سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :5

باري ابڙو

غزل

چنڊ پهرينءَ سان رات پرتي آ،

موت سان ڪا حيات پرتي آ.

تنهنجي پرچڻ کان پوءِ ائين ڀاسيم،

ڄڻ ته شاعر سان ڏات پرتي آ.

پيارو پڪ سان پيار ٿي وڃبو،

پاڻ سان پل صراط پرتي آ.

خودڪشي هاڻ عيب ٿي ويندي،

عشق سان آپگهات پرتي آ.

تون ته ماکي آن ڪيئن پو مون جهڙي،

زهر سان تنهنجي ذات پرتي آ.

او زمانا! نه وچ ۾ پئه هاڻي،

جيت سان مس ته مات پرتي آ.

عادل سومرو

غزل

ويراني آ ڪيڏي راهن رستن تي

خاموشي جا پهرا آهن چونڪن تي.

سانت صحن ۾ وار وکيري ويٺي آ،

ماٺ اڃا به قابض آ دروازن تي.

منهنجي غم تي ڀل تون ڪوئي لڙڪ نه هار،

ليڪن ٽهڪ نه ڏي تون منهنجن لڙڪن تي.

هرڪو هن کي ڏسندي ڏسندي گذري ويو،

ڪنهن ڪنهن آهه ڀري ٿي هن جي سڏڪن تي.

ڪنهن فرصت ملندي، ايندو ڪير رکڻ!

همدردي جي مرهم دل جي زخمن تي.

مايوسي ۾ مکڙيون گلڙا ڏسجن ٿا،

نيٺ خزائن حملو ڪيو آ گلشن تي.

خيال اچي ويا مونجهارن جي گهيري ۾،

مايوسي ٿي وار ڪري پئي سوچن تي.

رات جي اونداهي ٿي دل جي دشمن پئي،

ڪيئن ڪريون ويساهه به چنڊ ستارن تي.

ڪاڏي ٿي تاريخ سڏي سوچين به نٿو،

ويٺو وقت وڃائين عادل شعرن تي.

بانو محبوب جوکيو

”اڄ جي التجا“

سڀ شيون ڀل!…

جيڏيون وڻنوَ!…

مهانگيون ڪري ڇڏيو!…

پر…

خدارا!…

ماني ۽ دوا

هن دؤر ۾

مُفت ڏيو-

هن جهان ۾ اسان غريبن کي به

جيئڻ ڏيو.

اسلم چنا

نظم

تون سُرهو واءُ بهارن جو،

مان پن ڇڻ پن ڇڻ منظر هان:

تون سپنو سرخ گلابن جو،

مان چؤواٽي جو پٿر هان،

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

تون چانڊوڪيءَ جو ٺار پرين،

مان لوءَ ۾ لهسيل لمحو هان؛

تون جيون جي هاڪار پرين،

مان موت مُئي جو ڌوڪو هان،

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

تون ڏور ڪنڌيءَ تي مُرڪين ٿي،

مان طوفانن ۾ گهيريل هان؛

تون سورج وانگر جرڪين ٿي،

مان اونداهين ۾ گهيريل هان،

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

مان سُڏڪو سانڍيل سورن جو،

تون جيون سان ڀرپور ٽهڪ؛

مان ماريل پل پل پورن جو،

تون سانت، سڪون، سڳنڌ، مهڪ،

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

مان تنهنجي وس کان ٻاهر هان،

ڏس ماندي تون مون ڪاڻ نه ٿي،

مان بي گهر، رول مسافر هان،

تون سياڻي ٿي، مون ساڻ نه ٿي،

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

هي شاعر هاڻ هليو ويندو،

بي انت دکن جو بار کڻي،

ڪو راڻو نيٺ ڪهي ايندو،

تون ڪاڪ وري سينگار کڻي.

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

تون ڇو ٿي مون سان پيار ڪرين؟

ضياءُ شاهه

پنجڪڙا

وري ياد تنهنجي وري آ ڪٿان؟

پراڻا زمانا وري ياد پيا!

ڇُٽا ڦٽ هئا سي به تازا ٿيا!

لڳي پيو ته هاڻي اُٿي آن هِتان!

وري ياد تنهنجي وري آ ڪٿان؟

 

حياتي اسان جي تتل ٿر جي واري!

سدائين رهياسين هوا جي حوالي!

اندر ۾ عذابن نپائي ۽ پالي!

بِرِهه باه سان آ اڇا جنگ جاري!

حياتي اسان جي تتل ٿر جي واري!

 

ضيا جاڳي جاڳي جي راتيون گذاريون،

سي سنسان راتيون اوهان کي ٿو اَرپي،

رکيو ٿس ٻيو ڇا، اوهان کي هُو ارپي،

اڏيءَ سرڙو ڏيئي جي گهاتيون گذاريون،

ضيا جاڳي جاڳي جي راتيون گذاريون!

آزاد انور ڪانڌڙو

وائي

توکي ڪيئن سمجهايان ساجن! توکي ڪيئن سمجهايان؟

تنهنجو آهيان تنهنجو رهندس، مُور نه ٻئي کي ڀانيان.

دلڙي هڪڙي درد هزارين، ڪهڙا سُر سڻايان.

مان تنهنجو تون منهنجو آهين ٻئي جو ڪيئن سڏايان؟

تنهنجي يادن سان مان ويٺو پنهنجي دل سرچايان.

پنهنجي منهن سان پيار محبت جا ٿو محل اڏايان.

تنهنجي خاطر فالون پائي پيو ٿو ڪانگ اڏايان.

مچ محبت جي ۾ ويٺو پنهنجو نينهن نچايان.

ترس گهڙي پل ويهي ڀرسان تنهنجو قرب ڪمايان.

ورهين کان ويڳاڻو بڻجي وڻ وڻ ٿو واجهايان.

تنهنجي راهن ۾ ويهي مان تو لئه نيڻ وڇايان.

”انور“ کي آزاد ڪري ڇڏ، تنهنجا ڳڻ پيو ڳايان.

ساجن! توکي ڪيئن سمجهايان؟

احسان دانش

غزل

اڄ ته چهرو لٿل لٿل آهي،

اک به جهڙي ڀنل ڀنل آهي.

درد ڌاڳي ۾ مون خوشيون پويون،

هار اڄ سو ڇڳل ڇڳل آهي.

دل ۾ الفت جو آشيانو هو،

سو ته هاڻي ڦٽل ڦٽل آهي.

سؤ ورهيه ڀل گذارجن ليڪن،

پوءِ به جيون ڪو هڪڙو پل آهي.

تنهنجو چهرو هو آئينو منهنجو،

اڄ اهو ڇو ٽٽل ٽٽل آهي.

ڪيئن اڏامي سگهي امن جو پکي،

ڇو ته ان جو پر پٽيل آهي.

چؤطرف ٽهڪ ٿا پيا گونجن،

پوءِ به من ڇو منجهيل منجهيل آهي.

غم الم سان ڀريل آ جيون هي،

ڄن ته شاعر جو ڪو غزل آهي.

تنهنجي دل تي لکيل هو دانش جو،

نانءُ هاڻي ڊٺل ڊٺل آهي.

راهي چنا

ترائيل

اچ ته ڪي گيت ڇيڙيون، حال اوريون،

دانهن کي دل ۾ دٻائبو ڪيستائين.

 

وقت آيو آ سِر ساهه سڀ گهوريون،

اچ ته ڪي گيت ڇيڙيون، حال اوريون.

 

موقعو آهي، نينهن کي نازڪ گلن ۾ توريون،

عشق کي آخر لڪائبو ڪيستائين.

 

اچ ته ڪيگيت ڇيڙيون، حال اوريون،

دانهن کي دل ۾ دٻائبو ڪيستائين.

سلميٰ پنهور

غزل

سج لٿو آ، سانجهي ٿي وئي، لٿا هن دل جا بار،

ٿڌڙي هير جان دل تي ڇانئي ساجن تنهنجي سار.

 

منهنجا سارا خواب ٽٽي پيا ڪانچ جي چوڙين جان،

رهجي ويا بس رنگ هٿن تي پوپٽ جان هو پيار.

 

ساڳيا ماڻهو، ساڳي منزل، وقت صرف بدليو،

ڪيڏا پنڌ پڇائي پهتس، جڏهن مان تنهنجي دوار.

 

سالن کان تصوير جا منهنجي دل تي رهندي آ،

ڪيئن نه آساني سان چيو تو تنهن کي تون اُتار.

 

هيل به برکا رت آئي ۽ هيل به برسي بوند،

مان ته خزان جي موسم آهيان، ڪين ڪندس هٻڪار.

 

پيار ڪرين ٿي، پوءِ به چري تون پٿر کان گهٻرائين،

ماڻهن جا ڪجهه لفظ ئي ڪن ٿا دلڙين کي سنگسار.

اسحاق سميجو

غزل

منزلن کان اڳي پيچرا ٿا کُٽن.

قربتن کان اڳي فاصلا ٿا وڌن.

بدنصيبي اسان جي به ڪوئي ڏسي،

هو ملڻ کان اڳي ئي ڇڄي ٿا وڃن.

منهنجي نگريءَ جي فطرت به آهي عجيب،

دل لڳيءَ کان اڳ دل ٽٽي ٿا پون.

جن ڏٺو آ زمانو انهن کان پڇو،

ٽوهه کان وڌ ڪڙا لوڪ وارا لڳن.

ڪير ٿو چئي ته ڌرتي چمڻ ڏوهه آ،

لوڪ وارا ته پٿر پيا ٿا چمن.

زندگيءَ ۾ رڳو ذلتون دوستو،

موت کان پوءِ هت مرتبا ٿا ملن.

