ڪجهه عرصو اڳ ڊڪ ٻاراڻي ڪاوڙ سان ڀرجي وڇي ها پر
هاڻي هو کليو. هن ڪنڍي ڪڍي ورتي، پوءِ هن مڇيءَ جي
منڍي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلائي.
”هتي!“ هن چيو. ”توکان هيءَ وسري وئي!“
هو سمجهو ٿي رهيو هو.
ڊڪ ڪنڍي پري رکي ڇڏي، پوءِ ونجهه کنيا ۽ ٻيڙي
آهستي آهستي اڳتي هلائڻ لڳو. هو ٻيڙي هلائيندي پاڻ
سان ڳالهائي رهيو هو. هو پريشان هو. سندس
پريشانيءَ جو سبب ايميلائين هئي. انهن آخري مهينن
۾ هوءَ بدلجي وئي هئي. سندس صورت پڻ بدلجي وئي
هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو نئون ماڻهو ٻيٽ تي آيو
آهي ۽ هن اهڙيون ڳالهايون ڪرڻ شروع ڪيون هيون جيڪي
هن اڳ ۾ ڪڏهن ڪين ڪيون هيون. هوءَ پري پري نڪري
ويندي هئي ۽ ڍنڍ ۾ اڪيلي ترندي هئي. انهن آخري
مهينن کان اڳ ڊڪ ڏاڍو خوش هو.... سمهڻ ۽ کائڻ،
کاڌو ڳولهڻ ۽ ان کي پچائڻ گهر تي ڪم ڪرڻ ۽ ٻيلي ۾
رلڻ، پر هاڻي بي چينيءَ جي روح هن هي اندر ۾ واسو
ڪيو هو.
ٻيڙي راس جو چڪر ڪاٽي هلندي وئي. هن کي پيڊيءَ
واري ڇپ نظر آئي. هو ڪناري ڏانهن ويو جتي ڀرسان ئي
سندس پهريون گهر بيٺل هوندو هو. اتي ڇا ٿيو هو؟
واريءَ تي ٻه ڊگها نشان پيل هئا جتي ٻه ٻيڙيون ان
مٿان گهليون ويون هيون. هڪڙو هنڌ ڪارو هو، جتي وڏي
باهه ٻاري وئي هئي ڊڪ ٻيڙيءَ مان ٻاهر لٿو. هن پٽ
تان هڪڙو ڀڳل نيزو کنيو جنهن تي لوهي ڦر هو.
ڊڪ پنهنجي چوڌاري نهاريو. هو واريءَ مٿان لکيل
ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن کي احساس
ٿيو ته هو ذري گهٽ وڏي خطري کان بچي ويو هو،
جيڪڏهن هو ٿورو سوير اتي اچي ته ها ڀڳل نيزو شايد
سندس جسم اندر پيهي ڀڄي ها.
هو تڪڙو ٽڪريءَ مٿان چڙهي ويو. گهڻو پري ڪين،
پاڻيءَ مٿان هو به ڀورا سڙهه ڏسي ٿي سگهيو، اهي
تڪڙو تڪڙو پري پئي ويا. هن انهن کي ننڍڙو ۽ ننڍڙو
ٿيندي ڏٺو، جيستائين جو هو وڌيڪ انهن کي ڏسي ڪين
ٿي سگهيو. پوءِ هن ڍڳ ڪيلا ڪٽيا ۽ انهن کي هيٺ
ٻيڙي وٽ کڻي آيو. کيس ٻه ڦيرا ڪرڻا پيا، پوءِ هن
واپس ونجهه هنيا، جيئن هو راس جو چڪر ڪاٽي گهر جي
ڀرسان آيو ته هن ايميلائين کي پاڻي جي ڪناري تي
بيٺل ڏٺو.
هو ڪيلا گهر ۾ کڻي ويا، ڊڪ باهه ٻاري ۽ هنن ماني
کاڌي. جڏهن اها ختم ٿي ته هو ٻيڙيءَ ڏانهن ويو ۽
ڪا شيءِ پنهنجي هٿ ۾ کڻي موٽي آيو. اهو لوهي ڦر
وارو نيزو هو.
ايميلائين گاهه تي ويٺي هئي. هن مٿان ڪوٽ پاتو هو
جيڪو هن پنهنجي لاءِ ٺاهيو هو ۽ ٻيو ڪجهه سبي رهي
هئي. ڪوڪو هيڏانهن هوڏانهن ٺينگ ٽپا پئي ڏنا ۽
ڪيلي جو ذرو پئي کاڌو.
”توکي اهو ڪٿان مليو؟“ ايميلائين چيو.
”ڪناري تي، هن پاسي،“ هن نيزي جا ٻئي ٽڪرا پاڻ ۾
ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي.“ اتي ماڻهو آيا هئا.“
”ڊڪ!“ ايميلائين چيو. ”ڪهڙا ماڻهو هئا؟“
”مونکي خبر ناهي. مان ٽڪريءَ مٿان ويو هئس ۽ هنن
جي ٻيڙين کي پري ويندي ڏٺم.“
”ڊڪ، توکي گذريل رات وارو آواز ياد آهي؟ مان رات
جو اهو ٻيهر ٻڌو هو توکي ننڊ هئي مان توکي لوڏيو
جيئن تو ٻڌي سگهين، پر تون جاڳين ڪين…… مون سوچيو
مون رڙيون ٻڌيون هيون پر مونکي پڪ ڪين هئي.“
هن ٻئي ٽڪرا پاڻ ۾ جوڙيا ۽ مڇيءَ جي ڏر ان تي
چوڌاري ڦيرا ڏئي ٻڌي ڇڏي. هن لوهي ڦر کي واريءَ
سان مهٽي صاف ڪري، چمڪائي ڇڏيو.
اڳين صبح جو هو ڇپن ڏانهن ويا. ڊڪ پاڻ سان نيزو
کڻي ويو هو. هو ترڻ لڳو، جڏهن ته ايميلائين پاڻيءَ
۾ عجيب سامونڊي ٻوٽا جاچڻ لڳي ۽ ننڍيون مڇيون جيڪي
هيڏانهن هوڏانهن نچي رهيون هيون، پوءِ هن هڪڙي رڙ
ٻڌي. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ۽ اوڏانهن ڏسڻ لڳي جنهن
ڏانهن هن اشارو پئي ڪيو. اوڀر طرف، ٻيٽ جي آخري
ڇيڙي تي هڪڙو وڏو سڙهن وارو جهاز اچي رهيو هو.
ايميلائين ڊڪ پاتي ۽ هن جي پاسي ۾ اچي بيٺي. جهاز
ايترو ويجهو هو جو هو ماڻهن کي پاسي مان ٻاهر
نهاريندي ڏسي ٿي سگهيا. ايميلائين جا وار سندس
صورت تان پٺتي اڏري رهيا هئا جنهنکي سج ۽ هوا ڀورو
ڪري ڇڏيو هو ۽ ڊڪ جي نيزي جي نوڪ سج جي روشنيءَ ۾
چمڪي رهي هئي.
”هو پري پيا وڃن،“ ايميلائين چيو. هوءَ خوش هئي.
ڊڪ جواب ڪين ڏنو، پوءِ هن هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ
شروع ڪيو. هن جهاز کي موٽي اچڻ لاءِ واڪا ۽ سڏ ٿي
ڪيا.
ڪيپٽن کي پڪ ڪين هئي ته خشڪيءَ تي به ماڻهو ملاح
يا ٻيٽ وارا، جيڪي اتي رهندڙ هئا پر ڊڪ جي هٿ جي
نيزي کيس فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڏني ته هو ٻيٽ جا ماڻهو
هئا. جهاز جي کوهي تي جهنڊو چڙهيو. هن پرتي ڦيرو
کاڌو ۽ نگاهن کان گم ٿي ويو.
بهار جي مند
برسات ختم ٿي چڪي هئي. گاهه چهچ سائو هو. نوان گل
ٻوٽن مٿان پئي کڙيا ۽ نوان نوجوان پن وڻن تي پئي
نڪتا. ڪوڪوءَ زال ڳولهي ورتي هئي. هو گهر جي ڀرسان
وڻ ۾ آکيرو جوڙڻ ۾ رڌل هئا. ايميلائين ويهي کين
جاچيندي هئي. هو ٽارين ۽ گاهه جا ننڍڙا ذرڙا کڻي
ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر جي پنن جا ٽڪرا
ڇڪي پنهنجو گهر جوڙڻ ۾ لڳائيندا هئا.
ڊڪ سندس ڀرسان ويهي ٽوڪري ٺاهي رهيو هو. هو ان شام
جو ٻيٽ جي ان حصي ڏانهن وڃڻ وارا هئا جتي زيتون
حاصل ڪري ٿي سگهيا. اهو ڦل رڳو ان هنڌ کانسواءِ
ٻيو ڪٿي ڪين اسرندو هو، پر اها اهڙي جاءِ هئي جنهن
کان ايميلائين کي هميشہ ڊپ ٿيندو هو.
ٻن پهرن جي گرمي گذري وئي هئي. ٽوڪري پوري ٿي چڪي
هئي. ڊڪ اٿي بيٺو ۽ هو روانا ٿيا ڊڪ هڪڙو سنهڙو
بانس کنيو ۽ ايميلائين وٽ خالي ٽوڪري هئي.
