شيخ اياز
چوسٽا
[سلطان باهوءَ جي نالي]
(1)
هو باهو سلطان به آهي، بُلّي شاهه به هُو،
ڄڻ ته ڀٽائيءَ جي آويءَ ۾ آ اوچو آڙاهه به هُو،
شال فريدا هن کي سمجهين مهر به هو ۽ ماهه به هو،
آهي امن پيام اُنهيءَ جو سڀ سان آهي ٺاهه به هو.
(2)
ڪوبه نه رهڻو آهي باهو هرڪو مِٽّي هُو،
قبر مٿان چانڊوڪي آهي سڀ جي چِٽّي هو،
ڪير نه آهي جنهن هن جڳ سان ڪونه ڪئي آ ڪِٽّي هو،
انڪاري آ ڪير خدا کان، ڪنهن جي قست ڦِٽي هو.
(3)
هاڻي ڇا ٿيندو بس ويئي منهنجي عمر اَجائي هو،
هُن جي ڪيئن تلافي ٿيندو بيت هجي يا وائي هو،
نيٺ ته مٽي آ پاينده ناهي صورت ڪائي هو،
باهو جي مون مُرشد گهرجي ڪافي آهه ڀٽائي هو.
(4)
باهو نانءُ خدا جو سچو ٻيو سڀ آهي فاني هو،
جڳّ گهڙيءَ جو ميلو آهي ڪوئي خان نه خاني هو،
حرص هوس انسان ۾ آهي ڄڻ ساري ناداني هو،
هي جيڪو مانڊاڻ انهي جو ڪو ته لڳي ٿو باني هو.
(5)
باهو تو جو عشق ڪيو سو نانهه اجايو وڃڻو هُو،
مان ڄاڻان ٿو ڪنهن ڪنهن تڙ تي توکي ڀيرو ڀڃڻو هو،
چنڊ ڇڪي ٿو سينڱ انهيءَ کي تير ته توتي سڃڻو هو،
هڪڙي ڏينهن ته اچڻو آهي، ماڻهوءَ موت ته مڃڻو هو.
(6)
بيٺو عشق نچائي ڪنهن کي ٿـــيّــا ٿّـــيــا هُو،
ڪُن اندر ڦيراٽيون کائي پيئي نّيـــا هو،
هيءَ اڪيلي ناوَ، انهيءَ جو ڪر کِوَئيا هو،
اونداهي اڌ رات انهيءَ جي هيّا هَيّا هو.
(7)
ٿوري دير هوا ۾ آهي پاڻيءَ ڦوٽو هُو،
ماڻهو ڪا شيءِ ناهي، جنهن جو کِن کِن کوٽو هوُ،
ڪوئي ڪوئي جيءَ لڳي ٿو جمنا جَل جو لوٽو هوُ،
هاڻي عمر وئي ساريندين ڪنهن جو ڪنهن جو چوٽو هو.
(8)
باهو تو پنجاب ڏٺو آ، سنڌ به ڏيکاريانءِ هو،
چولستان جيان هت ٿر ۾ ڪرهي تي تاريانءِ هو،
جي ٻاجهر ڪائي ٻاجهه ڪري مان سنگ پٽرايانءِ هو،
باهو منجيءَ تي ويهاري ڍوڍو کارايانءِ هو.
(9)
باهو چانئٺ تي آيو ٿي، دروازو ڪئن ٻوٽين هو،
آهي هي آواز ازل جو ان کان ٻوڙو ڇا لئه ٿين هو،
هو جو ايڏو ويجهو آهي، تنهن لئه ڇو ٿو ڪاهين هو،
جيءَ ۾ جهاتي پاءِ پاڙي باهو، سڀ ڪجهه تون ئي آهين
هُو.
(10)
توريت پڙهيو، انجيل پڙهيو، قرآن پڙهيوسي هُو،
رومي، سعدي، حافظ جو ديوان پڙهيوسي هُو،
آهه اهوئي ڏک نه ڪڏهن انسان پڙهيوسي هوُ،
ڪونه سڃاتا درد سندس درمان پڙهيوسي هوُ.