سچ پڇو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن هيرن سان هميشه هاڃا ڪندا پئي رهيا آهن. ’گهر جو پير چلهه جو مارنگ‘ سندن اصول پئي رهيو آهي. ورنه سنڌ اهڙا ماڻهو پيدا ڪندي رهي آهي، جو جيڪڏهن انهن جي حياتين و حال عام ٿئي ته دهشت وچان ڏونگر ڏري پون. پر اڄ انهن جو نالو به ڪنهن کي ياد ڪونه آهي. مثال طور اسان ڪڏهن دولهه دريا خان جو ڏينهن به ملهايو آهي؟ گهڻن ماڻهن کي اڄ معلوم آهي ته دولهه دريا خان ڪير هو؟ ڪڏهن ڪنهن سندس تربت جي زيارت جي زخمت به برداشت ڪئي آهي؟

مخدوم بلاول رحه تي سندس روحانيت جا قائل ته ميلو لڳائيندا رهن ٿا، پر سندس سياست جي قائلن مان به ڪڏهن ڪنهن چار پير ڀري وڃي کيس ختمو ڏنو آهي؟

مرحوم مغفور رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سنڌ جي جديد دور جي سياست جو پايو وجهندڙ هو. انگريزن جي اونداهي زماني ۾ سندس وجود آزادي پسند سنڌين لاءِ اميد ۽ امنگ جو ڏيئو هو، پر اڄ تائين نه سندس سوانح حيات لکي ويئي ۽ نه سندس يادگار قائم ڪيو ويو! ڇا ٿي پئي ها، جيڪڏهن سال ۾ هڪ دفعو چند ماڻهو گڏجي سندس ڪارنامن کي ياد ڪن ها، سندس ڏينهن ملهائن ها ۽ سندس مزار تي چار قل پڙهي کيس ثواب پهچائين ها؟

حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحه پنهنجي زماني ۾ سنڌي جي ”باغين“ جو امام هو. انگريز بادشاهه اڌ دنيا فتح ڪئي پر هو سنڌ جي هن سپوت کي مسخر نه ڪري سگهيو. جابر حاڪم کي ”عدم تعاون“ جي خالي هٿن سان ڪيئن ڀڄائجي، سو نسخو مولانا جي فڪري مطب ۾ تيار ٿيو ۽ ساري هندستان استعمال ڪيو، پر آهي اڄ ڪا چؤ پچؤ اهڙي مٺي نالي جي؟ ڄڻ ڄائو ئي ڪونه هو!

رئيس جان محمد جوڻيجو مرحوم ڪيڏو نه ڪونڌر مڙس هو؟ هجرت جي تحريڪ هلايائين. جلاوطني قبول ڪيائين ۽ ڏيهان ڏور وڃي جان ڏنائين. ڪڏهن انگريز جي صاحبيءَ اڳيان سيس نه نوايائين. پر سنڌ جي ماڻهن، مُئي پڄاڻا ساڻس ڪهڙا ڀال ڀلايا؟

ڇڙي لٻاڙ هڻڻ سان مقصد حاصل ڪونه ٿيندا آهن. دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ عمل جي ضرورت پوي ٿي.

- پير علي محمد راشدي

مقالا

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا هٿ اکر

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڪچهري بدين

[هيءُ مضمون ڄڻ هڪ لاڳيتي هلندڙ ڪچهري يا رهاڻ آهي، جنهن ۾ ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ۽ ائين پڙهندڙ کي ڪيئي ڳالهيون ٻڌايون وينديون ۽ ڪيئي نيون معنائون وهڃايون ويندون. راقم اهي ڳالهيون جدا جدا موقعن تي جدا جدا ڪچهريون ۾ ٻڌيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪي صحيح نموني سان نه ٻڌايون ويون هجن يا نه سمجهيون ويون هجن. ٻيو ته ڪافي وڏي وقفي کان پوءِ بيان ٿيون ڪجن ۽ شايد ڪي پوريءَ طرح ياد نه رهيون هجن. انهيءَ ڪري پڙهندڙ صاحبن کي گذارش آهي ته جي ڪا ڀُل چُڪ ڏسن ته راقم کي صحيح صورتحال کان آگاهه ڪن. ن.ب.]

سدا سلامت هجين! سڻ ته، ’سنئين واٽ‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ وڏي معنيٰ وارو محاورو آهي. اصل ۾ ’واٽ‘ معنيٰ پنڌ واري واٽ، پر پوءِ ليکي حساب ۾ ۽ هڪ ٻئي سان وهنوار ۾ ’واٽ‘ جي ڳالهه آئي ۽ ’سنئين واٽ‘ جو قدر ٿيو. سڌي واٽ ’سُواٽ‘ آهي ۽ ڏنگي ڏکي واٽ ’ڪُواٽَ‘ . سُواٽا اهي جيڪي ليکي وهنوار ۾ توڙي لڇڻن ۾ سڌا سنوان هجن؛ ٻيا ’اَواٽا‘ جيڪي واٽ سان نه هلن. چوندا ته: واٽ سنئين وٺجي توڙي ڦيري وارو هجي. سونهين کي چوندا ته: ادا، ڦيرو ڪونه ماريندو، واٽ سنئين وٺ. ٻيو ته واٽ وهندڙ هجي توڙي ڦيري واري هجي. چوندا ته: ”سِڌ کان وَر ڀلو، توڙي وَلو هوءِ.“

چوندا فلاڻو مون کي واٽ ۾ گڏيو، واٽ ويندي گڏيو. حُب خير سان پڇندا ته ادا! واٽان پنڌان خير سان آيو. واٽ ۽ راهه ساڳي ڳالهه آهي، پر مهل موقعي سان ٻنهي ۾ فرق ٿيندو. جڏهن ڪنهن ڏورانهين ماڳ تي ڪير پيرين پيادا ويا ته چئبو ته ”راهه جي پنڌ سان ويا“ ؛ اتي ”واٽ جي پنڌ سان ويا‘ ڪونه چئبو. سنڌ مان غوث جا فقير راهه جي پنڌ سان ملتان ويندا هئا؛ اڳ سنڌ مان حاجي راهه جي پنڌ حج تي ويندا هئا، جو سمنڊ رستي جهازن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ وٽن ڀاڙو خرچ ڪونه هوندو هو.

پر واٽ اها جا وهندڙ هجي، يعني ماڻهو ان واٽ سان ايندا ويندا هجن؛ ڦٽل واٽ کي ”واٽَ“ ڪونه چئبو. واٽ سنئين آهي يا واٽ وهندڙ آهي ته سڀاڳي آهي؛ انهيءَ ڪري ماڻهو جو نالو ”واٽُو“ يا ”راهُو“ رکيائون، يعني واٽ وارو يا راهه وارو. چوندا ”فلاڻو واٽ سان آهي“ ، يعني ڄاڻ ۽ سُڌ وارو آهي ۽ جيڪي ڪري ٿو تنهن جي کيس خبر آهي.

البت جهنگ جهر ۾ نئين واٽ تڏهين نڪري ٿي جڏهن ماڻهو اوجهڙ مان هلن ٿا ۽ پيچرو ٺهي ٿو. جڏهن ڪو اوجهڙ ۾ پوي ٿو ۽ اُجهي منجهي ٿو ۽ آخر منزل تي پهچي ٿو ته انهيءَ ڪشالي مان هو گهڻو سکي ٿو؛ پر جيڪي ڄاڻي ٻجهي وهندڙ واٽ ڇڏي اوجهڙ ۾ ٿا پون تن مان ڪي ورلا ٿا وڃي منزل کي رسن. صوفين جي خاص اصطلاح ۾ عام کان الڳ ”الٽي واٽ“ اها آهي جيڪا حقيقي منزل تي پهچائي ۽ جنهن مان سالڪ گهڻو ڪجهه سکي سمجهي.

شاهه صاحب چيو ته:

ويجهو وڃ مَ واٽَ کي ڪَهجِ ڏانهن ڪُواٽَ

اُجهِي منجهان آٽَ، اويسي ٿي آءُ تون.

هن بيت ۾ صوفين جي خاص فڪر وارو نازڪ نڪتو سمايل آهي. ان کي شاهه صاحب ڄڻ ائين وهڃايو ته اي سالڪ! اُلٽي واٽ ڪُواٽ سان انهيءَ لاءِ هَلُ ته ان مان اجهي منجهي، سختيون سهي، ”اويسي“ ٿي پوين: يعني تون پاڻ پنهنجو سونهون يا مرشد بنجي پوين. صوفين جي ’اويسي طريقي‘ تي اهو نالو ’اويس قرني‘ جي نالي تان پيو جيڪو نبي ڪريم ﷺ تي پرپٺ عاشق ٿيو. انهيءَ لحاظ سان اويسي درويش اهو جيڪو ظاهري مرشد بدران غائبانه طور عقيدتمند ٿيو هجي. شاهه عبداللطيف کي سندس والد شاهه حبيب، الله ۽ رسول ﷺ جي محبت جو سبق ڏنو، پر شاهه عبداللطيف عاقل بالغ ٿي پاڻ پنهنجو روحاني رشتو سڌو حضرت نبي ڪريم ﷺ سان ڳنڍيو ۽ پڻ تاڪيد ڪيائين ته:

وَحَدهُ لاشريڪَ لَـہُ جان تون چئين ايئن

ته مڃ مُحمدُ ڪارَڻي نِرئتون منجهان نِيهن

شاهه صاحب سسئيءَ جي زباني چيو آهي ته ”واٽون ويهه ٿيون، ڪُہ ڄاڻا ڪيهيءَ ويا.“ ويهن واٽن واري ظاهري حقيقت انهن کي معلوم هوندي جيڪي وڏن غيرآباد پٽن پوٺن مان ويندڙ واٽن کي واقف هوندا. اتي ماڻهو اها واٽ وٺي هلندا ۽ انهيءَ رخ تي هلندا جيڏانهن منزل هوندي. اسان بيلپٽ کان فتح پور وياسون ۽ وري فتح پور کان شورڻ وياسون ته هڪ ٻئي سان لاڳو ڪيئي واٽون نظر آيون ۽ ويهن واٽن واري حقيقت سمجهه ۾ آئي، پر برن پوٺن جي پنڌ وقت سونهين جي ضرورت آهي جيڪو منزل تي پهچائيندڙ واٽ وٺائي.