جيئن هو اڳتي وڌندا ٿي ويا ته وڻ گهاٽا ٿيندا ويا
۽ پيچرو مشڪل سان ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هو ٻيلي جي سائي
اونداهيءَ کي چيريندا اڳتي وڌندا ويا جيستائين
اوچتو هو هڪڙي کلئي ميدان ۾ پهتا. هتي ماڻهن جي
هٿن جا گهڙيل پٿرن جا وڏا ٽڪرا پيل هئا، اهي ماڻهو
جيڪي ڪڏهن اتي رهندا هئا. ڪنهن کي خبر ڪين هئي ته
ڪيترا هزارين سال اڳ، ۽ ڪي اهڙا پٿر به هئا جيڪي
ڪنهن عجيب جانور يا انساني صورت ۾ گهڙيل هئا. ڪڏهن
اتي ماڻهو وسندا هئا. ايميلائين کي ذري گهٽ سندس
ڪارا پاڇولا نظر ٿي آيا ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ وڻن سندن
جهيڻو آواز پنهنجي پنن ۾ لڪايو هجي. ايميلائين ان
هنڌ کي پٿريلي ماڻهو جو ماڳ سڏيندي هئي.
هن ڪڏهن ڪڏهن رات جو ان جو خيال ايندو هو، ڄڻ ته
هو تارن جي روشنيءَ ۾ اتي بيٺو هجي، جڏهن ته
ماضيءَ جا روح سندس چوڌاري عبادت لاءِ ڪٺا ٿيا
هجن.
ڊڪ ڦل چونڊي ورتا هئا، هو ٽوڪري کڻي موٽي آئي.
ايميلائين کي هٿن ۾ بانس هو. هوءَ ان کي گولائيءَ
۾ موڙي رهي هئي، پوءِ هڪڙو ڇيڙو سندس آڱرين مان
کسڪي ويو ۽ ڊڪ جي منهن تي، پاسي ۾ ڦهڪو ڪيو. هن
ڦيرو کاڌو ۽ ايميلائين کي ڌڪ هنيو. ايميلائين هن
ڏانهن ڏٺو ۽ هلڪي دانهن ڪئي. جيئن هن ڊڪ کي پئي
ڏٺو، اوچتو ڊڪ کيس پنهنجي ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيو ۽ کيس
ڇاتيءَ سان لڳائي ڇڏيو.
ايميلائين گم آهي
ڪو ڪو ٻيهر اڪيلو هو، آکيرو خالي هو ۽ ٽڪرا ٽڪرا
ٿي پئي ڪريو. ننڍڙا بيدن مان ٻار ڦٽا هئا ۽ ڪيئي
هفتن تائين مسٽر ۽ مسز ڪوڪو کين داڻو چڳائڻ لاءِ
سخت محنت ڪئي هئي، آخرڪار هو پرتي اڏري وڃڻ لاءِ
تيار هئا ۽ مسز ڪوڪو پڻ هلي وئي.
ٻن ٽن مهينن ۾ وري برسات اچڻ واري هئي. ڪوڪو کي
برسات کان نفرت هئي، پر جڏهن اها پوري ٿيندي ته
شايد مسز ڪوڪو ٻيهر موٽي ايندي.
ڊڪ ٻيٽ جي پرين پاسي مڇين جي شڪار لاءِ وڃڻ جي
تياري ڪري رهيو هو. ايميلائين نيڪيلس ٺاهي رهي
هئي. نيڪلس جي پنهنجي توارين هئي، جڏهن سمنڊ لٿل
هو ته ڊڪ ڪجهه سپون لڌيون هيون، هن هڪڙي کولي ۽ ان
مان کيس هڪڙو وڏو موتي هٿ آيو. هن کي خبر ڪين هئي
ته اهو ڇا آهي، پر اهو سهڻو ٿي نظر آيو، سو هن
وڌيڪ سپون کوليون ۽ ٻيا موتي لڌا. پوءِ هن ڍڳ سپون
هٿ ڪيون ۽ انهن کي سج جي تپش تي سڪڻ لاءِ ڇڏي ڏنو
جيئن هو انهن کي سولائيءَ سان کولي سگهي. هن سبڻ
جي هڪڙي وڏي سئي ڪتب آندي ۽ موتين جي آرپار سوراخ
ڪيا. ايميلائين ڌاڳي ۾ آخري موتي پوئي پورو ڪيو.
هن کي بهرحال خبر ڪين هئي ته سندس هٿن ۾ جيڪو
نيڪليس هو، تنهنجو ملهه لکين پائونڊ هو. انهن مان
ڪوبه هڪڙو وڏو موتي ڪنهن بادشاهي تاج ۾ مڙهڻ جي
لائق هو.
ڊڪ پنهنجو ڀالو ۽ مڇيون مارڻ جون ڏوريون کڻي هليو
ويو. هوءَ هن سان گڏجي ڪين ويئي. ڪجهه هفتن کان
هوءَ گهر ۾ ترسي گهر جو ٿورو گهڻو ڪم ڪندي هئي.
هوءَ چاڪ ڪين هئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن چرپر ڪرڻ ڪين
چاهيندي هئي. هن ڊڪ کي وڃڻ ڏنو.
سو هوءَ هاڻي پنهنجي هٿن ۾ نيڪليس جهلي، دروازي ۾
ويٺي هئي ۽ پنهنجي اکين سان سندس پيڇو ڪري رهي
هئي، جيستائين هو وڻن ۾ گم ٿي ويو.
ٻيٽ جي ان هنڌ تائين جتي ڊڪ مڇيون مارڻ ٿي چاهيون،
گهاٽي ٻيلي مان لنگهي پهچڻ جو ڊگهو پنڌ هو. اهو
اٽڪل ٻن پهرن جو وقت هو جڏهن هو اتي پهتو، هو هيٺ
ويهي رهيو ۽ آرام ڪيو ۽ کاڌو کاڌو جيڪو هو پاڻ سان
کڻي آيو هو، پوءِ هن ڏوريون وڌيون. ٽي ڪلاڪ گذري
ويا ۽ هن ڪجهه ڪين پڪڙيو.
هن ايميلائين سان سج لٿي کان اڳ موٽي اچڻ جو وعدو
ڪيو هو، پر جيئن ته هن ڪجهه ڪين پڪڙيو هو سو هو
ترسيو. مڇيون شام جو دير سان، سولائيءَ سان هٿ
لڳنديون هيون. هن کان وقت وسري ويو. اوندهه سندس
چوڌاري پکڙجي رهي هئي. هن محسوس ڪيو ته هن
ايميلائين جو آواز ٻڌو. ”ڊڪ“ ، هن مٿي ٽپ ڏنو. ترت
پنهنجي ڏور کي ڇڪي ورتو، پنهنجو نيزو کنيو ۽ واپس
روانو ٿيو.
اڳي جڏهن هو هميشہ پري ويندو هو ته پهرين شيءِ
جيڪا پنهنجي واپسيءَ تي ڏسندو هو ته اها گهر جي
دروازي تي بيٺل يا ڍنڍ جي ڪناري تي اڳڀرو آيل،
ايميلائين هوندي هئي. اڄ رات هوءَ اتي انتظار نه
ڪري رهي هئي. هو گهر ۾ گهڙيو هوءَ اتي به ڪين هئي.
هن سڏ ڪيو. هوٻيلي جي ڪناري ڏانهن ڀڳو. سڏ ڪيو… سڏ
ڪندو، اتي ڪو جواب ڪونه مليو. هو پنهنجو رستو
ٺاهيندو، اونداهين وڻن جي هيٺان، ڏور ڏور آبشار
تائين ويو. سمورو رستو سڏيندو ويو. ڪو جواب ڪين
آيو.
هو موٽي آيو ۽ پنهنجو مٿو پنهنجي هٿن ۾ جهلي، گهر
جي در وٽ ويهي رهيو. ڇا هن سندس آواز ٻڌو هو، جڏهن
هن مڇيون پئي ماريون؟ يا هي سندس خيال هو ته هن
ٻڌو هو؟ ڇا هوءَ خطري ۾ هئي ۽ هن ڪجهه ڪين ڪيو هو؟
هن مٿي ٽپ ڏنو ۽ هيٺ ٻيڙي ڏانهن ڀڳو. هو ونجهه
هڻندو ڇپن تائين ويو. هوءَ اتي ته ٿي ڪين ٿي سگهي!
هو گهر ڏانهن موٽي آيو. اهو اڃان خالي هو. هن پاڻ
کي پٽ تي اڇلايو. سندس سگهه پوري ٿي چڪي هئي. هو
گهري ننڊ ۾ وڪوڙجي ويو ۽ خواب ڏٺائين ته هو اڃان
کيس ڳولهي رهيو آهي.
ڏينهن اچي پهتو. جڳ روشني ۽ رنگن سان ڀرجي ويو. هو
گهر جي اڳيان ويٺو اڃان چرپر کان ٿڪل هو.
پوءِ هن مٿي نهاريو.
ايميلائين وڻن جي اندران ٿيندي ٻاهر اچي رهي هئي.
کيس سندس ٻانهن ۾ ڪا شيءِ جهليل هئي.
حنا
هو هر صبح جو ٻار کي کڻي ڍنڍ تي ويندا هئا ۽ ان کي
وهنجاريندا هئا. هو ڏاڍو نماڻو ٻار هو ۽ جڏهن پاڻي
ڪي قدر ٿڌو هوندو هو ته به ڪين روئندو هو. ڊڪ
ڀرسان ويهي جاچيندو هو. اهو کيس ڏاڍو عجيب لڳندو
هو. ڪجهه هفتا اڳ هو ٻئي اڪيلا هئا ۽ اوچتو هي
نئون ماڻهو هنن سان شامل ٿيو هو ۽ هنن جي زندگي
بدلائي ڇڏي هئي.
”اسان هن کي ڇا سڏيون؟“ هڪڙي ڏينهن ڊڪ چيو.
”حنا،“ ايميلائين چيو. گهڻو اڳ جي ڪنهن ٻئي ٻار جي
يادگيري سندس دماغ ۾ هئي. هن کي خبر ڪين هئي ته
حنا ڇوڪريءَ جو نالو آهي.
مهينا لنگهي ويا. هاڻي حنا پنهنجي هٿن ۽ گوڏن تي
هيڏانهن هوڏانهن چري پري ٿي سگهيو. هن ڪوڪو کي
پڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوڪو هميشه سندس پهچ کان پري
رهندو هو ۽ کيس ان راند ۾ مزو ايندو هو.
