اڳڙي وانگر هيٺ لڙڪي پئي هئي. ڪاڪي جي اها آڇ سانوڻ کي بڻڇي جيان لڳي ۽ هو ٻي گهڙي کٽ ڇڏي اُٿي بيهي رهيو. کيس ائين لڳو ڄڻ مٿي ۾ لاتعداد ڪنڊا چُڀي ويا هجن. کن لاءِ هن کي ڀنواٽي به آئي پر پير جهلي هٿن سان ڪپڙا ٺاهيندو ٻاهر نڪري آيو.

لوڙهي جي گهٽي اڳيان ٻڪرين جي واڙ سامهون پپر جي وڻ هيٺ اچي ويٺو. وڻ تي ويٺل ڪوئل مٺي سُر ۾ ڪوڪون ڪري رهي هئي. هن کي ڪوئل جو آواز ڏاڍو وڻيو. هو وڻ جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ڀنل ڀنل ٿڌڙي ٿڌڙي زمين تي ويهي رهيو.

”اي ٻيو ته ٺهيو پر اڄ ٻڪرين جو ڇا ٿيندو؟ ڇورو ته تپيو پيو آهي“ اندران ڪاڪي فضل جو ايندڙ آواز هن جي ڪنن سان ٽڪرايو.

”ته پوءِ انهي ۾ ويچارين ٻڪرين جو ڪهڙو ڏوهه؟ اڄ کڻي تون پهراءِ“ نازو جو جواب ٻڌائين.

”آءٌ ڪونه ويندس ڀلي پيون ڌوڙ پائن“ ڪاڪي کنگهندي چيو.

”اُڪيون مري وڃن، نه کڻي وڃ، مونجو ڇا؟“ نازو وراڻيو.

چپ ٿي ويئي. ڳچ ويل ماٺار ڇانئي رهي. پوءِ ڪاڪو جست جو جڳ کڻي کير ڏُهڻ لاءِ ٻاهر آيو.

”ترس ڇورا! ٻڪري ڏُهي وٺان ته چانهن چُڪو ڪاڙهيون. من ڪا فرحت ٿينئين“ ڪاڪي ڄڻ ته هن کي دلاسو ڏنو، پر هو چپ چاپ رهيو.

ڪاڪو واڙي جو ڍينگهر لاهي اندر ويو ۽ ڪاڇڻ ٻڪري کي جهلي ڏُهڻ لڳو. ٻڪري ڏُهي کير کڻي گهر ويو ته ان ويل ڏور اوڀر کان سج به عرش تي سڄو سارو نڪري نروار ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ ڪاڪو چانهه جي ڪٽلي ۽ ڪوپ کڻي ٻاهر آيو.

”اچي هي چانهه پي.“ سانوڻ ڇرڪ ڀري خيالن مان جاڳي پيو.

”تون چانهه پي ته آءٌ تولئه منجو گهِلي اچان.“ هتي ٿڌي مٽي تي وڌيڪ اگهو ٿي پوندين.“ ڪاڪو چانهه هن کي ڏيئي گهر اندر هليو ويو.

سانوڻ چانهه جو ڪوپ ڀريو، ته چانهه مان اُٿندڙ خوشبوءِ هن جي نڪ سان ٽڪرائي. هن کي اُها سُرهاڻ نازو جي وجود مان ايندي محسوس ٿي. هن چانهه جو ڍُڪ ڀريو. اڄ ته چانهه جو سواد ئي ٻيو هو. نج ڦوٽن جي سُرهاڻ واري گهاٽي چانهه. اهڙي سوادي چانهه هُن حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو پيتي هئي. هن چانهه جا ٻه ڪوپ پي ڪٽلي ۽ خالي ڪوپ هڪ پاسي رکيا ته ڪاڪو به کٽ گهليندو جڳ پاڻي جو ۽ گلاس هٿ ۾ لوڏيندو اچي پهتو. کٽ ۽ پاڻي رکي وري گهران هنڌ کڻي آيو.

”هاڻي سؤلو ٿي سمهه.“ ڪاڪي کٽ تي پٿراڻي وڇائي.