ڪنهن وقت ڌرتيءَ تي ڪي وڏيون واٽون هيون جيڪي صدين تائين وهنديون رهيون، پر آخر ڦٽي ويون. اهڙي هڪ ’سلڪ واري واٽ‘ هئي، جنهن سان قافلا چين مان سِلڪ جو ڪپڙو کڻي وچ ايشيا، سنڌ-هند، وچ مشرق ۽ يورپ آڻيندا هئا. اسان وٽ ڪنهن وقت سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ وهندڙ ڊگهيون واٽون هيون جن مان ڪي اڳ ۽ ڪي پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي 1947ع واري ورهاڱي بعد ڦِٽي ويون. انهن مان هڪ وڏي وهندڙ واٽ راهموڪي بازار واري هئي جنهن جي ڦٽي وڃڻ تي احمد فقير جت عبرت ۾ پئي واٽ کان پڇيو ته:

آ ڪا خبر احوال جي، تون واٽ ڪهڙي وار جي؟

ڏي سڀ حقيقت حال جي تون واٽ ڪهڙي وار جي؟

رِڻَ ۾ رَهينءَ راتيون گهڻيون، ڪَيَڙيون ڪلر تون ۾ ڪڻيون

ٻيون پڻ پييون توتي پڻيون، تون واٽ ڪهڙي وار جي؟

رِڻَ ۾ گهڻيون راتيون رهي، ڪنهن پر وڃائي تو وهَي

ڪَئين سي هليا تو تان ڪهي، تون واٽ ڪهڙي وار جي؟

کائي ويو اڄ لُوڻ جن، تون ڏي سندو مضمون تن

جن جو پَسان ڪاٺِي نه پَن، تون واٽ ڪهڙي وار جي؟

اڄ ڪا عجيبن جي اچي، ڏي پڻ حقيقت سڀ سچي،

ڪهڙي ويا رِڻَ ۾ رَچي، تون واٽ ڪهڙي وار جي؟

تڏهن خود احمد فقير جي زباني واٽ کيس جواب ڏنو ته:

آدم ٿيو پيدا جڏهن، مون کي خدا خلقيو تڏهن،

هوئي هوا نا هت هڏهن آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

پهرين خلافت شيث جي، پوءِ ٿي ادا ادريس جي،

اُت تند لڳي تَدريس جي، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

آدم ڪنا نوح تائين ڪي، ايڪيهه سَو ٿيا سال سي،

فاني ٿيا في الحال سي، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

نوح کان وٺي خاصو خليل، اٺ سؤ نوي جو سو وڪيل

ڪهڙو ڏيان تنهن جو دليل، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

چار سؤ اسي گذريا جڏهن، پٺيان خليل الله هَڏهن

پيدا ٿيو موسيٰ تڏهن، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

موسيٰ پٺيان ڪي ڏينهن هلي، ويا سو ڪ تيرهن چاليهه چلي

عيسيٰ ڄائو بيبيءَ ڀَلي، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

عيسيٰ وٽان سردار سين، ڇهه سؤ ٿيا سالار سين

محمد مٺي منٺار سين، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

تيرهن صديون چاليهه ٻِن، اڳرا ٿيا ان پَر چَون

اڄ سين اچيو پورا ٿين، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

هن هنڌ هئا شاهي شهر، لڙ جي لڳي پئي ٿي لهر

اڄ ٿو پسين ڪارو ڪلر، آءٌ واٽ انهيءَ وار جي!

هن هنڌ هئي مجلس مٺي، چلندي هئي جن جي چٺي

تن ڪانه ٻي ڪا ڏِس ڏٺي، آءٌ واٽ انهيءَ وار جي!

جن چال چلگت هئي چٽي، تن محل ماڙيون ويا ڦٽي

اڄ ٿو پسين تنهن هنڌ مٽي، آءٌ واٽ انهيءَ وار جي!

هت گهوٽ گهمندا هئا گهڻا، جن جي مٿي ۾ هئي مڻا،

پئي پاڻ تن لئي خود ڪڙهان، آءٌ واٽ انهيءَ وار جي!

ڏسي تون مياڻين ۾ ميان، تڙ لوڻ ٿيا راتو ڏينهان،

ڪي ڏينهن تن ۾ هئا ويهان، آءٌ واٽ انهيءَ وار جي!

عاشق ’الله بند‘ تي اچي، تو ڪو ڏٺي ’ڪنڊڙي‘ ڪچي،

پوندا هئا ات پٽ پچي، آءٌ واٽ انهي وار جي!

تو ڪا ٻڌي ’سينڌڙي‘ سهي، ڪئين راڄ ويا تنهن ۾ رهي،

وانچي هليا پنهنجي وهي، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

صوبا ڪئين سلطان ٿيا، ڪئين دفتري ديوان ٿيا

خاڪي وٽان خيان ٿيا، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

احمد ادا ويندين مري، ڪانهي مرڻ ڌاران ڳري

آهي خبر اهڙي کري، آءٌ واٽ اُنهيءَ وار جي!

ڏِس پڊ پراڻا هاڻ تون، هرگز نه ٿي اڻڄاڻ تون

ڪلمون پڙهي چڙهه پاڻ تون، آءٌ واٽ انهيءَ وار جي!

احمد فقير سن 1342هه (923ع) ۾ الله بند، سنڌڙي ۽ ڪنڊڙي واري واٽ جي ڦٽي وڃڻ تي هيءُ نظم چيو. احمد فقير ڪڇ جي جتن بلوچن جي ’لاکاڻي‘ اوڙڪ مان هو. ناميارو شاعر ۽ عالم مولوي احمد ملاح ۽ احمد فقير ٻئي هم سبق هئا ۽ گڏ پڙهيا هئا. احمد فقير به اڌ مولوي هو ۽ خاص طرح شاهه جي رسالي جي وٽس وڏي رهاڻ هئي. هن پاڻ ۽ پٽس رمضان جيڪي بيت فقيرن وٽان ٻڌا سي گڏ ڪري لکيا ۽ هڪ رسالو جوڙيو، جيڪو رمضان پوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم کي ڏنو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر مرحوم پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڪيو آهي. راقم سان اها ڳالهه رمضان ڪئي جنهن سان رسالي بابت رهاڻيون ٿيون. احمد فقير اڳ گذاري ويو هو. رمضان چيو ته: اسان کي هڪ قلمي رسالو هٿ آيو جيڪو سسئيءَ جي سُر سان شروع ٿيو. اسان ان ۾ فقيرن کان ٻڌل بيت شامل ڪري هڪ نئون رسالو سُر ڪلياڻ سان لکيو، جيڪو مون ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب کي ڏنو.

شال جيئين! آڳاٽي وقت کان، ڪراچي کان وٺي بدين تائين سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۾ رهندڙ جتن بلوچن جي عزازت جي ڪري توڙي مال جي سانگي، پاڻ ۾ اچ وڃ هئي. يوسفاڻي انهيءَ ڪري جو يوسف فقير جي اولاد مان هئا. احمد فقير جي علڻ فقير يوسفاڻي لُنڊ سان دوستي هئي. يوسفاڻي انهيءَ ڪري جو يوسف فقير جي اولاد مان هو. هن وقت ناٿو فقير درگاهه کي سنڀالي ٿو. اهو ماڳ تعلقي ڏکڻ اولهه سنڌ جي ڪوٽڙي بندر تان ويندي هئي جتان چار ميل سامهون ڪڇ جو لکپت بندر هو. وچان ڪُهري هئي جنهن امن ٻيڙين ذريعي ماڻهو لکپت پهچندا هئا. ’ڪهري‘ لفظ جي نسبت پاڻي سان آهي. پر عام تلفظ ۾ ’ڪوري‘ ٿيندو. پڙهيلن پوءِ ان کي هميشه لاءِ ’ڪوري‘ ڪيو. ڪهري هڪ وڏي وڪري سامونڊي گهار يا نار آهي، جنهن ۾ وير چڙهڻ سان سمنڊ جو پاڻي ڀرجي ٿو ۽ پڻ هندستان جي نيڙ علائقي ۽ سنڌ جي سرحد سان لاڳو رڻ مان مينهن جو پاڻي ان ڪهري ۾ پوي ٿو. ڪوٽڙي ۽ ڪُهري واري ان واٽ کان الڳ ٻي ’رڻ واري واٽ‘ هئي جيڪا ڪڇ جي ڳوٺ لوڻيي وٽان رڻ ۾ لهي، رڻ جهاڳي ’ڪريم شاهي‘ وٽان ’راهموڪي‘ تي ايندي هئي. لوڻيو يا لُوڻو، راهموڪي بازار کان چوويهه ڪوهه ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي رڻ واري واٽ سان ڪڇ جو پهريون مهڙ وارو ٿاڻو هو. ’راهموڪي‘ يعني راهومن جي وسين (بستي) جنهن کي هن پوئين ويجهي دور ۾ ڪي پڙهيل غلطي وچان ’راهه مڪي‘ (مڪي جي راهه) سمجهڻ لڳا. راهموڪي واري واٽ گهڻي وقت تائين وهندي رهي. ان کان اڳ ٻي هڪ واٽ اڃا به اولهه طرفان الله بند ۽ سنڌڙي وٽان هئي. راهموڪي کان ڪريم شاهي نَوَ ڪوهه ڏکڻ ۽ ڪريم شاهي کان الله بند ٽي ڪوهه ڏکڻ هو ۽ سنڌڙي پنج ڪوهه کن اولهه طرف هئي. اڻويهين صدي ۾ ڌرتي ڌٻڻ سببان سنڌڙي شهر ڦٽي ويو ۽ هن وقت اهو ڦٽل شهر سامونڊي ڪُهري واري چاڙهه جي وچ ۾ آهي. سنڌڙي سنڌ جو شهر هو پر ايوب خان جي دور ۾ سنڌ ڪڇ سرحدي ورهاڱي واري ڪيس ۾ وڏي غفلت ٿي جنهن ڪري سنڌڙي سان گڏ ٻيو به سنڌ جو سرحدي علائقو هندستان کي مليو. راقم سان آدم مهراڻ پوٽي نهڙيي (پٽ عثمان پٽ ابراهيم پٽ حافظ صالح پٽ مَيَدُ پٽ راجن پٽ مَيدُ پٽ مبين پٽ بِلهادي- يعني عبدالهادي- پٽ ڇتو پٽ مهراڻ پٽ ٻڍو پٽ نهڙيو) خبر ڪئي ته سندس پڙ ڏاڏي حافظ صالح سنڌڙي ۾ جمعي نماز پڙهائي هئي. هو چوندو هو ته سنڌڙي کي ٻه ڪوٽ هئا؛ هڪ ٻاهران پٿرن جو ۽ ٻيو اندران سرن جو؛ شهر جريب کن جي پکيڙ ۾ هو ۽ ان اندر بازار جو رخ سر اولهه طرف هو.