پهريون ڏند نڪتو ۽ ٻار کي کائڻ لاءِ مڇي يا ڪيلن
جا ذرڙا ڏيئي پئي سگهيا.
هڪڙي ڏينهن جڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ڍنڍ ۾ پري گهمي
رهيا هئا، هن پنهنجو پهريون اکر اچاريو. هن
پنهنجيون ٻانهون ونجهه هڻندڙ ڏانهن وڌايون ۽
چيائين، ”ڊ.... ڊ… ”ڊڪ.“
طوفان
آسمان ڪاري ڪڪرن جي هيٺائين ڇت هو. هوا ڪين هئي،
هڪڙو دم کڻن لاءِ به ڪين. پکي هيڏانهن هوڏانهن پئي
اڏريا، ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺي دشمن کان ڊنل هجن.
ڊڪ باهه ٻاري ۽ نيرن تيار ڪئي. آسمان وڌيڪ
اونداهون ٿي ويو ڄڻ رات مٿان پئي آئي. سمنڊ ۾ تمام
پري کان گجگوڙ پئي آئي، گجگوڙ وڌندي، وڌندي ٿي
آئي. مينهن جا وڏ ڦڙا ڪري رهيا هئا.
ايميلائين ننڍي گهر جي فرش تي ٻار کي هنج ۾ جهلي،
ڇاتيءَ سان لڳائي ويٺي هئي. ڊڪ دروازي وٽ بيٺو هو.
هو ڊنل هو، پر ظاهر ڪين ٿي ڪيائين.
پوءِ هوا وڻن کي هيڏانهن هوڏانهن سٽيندي اچي پهتي
۽ پنن ۽ ٽٽل ٽارين جو لشڪر دروازي مان ڌوڪيندو
لنگهندو رهيو. برسات آبشار جيان هئي. ڊڪ گهر ۾
گهڙي ويو هو ۽ ايميلائين کي پنهنجي قريب جهلي،
ڀرسان ويٺو هو.
اوڀر طرف مٿاهين زمين گهر کي اڏري وڃڻ کان بچائي
ورتو هو.
طوفان ڪيئي ڪلاڪن تائين هلندو رهيو، پوءِ، اڌ رات
جي ويجهو اهو رڪجي ويو.
سج اڳين صبح جو بي بادل آسمان ۾ مٿي آيو. هن ڪريل
وڻ، ٽٽل ٽاريون ۽ مئل پکي ڏيکاريا. گهر جي ڇت ۽
هڪڙي ڀت اڏري وئي هئي.
ڊڪ گهر کي ٻيهر ٺاهڻ لاءِ ڪم ۾ جنبي ويو، جڏهن ته
ايميلائين سندن شيون سج ۾ سڪائڻ لاءِ رکي ڇڏيون.
طوفان هنن سان سٻاجهو سلوڪ ڪيو هو. اهو ان کان به
وڌيڪ هاڃو رسائي ٿي سگهيو پر ٻيٽ ٻيهر ساڳيو نظر
ڪين ايندو.
هو ٻيڙي کي ڏسڻ لاءِ هيٺ ويا، اها اونڌي ٿي پئي
هئي ۽ پاڻيءَ ۾ ڌڪجي وئي هئي ۽ ان کيس بچائي وڌو
هو. ونجهه واريءَ تي اڇليا پيا هئا. هنن ٻيڙيءَ کي
ڇڪي ڪناري تي ٻاهر ڪڍيو. ان کي ڌڪ ڪين پهتو هو.
”مونکي اچرج آهي ته ڪيلي جي وڻن جو ڇا حال هوندو،“
ڊڪ چيو. ”جيڪڏهن اجڙي ويا آهن ته پوءِ اسان کاڌي
لاءِ ڇاڪنداسين؟ مان ٻيڙيءَ تي چڪر هڻي ايندس ۽
ڏسندس“
”مان توسان گڏجي هلنديس،“ ايميلائين چيو.
ڊڪ راس جو چڪر ڪاٽيو. هو ڪناري جي ويجهو رهيو. هو
پاڻي جي مٿان پکڙيل هڪڙي وڻ جي ٽارين هيٺيان
لنگهيا. ان ۾ ڳاڙها ٻير لڳل هئا. ايميلائين هٿ
وڌايو ۽ انهن کي پٽي ورتو.
”ننڊ ڏياريندڙ ٻير،“ هن چيو ۽ انهن کي ٻيڙيءَ جي
تري ۾ هيٺ اڇلائي ڇڏيو. ايميلائين هڪڙو وڏو پن ٻار
کي سج کان بچائڻ لاءِ جهلي ويهي رهي جڏهن ته ڊڪ
مٿي ٽڪريءَ تي چڙهي انهيءَ هنڌ ڏانهن ويو، جتي
ڪيلن جا وڻ اسريل هئا.
اوچتو هن ٻيڙيءَ ۽ واري جي وچ ۾ پاڻيءَ جي نيري
ليڪ کي وڌنڌي محسوس ڪيو ٻيڙي ڪناري کان پري کسڪي
رهي هئي. هن ونجهن کي جهڙپ هنئي پر هڪڙو پاڻيءَ ۾
ڪري پيو. هن ٻيڙيءَ جي پٺ ۾ ويهي هڪ ونجهه سان
ٻيڙي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن هن کي ڪندي ڏٺو هو
پر هن ان کان اڳ ائين ڪڏهن ڪين ڪيو هو. هن ڊڪ کي
ٻيلي مان ٻاهر ايندي ڏٺو. هن ڪيلا پٽ تي اڇلايا،
پاڻيءَ ۾ ڌوڪي پيو ۽ ترڻ شروع ڪري ڏنو. هن کيس
ونجهه پڪڙيندي ڏٺو ۽ ان کي پاڻ سان کڻي ايندي ڏٺو.
جڏهن هو گهڻو ويجهو ٿيو ۽ رڳو ڏهه فوٽ پرتي هو ته
ايميلائين پاڻيءَ ۾ هڪڙي ڪار شڪل کي هن ڏانهن
تيزيءَ سان وڌندي ڏٺو. اها هڪڙي شارڪ هئي.
هن کيس رڙ ڪري خبردار ڪيو. ڊڪ پنهنجو ڪنڌ ورائي ان
کي ڏٺو. هن ونجهه کي ڇڏي ڏنو ۽ ٻيڙيءَ طرف ترڻ
لڳو. ايميلائين ٻيو ونجهه کنيو ۽ ان کي ڀالي جيان
شارڪ ڏانهن اڇلايو. ڊڪ ٻيڙيءَ وٽ پهتو، هو اندر
چڙهي ويو، پر ونجهه وڃائجي ويو. اهو رڳو چند فوٽ
پري هو پر ان ڏانهن تري وڃڻ يقيني موت هو. ٻيڙيءَ
۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪين هئي جنهن کي هو ونجهن جي
جاءِ تي استعمال ڪري سگهن. هڪڙو طاقتور وهڪرو
ٻيڙيءَ کي ڪناري کان ڏور وڌيڪ ڏور کنيو پئي ويو.
سمنڊ پٿرن جي ان لنگهه مان ٻاهر پئي ويو جنهن مان
ڪيئي ورهه اڳ پيڊي کين اندر وٺي آيو هو ٻاهر، کلي
سمنڊ ۾.
چريو ليسٽرينج
سان فرانسسڪو جا ماڻهو هن کي چريو ليسٽرينج چوندا
هئا. هو چوندا هئا ته هن کي سندس دماغ ۾ خلل آهي.
هو چريو ڪين هو، پر هو اهڙو ماڻهو هو جنهن جي دماغ
۾ رڳو ئي خيال ڄميل هو. ٻن ٻارن جو ويچار ۽ هڪڙو
پوڙهو ملاح، هڪڙي ننڍڙيءَ ٻيڙي ۾ ڦهليل نيري سمنڊ
مٿان.
جڏهن ’آرگو‘ نالي جهاز پنهنجي واٽ وٺي پاپيٽي کان
سان فرانسسڪو ويندي، ’نارٿمبر لينڊ‘ جي ٻيڙيءَ کي
لڌو هو ته ڪيپٽن فارج چريو هو ۽ ليسٽرينج ڏاڍو
بيمار هو. سان فرانسسڪو جي ڊاڪٽرن جو خيال هو ته
هو بچندو ڪين پر حياتي هن ۾ موٽي آئي. هو پاڻ کي
موت جي اجازت ڏيئي نٿي سگهيو. هن کي هميشہ انهن
ٻارن جو ويچار هوندو هو ۽ ان ويچار کيس نئون حوصلو
ڏنو ته هو انهن کي ضرور ڳولهي لهندو.
پهريائين هن کي اهو ڳولهي ڪڍڻ گهرجي ته جڏهن باهه
لڳي هئي ته نارٿمبر لينڊ ڪٿي هو. ان کان اڳ جو
ڪيپٽن ڪاغذ کڻي سگهي، باهه انهن کي ساڙي رک ڪري
ڇڏيو هو ۽ ڪيپٽن هاڻي چريو هو: هو کيس ڪجهه ٻڌائي
نٿي سگهيو.
ٻيڙي ڪٿي هئي جڏهن آرگو ان کي هٿ ڪيو؟ هن جهاز جي
آفيس مان آرگو بابت پڇاڳاڇا ڪئي. آرگو واپس
پاپيٽيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو هو ۽ طوفان ۾ گم ٿي
ويو. اهو ڪڏهن موٽي ڪين آيو.
ليسٽرينج مالدار ماڻهو هو. سال لنگهي ويا پر هن کي
اڃا اميد هئي ته هو پنهنجي ٻارن کي ڳولهي ڪڍندو.