سانوڻ اُٿي کٽ تي ليٽيو ته ڪاڪي مٿانئس ڇڪي سوڙهه اوڍي ڇڏي ۽ پوءِ هن جي اک لڳي ويئي. الاءِ ته ڪيتري دير هو ستو رهيو. جاڳ تڏهن ٿيس جڏهن ڪاڪي منهن تان سوڙهه ڇڪي لاٿيس.

”ڇورا! ڪيئن آهين؟“ ڪاڪي هُن جي نراڙ تي هٿ رکيو، جتي ڄڻ ته کورو ڌڳي رهيو هو.

”اچي هي گوري کاءُ من فرحت ٿينئي. ڏينهن مٿي چڙهي آيو آهي، ٻڪريون هاڻ مرن ٿيون. تون ليٽيو پيو هُج تيسين آءٌ ٿو ٻڪريون وڙڪايان. پري ڪونه ويندس اهو پريان ڍوري وٽ ٿو بيهان. ڪجهه سامت ۾ اچين ته هليو اچجانءِ، نه ته ماني مهل آءٌ پاڻهي هليو ايندس“ ڪاڪي اسپرو جي گوري سانوڻ جي هٿ تي رکي پاڻي جو گلاس ڀري ڏنو ۽ سانوڻ گوري ڳڙڪائي، ڪاڪي جي تقرير ٻُڌي وري ليٽي پيو.

                *      *      *

”ويچاري کي شابس آهي، رات مونجي پاران اچي وچ ۾ پيو، نه ته هُن جو مون ۾ وڃي ڇا؟ اسين زال مڙس ڄاڻون پاڻ ۾“ نازو جي ذهن ۾ سانوڻ جي راتوڪي ڀلائي جو خيال اُڀريو.

”حيف اٿئي مُئي نازو! اڄ هو ٻَريو اگهو ٿيو آنجي در تي پيو آهي. هُن جي هِت ڪا امان، ڪا ادي؟ مُئي ٻه وکون ڀري هُن کان پُڇي ايندئين ته ڪا لهي ڪانه پوندئين.“ پنهنجو پاڻ کي ميار ڏنائين.

”هونئن، آئون الله لڳ پُڇڻ وڃان ۽ پريان ڏسي مُئو کوڳ ته جلو ٻاري ڏي. مُئو اهڙو شڪِي نه ڏٺوسين نه ٻڌوسين.“ پنهنجو پاڻ کي سمجهايائين.

”پهرين جانچي ڏسان. مڙهو اورياڙ پرياڙ ۾ آهي يا رڳو مونو پيو اجايو هينئون ڦاٽي.“ هڪ خيال آيس. هو اِٿي بيٺي. اڱڻ جي ڪٽهڙي تي بيهي هُن لوڙهي جي چوڌاري نگاهه ڦيرائي، پر مُڙسس ڪٿي به نظر ڪونه آيس. پريان ٻنين ۾ ٻه ٽي مايون گاهه ڪري رهيون هيون يا پري پوٺي تي ڪي ٻارڙا کنڀين ۽ ڌانڃوري جي ڳولا ۾ ڊوڙندي ٿي وتيا.

هو ٻنجريءَ تان هيٺ لهي آئي. دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي هيس. نه چاهيندي به هن جا قدم گهٽي ڏي کڄڻ لڳا، جتي پپر جي وڻ هيٺ هو تپيو پيو هو. گهٽي جي اڳ کان سَرن جا وڏا ٻوٽا ڏيڍي ٺاهيو پردو پناهه بڻيا بيٺا هئا. اڱڻ ۽ لوڙهي جي گهٽي وچ ۾ وڇوٽي گهڻي ڪانه هئي. پر اهو ٻن وِکن جو پنڌ به هُن لاءِ ڪوهين پري ٿي پيو

هن جي اک کلي پيئي. کيس پيشاب ڏاڍو تنگ ڪيو هو. مجبور ٿي اُٿيو ۽ پريان سَرن جي جهنڊ آڏو وڃي ويٺو. وري اڳٺ ٻڌندي کٽ ڏي وريو، تڏهن هُن جي پيرن اڳتي پنڌ ڪرڻ وساري ڇڏيو.