(11)
سڀ ماڻهو هت مهمان هيا گهر ڪنهن جو نالي هو،
ڪيڏا نه پرندا اُڏري ويا سَر ڪنهن جو ناهي هو،
روز سڀان پَرُ ٿيڻو آ پَرُ ڪنهن جو ناهي هو،
موت رڳو پاڇائون آ ڏَرُ ڪنهن جو ناهي هو.
(12)
سورج مُکيءَ جي کيت جيان مان ننڊ ڪيان ٿو هوُ،
سج اُڀري کان اڳ ۾ جاڳي آنءُ اٿان ٿو هوُ،
سج اُڀري ٿو دور افق ۾ آنءُ ڏسان ٿو هُو،
ڇا ڄاڻين ٿو آءٌ عبادت ڪيئن ڪيان ٿو هوُ.
(13)
ڪويل ڪوڪي ٿي سانوڻ ۾ مينهن پوي ٿو هوُ،
ڪو ته انهيءَ آواز ۾ آهي ڪجهه ته چَوي ٿو هوُ،
ڌرتيءَ کي آڪاش منجهاران ڪو ته سڏي ٿو هوُ،
عشق الله جو توکي پنهنجي طرف ڇِڪي ٿو هوُ.
(14)
عشق الله سان جنهن کي ڪونهي باهو ڪهڙو ماڻهو هوُ،
هر ڪنهن کي ٿو چيري ڦاڙي چيتي جهڙو ماڻهو هوُ،
جيڪو اُڃ اجهائي سڀ جي پاڻيءَ ٻهڙو ماڻهو هُو،
ڪَکُّ به هلڪو آهي جنهن کان اهڙو اهڙو ماڻهو هوُ.
(15)
وڻ جون ٽاريون چانڊوڪيءَ ۾ جيئن لڏن ڪي ٻانهون،
هوُ،
ڪيڏيون سانت سمايون آهن دردوندن جون دانهون هوُ؟
اتّر واءُ ته ناهي سرتي آهن ڪيئي آهون هوُ!
ٻيا ٻيا سڀ جا رستا باهو، سپنا سپنا راهون هوُ.
(16)
ڪنهن کي ڪَلّ نه آهي ان جي ڪنهن نه سڀاڻو ڄاتو
هوُ،
نيٺ ندي جا سمنڊ سمائي تنهن جو انت نه پاتو هوُ،
جهرڻي وانگر گيت اچي ٿو، ڪير چوي ڪنهن ڳاتو هُو،
پريت ته آئي نشي وانگر، ڇا ڪنهن يا سڃاتو هوُ.
(17)
ساري رات اسان جاڳون ٿا، جهونجهڪڙي جو اک لڳّي
هوُ،
ورهڻ جئن ڪا ڪاري اُڀ ۾ تارا تڪّي تڳي هوُ،
ڇا ڇا پٺتي رهجي ويو آ ڪير نڀائي اڳ هوُ،
حال ته اچڻو وڃڻو آهي حال ته سڀ کي ٺڳي هو.
(18)
ڳاڙهي ڊاک اُنهيءَ جي وَل تي هي چانڊوڪي هو،
رُتّ بسنتي آئي آهي، ٻير ته ڏس ڪئن ٻوڪي هو،
سورَ اُڀاريا ڪوڪي ڪويل ڇو نه ڪيو ڪجهه تو ڪي،
هوُ.
اڄ به گلاب جيان تازي آ، ناهي پريت پروڪي هوُ.
(19)
چنڊ کجيءَ جي ٻانهن ڳيءَ ۾ پائي هيٺ نهاري هو،
نيرو نڀ درياهه جيان ٿو چندر مان کي تاري هو،
پيلّ پاڙ ٻرن ٿا ڏيئا ويو ٽارين کي ٽاري هو،
نيڻ اڃا تائين ٿا لوچن ساڳي نينهن نظاري هو.
(20)
سِجُّ ٻُڏي ويو پاڻيءَ ۾ ۽ نديءَ تي آ سانجهي هوُ،
چوڌاري وڻ سانت سمايا اوندهه ڪنهن آڳانجهي هوُ،
سانت سمندر وانگر ڇُلڪي، موڙهو من جو مانجهي هوُ،
ٿو جهوپيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي، ٿالهيءَ ٿالهيءَ ڪانجهي
هوُ.