هن اهڙي سڀني اخبارن ۾ اشتهار ڇپرايو جيڪي دنيا جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملاح پڙهندا هئا: جنهن ۾ ان ماڻهوءَ
لاءِ ڏهه هزار ڊالرن جي آڇ ڪيل هئي جيڪو ٻارن جي
باري ۾ ڏس ڏيئي سگهي ۽ ويهه هزار جيڪڏهن اهي جيئرا
لڀجن. ورهه لنگهي ويا: اشتهار بار بار ڇپجندو
رهيو. هڪڙي ڀيري ٻن ٻارن جي باري ۾ خبر آئي جن کي
گلبرٽ ٻيٽ ويجهو سمنڊ مان بچايو ويو هو، پر اهي
سندس ڪين هئا. ان کيس دکي ڪين ڪيو، ان کيس اميد
ڏياري. هن چيو: ”جيڪڏهن هو ٻار بچائي سگهجن ٿا ته
منهنجا ڇو ڪين؟“ کيس اعتبار ئي ڪين ٿي آيو ته هو
مئل هوندا. اعتبار جوڳو هرهڪ سبب موجود هو ته هو
مري ويا هوندا پر هن کي من ۾ اهو يقين محسوس ٿيندو
هو ته هو جيئرا هوندا. هن هڪڙو ننڍڙو جهاز خريد
ڪيو ۽ ٻن سالن تائين پيسفڪ سمنڊ جي ننڍن ۽ اڻ ڄاتل
ٻيٽن ۾ ڦرندو رهيو. هڪري ڀيري هو هڪڙي اهڙي ٻيٽ تي
پهتو جيڪو اسان جي ڪهاڻيءَ جي ننڍڙي ٻيٽ کان رڳو
ٽي سو ميل پري هو.
سمنڊ لکين ميلن ۾ پکڙيل هو، ان ۾ هزارين ننڍڙا ٻيٽ
هئا. ڪجهه اهڙا به هئا جن جي ڪنهن کي ڪجهه سال اڳ
تائين ڪابه ڄاڻ ڪين هئي. هو گهمندو ئي رهي ها پر
هن کي ان جي همت نه هئي. ان وقت تائين هن محسوس
ڪرڻ شروع ڪيو هو ته اهو ڪيتري قدر اڻ ٿيڻي آهي. هو
پنهنجي سموري ڄمار ۾ اهي سڀ ٻيٽ گهمي نٿي سگهيو.
هو سان فرانسسڪو ۾ پنهنجي دوست مسٽر واناميڪر وٽ
موٽي ويو.
ڪيپٽن فاؤنٽين
ليسٽرينج پيلس هوٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويهي پڙهي
رهيو هو، جڏهن ته ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.
”هيلو! مسٽر ليسٽرينج؟“
”ها.“
”اوهان جي وڪيل وانا ميڪر پيو ڳالهايان. مون سان
هڪدم اچي ملو. مون وٽ اوهان لاءِ خبر آهي.“
هو ڪمري کان تڪڙو ٻاهر نڪتو.
وانا ميڪر جي آفيس ڪيئرني اسٽريٽ تي هئي.
”منهنجي آفيس ۾ اندر اچو“ ، مسٽر وانا ميڪر چيو..
”مون کي هي مليو آهي.“ هن ليسٽرينج کي هڪڙو ڪاغذ
ڏنو. ”ڪيپٽين فاؤنٽين نالي هي ماڻهو جيڪو 45،
راٿري اسٽريٽ تي رهي ٿو، تنهن اوهان جو اشتهار
اخبار ۾ ڏٺو آهي ۽ سندس خيال آهي ته هو اوهان کي
ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿو. هن اهو ڪين چيو ته هو اوهان
کي ڇا ٻڌائي سگهندو پر آءٌ سمجهان ٿو ته اوهان هن
سان ملو.“
”مان هڪدم ويندس“ ، ليسٽرينج چيو.
اهو هڪڙي پوئين گهٽي ۾ هڪ ننڍڙو گهر هو. هڪڙي
بندري پوڙهي عورت دروازو کوليو.
”ڇا ڪيپٽين فاؤنٽين اندر آهي؟ مان اخبار ۾ ڏنل
پنهنجي اشتهار لاءِ آيو آهيان.“
”اوهه، هائو، سائين؛ ڪيپٽن بستري ۾ آهي. هو ڊگهي
وقت کان بيمار پيو آهي. هن جو خيال هو اوهان
ايندا. هو اوهان سان هڪڙي منٽ ۾ ملندو جيڪڏهن
اوهان انتظار ڪرڻ تي دل ۾ نه ڪريو.“
”مان اٽڪل ڏهن ورهين تائين انتظار ڪيو آهي“ ،
ليسٽرينج چيو. هو هيٺ ويٺو. ننڍڙي ڪمري جي ڀتين تي
جهازن جون تصويرون لڳل هيون ۽ تاڪ تي بوتل ۾ بند
هڪڙو جهاز رکيو هو. دريءَ مان ويجهڙائيءَ ۾ پاڻيءَ
جي ڪناري لڳ جهازن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو آواز پئي
آيو.
نيٺ دروازو کليو. پوڙهي هن کي هڪڙي ننڍڙي سمهڻ واي
ڪمري ۾ وٺي وئي. هڪڙو ڪاري ڏاڙهيءَ سان تمام ڊگهو
مڙس بستري تي ليٽيل هو.
”ويهو“ ، ماڻهوءَ چيو. هن پنهنجي بستري جي ڀرسان
رکيل ميز تان هڪڙي اخبار کنئي. مون کي ڪالهه شام
جو هيءَ اخبار هٿ لڳي هئي.“ هن اخبار مسٽر
ليسٽرينج کي ڏني. اها آسٽريليا جي ٽي سال پراڻي
اخبار هئي.
”ها؛ اهو منهنجو اشتهار آهي.“
”اهو عجيب آهي--- نهايت عجيب.“ ڪيپٽن فاؤنٽين چيو.
”اها اخبار مون وٽ گذريل ٽن سالن کان منهنجي
پيٽيءَ جي تري ۾ پئي هئي. منهنجي گهر واريءَ ان
مان شيون ٻاهر ڪڍي ٿي اڇلايون ۽ پراڻو سامان ڦٽو
پئي ڪيو. مون چيس ’مون کي اها اخبار ڏي“ ۽ مان ان
کي پڙهڻ شروع ڪيو. مان هڪڙي وهيل مار جهاز تي
چاليهه وريهه ڪم ڪيو آهي. منهنجي آخري جهاز جو
نالو ”سامونڊي گهوڙو“ هو. اٽڪل ست سال اڳ يا وڌيڪ،
منهنجي ماڻهن مان هڪڙو مارڪيوساس جي اوڀر ۾ ننڍڙي
ٻيٽن مان هڪڙي ٻيٽ تي ڪجهه لڌو هو.“
”ها، ها!“ ليسٽرينج چيو. ”هن ڇا لڌو هو؟“
”گهر واري“ ، هن پنهنجي زال کي سڏ ڪيو. ”هيءَ چاٻي
کڻ ۽ ميز کول.“
جوڻس کي خبر هئي ته کيس ڇا گهرجي. هن ميز کولي ۽
ان مان هڪڙي ننڍڙي پيتي ڪڍي، جيڪا هن کيس ڌني. هن
ڌاڳي جون ڳنڍيون کوليون ۽ ان جي اندران هڪڙو
ٻاراڻو ٽي سيٽ، چانهه داني، ڪوپ ۽ ٿالهيون ڪڍي
ڏيکاريون.
اها ايميلائين جي پيتي هئي!
”ڪٿان.....“ تو اها ڪٿان لڌي هئي؟“ ليسٽرينج چيو.
”اسان هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ تي پاڻي کڻڻ لاءِ ويا
هئاسين، اسان ان کي نيري ڍنڍ وارو ٻيٽ سڏيندا
آهيون، ڇاڪاڻ ته پٿرن جي گهيري اندر سمنڊ نهايت
نيرو آهي. منهنجي ماڻهن مان هڪڙي ان کي هڪڙي ننڍڙي
گهر مان لڌو هو، جيڪو ڪناري تي ڪنهن اڏيو هو.“
”شڪر رب جو!“ ليسٽرين چيو. ”ڇا اتي ڪوبه ڪين هو؟“
ڇا اتي ٻيو ڪجهه به ڪين هو؟“
”ٻيو ڪجهه به ڪين: رڳو اها پيتي هئي ۽ اسان ٻيو
ڪنهن کي ڪين ڏٺو. مون وٽ وقت ڪونه هو جو ٻيٽ تي
ڀٽيڪل ملاحن کي ڳولهي هٿ ڪيان. موسم پڻ چڱي نظر
نٿي آئي ۽ آءٌ وهيل جي شڪار تي نڪتل هئس. يقيناً
ٻار ٻيٽ تي ڪٿي پري لڪل هوندا، ٿي سگهي ٿو هو
هينئر اتي ئي هجن.“
”هو هينئر اتي ئي آهن!“ ليسٽرينج دانهن ڪئي. ”ٻيٽ
ڪٿي آهي؟ ڇا تون ان جو نوٽ ورتو هو؟“
”مون کي منهنجو ڪتاب ڏي، گهر واري“ ، ڪيپٽن
فاؤنٽين چيو.
هن ورق اٿلايا. ”اجهو هي آهي، 137 ڊگري 15 فوٽ
اولهه، 7 ڊگري 42 فوٽ ڏکڻ: نيري ڍنڍ وارو ٻيٽ
ايڊمس ٻار جي پيتي کڻي آيو جيڪا هن هڪڙي جهوپڙيءَ
مان لڌي هئي ۽ رم جي هڪڙي بوتل بدران مون کي وڪرو
ڪئي.“
ليسٽرينج ڪيپٽن فاؤنٽين جو هٿ ورتو ۽ ان کي جهليو.