آڳاٽو جڏهن سنڌوندي جو پراڻ وارو وهڪرو نئين ڪوٽ کان ڏکڻ تي ڍوري (يعني ڍوري ناري يا اڀرندي ناري) ۾ اچي ڇوڙ ڪندو هو ۽ ڍوري کي پاڻي سان ڀريندو هو، تڏهن ڍوري تي پتڻ هئا، ڍنڍون هيون ۽ مڇيءَ جون مياڻيون هيون. ان کان پوءِ ٻئي دور ۾، ساڱرو درياءَ ولاسيي مان وهي اچي شيخاڻي گهاڙي ۾ پوندو هو، جيڪا وڃي ڪُهري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. شيخاڻي گهاڙي، ساڱري درياءَ جي ڄڻ پوڇڙي هئي. ولاسِيو، بدين تعلقي جو اڀرنديون ڀاڱو آهي جنهن مان ساڱرو وهندو هو جو چيائون ته:

”ساڱري جي سير، وهي ولاسيي سامهين“

اهي درياءَ ڦِٽا ته به انهن جي ڍورن ۾ درياءَ جي اٿل ۽ مينهن جو پاڻي وهندو هو ۽ ملڪ آباد هو. اهو وسندڙ ملڪ ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائي ۾ وڌيڪ ڦٽو. احمد فقير کي واٽ جيڪو جواب ڏنو تنهن ۾ سال 1342هه (1923ع) جو اهڃاڻ ڏنل آهي. جنهن کان اڳ سنڌڙي ڦٽي وئي هئي ۽ پڻ ديهه ڪنڊڙي واري ايراضي غير آباد ٿي وئي. علي بندر کان هيٺ ڏکڻ طرف ڍوري تي ٽي وڏيون مياڻيون هيون: هڪ شَڪُور جي ڍنڍ تي، هڪ ڏنگ تي ۽ هڪ لالان تي. اهي ٽيئي مياڻيون به ڦٽي ويون. چون ٿا ته جڏهن ڌرتي ڌٻي هئي تڏهن ڪنڊڙي وٽ ڍوري مان پاڻي ٺڪاءَ ڏيئي نڪتو هو. احمد فقير سنڌ جي انهيءَ ڏاکڻي آباد ڀاڱي جي ڦٽڻ تي هيٺيان ڏکارا بيت پڻ چيا ته:

نڪا ڪُوڪ ڪنڊڙي تي، نڪا ڏنگ ڏڙي،

رهمڪي رڙي، موڪلايو مياڻ کان.

-

ڪنڊڙي مٿي ڪوڪ، هئي مهند ملاحن جي،

جت هئا مڇ ملُوڪ، ات سڏ نه سڄي ساٽيين.

-

گُگهنڙيءَ تي گوڙ، هئي مهند ملاحن جي،

جت هئي پاڻيءَ ٻوڙ، ات سڏ نه سُڄي ساٽيين.

-

گُگهنڙيءَ تي گاڄَ، هئي مهند ملاحن جي

ويا ويچارا ڪيڏهين سڀ سميٽي ساڄ

جتي رهيا راڄ، ات سڏ نه سڄي ساٽيين.

سنڌ جي هن ڏاکڻي سرحد جي انهن ماڳن کي ڏسڻ لاءِ راقم ان طرف گهڻا گهمرا ڪيا. آخري وڃڻ فيبروري 1992ع ۾ ٿيو جنهن ۾ ڳوٺ بهادر خان لُنڊ ۾ ڪچهري ٿي. اهو ڳوٺ شيخاڻي گهاڙي کان اڌ ميل اوڀر طرف آهي، جتان ڪڇ جو شهر لکپت فقط ڇٽيهه ميل ڏکڻ اولهه طرف آهي. اهو ڳوٺ وڏي بهادر خان ٻڌايو. ان جي اولاد مان حال حيات بهادر خان آهي. سندس عمر پنجهتر سال يا مٿي آهي پر جسماني توڙي ذهني طور هو جوان آهي. سندس ذهانت اها جو اڻ پڙهيل هوندي به پڙهيل آهي. خبرون ڏيندي اهڙا انگريزي لفظ آڻيندو ويندو جو ٻڌندڙ کي يقين ٿيندو ته هو انگريزي پڙهيل آهي. مون ٿورن لفظن ۾ کانئس سرحدي علائقي جي ڪا ڳالهه پڇي جنهن تي چيائين ته: ”ڪجهه رينج (range) ڏيوس، يعني ته ڪجهه وڌيڪ تفصيل ڏيو ته ڳالهه کي سمجهي.“ ڪن ٽاڻن اهڃاڻن ۽ ڪن هٿ آيل حوالن سان تصديق ٿئي ٿي ته هيءُ ملڪ ڪنهن وقت سائو ستابو هو. ’ولاسيو‘ جي معنيٰ ئي آهي ’ولين وارو سائو‘ ملڪ. لاکو ڦلاڻي به ڪنهن وقت ڪڇ مان گهُونيري وٽان ڪهري اڪري سنڌ ڏانهن ايندو ويندو هو. رسالي جو بيت آهي ته:

هني مٿان هٿڙا لاکو نه لاهي

گهنيريان گهيڙ ڪئو اُڀو ئي آهي

وڃئو سي ڪاهي، جي کيمي هيٺ کنگهار جي.

’کيمي هيٺ‘ يعني خيمي هيٺ. ٻي پڙهڻي ۾ آهي ته ”جيڪي کيڙي هيٺ کنگهار جي.“ گهُنيري لکپت جي اڀرنديين پاسي آهي. لاکو جي سنڌ طرف هوندو هو ته ڪُهري ٽپي، گهنيري وٽان وڃي ڪڇ جي ڪنڌيءَ تي چڙهندو هو. سنڌ طرف گهاڙيءَ واري ڀاڱي ۾ سندس اچ وڃ هئي. لاکو مُئو ۽ ڳچ وقت گهاڙي ڏانهن ڪونه آيو، تڏهن ڪنهن چيو ته:

لاکا لکين ڏينهن، گهاڙيءَ ري ڪيئن گهاريين

مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون،

هن ملڪ ۾ سانوڻ جي مينهن ۽ وڄڙين جي وس جو ذڪر ٻئي هڪ بيت ۾ به آهي ته:

اچي اَڇ اکتيون، ڪيائون پُر پُراڻ

وسي وڄڙين ڪاڻ، لاٿي ڪڇ وڻن تان.

اڄ هڪ ڍنڍ آهي جيڪا شڪور ڍنڍ جي الهندي طرف آهي. ويڪر ۾ شڪور کان وڏي آهي پر لانڍ ۾ ننڍي ’اچي اکتيون‘ معنيٰ ’اچي نڪتيون‘. جڏهن مينهيون وڏو پاڻي جهاڳي اچي ڪنڌي تي چڙهنديون ته چئبو ’ڀٽاريون فلاڻي هنڌان اچي اکتيون.‘ اڇ ڍنڍ کان ڍورو اڀرندان آهن. حقيقت ۾ (ناري ۽ پراڻ واري گڏيل) ڍوري ۾ پاڻي گهٽجڻ سببان هيءُ ملڪ ڦٽو:

ڪنڌيءَ اَڪَ ڦلاريا، ساونگيءَ سُڪو گاهه

مهراڻي وٽاءُ، رويو راڄ رضا گهري.

ساونگيءَ جو ڳوٺ ڍوري کان اوڀر-ڏکڻ طرف آهي.

مٿي ڏنل مولوي احمد واري پهرين بيت ۾ ’ڏنگ ڏڙي‘ جو ذڪر آهي. ان حوالي مان هيٺين چوڻي ڪجهه سمجهه ۾ آئي جنهن بابت اسان سالن کان وڏي پڇا پئي ڪئي. چوڻي آهي ته:

ڪان تان ڏنگ ڏڙو، ڪان تان ڪچو ڪڇ ۾.