(21)
باهو ڪاهوءَ تي بيهان مان يا مان هڙپا ۾ هوُ،
هر شيءِ آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان مان ڇا ۾ هوُ،
آ انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو آ ڄن دريا ۾ هوُ،
ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي ذرّو ساري صحرا ۾ هوُ.
(22)
هو ۽ تو ۾ فرق اجايو، وچ ۾ آهه حياتي، هوُ،
هو ته ميان آئينو آ، تو اِن ۾ جهاتي پاتي هوُ،
آ ڪنهن جي تقدير وري اڄ اناالحق لئه آتي هوُ،
آءٌ چوان ٿو ڏَرُ نه انهيءَ کان ناهي موت مماتي
هوُ.
(23)
تارن جي تِرمِر ٿي مون کي ساري رات ستائي هوُ،
جئن تنبوري جي تڻ تڻ ٿي منهنجي من کي گهائي هوُ،
تنهنجو نالو جو وِسري ويو واهوندو ورجائي هوُ،
تون جا رويا آهين ڪَئن ڪو توکي تن سان لائي هوُ.
تنوير عباسي
وائي
لوڏ نه ٽاريءَ کي
گلڙن واريءَ کي
پوپٽ اڏري ويندو.
مالهڻ ايندي گل پٽڻ
ڏسندي کاريءَ کي،
پوپٽ اڏري ويندو.
ڇو ٿو ڇيڙين ڇيڳڙا
مــنــد بــهــــاريءَ کـي،
پوپٽ اڏري ويندو.
جي تون ڇهندي ڇوڪرا
هـــن ويــچـــاريءَ کــــي،
پوپٽ اڏري ويندو.
شمشير الحيدري
اڌ صديءَ جو داستان
عمر جي معصوم، مخلص مرحلن ۾،
زندگيءَ جي راهه تي،
همسفر هڪڙو مليو هو-
اهڙو ئي معصوم، مخلص،
جهڙي هن جي عمر هئي.
ڪا خبر ئي ڪانه هئي ڪهڙو سفر هو،
ڪا خبر ئي ڪانه هئي، سا راهه ڪيڏانهن ٿي وئي،
ڪا خبر ئي ڪانه هئي، اڳتي ڪٿي منزل به هئي-
بيخبر اکڙيون هيون،
بيخبر دلڙيون هيون.
بس، ائين ئي بيخبر
وقت جي وڻراهه تي،
ٽهڪ ڏيندا، کيڏندا، کلندا، ڪڏهن پوپٽ ۽ ڀنڀوريون
جهليندا،
يا وري،.
رنگ رنگي گل پٽي جهوليون ڀريندا،
چنڊ تارن کي تڪيندا،
هڪٻئي جو هٿ جهلي،
جهومندا، ڳائيندا، هلندا ٿي رهياسين:
ڪيستائين؟ ڪنهن طرف؟
-ڪا خبر ئي ڪانه هئي.
پنڌ سارو هو گلن جي فرش تي،
هر قدم سُرهاڻ جون اوتون هيون،
هڪڙي ئي موسم بهاريءَ جي هئي،
ڇانورا وڻڪار جا، بادل هئا، بوندون هيون.
پوءِ هڪ ڏينهن، اوچتو،
ڪيئن الائي،
هڪٻئي جو هٿ هٿ مان ويو ڇڏائي:
وقت جي وڻراهه تي ڪارا ڪڪر ويا ڇانئجي،
۽ وڏي گجگاهه ڪنهن جنگل ۾ ڦاسي،
پنهنجي پنهنجي منهنجي ٻئي ڀٽڪي وياسين:
سڏ پڙاڏا گونجندا، هر پل پري ٿيندا رهيا،
دل کي گهائيندا رهيا:
نيٺ هڪٻئي کان ائين گم ٿي وياسين،
ڄڻ هميشه کان اڪيلائي هئاسين:
پنهنجي پنهنجي واٽ هر ڪنهن کي ملي، اڳتي هلي،
زندگي گذري ائين روئي کِلي، اڳتي هلي.