هو گهٽي ۾ بيٺي هئي. ٻه ٽي وکون پري. چپن تي هلڪي مُرڪ، اکين ۾ چمڪ، ڳلن تي لالاڻ، سانوڻ کي ائين لڳو ڄڻ سج هاڻ اُڀريو هجي. اڄ هو سڄي ساري سامهون اچي بيٺي هئي.

”ڪيئن آهين؟ تپ لٿو يا..“ رات مون کي ڇڏايئه، تو جي ڀلائي.“ هن کي هڪ هڪ لفظ ائين لڳو ڄڻ ماکي جي ڪنڌي مان ٽمندڙ رس ڦُڙا. هن کان سَت ڇڏائجي ويو. هن کي ائين لڳو ڄڻ هو پنهنجي پاڻ ۾ ئي ڪونه هو، نه زبان هن جي هئي نه بُت ۾ ساهه باقي رهيو هو.

”آءٌ وڃان ٿي. متان مڙهو ڪٿان ڏسي نه وٺي.“ هن جا چيل لفظ وري ڪنن سان ٽڪرايس. پوءِ هن نازو کي واپس مُڙندي ۽ لوڙهي اندر گم ٿيندي ڏٺو. ڄڻ ته سج لهي ويو هو. ڪا گهڙي اُتي ئي بيٺو رهيو. پوءِ آهسته آهسته هن پنهنجي پاڻ کي پاڻ ۾ جيئرو ٿيندي محسوس ڪيو ۽ ٿڙندو ٿاٻڙندو کٽ تي اچي ڊٺو.

”شابس هجيس، ٻيلي چڱائي ملهائي وڌائين. ماڻهو جي آهي وات جي جيءَ، ڏُکي سکي ۾ ماڙهو هڪ ٻئي کان پُڇي ته ڪو لهي ته ڪونه پوندو. آءٌ آهيان ئي هنن جو نوڪر ٻيو مونجو آهي به ڪير؟“ هن جي ذهن ۾ سوچن جا سلسلا هلي پيا.

”پر ڪاڪي جو حال ڏسو. صبح کان وٺي ڪو قربائتو لفظ ڪڍيائين زبان مان؟ ٻڪرين ۾ به ٻرندي سڙندي ويو ۽ هن ته صفا مُلهه وٺي ڇڏيو. زال ذات. اهڙو ڪنو مڙس، جو ڳالهه ڳالهه تي مارڻ پيو اچي. پوءِ به هلي آئي. واهه ٻيلي واهه“

”پر اهو ڇو؟ اڳي ته…“

”الا… ڪيڏي نه ميٺاڄ سان پُڇيائين. يار سانوڻ! ڪو تولو حياءَ جو اٿئي ته هاڻي نئو بنو ٿي پئو. اهڙو ماڻهو هلي اچي پُڇي ۽ پوءِ به بيماري رهي؟ صاف اڻ ٿيڻي…“ نازو جي مٺي لهجي کي محسوس ڪندي پاڻ تي ميار ڪيائين.

”پر ٻيلي سانوڻ! اهڙي بيماري به چڱي جو اهڙو ماڻهو منهن پائي اچي پُڇي، نه ته پنهنجو ڪهڙو روئڻ وارو ته ڪهڙو پٽڻ وارو.“ هن کي پنهنجي بيماري تي پيار اچڻ لڳو.

”کير هن اگهو ڏسي خدا ڪارڻ ٻه اکر چيا ۽ آءٌ پاڻ مرادو بتال ٿي پيو آهيان؟ پر خير ڇا به ٿي پوي هاڻي تپ کان جند ڇڏائڻي آهي.“ هُنکي ائين لڳو ڄڻ سندس بُت مان بخار جي تپش گهٽبي وڃي ۽ انهيءَ ويل ڪاڪو فضل به ٻڪريون ڪاهي مٿان اچي پُهتو.

”ڪيئن آهين ڇورا؟“ هن کي ڪاڪي جون نگاهون وجود ۾ چڀنديون محسوس ٿيون.