ڀانئجي ٿو ته ڪنهن موقعي يا واقعي تي ڪنهن ائين چيو جنهن جون ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون. هڪ اها جو ڪنهن مسڪين مسافر ائين چيو ته: ’يا ته ڏنگ ڏڙي‘ جي مياڻ تي پهچندس، يا ته مون کي ڪُپو (گڏون) اڳئي ڪڇ ۾ آهي ۽ پيو پنندس کائيندس.“ ٻي معنيٰ شايد اها جو ”يا ته ’ڏنگ ڏڙي‘ تي يا ته ڪَڇ (ملڪ) ۾ ڪُپو هوندو.“ پر ڪُپو ڇا؟ ڪنهن سنواريي کي سمجهه ۾ اچي ته هوند اها چوڻي چٽ ٿئي: ڪان تان واري محاوري جي معنيٰ آهي ”يا تان.“ جملي ۾ اهو لازمي طور ٻه ڀيرا آڻبو، جيئن ته مٿين چوڻي ۾ آهي. هيءَ لاڙي ٻوليءَ جو هڪ انوکو محاورو آهي. هاڻي سڻ ته توکي سمجهايان ته ’شيخاڻي گهاڙي‘ کي ڇو انهيءَ نالي سان سڏيائون. اهو نالو ان تي درويش ’شيخ زڪريا‘ جي نالي تان پيو. سندس قبو سيراڻي کان پنج ميل کن پري آهي پر سندس ٻه خليفا گهاڙي تي رکيل آهن. هڪ شيخ زڪريو جيڪو ملتان جي ولي غوث بهاؤالدين زڪريا جي خاندان مان هو ۽ پڻ خليفو هو. انهيءَ جي معنيٰ ته سنڌ ۾ سهروردي غوثي طريقي جي آڳاٽي پلٽ پکيڙ بدين جي ان ڏاکڻي حد تائين پهتي. ٻيو شيخ نوريو جيڪو سيراڻي کان اولهه طرف مدفون آهي ۽ ڳاڙهي پوٽرا ملاح سندس مجاور آهن؛ بزرگ ميون جميل پراڻ کان اوڀر ولهاري (تعلقو ڏيپلو) ۾ مدفون آهي.

يوسف فقير لُنڊ، جنهن جو قبو شيخاڻي گهاڙي کان اتر طرف آهي، سو ميانوالي طريقي جو وڏي اثر وارو درويش هو. اصل ڪاڇي جي لنڊن بلوچن جي ڦيرواڻي پاڙي ما هو؛ گاجي شاهه گنج بخش جو خليفو هو ۽ اتي چڪي پيهندو هو. ڪڇ تي چڙهائي وقت ميان غلام شاهه يوسف فقير کي گهرايو ۽ پوءِ هو هتي ئي رهيو. سندس پيءُ موجن کي ٻه پٽ ٿيا ۽ ٻئي فقير ٿيا: هڪ يوسف فقير جيڪو سَتي جَتي ٿي رهيو ۽ ٻيو تڳيو فقير جنهن جو اولاد موجود آهي. جاڙو فقير لُنڊ، پاڙو شيرواڻي، جنهن جو مزار علي بندر کان اتر ۽ ڍوري جي اڀرنديين پاسي ’سوئي ڪوپري واري ڀٽ‘ جي چوٽيءَ تي آهي، سو يوسف فقير جي وقت ۾ هو، مٿس ميلو لڳي ٿو. موجن جي ڀاءُ بڊو جو پٽ به فقير ٿيو؛ اهو هو مِٺو فقير ڍير وارو، جيڪو سانگهڙ تعلقي ۾ مدفون آهي. مِٺي فقير جي اوڏڻ سان لئون لڳي ۽ اوڏن کي ڀتيون ٺهرائڻ لاءِ ڏنائين ته جيئن وٽس ويٺا هجن. نيٺ ڪم پورو ٿيو ته اوڏن چيو ته: سائين، ڀتيون ٺهي راس ٿيون هاڻي ليکو ڪر ته وڃون. تڏهن فقير چيو ته: اڃا ڪم گهڻو آهي. هاڻي هڪ شاهي ڍير ٺاهيو. آخر جڏهن هو به ٺهيو ته اوڏن سان ليکو ڪرڻو پيس ۽ هو لڏي ويا. پوءِ فقير پاڻهي پاڻ کي نصيحت ڪري سمجهايو ته:

مِٺا پنهنجي من کي، ڇيڪ ڇڏيئي ڇوڙي

پليئي نه پليت کي مد نئون موڙي.

اڃا اڀو ڙي، آهين غافل انهي گس تي.

-

اندر اڇو نه ڪيئي، اڇو ڪيئي اڳُ،

مِٺا! مداين مان رڳو ڪيئي رَڄُ

هاڻي ڪاهي ڪعبة الله ڏي ڀيٽ ڀلي جو حج

ڏي ٽپو پئو منجهه، ته پار اُڪاريئي پاتڻي.

-

اندر اڇونه ڪيئي، اڇو ڪيئن آهين

مِٺا! مداين ۾ سنئين ٿو ساهين.

ڪيڏانهن پيو ڪاهي، نڀاڳا تون نڪريو.

مٺو فقير وڏي ڳالهه ڳت وارو هو. ميان غلام شاهه وٽ سندس وڏو مان هو. سن 1182هه ۾ جڏهن ميان غلام شاهه حيدرآباد وارو پڪو قلعو جوڙائي را ڪيو، تڏهن مِٺي فقير کي سڏيائين ۽ ڏيکاريائين. فقير ڏسي چيو ته ”ميان سائين! ڪوٽ ته واهه جو جوڙايائي پر اُتون ڍڪ نهينس“ (ڪوٽ ته واهه جو ٺهرايو اٿئي پر مٿان ڇت ڪانهيس). فقير ڍڪ ۾ ڳالهائي ويو ته مٿان تقدير غالب آهي. ٿيو به ائين جو ميان غلام شاهه هتي ويهي حڪمراني نه ڪئي ۽ نڪو وري سندس اولاد ئي ڪئي.

موجن فقير جي اولاد مان ٻيو ناميارو ’نيڪ نظر علي‘ (پٽ گولو پٽ تڳيو پٽ موجن) ٿيو. ان وقت جي ڪنهن مشهور هاڻُو اچي مائي صاحبان ٽالپورياڻيءَ جو وڳ هنيو. مائي اسم الله جو وجهي نظر علي فقير وٽ واهر لاءِ ويئي، جنهن تي فقير واهر وٺي پويان پيو ۽ ڍوري تي لالان جي پتڻ وٽ وڃي هاڻن کي رسيا. مقابلو ٿيو جو هاڻو به واهر پلڻ لاءِ سامهان ٿيا. نظر علي سان گڏ واهر ۾ ڇتي خان جا پٽ هئا، جيڪي بهادريءَ سان وڙهيا. شاعر وسند خاصخيلي ان واقعي تي بيت چيا ته:

قلعي وير ڪوڏيا مانجهي مڙيا نه وير

داين لوڏيا دادلا، ماين لوڏيا مير

تني کي تقدير، ڪا توڙئون هئي ترار جي

-

لال چڙهيو لکيءَ تي، ساڳاهي سوار

گهوٽ گهاڙيءَ کان نڱيو ڪري قول قرار

جهڙا پُنري پار، تهڙا ننگ نظر علي اجاريا.

-

آيل لُنڊ لالان تي، بيٺا مور مرڪن

ڇتي خان ڇڳير اڳيان پٽ پرزا ٿيو پون

سِر ڏيو سرها ٿين، اسم مٿان الله جي.

-

چارئي لُنڊ چڙهي پيا، ڇهه ئي ڏين ڇال

ستين چانڊيي سرسي ڪئي جنهن نه ڇوڙي ڍال

وڃڻ ساڻ وسند چئي ٿيا نرنهال

ڏس ڀلي جا ڀال، جو گهوٽ کٽي گهر آئيا.

اجيج (عزيز) فقير لُنڊ جا نَو پٽ هئا، جيڪي وڏا پهلوان هئا. انهن ڀائرن مان شاهو شهيد ٿيو.

اڙن ويل الهيار هو، ٻيو شاهو وڏي شان،

شاهو سيئي پاڙيا پڙ ۾ پاکر ساڻ

ڪڏائي ڪيڪاڻ، شاهو شير شهيد ٿيو.

انهيءَ مقابلي ۾ رڳو هڪ لؤنگ لُنڊ ڀڳو جنهن کي شاعر وسند خاصخيلي هيٺئين بيت ۾ سٺيو ته:

لؤنگ لڳئي لت، جو ڇڏيئي نيڪ نظر علي کي

ڀڄڻ جي ڀاڙيا تو ڪٿان پرائي گت

مرد مئا، جڳ سئا، سونهي سڀ سُمت،

ڪانئر ڄائي ڪين ٿئي اوڙِ پاڙ اپت،

شايد ماءُ ڏنئي مت ڪا لولي ڪانه لڙڻ جي!

سنڌ جي راڄن ڀاڳن جي لڳ لاڳاپن ۾ وڏي ڳڻ ڳوت هئي. مڙسن توڙي زالن جا لڇڻ ۽ ارڪان ڳڻبا هئا. لڇڻن ارڪانن ۾ گسڻ عيب هو. سياڻا اهڙي عيب کي سٺيندا هئا يعني ڪُواريندا هئا، يعني ننديندا هئا. سِٺِ، ڪُوار ۽ نند ٽيئي ساڳي ڳالهه ۽ ٽنهي جي معنيٰ ساڳي. مقابلي جي ميدان ۾ ڀڄڻ وڏو عيب هو؛ لؤنگ ڀڳو جنهن تي شاعر وسند کيس سِٺيو يا ڪُواريو. پر لُنڊن سان گڏ چانڊيو ميدان ۾ مڙس ٿي بيٺو جنهن کي ساراهيائين. اهو هو دلو چانڊيو جيڪو جهانجهلي جي چانڊين مان هو. انهن مان جمعو خان وڏي حيثيت وارو هو ۽ پوءِ جهان خان ٿيو جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو امين هو ۽ هر ستايل جو انصاف سان فيصلو ڪندو هو. پر اتفاق سان هڪ فيصلو اهڙو ٿيو جو ستايل کي انصاف پلئه نه پيو. جڏهن دانهون ڪيائين ته چيائونس ته وڃ جهان خان وٽ! چيئين ته: ”ڪٿي جهان خان آهي.“ اهو پوءِ پهاڪو ٿي ويو. جهان خان جي عام خاص ۾ وڏي عزت هئي ۽ جهان خان جهانجهلي جو مير سڏبو هو. جهانجهلي ديهه تعلقي بدين ۾ ڪڍڻ سان لاڳو اوڀر طرف آهي.