”مان تنهنجو ٿورو پوريءَ طرح لاهي ڪين سگهندس! مان
اڄ شام جو ئي توکي ڏهه هزار ڊالر موڪلي ڏيندس.“
”نه سائين!“ ڪيپٽن جواب ڏنو، ”جيڪڏهن اوهان انهن
کي ڳولهي وٺو ته اوهان مون کي ننڍڙي سوکڙي موڪلي
سگهو ٿا، پر ويهه هزار ڊالر رانديڪن جي هن ننڍڙي
پيتيءَ لاءِ…… وهنوار ڪرڻ جو اهو طريقو منهنجو
ناهي. هاڻي مان پڇي سگهان ٿو ته اوهان ان جي باري
۾ ڇا ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو؟“ هو ڪوپ ۽ ٿالهيون
واپس پيتيءَ ۾ رکي رهيو هو.
”مان هڪڙو جهاز حاصل ڪندس ۽ اتي ويندس، هڪدم. مان
رڳو اهو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته اتي پهچڻ جو ترت رستو
ڪهڙو آهي.“
”ان سلسلي ۾ مان شايد اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿو“
، ڪيپٽن فاؤنٽين پيتيءَ جي چوڌاري ڌاڳو ٻڌڻ جي
ڪوشش ڪندي چيو. ”جيڪو جهاز اوهان چاهيو ٿا، سو
هينئر سمنڊ ۾ لهڻ لاءِ تيار آهي. گهر واري!“
”جي؟“
”ڇا ڪيپٽن اسٽينسٽريٽ گهر تي آهي؟“
”مون کي خبر ناهي. مان وڃي ڏسانس ٿي“ ، هن دروازي
مان ٻاهر ويندي چيو.
”هو هن گهٽيءَ ۾ رهندو آهي. هو ڀلو ماڻهو آهي ۽
انهن علائقن کان چڱيءَ ريت واقف آهي. سندس جهاز
”ريرا ٽونگا“ ساڳئي ماپ جي ٻين جهازن جهڙوئي سٺو
آهي. مون تي ڇڏيو ته اوهان لاءِ اهو بندوبست
ڪريان.“
ٿورڙي وقت کان پوءِ ڪيپٽن اسٽينسٽريٽ ڪمري ۾ داخل
ٿيو. هو ٺاهوڪو نوجوان هو، عمر اٽڪل ٽيهه سال هيس،
جڏهن هن ماجرا ٻڌي ته هو مدد لاءِ بنهه تير ٿي
بيٺو.
”مون سان گڏجي هلو“ ، هن چيو. ”مان اوهان کي جهاز
ڏيکاريان ٿو.“
7 ڊگريون 42 فوٽ ڏکڻ
هو 10 مئي تي سان فرانسسڪو کان روانا ٿيا.
پهريائين ڪجهه ڏينهن تائين هو تکا هلندا رهيا، هوا
زور هئي ۽ سندن پٺيان هئي، پوءِاها بدلجي وئي ۽ هو
معمولي سفر ڪري ٿي سگهيا. اها وڌيڪ زور ٿي ۽ هو
پنج سو ميلن تائين ائين کڄي ويا ڄن خواب ۾ هجن.
ٻيهر هوا ڍري ٿي. سمنڊ ۽ هوا سانت ٿي ويا. ٻه
ڏينهن لنگهي ويا ۽ جهاز ڪين چريو. ٽئين ڏينهن صبح
جو هوا ٻيهر ڪر کنيا ۽ ڪيپٽن اسٽينٽريٽ سمورا سڙهه
کڻي مٿي چاڙهيا. جيترا به جهاز ۾ موجود هئا.
ايسٽرينج ۽ ڪيپٽن هڪ شام جو عرشي تي گهمي رهيا
هئا.
”توکي خوابن تي ويساهه ناهي، ڪيپٽن؟“
”توهان کي اها خبر ڪيئن پئي؟“ ڪيپٽن چيو.
”مان رڳو سوال پڇيو هو، گهڻائي ماڻهو چوندا آهن ته
کين ناهي.“
”ها، پر گهڻا سچ پچ ڪندا به آهن.“
”مان ڪندو آهيان“ ، ليسٽرينج چيو. ”مان هن کان اڳ
اهڙا خواب نه ڏٺا آهن. پر ڪا شيءِ مون کي چئي ٿي
ته ٻار اتي آهن ۽ هو خطري ۾ آهن. ڪيپٽن فاؤنٽين
چيو ٿي ته ان ٻيٽ تي ڪوبه ماڻهو ڪونه هو.“
”نه“ ، اسٽينسٽريٽ چيو. ”هن رڳو ايترو چيو هو ته
هن ڪنهن کي ڪونه ڏٺو هو، هن رڳو ڪناري بابت ڳالهه
ڪئي.“
”شايد ٻيٽ جي ٻئي پاسي تي ماڻهو آهن.“
”جيڪڏهن اتي آهن ته ٻار ٻيٽ جي ماڻهن وٽ پلجي وڏا
ٿيا هوندا.“
”۽ انهن جهڙا ئي ٿي ويا هوندا؟“
”انهن پيسفڪ ٻيٽن جا ماڻهو ڏاڍا سٺا آهن…… سادا،
ٻاجهارا، مان انهن کي چڱي ريت سڃاڻان.“
”پر……“
”ٻڌو!“ ڪيپٽن چيو. ”اسين ماڻهو جيڪي شهرن ۽
انگلينڊ ۽ آمريڪا جهڙي ملڪن ۾ رهون ٿا، اهڙن ماڻهن
تي ارمان ڪندا آهيون. اهو اسان کي ڪين جڳائي! هو
صحتمند زندگي گذاري رهيا آهن. هو سج کي آفيس جي
دريءَ مان نه ڏسندا آهن نه ئي چنڊ کي دونهين جي
ڪڪر مان نهاريندا آهن. هو خوش آهن، اهڙي دنيا ۾
رهن ٿا جهڙي رب جوڙي هئي.... نه ڪي اهڙي جيڪا
ماڻهو بگاڙي آهي.“
”جيڪڏهن ٻار اهڙيءَ ريت پليا آهن…… اها آزاد زندگي
گهاريندي، تارن جي ڇانو ۾ جاڳندي، سج جي لهڻ سان
سمهندي، تازي هوا کي پنهنجي چوڌاري محسوس ڪندي....
ته ڇا هو واپس موٽي وڃڻ چاهيندا؟ ڇا انهن کي اسان
جي دنيا ۾ ٻيهر واپس وٺي وڃڻ صحيح ٿيندو؟“
”مون کي خبر ناهي،“ اسٽينسٽريٽ چيو، ”شايد.....
نه.“
هڪڙي شام جو اسٽينسٽريٽ چيو، ”اسان ٻيٽ کان ٻه سو
چاليهه ميل پرتي آهيون. هن هوا سان، اسان کي سڀاڻي
اتي پهچي وڃڻ گهرجي.“
هوا زور هئي. سموري رات ”ريرا ٽونگا“ تکو اڳتي
وڌندو رهيو. اڳين صبح جو اٽڪل يارهين وڳي هوا جهڪي
ٿي وئي، اها رڳو ايتري مس هئي جو سڙهن کي ڀري
سگهي. اسٽينسٽريٽ عرشي تي ليسٽرينج سان ڳالهائي
رهيو هو. اوچتو هو رڪجي ويو ۽ اشارو ڪيو.
”هڪڙي ٻيڙي!“ هن چيو، هن پنهنجي دوربين سان ڏٺو.
”هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي. منجهس ڪجهه ڪونهي. نه سڙهه نه
ونجهه…… نه! مون کي ڪجهه ڏسجي ٿو.“ هن چرخي واري
ماڻهوءَ کي رڙ ڪئي ۽ جهاز رخ ڦيرايو.
ڪيپٽن هڪڙي ٻيڙي هبٺ لاهڻ لاءِ حڪم ڏنو.
اسٽينسٽريٽ ۽ ليسٽرينج ان ۾سوار ٿيا. هو ويجهو
ويا.... اڃا ويجهو. ڪيپٽن پنهنجو هٿ ننڍڙي ٻيڙيءَ
جي پاسي تي رکيو.
تري ۾ هڪڙي ڇوڪري ۽ هڪڙو نوجوان ليٽيل هئا. ٻنهي
جي وچ ۾ هڪڙو ٻار هو. هو بيحد سانورا هئا. ٻيٽ جا
رهواسي؟ هنن ساهه پئي کنيو. ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ هڪڙي
ٽاري هئي، جنهن ۾ ڳاڙها ٻير لڳل هئا.
”ڇا هو مرده آهن؟“
”نه“ ، اسٽينسٽريٽ چيو. ”هو ستل آهن.“
سجاڳي
ايميلائين پنهنجو اکيون کوليون.
”ڊڪ!“
هن ڊپ کان تيز رڙ ڪئي، جڏهن هن کيس پنهنجي پاسي ۾
نه ڏٺو.
”هو هتي آهي“ ، ليسٽرينج چيو: پر هن کيس ڪين ٻڌو.
هن نهاريو ۽ ڊڪ کي ٻئي بستري تي ڏٺو، پنهنجي ويجهو
پوءِ هن حنا کي پنهنجي ويجهو جهليو، ۽ ٻيهر سمهي
پئي.
ايمي!.... ڊڪ!…… توهان مون کي سڃاڻو ٿا؟“
ليسٽرينج هنن جي ڀرسان بيٺو هو. ايميلائين هن
ڏانهن ڊپ ڀريل نظرن سان نهاري رهي هئي: پوءِ آهستي
آهستي، انهن ۾ عجب ڀرجي ويو. اهڙو عجب جهڙو ڪنهن
خواب جي سچي هئڻ تي ٿئي…… نيٺ…… هي خواب ڪونه هو
پر حقيقت هئي. ٻيٽ تي جاڳندي خوابن ۾ هن اڪثر
ماضيءَ جي باري ۾ سوچيو هو. هن هڪ هڪ ڏيک ورجايو
هو ۽ ان کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪيو هو.