”هاڻي چاڪ آهيان ڪاڪا؟ تون ڀلي گهر وڃ آءٌ پاڻهي ٿو ٻڪرين سان وڃان“ سانوڻ بي ڌڙڪ چيو.

”ها ها، اها گوري اصل اهڙي آهي جو مِلٽ ۾ اٺکور ڪريو ڇڏي.“ ڪاڪي سندس ڏنل گوري جي واکاڻ ڪئي.

”ها ڪاڪا، گوري اصل انگ انگ مان بيماري چونڊي ڪڍي ڇڏي.“ سانوڻ مُرڪندي وراڻيو ۽ اکين آڏو موتين جهڙا ڏند ۽ گلاب جهڙا چپ ڦري ويس.

ساين چُهچ ڄارين تي گولاڙي جو وِلهيون وچڙيون پيون هيون. لال رتول گولون هار ۾ پوتل مڻين جيان ٿي لڳيون. ڪي ٻڪريون اڳيان پير ڄارين تي رکي اُڀيون ٿي گولون چري رهيون هيون ته ڪن واري گُرڙا ولهه جي ولهه ۾ بيٺل گُرڙ چري اوڳر پئي وري. سانوڻ ٻڪرين ۾ اکيون کُپايون، ڪنڊي جي وڻ سان ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. ڪنڊي ڪچي پڪي ٻُور ۽ سڱرين سان جهنجهه هئي. سانوڻ ۾ ته ڦوڳ ڦلارجو پون، رڳ رڳ رباب بڻجيو پوي. سو سانوڻ به خوش هو. مينهن جي ميگهه ملهار مُند ۾. گاهن جا نونر هئا، سانوڻي، مُرٽ، مکڻي، کيهه، ڏنونهين… ٻڪريون ته ٻڪريون پر مينهون ۽ ڍڳيون به اولڙ ڪريو بيٺيون هيون. سانوڻ به جهونگارڻ لڳو…

مينهن وسي پيا مٺڙا آءُ وطن ڏي وري،

تنهنجي جُدائي ڪئي، دلڙي منهنجي چري.

اڄ ڪاڪو فضل نورڻ جي پوٽي جي شادي ۾ ويل هو. دعوت رات ڏينهن جي هئي، پر ڪاڪو رات جو ڪيڏانهن وڃڻ گناهه سمجهندو هو. وس پڳي ته ڏينهن جو به ڪونه ويندو هو پر نورڻ سان گهاٽي ياري هئس. ننڍي هوندي اٽي ڏڪر گڏ کيڏيا هئا، ان ڪري لاچار وڃڻو پيو هئس. ويندي ويندي به هو سانوڻ کي هدايتون ڏيئي ويو هو.

”مال پري نه ڪاهي وڃجانءِ.“ آءٌ الائي ڪيڏي مهل اچان. ماني کائي وڃجانءِ متان بک مرين.“

هاڻي سانوڻ ٻڏتر ۾ هو ته الائي ماني ڪو هتي کڻي ايندو يا کيس وڃڻو پوندو. ڪاڪو ڳالهه چٽي ڪري ڪونه ويو هو. اڳ ته ڪاڪو سيم ۾ ماني کڻي هن کي پهچائي ويندو هو. پر اڄ ڀلا ڪير آڻيندو؟ ادي سومار وارا به ته ٻارين ٻچين شادي ۾ ويل هئا. ته پوءِ…“

”کڻي پاڻ وڃان.“ سوچيائين.

”انهي بهاني من ڪو تجلو پَسي وٺان“ اندر مان چور سوچ اُڀريس. هن کان جهونگهار وسري ويئي. سڄي بُت مان سيسڙاٽ نڪري ويس.

”توبهه توبهه… مون کي ته الائي ڇا ٿي ويو آهي.“ پنهنجو پاڻ کي چيائين.

”اڙي حرامي! ليمڪ جي مار به ڪانه پوندئي؟ هروڀرو اچي انڌو ٿيو آهين“ پاڻ کي جٺ ڪيائين.

”پر رُڳو ڏسڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه بُري بڇڙي پانجي ڪانهي“ من مان بهانو اُڀريس.