بدين وارن ڀاڱن جي آبادي ڪنهن وقت پراڻ جي پاڻي تي هئي ۽ پوءِ ان کان الهندي طرف ساڱري تي ٿي، ان کان الهندي پاسي ڏانهن آبادي ريڻ جي پاڻي تي هئي. نائين کان يارهين صدي هجري (15 کان 17 صدي عيسوي) وارو سمو هو جو ريڻ ۽ ساڱريو ٻئي درياءَ جا وڏا ڦاٽ هئا، يعني وڏا دريائي گهارا هئا جيڪي ڪافي وقت درياءَ جا وڏا وهڪرا ٿي وُڙها. تاريخن  ريڻ کي ’ريڻ بارگاهه‘ يعني ’شاهي ريڻ‘ ڪري لکيو ويو آهي. ساڱري لاءِ يارهين صدي جي آخر ۾ ميين شاهه عنات چيو ته:

سَرُ سُڀَرُ ساڱرو، جنهن جي لهر سڀڪا لال

مٿان اتر طرفان ويندي ٽنڊي غلام علي تائين ساڱري ۽ ريڻ جا وهڪرا جدا جدا هئا، پر هيٺ انهن مان نڪتل واهن جا پاڻي گڏبا هئا. ساڱري کي پوءِ ’ساڱرو نيرو‘ به سڏيائون: ’نيرو‘ يعني ننڍو وهڪرو. اهو نيرو ڍورو هو، جيڪو ساڱري جي ڇاڙهه هو ۽ تلهار وٽان ٽنڊي باگي تعلقي مان وهندو هو. نيري ڍوري جي نسبت سان ’نيري وارا جمالي‘ سڏجن، جيڪي ڳوٺ ڏاتو خان جمالي ۾ رهن. ڏاتو خان ٽالپورن جي دور ۾ فوجي جرنيل هو، جنهن تي پڻ ڪڇ-سنڌ سرحد سنڀالڻ جي ذميواري هئي. پراڻ ڍوري تي ڏاتي جي نالي سان ’ڏاتي جو پتڻ‘ مشهور آهي. ڏاتي جو قبو، کوسڪي کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف آنهيري (جي جوءِ) ۾ آهي.

ان وقت ’ريڻ‘ وڏو وهڪرو هئي. ريڻ جي الهنديين پاسي مانڌر هئي ۽ اڀرنديين پاسي ولاسيو، جنهن جي وچان ساڱري درياءَ جي سِير هئي. ٻهڊمي جو شهر ساڱري جي اڀرنديين ڪپ تي هو ۽ پڻ مَل مياڻي، ڪڍڻ ۽ هبي، ان وچ واري پرڳڻي کي ساڱرو پاڻي ڏيندو هو. ساڱري کان الهندي ’ريڻ‘ جي آبادي هئي. روپاهه، داسڙاهه، مرکان، مانجهي، واڱر پير (يا وانر پير) ڪرهيو ڀانڊاري ۽ حاجي بدرالدين ريڻ جي اڀرندين ڪنڌي جا شهر هئا ۽ ريڻ تي آباد رهيا. جڏهن مٿان درياءَ جو وهڪرو ڦريو ۽ ريڻ ڦاٽ جي بدران گوني ڦاٽ ٿيو، تڏهن روپاهه ۽ داسڙاهه آخري طور ڦٽا. ريڻ ڦاٽ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ سيراڻي کان هو.

پراڻ درياءَ جي پاڻي کان پوءِ بدين واري سڄي ملڪ کي ريڻ ۽ ساڱري جي پاڻي آباد ڪيو: تڏهن درويش شهاب الدين جي اتي اچي ويهڻ سان بدين جو شهر آباد ٿيو. شال جيئين! ڄاڻ ته بعضي عوام جي ٻوليءَ سان ماڳن مڪانن تي نالا پوندا آهن. هڪ روايت موجب شاهه قادري جنهن جي بدين ۾ درگاهه آهي، تنهن جو نالو شهاب الدين هو ۽ سندس رهڻ واري ماڳ کي به ’شهاب الدين‘ سڏيو ويو؛ پر جيئن ته عوام لاءِ اهو نالو ڳالهائڻ ۾ ڳرو هو انهيءَ ڪري عوامي زبان ۾ ’شاهه بدين‘ سڏيو ويو، جيڪو وقت گذرڻ سان باقي وڃي ’بدين‘ بچيو. ٻيءَ روايت موجب ڪو درويش شهاب الدين اتي جو هو جنهن جو مقام موجوده بدين شهر کان ميل ڏيڍ اتر اولهه طرف آهي. اڃا تائين شهر کان ٻاهر اِهو ’شاهه بدين جو مقام‘ سڏجي ٿو. شاهه عبداللطيف جو وڏو ڏاڏو ۽ ميين شاهه ڪريم جو والد لعل محمد شاهه عرف شاهه لَلُو به انهيءَ مقام ۾ مدفون آهي. ڪن جي چوڻ موجب شهاب الدين قريشي پير هو ۽ ملتان جي غوث بهاؤالدين زڪريا رح جي اولاد مان هو. هن وقت ’شهاب الدين جي مقام‘ کان اتر طرف قريشي پيرن جو وسندڙ ڳوٺ آهي.

مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته ڪنهن وقت شيخاڻي گهاڙي واري ڀاڱي کان وٺي جاڙي فقير واري قبي تائين لُنڊ قبيلي جي آبادي هئي. لُنڊن، چانڊين ۽ جمالين، ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي دور ۾ ڪڇ سان لاڳو سنڌ جي هن ڏاکڻي سرحد کي سنڀاليو. بدين جي وچئين ۽ اترئين ڀاڱي ۾ جيڪي قبيلا آباد رهيا تن مان مکيه ٻه هئا: ريڻ جي اولهه طرف منڌرا چاچڪان ۾ ۽ اوڀر طرف نوتيار ولاسيي ۾. چاچڪان ۽ ولاسيي جي وچان ريڻ درياءَ دنگ هو؛ اڀرندي طرف ولاسيو ۽ اولهه طرف چاچڪان هو. چاچڪان جو مرڪز بدين هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ ”چاچڪان سرڪار“ هڪ انتظامي پرڳڻو هو. ان تي اهو نالو نوتيارن جي نک چاچڪ جي ڪري پيو. ان مان ڀانئجي ٿو ته چاچڪان کي پهريائين نوتيارن آباد ڪيو. سومرن کان پوءِ هن ملڪ ۾ نوتيارين جي مقامي رياست هئي ۽ اتان نوتيار لکپت ۽ اڳتي ڪڇ طرف به ويا. ڪلهوڙن جي دور ۾ هتان جي ڪن مک مقامي قبيلن جهڙوڪ جتن، منڌرن، نوتيارن ۽ دلن تي چڙهايون ڪري انهن کي هيسائي هيڻو ڪيو ويو، جنهن ڪري گهڻا نوتيار ڪڇ طرف لڏي ويا ۽ پوءِ جڏهن ڪلهوڙن ڪڇ تي ڪاهيو تڏهن نوتيار ۽ جت قبيلا راجا جي طرف ٿيا. ٽالپورن جي دور ۾ انهن قبيلن جي دلجوئي ٿي. سندن راڄن کي مانائتو ڪيو ويو، جنهن ڪري هو هميشه لاءِ سنڌ جي حڪومت جا خيرخواهه ٿي ويا. ان پاليسي مطابق مراد خان لاشاري کي موڪليو ويو ۽ هو ڪڇ مان نوتيارن کي دوستيءَ جي ناتي سان وٺي آيو، جن مان گهڻا ڏيپلي واري ڀاڱي ۾ اچي آباد ٿيا. مراد خان لاشاري ويٺل ولهاري جو (تعلقو ڏيپلو، جتي اولياء ميون جميل آهي) هو جتي سندن نالي سان ’ديهه مراد‘ يادگار آهي. نوتيارن جي هڪ نک ’توريا‘ آهي، جنهن مان سنهڙو نوتيار مشهور ٿيو؛ جنهن سنهڙو واهه کڻايو ۽ جنهن جي طاقت جو مرڪز علي بدر هو. علي بندر تي اهو نالو علي نوتيار جي نالي سان پيو. ٽالپرن جي آخري دور ۾ سنڌ جي سامهون ڪڇ جي لکپت واري علائقي ۾ آباد نوتيارن مان ناميارو اڳواڻ جمعدار فتح محمد هو جيڪو پڻ ’ٿوريا‘ نُک مان هو. جمعدار فتح محمد کي سنڌ مان ٽالپور حڪمرانن جي وري پٺڀرائي هئي ۽ هو اتي ايترو طاقتور ٿيو جو شايد ٿوري وقت ۾ ڪڇ تي سندس حڪومت قائم ٿي وڃي ها؛ پر ان وقت انگريزن ڪڇ ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٽالپورن جي زوال سان گڏ فتح محمد به انگريزن جي طاقت جو شڪار ٿي ويو. لکپت شهر لڳ ڏکڻ اوڀر طرف جمعدار فتح محمد جو قبو هن تاريخي شخصيت جو يادرگار آهي، سنهڙي نوتيار کي راهومن ڪانجي ڪوٽ ۾ گهيرو ڪري ماريو ۽ نوتيارن جي طاقت گهٽجي وئي.