اڌ صديءَ جي ڳالهه آهي،
زندگيءَ جي راهه تي،
حال واري موڙ تي،
اڄ وري سو همسفر سامهون اچي بيٺو اٿم!
بت بڻيا حيرت وچان،
اينءَ تڪيندا ٿا رهون هڪٻئي جا چهرا،
ڄڻ ڊٺل ڪنهن چٽ جون ليڪون خيالن ۾ ملائي،
رنگ تن ۾ يادگيرين جا ڀري
ڪا تصور جي پرانهينءَ ڪنڊ ۾ دٻجي ويل تصوير
ٺاهيندا
هجون
هوريان هوريان،
پوپٽن، گلڙن ۽ ڀنڀورين جا ڪئين منظر ٿا اُڀرن ذهن
۾،
روح ۾ سُرهاڻيون پالوٽ ڪن ٿيون
۽ يڪايڪ،
هن جو اکڙيون ٻوٽجي، ڇرڪ سان ٻيهر کُلن ٿيون جنهن
گهڙيءَ،
هن جي چپڙن تي سوين رابيل مُرڪي ٿا پون:
۽ وري،
ٻيءَ گهڙيءَ،
مرڪ جا رابيل سڀ ڪومائجي، وکري وڃن ٿا،
۽ اکين ۾ هڪ وڏي گجگاهه جنگل جا نظارا ڇوهه سان
پيهي اچن ٿا،
سڏ پڙاڏا، ويجهڙا ٿي، ذهن ۾ گونجڻ لڳن ٿا،
هو ڪنن تي هٿ رکي، ٻيهر اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو.
مان ڏسان ٿو،
سول ڪنول-چهرو ڪٿي؟
وقت جي وڻراهه تي، جر جهنگ جي بيرحم ڪوسين،
تيز طوفاني هوائن،
هن جو سارو جسم لُوساٽي ڇڏيو هو:
گل گلابي ڳل هئا ڪنڊن سان رهڙيل،
۽ لڦون پيرون جون چِڪيون پئي اڃا.
* * *
هڪٻئي کان جي پڇي پڇجي ته ڇا؟
هڪٻئي کي جي ڏسي ڏسجي ته ڇا؟
ماجرا ساڳي هئي، دل جي ڪٿا ساڳي هئي،
آپ-بيتي هُن جي منهنجي، برملا ساڳي هئي.
هو اکيون کولي چوي ٿو ايترو:
سمنڊ تان اُڏري اچڻ ٿيو هو هِتي،
سمنڊ تان اُڏري وري وڃڻُو اٿم.
سوچيان ٿو،
اڌ صديءَ جو، هڪ ”زمان“ جو فاصلو گذريو ته ڇا،
اڌ صديءَ جو، ٻيو ”مڪان“ جو فاصلو بنجي ويو:
زندگاني ڄڻ ”زماني“ جي ۽ ”مڪان“ جي فاصلن جو
جهنگ آهي،
جنهن جي ڪَنڊن ساڻ ڦٽجڻ هر محبت جي
مسافر جي اصل تقدير آهي.
مون ٽنگي آهي سندم دل جي پراڻيءَ ڀِت تي،
وقت جي ڊاٺل اُها تصوير، جنهن تي رنگ ليڪا
يادگيرين جا
ڀريندس پيو اُنهيءَ منظر کي جوڙڻ جي لئه،
جو هجي منهنجي همسفر جي درميان خالي ”زمان“ جي ۽
مڪان جي فاصلن کان.
تاجل بيوس
وائي
مــــــــــــتــــــــــــــان
مــــــــــــــور-ڌڻــــــي!
ڪارونجهر ڪٽجي وڃي.
ڪر ٿانيڪو ٿَرَ کي ڄنگهون پير هڻي،
مــــــــــــتــــــــــــــان
مــــــــــــــور-ڌڻــــــي!
ڪارونجهر ڪٽجي وڃي.
اِهو پنهنجو تَڪيو، اهو تيلُ ڦڻي،
مــــــــــتــــــــــــــان
مــــــــــــــور-ڌڻــــــي!
ڪارونجهر ڪٽجي وڃي.