”ڊڪ،“ هن چيو. ”هي……“ اڳيون اکر سندس زبان تي اچرج
جهڙي گهڻي عرصي کان پوءِ آيو: ”هي…… بابا آهي!“
”بابا؟“ ڊڪ چيو، اڃا هو اڌ ننڊ ۾ هو. ”ڪيئن…… ها.“
اها اڌ رات هئي. ليسٽرينج ۽ ڪيپٽن اسٽينسٽريٽ عرشي
تي بيٺا هئا.
”نيٺ اوهان کين ڳولهي ورتو“ ، ڪيپٽن چيو.
”ها…… مون کي سدائين خبر هئي ته هو اتي آهن....
ڪٿي، جيئرا.“
”۽ ڇا هنن اوهان کي سڃاتو؟“
”اوهه، ها؛ پر ڄڻ ته مان ڪنهن خواب جو حصو هئس.
اڃا کين پڪ ناهي ته ڇا مان سچ پچ آهيان. هو هڪ ٻئي
کي ويجهو جهلي ويٺا آهن، هن جهاز کان ڊنل آهن. هن
مون کان پڇيو، ”ڇا هي وهيل مار آهي؟“ مون چيس ته
نه. هو وهيل مار جهازن کان ڊنل لڳن ٿا.“
”هوءَ هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ چاڪ ٿي ويندي“ ، ڪيپٽن
چيو.
”اوهه، ها؛ مون کي اهائي اميد آهي. ڊڪ کيس بار بار
چئي ٿو ته هوءَ ڊجي ڪين ۽ هن کي ان بابت سموري ڄاڻ
آهي..... ڄڻ هن ”بابا“ سان هتي گڏجڻ جو بندوبست
ڪيو هو.“
”هو بلڪل چاڪ ٿي ويندا،“ ڪيپٽن چيو. ”پر اوهان ڇا
ڪندا؟“
”مان؟“
”ها، اوهان“ ، ڪيپٽن مڙندي، سندس منهن مقابل ٿيندي
چيو. ”اوهان هنن جي باري ۾ ڇا ڪندا؟“
”مون کي خبر ناهي. هو ٻارن جيان آهن. هو پڙهي يا
لکي نٿا سگهن. هنن ننڍي هوندي کان جڏهن اڃا سمجهه
ڀريا به ڪين هئا، ڪڏهن ريل گاڏي يا شهر جي گهٽي
ڪين ڏٺي آهي. هو مورڳو وڏا ٻار آهن!“
”نه“، اسٽينسٽريٽ جواب ڏنو. ”هو هڪ مرد ۽ عورت
آهن، سگهارا ۽ سمجهو. ڪيترن ئي معاملن ۾ گهڻن ئي
ماڻهن کان وڌيڪ. ڪيئي ورهيه هو ائين رهيا آهن جو
سندن مدد ڪرڻ وارو ڪوبه نه هو، سواءِ هڪ ٻئي جي.
هنن پنهنجو کاڌو پاڻ تلاش ڪيو.... ڪنهن دڪان تان
خريد ڪونه ڪيو پنهنجي ضرورت جي هر شيءِ پاڻ جوڙي،
پنهنجو گهر پاڻ اڏيو، جيتوڻيڪ سادو، پر ڪنهن ٻئي
جي ٺاهيل ۾ ڪونه رهيا. هنن الائجي ڪهڙي مصيبتن سان
منهن ڏنو هوندو، جنهن جي اسان کي پروڙ به ناهي،
رڳو پنهنجي سگهه تي ويساهه ڪندي.“
”اوهه…… مون کي هنن تي فخر آهي“ ، ليسٽرينج چيو.
”پر هو هاڻي ڇا ڪندا؟ ڇا هو سان فرانسسڪو ۾ ٻيهر
اسڪول موٽي ويندا؟،
”……… ۽ ٻارڙن جي پاسي لڳ ويهي، اي بي سي سکندا؟“
”مان پنهنجي گهر ۾ کين ذاتي استاد رکي ڏيندس.“
”ڪٿي؟ سان فرانسسڪو ۾؟“
”چڱو…… ٻيو ڪٿي؟“
”ڇا هو شهر ۾ ڪڏهن خوش رهي سگهندا؟“
”ٻيو ڇا ڪجي؟ ڇا مان کين واپس سندس نيري ڍنڍ واري
ٻيٽ تي وٺي وڃان ۽ اميد رکان ته هو وساري ڇڏيندا
ته هنن مونکي ٻيهر ڪڏهن ڏٺو هو؟ هينئر اهو سڀ ڪجهه
اڌ خواب مثل آهي ۽ جلدئي اهو سمورو خواب ٿي سگهي
ٿو“ ، ليسٽرينج ڪيپٽن ڏانهن ڏٺو. ”ڇا تنهنجو اهو
مطلب آهي؟“
”نه، يقيناً هرگز نه“ ، هن جواب ڏنو. ”پر…… هتي
ٻيا ٻيٽ به آهن…… ٻيٽ جيڪي ڪنهن خشڪي يا شهرن جي
گهڻو ويجها ڪونه آهن، تنهن هوندي به گهڻو پري ڪين
آهن…… ڪو ٻيٽ جتي اوهان پنهنجي ٻارن کي وحشي جيوت
مان پنهنجو رستو تلاش ڪندي جاچي سگهو ۽ کين ائين
ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهو ۽ پنهنجي پوٽن کي پنهنجي پاسي
۾ وڌندي ڏسي سگهو.“
چنڊ آسمان جي ڪناري کان هيٺ لڙهي رهيو هو.
”اوهان کي خبر آهي“ ، ڪيپٽن چيو. ”مان سمنڊ طرف ڇو
ويو هيس؟“
”نه، مون کي خبر ناهي“ ، ليسٽرينج چيو. ”اها سخت
زندگي آهي ۽ ان ۾ گهڻو پئسو به ناهي. مان ڪڏهن
ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ماڻهو سمنڊ طرف ڇو ويندا
آهن.“
”آهه! پئسو ڇا هي! ۽ سخت پورهئي کان ڪير ڊڄي ٿو؟
مان ويو هيس، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن راتين جو چوڪي
ڪندي، جڏهن منهنجي مٿان رڳو تارا هوندا آهن ۽
چوڌاري وسيع سمنڊ ته مان پاڻ کي انهن سڀني آزارن
کان آزاد محسوس ڪري سگهان. نه ڳتيل گهر، نه گهٽين
جي پيهه، نه دڪانن جو گوڙ…… پر خاموشي، رڳو تارا،
سمنڊ ۽ مان، هن ماڻهن جو جوڙيل ننڍڙي ٻيٽڙي تي،
اڪيلو.“
”انهن مڙني آزارن کان آزاد.“
”رڳو ايترو.“
ليسٽرينج هيٺ لهي ويو ۽ ٿورڙي وقت کان پوءِ واپس
موٽيو.
”مان هنن کي پئي ڏٺو،“ هن چيو. ”ڪيڏا نه سهڻا
نوخيز گلن مثل!“
چنڊ لهي ويو هو؛ هو اوندهه ۾ چپ چاپ بيٺا هئا.
اسٽرينسٽريٽ مٿي هليو ويو.
”هاڻي هتي رڳو آسمان ۽ سمنڊ اسان جي چوڌاري
آهي..... ۽ خدا.“
”۽ خدا، جنهن سندن سار سنڀال لڌي ۽ کين موٽائي مون
ڏانهن موڪليو.“
ڪرتار سنگهه دُگل
سنڌيڪار: ”محسن“ عباسي
زندگي، هڪ لُچي
عورت
ننڍڙي ريلوي لائين جي هڪ بنهه ننڍڙي ريلوي اسٽيشن
تي گاڏي اچي بيهي رهي. پنج منٽ… ڏهه منٽ… پندرهن
منٽ گذري ويا، گاڏي هلڻ جو نالو ئي نه وٺي. اڃا
سوچي رهيو هوس ته گارڊ کي ڳولي وڃي چوان ته هن
گاڏيءَ ۾ آهيئي هڪڙو فرسٽ ڪلاس گاڏو، جنهن ۾ به
آهيئي هڪڙو مسافر، جنهن کي اڳيان وڃي ڪا ٻي گاڏي
هٿ ڪري سڀاڻي ئي دهلي پهچي ڪنهن ضروري ميٽنگ ۾
شريڪ ٿيڻو آهي. ايتري ۾ سامهون ايندڙ هڪ ٻي گاڏي
اچي اسان واريءَ گاڏيءَ جي ڀر ۾ بيٺي. ننڍڙي لائين
جي هڪ ننڍڙي اسٽيشن تي، ننڍڙي گاڏيءَ جي ڀر ۾ هڪ
ٻي ننڍڙي گاڏي اچي بيهي رهي. سوچيم ته شايد لائين
جي هڪ ننڍڙي اسٽيشن تي، ننڍڙي گاڏيءَ جي ڀر ۾ هڪ
ٻي ننڍڙي گاڏي اچي بيهي رهي. سوچيم ته شايد هن
گاڏيءَ جي لاءِ ئي اسان جي گاڏي ترسي هئي، سو آءٌ
اخبار پڙهڻ لڳس. اخبارن ۾ ڪجهه ڏينهن کان هڪ عجيب
ڪيس جي ڪارروائي ڇپجي رهي هئي. هڪ هندستاني آفيسر
ڪنهن ڪم سان ولايت ويو ته اتان هڪ پريءَ جهڙي
خوبصورت انگريز عورت پرڻجي آيو. زال مڙس ٻئي خوش
خورم رهڻ لڳا. هڪڙو، ٻيو، ٽيون، ائين کين ٽي ٻار
به ڄمي پيا. ڳاڙها، لعلن جهڙا ٽي ٻار. مشرقي مائرن
وانگر، انگريز عورت به ٻارن تي ساهه ڇڏيندي هئي.