ميان غلام شاهه جڏهن چڙهايون ڪري انهن قبيلن کي هيسائي هيڻو پئي ڪيو، تڏهن منڌرن مان راڌڻ ۽ تاجن ٻئي مشهور اڳواڻ هئا. راڌڻ جو مرڪزي ماڳ ’مالهين جو دڙو‘ هو جيڪو سيراڻي کان ڇهه ميل کن اتر اوڀر طرف آهي. تاجن جو مرڪز ڳٺو هو، جيڪو تاجهيري واري علائقي ۾ هو، اتي سندس تاجن ڪوٽ هو جيڪو سيراڻي کان پنج ميل کن اولهه طرف آهي. تاجن منڌرو اهڙو ته ارڏو ۽ اڙٻنگ ساماڻو جو چڙهي چوڌاري هلائون پيو ڪري! رڳو پاڻ تي نظر هئس باقي ٻئي ڪنهن تي مڇ ئي نه پيو ڇنڊي:

تاجن تاجهيريءَ جو، ڳٺو سندس ڳوٺ

چڙهي چوڌاري پوي مور نه کائي موٽ

جو ڪؤنرسر پريان ڪوٽ، ان تي مڇ نه ڇنڊي منڌرو.

هن وقت تاجهيري ديهه آهي ۽ بدين کان ڏکڻ اولهه طرف آهي. ڪؤنرسر جو ڪوٽ، روپاهه ماڙي لڳ اتر طرف هو. شايد اتي ميان غلام شاهه جي طرفان ڪو حاڪم رهندو هو، پر تاجن منڌري ميان غلام شاهه جي به ڪاڻ نه ڪڍي، جنهن ڪري اها چوڻي مشهور ٿي ته:

تاجن مٿان تاج، مڇ نه ڇنڊي منڌرو.

يعني تخت تاج (واري حاڪم) جي مٿان به تاجن منڌرو مڇ ئي نه پيو ڇنڊي، ٻئي ڪنهن سياڻي چيو ته:

سر سُڪو، پٻڻ سائي، تاجن ڏني تانگهه

جان سين ڌرتيءَ مٿي ٻانگ، تان سين مور نه مڙي منڌرو.

تاجن پنهنجي تنديءَ ۾ نه مڙيو ۽ ميان غلام شاهه سان مهاڏو اٽڪايائين، تان جو ڪانجي ڪوٽ واري جنگ ۾ ميان غلام شاهه جي لشڪر هٿان تاجن مارجي ويو.

تاجن جي طاقت جڏهن اوج تي هئي تڏهن سندس ڳوٺ ڳٺي ۾ توڙي چوڌاري ڪک پن به سندس رضا کان سواءِ چُري نٿي سگهيو. مجال آهي جو سندس موڪل کانسواءِ ڪو پرڻجي ۽ ڪنهن جي شادي ٿئي! ڳٺي ۾ هڪ غريب گهر ۾ پرمان ڇوڪري سامائي جيڪا جيئن پئي وڌي ٿي تيئن پئي سونهن ۾ سرس ٿي. هن جي حسن جي هاڪ هلي وئي ۽ سڀڪو پيو پرمان پرمان ڪري! تڏهن پهاڪو هليو ته:

”پرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳٺي جا وڻ ڏسندين“

پرمان جو پيءُ غريب هو، پر پنهنجي ڳالهه ڳت وارو هو، سو جڏهن تاجن ٻاهر ويل هو تڏهن هن پرمان پرڻائي ڇڏي. چوڌاري ڳالهه هُلي وئي ته پرمان پرڻجي وئي! چيائون ته نکيٽي ڪيئن ٿيندي ۽ پرمان کي ڳوٺ مان وٺي ڪيئن ويندا، جو تاجن جي موڪل کان سواءِ پرمان جي شادي ٿي آهي! اهو پوءِ پهاڪو ٿي ويو ته ”پرمان ڀلي پرڻي، پر جڏهن ڳٺي جا وڻ اڪري‘ يعني ڳٺي ڍوري جا وڻ، ڳٺو ڍورو، تاجهري کان الهندي آهي.

اي سڄاڻ! سمجهه ته بدين واري ڀاڱي ۾ ’نوتَ‘ ۽ ’مانڌر‘ سنڌ جي نسب نامن جي لغات وارا نالا آهن. آڳاٽو ڪنهن وقت ريڻ کان اوڀر ولاسيي ۾ نوتيارين جي گهاٽي آبادي هئي، جنهن کي ’نوت‘ سڏيائون ۽ اهو نالو، جيئن مٿي بيان ٿيو، نوتيارن جي نُک ’چاچڪ‘ جي نالي پويان پيو. ’چاچڪان‘ نالي جي سٽاءُ فارسي ۾ جمع واري ترڪيب مطابق آهي.

سنڌ جي نسب نامن جي اصطلاح ۾ ’نوت‘ معنيٰ اها ايراضي، جنهن ۾ نوتيار گهڻا گهاٽا هجن. اهڙيءَ طرح ’بوف‘ اها ڀيڻي جنهن ۾ برفت گهڻا گهاٽا هجن. اها ترڪيب ’او‘ جي موڙ سان آهي. جاتي يعني جتن جو ملڪ ۽ ساهتي يعني سهتن جو ملڪ: اها ترڪيب ’اِي‘ جي موڙ سان آهي، ’ابڙا، (ابڙن واري ايراضي) فارسي ۾ آن وازي موڙ سان آهي. اهڙي طرح ٻين ترڪيبن ۾ ٻيا موڙ آهن. جيئن ته ’سماٽ‘ يعني اهو علائقو جنهن ۾ ’سمن‘ جي گهاٽائي هجي، يا ’لاکاٽ‘ يعني اهو علائقو جنهن ۾ ’لاکن‘ جي گهڻائي هجي. سمن جي نسبت سان ڪنهن وقت سمن واري ايراضيءَ کي ’سماواتي‘ پڻ سڏيو ويو ۽ سمن واري بستي کي ’ساموئي‘ سڏيو ويو.

پر اي سڄاڻ! تون جاڻ ته نوتيار نالو ’نوت‘ ۽ ’يار‘ جي جوڙ سان ٺهيو، جنهن ۾ فارسي جو لفظ ’يار‘ شامل آهي؛ اهڙيءَ طرح ’لاکيار‘ نالو ’لاکي ۽ ’يار‘ جي جوڙ سان ٺهيو. نسبي نالن ۾ آڳاٽو فارسي عنصر شامل آهن. تون ائين سنڌ جي مردن ۽ ماين جي نالن تي غور ڪندين ته گهڻو ڪجهه سمجهي سگهندين. هن وقت نوتيار رڳو واسيي ۾ ناهن پر ان کان ٻاهر توڻ ۽ ٻيلائي ۾ آهن، ۽ پڻ ڏيپلي تعلقي ۾ مهراڻي، سمو دڙو، گجي واري، تلو، ڀانار، ڪهلڙي، لَهَرِ، ٻيلو ۽ سهائي ڳوٺن ۾ رهن ٿا. اڳ جڏهن نوت ’نوت‘ هئي تڏهن ’کُري ڪوٽ‘ نوتيارن جي قبائلي طاقت جو مرڪز هو. چون ٿا ته ان تي ’کُهري ڪوٽ‘ نالو انهيءَ ڪري پيو جو اتي ’کُري‘ اڳاڙيندا هئا: کُري معنيٰ کُر جو محصول، يعني هر ڍور تي محصول ٻڌل هو. کُري ڪوٽ، ڪڍڻ کان ٻه ميل کن ڏکڻ اوڀر تي آهي ۽ اتي ڪوٽ جا نشان آهن. هن وقت اتي ارباب خير محمد رهي ٿو. چاچڪ، توريا، ڦاڙها، ساڳر، ڪُنَ پاريا، ٻيلائي، کُڙيا ۽ صوفي نوتيارن جا مکيه ڪڙم آهن. انهن کان سواءِ ناهيان، آلواڻي، فيل، وڪيا، ٻاگهل، نوراڻي، موڪيا به نوتيارن ۾ ڳڻجن.

چون ٿا ته نوتيارن جي ’ڦاڙها‘ پاڙي جي ارباب ٻاهران ڪنهن چڱي گهراڻي مان شادي ڪئي. ان سهاڳڻ جو نالو هَبي هو ۽ هوءَ وڏي عبادت گذار ۽ پرهيزگار هئي، ايترو جو پرڻجڻ کان اڳ به جڏهن هوءَ ڪنهن مائيءَ کي هٿ ڏيندي هئي ته ڪپڙي ۾ ويڙهي ڏيندي هئي. پرڻجڻ کان پوءِ به هن پنهنجو اهو دستور قائم رکيو، جنهن تي نوتيارين ماين اها پنهنجي گهٽتائي سمجهي ۽ سهاڳڻ هبي کي ڪڍائڻ جا سانباها ڪيائون. آخرڪار ارباب تي ايترو زور آندائون جو هن سهاڳڻ کي ڏهاڳڻ ڪيو. مائي هبي وڏي حوصلي واري هئي، سا مائٽن ڪانه وئي پر پنهنجو جدا ڳوٺ ٻڌي، ماڙي ٺهرائي رهڻ لڳي. اتي وڏي سخا ڪيائين ۽ سندس نالو مشهرو ٿيو. جڏهن وفات ڪيائين تڏهن سو وصيت ڪيائين ته ’مون کي پنهنجي مائٽاڻي مقام ۾ دفن ڪجو‘ . مائي هبي وارو ماڳ هاڻي ”هبي جا دڙا“ سڏجي، جن جا نشان ٻهڊمي کان اتر طرف موجود آهن.