هُن چور سوچ کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو.

”پر بُک ته مرڻو ڪونهي. ڪاڪو آهي ڪونه، نه ادي سومار وارا آهن. پوءِ ڪير کڻي ايندو ماني؟ اُٿ ادا سانوڻ! ڪر ڪو پيٽ جو بِلو، ٻاهران بيهي سڏ ڪندس. ته.. ته…“ من جي چور سوچ اڳ جهلي بيهي رهيس.

هن وڌيڪ سوچن کان پاسو ڪندي ٻي ڌراڙ ڇوڪر کي سڏ ڪيو، جيڪو اُتي ئي پنهنجون ٻڪريون چاري رهيو هو.

”اي لکانا! اي منهنجي مال جي ساڃهه ڪجئين، تيسين آءٌ ماني کائي اچان.“

”ها ها… ڀلي وڃ..“ ۽ هاڻي هن وٽ نه وڃڻ جو بهانو ڪونه بچيو هو.

”شادي ويو آهي، ڪو جهنگل جي خيال سان ته ڪونه نڪتو آهي، جو اجهو اچي مٿان ڪڙڪندو. ماني کائيندو، نيئينڊ لکائيندو. وري ڪو پاڻ جيڏو جهونو گڏجي ويس ته پيا لوس جي بيماريءَ واري سال جون خبرون ڪندا… پر هي خبر ناهي ڪيڏانهن ويو. ماني ڪڏهوڪي پڪي رکي آهي“ نازو جي دل ۾ خيال جا ليڪا ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳا.

”شت اڃان بُک ڪانه لڳي آهيس. جواڻي ويچاري آهي ئي بيپرواهي. نه بُک جي نه اُڃ جي.

”شت اهو سمجهي ته جهونو ايندو تڏهين لولو ملندم پر هو ته پاڻ چئي ويو آهي ته ڇورو اچي ته ماني ڏجانس. هروڀرو مُئو ايڏو بي اعتبار به ڪونهي. پر پيري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته مت کي ڍينگهري اچو به وڃي. ۽ آئون هروڀرو ويچاري ٿي… هونئن به مُئي ۾ شڪ ۽ ڪُرڪي کانسواءِ ٻيو رهيو به ڇاهي؟ ڦُهليار اکين ۾ نه پوندو ته ٻيو ڪهڙي ڪم ايندو؟ پر هي ڇورو ويو ڪيڏانهن. اچي ٻه گرهه کائي ته به چڱو. مڙهو اهڙي ماني کارائڻ ته ٺهيو پر جي رڳو ڏسي به وٺي ته باهه ٻاري ڏي.“ هن گيهه ۽ کنڊ ۾ مهٽيل چانورن جي ماني کي چوري ڪري ڍڪي رکيو هو.

”ويچاري اهڙي سڻڀي کاڌي لاءِ سِڪندو هوندو. عيد برات کان سواءِ ته اسان جي گهران ڪو چڱو کاڄ ڪونه ٿيو مليس… مال چاري، روز ڪاٺين جي ڀري به آڻي پر پوءِ به……اهو ساڳ سان رُکو ٽڪر يا ٻڪري جي کير جو وٽو… ڀانيان ٿي ته اڄ به نصيب ۾ هي سڻڀو گرهه لکيل ڪونه آهيس. اجايو ويٺو ديرون ڪري. ماڙهو آيو، ماني کاڌي، جند ڇُٽي. هي آهي سو لاٽ صاب ٿيو… ڪير آهي جو هِن لاءِ ويهي ڪانگ اُڏاري؟“ هن کي سانوڻ تي خار اچڻ لڳا. ۽ تڏهن سڏي ٿيو. تمام آهسته، ڄڻ ڪو ٻيو نه ٻُڌي.

سڏڻ واري لڪي ٿي سڏ ڪيو.

”ڪا ڪا… م… م.. ماني“ هو بي اختيار ٽپ ڏيئي اڱڻ ۾ نڪري آئي.

”هلي اچ.. گهر اچي کاءُ..“ لڪل لڪل جهيڻو جهيڻو جواب ڏنائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com