سندس مڙس ڪنهن نوڪريءَ ۾ هو، سو مهينن جا مهينا
ٻاهر دوري تي هليو ويندو هو؛ پويان زال ۽ ٻار سندس
انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ رهندا هئا. ائين زندگي کي گاڏي
روان دوان رهي. ان شهر جي هڪ واپاريءَ ان انگريز
عورت سان دوستي رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وٽس اچڻ وڃڻ
لڳو. مڙس جي گهڻو تڻو ٻاهر رهڻ ڪري عورت جي زندگي
هونئن به بي مزي گذرندي هئي؛ واپاريءَ جي موجودگي،
گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ وندرائڻ ۾ عورت ايترو اڳتي نڪري
ويئي، جو پنهنجو سڀڪجهه ان جي حوالي ڪري ويٺي. هڪ
دفعي جڏهن عورت جو مڙس گهر موٽيو ته کيس پنهنجي
زال برف وانگر ٿڌي لڳي. دل ته هئي ئي هڪڙي، جا
عورت ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏي هئي. گهڻيءَ ٻڏتر کان
پوءِ سمورو سچ پنهنجي مڙس کي ٻڌائي ڇڏيائين. هڪڙو
ڏوهه ڪري ۽ ان کي لڪائڻ لاءِ روز روز وري ٻيا نوان
ڏوهه ڪندي رهي، انگريز عورت کان ائين ٿي نٿي
سگهيو! مڙس کي پنهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪندي
محسوس ٿي! پنهنجي ٻارن جي ماءُ، جنهن جي ياد ئي
کيس پرديس ۾ سڌير بنائيندي ۽ خوش رکندي هئي، ان جي
بيوفائيءَ کيس ڏاڍو صدمو پهچايو. آخر پنهنجي زال
جي عاشق کي گولين سان پروڻ ڪري پاڻ کي پوليس جي
حوالي ڪيائين. جنهن سندن دنيا ڦري هئي، تنهن کي ئي
ختم ڪري ڇڏيائين.
گاڏي اڃا به بيٺي رهي. اخبار تان ٿڙي، منهنجي نظر
ڀر ۾ بيٺل گاڏيءَ ۾ سوار هڪ مکڙي تي وڃي پيئي. پڪي
وڏي گيدوڙي ٻَر ٻَر ڪندڙ عورت جو منهن، ماحول ۾
مُرڪون ورهائي رهيو هو. شايد ڪا ڳوٺاڻي عورت شهر
اچي رهي هئي، مون دل ئي دل ۾ سوچيو. نويڪلي دريءَ
تي قبضو ڪريو ويٺي هئي، ڄڻ ڪنهن ڪا سهڻي تصوير
دريءَ جي چوڪي ۾ فريم ڪري ڇڏي هئي. کن پل لاءِ
اسان جون نظرون مليون. هوءَ ٽڙي ٽڙي ٽهڪ ڏيندي
رهي، ڄڻ چئي رهي هجي ته ”مون کي خبر هئي ته تون
ضرور مون ڏانهن نهاريندين.“ ڳوٺاڻي عورت جي بي لوث
کِل چئي رهي هئي ته ”ڏس نه سائين، نرم گادين واري
گاڏي ۾ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ اسين.... هتي ڪڪڙن ۽
ڪڪڙين وانگر سٿيا پيا آهيون، هڪ ٻئي جي مٿان. تون
شيشن واريءَ دريءَ مان اُس جو مزو به پيو وٺين.
ڪجهه ويهندي ڪجهه ليٽيندي اخبار به پيو پڙهين ۽
سفر به پيو ڪرين. جيو سائين جِيو، توهان شهري
ماڻهو.“ ٽڙ ٽڙ ٽهڪ ڏيئي پئي کلي، ڄڻ ڪنهن چنچل جي
چُنيءَ جي پلاند مان ٻڌل موتئي جون مکڙيون ڇُڙي،
ٽڙي پکڙي رهيون هجن.
مون وري اخبار ڏٺي. انگريز عورت جج اڳيان بيان ڏنو
هو ته منهنجو اندر واپاريءَ ڪمزور ڪري وڌو، ان ڪري
مون پنهنجي مڙس سان بي وفائي ڪئي. واپاري مون کي
شاديءَ جا ڏٽا ڏيئي پري پري گهمائڻ ڦيرائڻ وٺي
ويندو هو ۽ وڏين وڏين هوٽلن ۾ رهائيندو هو. منهنجو
مڙس ڇهه ڇهه مهينا ٻاهر، پويان سياري جون ڪيڏيون
نه ڊگهيون راتيون! ڪاش منهنجو مڙس پرڏيهه نه وڃي
ها. هو ته ديوتا آهي. واپاري بلڪل خراب ماڻهو هو.
هر ڀيري مون کي شاديءَ جو آسرو ڏيئي ٻاهر وٺي
ويندو هو، پر واعدي نباهڻ کان سواءِ ئي مون کي
جُوٺو ڪري واپس گهر ڇڏي ويندو هو.
منهنجون اکيون جيئن ئي اخبار کان هٽيون، سامهون
دريءَ واري عورت ساڳئي نموني مون ڏانهن ڏسي رهي
هئي. اوچتو سندس چُني منهن تان هيٺ ترڪي، کسڪي
ويئي. گهاٽا ڪارا وار خوشبودار تيل لڳڻ ڪري چمڪيا
پئي. ڪنن پويان چلڪاٽ ڪندڙ بَڪل، وارن مان ڪڍي وري
واپس هڻڻ لڳي ته وارن جي جا چڳ سندس مُکڙي تي اچي
ڪري. ”هيءَ ته ڳوٺاڻي عورت نٿي لڳي،“ مون دل ئي دل
۾ سوچيو ”هيءَ ته پنهنجو پاڻ پسائڻ به ڄاڻي ٿي!“
ڀَنڀي چڳ سندس ڳلن تي کيڏڻ لڳي. ڳاڙهن ڳاڙهن ڳلن
تي ڪنبندڙ ڪاري چڳ… پوءِ هوءَ پنهنجي ٿلهي، ڊگهي ۽
ڪاري چوٽي ڪلهي تان ورائي اڳيان کڻي آئي ۽ ساڻس
کيڏندي رهي. گهڙي چوٽيءَ جا ويڙهه کولي ته گهڙي
ويڙهي ڪهڙا نه ڊگها ۽ سهڻا وار هئس.
مون وري اخبار پڙهڻ شروع ڪئي. ماڻهو ان ڪيس ٻڌڻ
لاءِ اصل چريا هئا چريا. ڪورٽ جي ٻاهران ميڙ لڳي
ويندا هئا شنوائيءَ جي ڏينهن. جنهن جيپ ۾ جوابدار
ايندو هو ان تي ماڻهو گل وَسائيندا هئا. ڪورٽ جي
ٻاهران ڪاليجي جوان بائيبل ۽ گيتا جو پاٺ ڪندا
هئا. هٿ کڻي دعائون گهرندا هئا ۽ اي ڌڻي هنکي ڪيس
مان آجو ڪر. شهر جون جوان جوان ڇوڪريون هن کي خطن
۾ پنهنجون تصويرون وجهي موڪليون هيون ۽ هرڪا ساڻس
شادي ڪرڻ تيار هئي.
ڪارروائي ڇپجڻ جي ڏينهن اخبارن کي پنهنجا وڌيڪ ۽
وري وري ايڊيشن ڪڍڻا پوندا هئا. اخبارون وڌ ۾ وڌ
اهميت هن ڪيس جي خبرن کي ڏينديون هيون. ماڻهو
هزارن جا شرط رکندا هئا، هن جي ڇُٽڻ بابت.
گاڏي جو اڃا به نه هلي ته پريشانيءَ ۾ منهنجي اک
اخبار تان ٿڙڪندي ئي ساڳئي کِلندڙ ٽِڙندڙ مُکڙي تي
پيئي. هاڻي سندس ڀاڪرن ۾ هڪ ٻار هو. ڳورو، ڳٽول
جهڙو مکڻ جو چاڻو. ماڻس ڪڻڪ ورني ته ٻار کير جهڙو
اڇو. اسان جون اکيون ملندي ئي عورت گاڏيءَ ۾ ويٺلن
کي پُٺ ڏيئي سڌي دريءَ ڏانهن ٿي چولي جا بٽڻ کولڻ
شروع ڪيا. کن پل ۾ سندس ڇُلڪندڙ ڇاتي صاف نظر اچڻ
لڳي. پنهنجو ٿڻ جهلي ٻار جي وات ۾ وجهي ٻار کي کير
پيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ٻار ڪو خاص بکايل نٿي
لڳو. ڪنهن وقت ڪا ڳُت به ورتائين ٿي نه ته گهڻو
تڻو پنهنجي مڇريل مٿي سان ماڻس جي ڇاتيءَ کي ٿونا
هڻندو رهيو ۽ هوءَ ٻار سان کيچل ڪندي کلندي رهي.
اٿاهه پيار ڀريل پلڪن سان پُٽ کي ڏسندي، ڪنهن وقت
ٿڻ کي هٿ سان هيٺ مٿي ڪندي ته ڪنهن وقت ٻار کي هيٺ
مٿي ڪندي کيس ٿڃ ڌارائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين، پر ٻار
جي اها ئي ساڳي شيطاني! گهڻو وقت ائين ڪندي عورت
وري مون ڏانهن ڏٺو، ڄڻ چئي پيئي. ”ڪيڏو نه شرارتي
آهي، پر پوڻيٺڙيءَ جا سڀ ٻار ائين ٿيندا آهن. ڇاتي
کير مان ڦاٽيم ٿي ۽ کير ڄمي پوڻ ڪري ڇاتيءَ ۾ ڳنڍا
ٿي پيا اٿم، پر هي ته پيئي ئي نٿو.