جاڙي ان جبل جي آهي گهُرج گهڻي،
مــــــــــتــــــــــــــان
مــــــــــــــور-ڌڻــــــي!
ڪارونجهر ڪٽجي وڃي.
عنايت بلوچ
گيت
هــــر دل جــــا دلــــدار-
ياد جا آگم ڀرجي آيا.
لونءَ لونءَ تنهنجي لالڻ لوري،
جندڙيءَ، جان، جگر ۾ جهوري:
جاني جلويدار-
پلپل تنهنجا سُور سوايا.
چنڊ ڪڪرن ۾ لڪندو ناهي،
هر دل توسان روشن آهي:
سونهن ڀريا سردار-
سُندر سُندر تنهنجا سايا.
دل ٿي ڌڙڪي، اک ٿي ڦڙڪي،
ڪوئل ڪوڪي، ڪونجي ڪرڪي:
هينئڙي منجهه هزار-
تنهنجي دردن ديرا لايا.
ساڳي آئي موسم موٽي،
هل مٺڙا تون، ڪر نه وڇوٽي:
پنهوارن پڳدار-
پتنگ پڙ تي موٽي آيا.
راڻا وئين تون راڄ رُئاري،
توکي دم دم ساهه سنڀاري:
تنهنجي ياد او يار!
چوري چوري چاڪ چِڪايا.
نورالهديٰ شاهه
ڪجهه ته چؤ
جُڳ لنگهيا
مون کي تنهنجيءَ دل جي دروازي ٻاهران بيهندي
۽ انهيءَ تي هٿ هڻندي
۽ توکي پڪاريندي
پَر، تو نه ڪا ورندي ڏني آهي
نه دل جا ٻوٽيل دروازا کولي
هڪ مڌر مرڪ سان منهنجي آجيان ڪرين ٿو
۽ نه ئي
جُڳ لنگهي وڃڻ کان پوءِ به
مون کي دروازي جي بند هئڻ جو يقين اچي ٿو.
نصير مرزا
ڏس اماوس رات ۾۔۔۔۔۔
سمنڊ ۾ لڙهندا وڃن پيا لاش ڪيڏا
ڄَڻ ستارا
کڙ کٻيتا
اڻ ڳڻيا
شور ڪيڏو آ فضا ۾
دور ڪائي
ڄڻ ته ايمبولينس
يا ڪاري ٻلي ڄڻ اڀي ديوار هيٺان
چيچلائي
چيچلائي
ساهه پيئي
ڏي حياتي
دور تون
ڪيڏانهن وڃي ڀڄندو نصير!
ڏس اماوس رات ۾
پنهنجي ڪراچي.
ترورا
دريءَ مان ڏٺا مون ته،
پنڇي هئا
اڱڻ مان
ستارا
اکين ۾ کڻي جو ڏسان مان
ته ڄڻ خواب ها
وري ماڻڪين تان
کنيم جو ڇپر
ته ڄڻ ترورا!
تصور ۾ سفر
رهگذر ئي رهگذر
واٽ ۾ ڪوئي نه گهر
پنهنجي استقبال لئه
بس هوائون منتظر.
پر تصور جا محل
ماهه راڻيون مورڇل
راهه ۾ پنهنجي کڙيون
گيت ڳائن ۽ غزل
۽ ستارن جون ٽليون
ڄڻ وڄائي پيو ڪوئي
گيت آڌرڀاءُ جا
دور ڳائي پيو ڪوئي.
هي نظم آخر ڪنهن جي لاءِ لکيو ويو آهي؟
گل صرف
هن جي ئي ٽيبل تي رکيل
گلدان لاءِ مخصوص آهن
ملڪ جا باغ
۽ انهن ۾ اڏرندڙ
سڀ پوپٽ
سڀ خوشيون
۽ سڀ رنگ
هن جي ئي ٻارن لاءِ وقف آهن.
ريس ڪورسن ۾ ڊوڙندڙ
هڙئي گهوڙا
هن جي ئي ور جي ملڪيت آهن.
۽ جي هن وقت
اوهين چاهيو ته صرف خيال ڊوڙائي سگهو ٿا ته،
هي نظم آخر ڪنهن جي لاءِ لکيو ويو آهي؟
|