اوچتو مونکي هوش آيو ته هيءَ ڇا، آءٌ پرائي عورت
جي اوگهڙ پيو ڏسان! سو جهٽ گهٻرائجي وري اخبار ۾
ڏٺم. ڪيس جي رپورٽ اڃا هلندڙ هئي. جوابدار جي
آفيسر جو بيان هو ته اسان جي آفيس ۾ هي سڀ کان وڌ
شريف ۽ لائق، ڪم ڪندڙ ماڻهو آهي. آفيس ۾ هن جو ذڪر
هميشہ نيڪ ۽ چڱن ماڻهن وانگر ٿيندو آهي، هن جي
خلاف ڪڏهن ڪا رپورٽ نه آئي آهي. شهر جي سڀ کان وڏي
ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فوتيءَ کي لڳل سڀ جون سڀ
گوليون سامهون کان لڳل آهن ۽ بزدلن وانگر پويان
لڪي بي خبريءَ ۾ ڪا به گولي لڳل ناهي.
ٻنهي بيٺل گاڏين مان خبر ناهي ڪهڙي گاڏي جي سيٽي
لڳي. مون اخبار ڇڏي ته نظر ساڳي عورت تي وڃي پيئي.
ڇا ڪجي، جاءِ ئي اهڙيءَ تي ويٺل هئي، نظر جي بلڪل
سامهو. ساڳي طرح کلندي مُرڪندي ٻار کي دريءَ مان
ٻاهر ڪڍي پيشاب ڪرائي رهي هئي. ٻار جي پيشاب جي
سيڙهه ذري گهٽ اسان واري گاڏي تائين پهتي ٿي. مون
کي لڳو ڄڻ مائيءَ جون شوخ نظرون صاف صاف چئي رهيون
هيون. ”ڇا ٿو چئين ٻچا! چوين ته ٻار جي پيشاب جي
سيڙهه تنهنجي گاڏيءَ جي گاديلن تائين به پوڄائي
سگهجي ٿي. اڪيلو ئي سڄي گاڏيءَ تي قبضو ڪريو ويٺو
آهين. سفر به پيو ڪرين، مزو به ويٺو وٺين، اخبار
به پيو پڙهين!“
اوچتو سامهون واري گاڏي هلڻ لڳي. ٻار پيشاب
ڪندورهيو ۽ گاڏي هلندي رهي. مون دريءَ مان اٿي ڏٺو
ته اُن شيطان جي پيشاب جي سيڙهه، اسان واريءَ
گاڏيءَ تي ليڪو پائيندي وڃي رهي هئي.
هاڻي اسان جي گاڏيءَ جي هلڻ جو وارو هو. ٻاهران
اخبارون وڪڻندڙ ڇوڪرو هوڪو ڏيئي رهيو هو ”تازي
اخبار پڙهو، اڄ جي تازي خبر: قتل جي ڪيس جو فيصلو
ٿي ويو!“
مون کي هاڻي ان ڪيس ۾ ڪابه دلچسپي نه لڳي ۽
ڪيتريءَ دير تائين ان عورت جا ٻه نيڻ، گز گز ڊگها
ڪارا ۽ ريشمي وار، ڇلندڙ ڇاتين کي ٿونا هڻندڙ ڳورو
ڳورو ٻار ۽ اسان جي گاڏيءَ تائين پهچندڙ هڪ پيشاب
جي سيڙهه! منهنجي اکين اڳيان اهو سڀ ڪجهه ڦرندو
رهيو، ڦرندو رهيو، ڦرندو رهيو…
(ٽماهي ”پنجابي ادب“ ، نمبر 28 تان ترجمو ڪيل)
اڄ نه اوطاقن ۾…!
حاجي ولي محمد جت (ڪَڇ)
اڄ ڪڇ جي ٻني علائقن مان حاجي سليمان وزيراڻي جت
جي چٺي آئي ته ”22 جون تي اسان جو عالم ۽ شاهه جي
رسالي جو ڄاڻو حاجي ولي محمد ڀٽاري وارو اسان کان
هيمشه لاءِ جدا ٿي ويو. شال کيس رب پاڪ جنت ۾ جاءِ
ڏئي، آمين.“
حاجي ولي محمد صاحب جن سان منهنجي پهرين ملاقات
مارچ 1984ع ۾ ٿي هئي، جڏهن مان پهريون دفعو سندن
ڳوٺ ڀٽاري ۾ ويو هوس. هڪ سڄو ڏينهن حاجي صاحب سان
رهاڻ ٿي هئي ۽ مون وٽ سندن انٽرويو هڪ آڊيو ڪئسيٽ
تي آهي ۽ اُها ڪئسيٽ اڄ منهنجي لاءِ هڪ اَملهه
خزانو آهي. خط پڙهي مون کي ائين لڳو ته نه فقط
ٻنيءَ جي سنڌين، ڀارت جي سنڌين، پر دنيا جي سنڌين
هڪ بلند پايي جو عالم ۽ ”شاهه جي رسالي“ جو هڪ وڏو
عالم وڃايو آهي. شخصي طور مون ٻنيءَ جو هڪ اهڙو
بزرگ وڃايو آهي، جنهن سان خاص پوني مان وڃي ٻنيءَ
۾ رهاڻ ڪندو هوس.
ڪڇ ۾ جتن ۽ ٻين ڪيترين جاتين ۾ حاجي ته گهڻا، پر
”حاجي ولي محمد هڪڙو.“ پاڻ مون کي انٽرويوءَ ۾
ٻڌايائون ته هو ٻه دفعا حج تي ويا هئا: هڪ پَڳين
(يعني پنڌ. ڪڇي ٻوليءَ ۾ پير کي پڳ چوندا آهن) ۽
ٻيو دفعو هوائي جهاز ۾. پاڻ ائين پڻ فرمايو هئائون
ته جڏهن هو پنڌ ويا هئا تڏهين هنن اُن دوري جا
تاثرات، شهرن جا بيان ۽ جن جن عالمن سان هو گڏيا
هئا، اُنهن جا بيان ۽ ٻيا آزمودا لکيا آهن، اُها
ڊائري وٽن سلامت آهي. مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن
اُها ڊائري ڇپجي سگهي، پر صاحب اُها ڇپائڻ لاءِ
تيار نه ٿيا.
حاجي صاحب علم جا وڏا شائق هئا. ڪڇ جي رڻ ۾ خاص
ڪري ٻني علائقي ۾، جتي واري پيئي وَسي، اُتي حاجي
صاحب وٽ ٻه وڌا ڪاٺ جا ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل هئا، جن
۾ ڪيترائي عربي، اُردو ۽ سنڌي جا ديني ڪتاب ته
هئا، پر اُنهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي ڪتاب، جن ۾
طب ۽ تاريخ سان واسطو رکندڙ ڪتاب پڻ هئا، وڏي شوق
۽ حفاظت سان رکيل هئا.
حاجي صاحب جي ڪتب خاني ۾ ناياب ۾ ناياب ۽ املهه
ماڻڪ جيڪو مون ڏٺو، اُهو آهي شاهه جي رسالي جو هڪ
تمام سهڻو دستخط، جو دراصل حاجي جي والد صاحب جي
هٿن سان لکيل هو. هيءَ دستخط 19 صديءَ جي پڇاڙيءَ
ڌاري لکيل آهي.
حاجي ولي محمد صاحب شاهه جي ڪلام جا وڏا پارکو هئا
۽ جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي تڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو
شاهه صاحب، بُلي شاهه، ڪبير ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفي
شاعرن جي ڪلام جي تمام سهڻي وياکياڻ ڏيندا هئا.
1980ع ۾ ئي مون حاجي ولي محمد صاحب جن جي ڪتبخاني
۾ ”چڱي جَت“ جي ڪلام جو دستخط ڏٺو هو، جيڪو حاجي
ولي محمد صاحب پنهنجن هٿن سان لکيو هو. اهو سڄو
ڪلام حاجي سليمان جت ”ٻنيءَ جا ٻول- جتن جا قول“
ڪتاب ۾ ڇپايو، جيڪو ڪتاب گجرات سنڌي اڪاڊميءَ
سرڪاري خرچ تي ڇپايو.
پوين ڏهن سالن کان ڀڄ ريڊيو تان حاجي ولي محمد
صاحب جي تقريرن جو هڪ سلسلو چالو ٿيو هو، جيڪو ڪڇ
جي سنڌين ۾ چڱو مقبول ٿيو هو. اهڙي عالم کانسواءِ
”ٻني“ اڄ ڇني ڇوري ٿي پيئي آهي. شال رب پاڪ کين
جنت ۾ جاءِ ڏئي. (آمين)
ڊاڪٽر پرسو. جي. گدواڻي
(پونا، ڀارت)
مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون
(1) پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽
روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اهو ڄاڻائن لازمي آهي
ته اهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن اخبار يا
رسالي کي نه موڪليل آهن.
(2) ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، ان
اصل جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي،
ان طرح ضروري حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم
آهن، جي آخر ۾ آڻجن.
(3) مواد ۾ پيش ڪيل راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي ۽
فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي
هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه
سمجهڻ کپي.
(4) اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي
وڃي يا ضرور ڇپجي. اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو
فيصلو آخري سمجهيو ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب
ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.
(5) ايڊيٽر کي مواد ۾ درستين ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو
اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته
جيئن مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.
(6) فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول
ڪونه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت
پسند ڪانه ڪئي ويندي.
(7) مواد، صاف سُٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ
تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه
وسارجي، فون نمبر هجي ته اهو به لکجي.
(8) پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي.
ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو.
(9) تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف
غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ
ڪافي وقت ڏيڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، اطمينان
ڪجي ته مواد آخري طرح صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح
آهي.
– ادارو |