منڌرن جو ملڪ مانڌر، بدين تعلقي جي الهنديين ڀاڱي ۾ آهي ۽ ان جو مرڪز سيراڻي آهي، جتي هن وقت ارباب رسول بخش رهي ٿو. عام روايت موجب منڌرن جون سترهن اوڙڪون آهن، جن مان مالهيا اوڙڪ مان راڌڻ هو ۽ مرکيا اوڙڪ مان تاجن ٿيو. انهن کان سواءِ ٻيا وڍڙيا، ٽڪورا، ٻڍاڻي، ويڌاڻي، لالاڻي، موسيٰ پوٽا، جوڻي پوٽا، آري پوٽا، عيسباڻي، ڇٽاڻي، ڪُڙم، ڪاهياڻي، ڇڇر ۽ راڄڙ، پر راقم کي ستر سال کن اڳ جو لکيل هڪ پنو هٿ آيو، جنهن ۾ سڀني منڌرن جو وڏو ڏاڏو مٺا خان لکيل هو. اها ڳالهه غور طلب آهي ڇو جو نسب نامن ۾ مٺا خان نالو ايترو آڳاٽو ڪونهي. پراڻي پني تي هن لکيي مطابق مناهين رائڌاڻي جي اولاد مان مٺا خان ٿيو ۽منڌرن جا سڀ ڪڙم سندس پنجن پٽن جو اولاد آهن: مٺا خان جو پٽ مرکيو، جنهن جو اولاد ست ڪڙم: مرکيا، وڍڙيا، ڪڙم، پلي، راڄڙ، مکرکيا ۽ موساڻي؛ (2) مٺا خان جو ٻيو پٽ بڊو جنهن جو اولاد اٺ ڪڙم: چونريا، مالهيا، جنهان، ڪنريا، ڀچڪ، ماريا، جکرا ۽ آري پوٽا؛ (3) ٽيون پٽ صاحب جنهن جا ٽي پٽ: لاکو، ابراهيم ۽ راڄو. لاکي جو پٽ جماريو، جنهن جو اولاد هڪ ڪڙم، جماراڻو يا جماريا ابراهيم جو اولاد ٽي ڪڙم: ماهيڙ، جوڻاڻي ۽ راڄڙ. راڄو جو اولاد چار ڪڙم: موساڻي، عبداڻي، دوداڻي، ٻڍاڻي؛ (4) مٺا خان جو چوٿون پٽ شادي، جنهن جو پٽ فضل علي، جنهن جو اولاد ٽي ڪڙم: شادي، ڌيراڻي، مڱراڻي؛ (5) پنجون پٽ فضل علي، جنهن جو اولاد فضلاڻي (هڪ ڪڙم).

شال جيئن! سوچ ته اڳ سنڌ ۾ جدا جداد قبيلن ڪيئن هڪ ٻئي جا نالا کنيا ۽ پاڻ ۾ سماجي ڀائيچاري پيدا ڪئي. لُنڊن ۾ مِٺي فقير ڍير واري جي والد جو نالو بڊو هو ۽ پڻ منڌرن ۾ مٺا خان جي پٽ جو نالو بڊو هو. اهو نالو شايد بڊي مهيني جي نالي تان پيو. ان جي ڀيٽ ۾ ’نوت‘ نالي جي وڏي تاريخ آهي. اصل ۾ اهو نالو بلوچن جي نسب نامي جو هو ۽ صديون اڳ جتن بلوچن اهو نالو جاتي ۽ بدين طرف آندو. سسئي پنهون جي ڳالهه ۾ هوت ۽ نوت يا هوتو ۽ نوتو ٻئي پنهون جي ڀائرن جا نالا آهن. نوت (پٽ عالي پٽ عمر پٽ بجار پٽ هوت) جي اولاد مان وري نوت (ٻيو) ساماڻو جيڪو رياست جو مالڪ ٿيو ۽ ’مَلَڪ‘ سڏجڻ ۾ آيو. ان جي اولاد مان سنڌ جا ڪَرمَتي مَلَڪ ٿيا جن جي هڱور ندي کان وٺي حب ۽ ملير تائين ۽ اتان ساڪري تائين پنهنجي رياست هئي. اها رياست 15 کان 18 صدي جي اڌ تائين قائم رهي. ڪرمتي ملڪن جي ملير رياست تي ميان غلام شاهه جي دور ۾ زوال آيو. اها ڳالهه اڳتي هلي تفصيل سان بيان ڪنداسون، پر هلندڙ ڳالهه هئي ’نوت‘ جي نالي جي، جيڪو ڪرمتين ۽ نوتيارن جي نسب نامن ۾ آيل آهي. ميرپور ساڪري جي ڪرمتين ۾ اهو نالو هلندو آيو آهي ۽ سؤ کن سال اڳ انهن مان نوت نالي وڏو سگهڙ شاعر ٿيو. جنهن چيو ته:

عاقل بي عقل پاڻ ۾ سنگت ڪين سُونهن

هو گهڻو ڪندو ڳالهه کي توري تخمينن

هن جون اڇلون اهڙيون جهڙيون کڙواکونسون ڪن

ٽوه هنداڻي پاڻ ۾ ڪين مٽيا ملوڪن

آمُو ليمو پاڻ ۾ ڪينَ ويچيا واپارين

کنڊ ۽ لوڻ گڏ ڪي هليا منجهه هٽن!

سالڪ ٿا سمجهن، انهيءَ نُڪتي کي نوت چئي.

هو ڳهڻو، يعني عاقل، جيڪو ڳالهه کي توري تڪي بيان ڪندو؛ هن جون اڇلون، يعني ان بي عقل جون اجاين گفتن واريون هڪلون: کڙوا يعني کڙهه وارا، سگها ۽ زوراور.

پر ڄاڻ ته بدين واري علائقي ۾ گهڻائي ڪي قبيلا ۽ راڄ آهن، جن گهڻي وقت کان وٺي بدين کي شادآباد ڪيو آهي. بدين جو وڏو ولي شاهه قادري جيلاني ٿيو، جنهن پنهنجي تبليغ ۽ تربيت سان عوام جي اخلاق کي سنواريو. بدين جي جيلاني پيرن ۽ ڪڇ ۾ لکپت جي جيلاني پيرن سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ صلح ۽ امن جا ناتا وڌايا. بدين جي پرڳڻي ۾ ٻيا به ڪيئي فقير ۽ درويش ستل آهن. انهن مان جيڪي ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي دور ۾ ٿي گذريا تن مان هيبت فقير جمالي وڏي نالي وارو هو. سندس مزار ڳوٺ هيبت فقير جمالي (نندي شهر کان پنج ميل ڏکڻ اوڀر، ديهه ڪنڀارڙو، تعلقو بدين) ۾ آهي. چون ٿا ته کيس ’ميان‘ وٽان وَٽَ ميل هئي: انهيءَ ڪري ميانوالي طريقي وارا به صدا ۾ سندس نالو آڻيندا ته:

’هيبت فقير حضوري! ڪر مراد پوري.‘

بيتن جي مشهور شاعر سانوڻ خاصخيلي پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته اسين هيبت فقير کي مراد پوري ڪرڻ لاءِ سڏ ڪنداسون، جنهن جي هر هنڌ هاڪ آهي.

’اسين هڪل ڪنداسون هيبت فقير کي جنهن جو ڏيهن ۾ ڏهڪاءُ‘

شادي فقير جمالي جنهن جي تربت هيبت فقير جي مزار کي ويجهي آهي ۽ جيڪو سندس وڏو فقير هو، تنهن هيبت فقير جي شان ۾ هڪ وڏي صدا چئي، جنهن جون ڪي صاف معنيٰ واريون سٽون هي ته:

اورون سج، تي پرون غبارا،

تنهن دي پرون تيڏا اوتارا

سير ڪيتوئي، سمونڊ سارا

وچ انجار افضل نام تمهارا

-

هيبت سيتي ڪمي نه ڪائي

تون ئي شير تي تون قطبائي

تون ئي روشن، تون روشنائي،

جيوين واسو مينهن وسي وسڪارا

-

نسبت نال ڪبيري لوئي

ڪل مشڪل آسان هوئي

مٿئين پهرئين بند مان اظهار آهي ته هيبت فقير جو نه فقط بدين ۽ لاڙ ۾ نالو هو پر ڪڇ ۽ اڃا به اڳتي انجار تائين سندس وڏي مڃوتي هئي. شادي فقير جي اها صدا راقم ڪڍڻ شهر ۾ الياس فقير جمالي کان ٻڌي جيڪو ملوڪ فقير جمالي جي اولاد مان آهي. ملوڪ فقير کي به هيبت فقير جي دعا هئي. ملوڪ فقير جي مريدن مان نيباهو فقير لغاري هو جيڪو ميرن جي ڏينهن ۾ فوجي جرنيل هو. سندس قبو ڪڍڻ شهر کان ڇهه ميل اوڀر ديهه مٺي نمبر-3 ۾ آهي. هي سڀ ميانوالي طريقي جا فقير هئا، يعني ته ’ميان‘ جا مريد هئا، جيڪو ڪلهوڙن گادي نشينن جو موروثي لقب هو ۽ ميان آدم شاهه کان وٺي پئي هلندو آيو. پر ميانوالي طريقي جا فقير سچا الله لوڪ فقير هئا ۽ رڳو حاڪمن جا پوئلڳ نه هئا. جڏهن ميان سرفراز جي دور کان وٺي ميان صاحبن پنهنجن خيرخواهن مريدن ۽ درٻار جي اميرن کي مارائڻ شروع ڪيو، تڏهن سڄي ملڪ جا فقير ۽ درويش ڪلهوڙن جي خلاف اٿي کڙا ٿيا. لاڙ جي روايتن ۾ ائين مشهور آهي ته انهيءَ مخالفت ۾ جن اڳواڻي ڪئي تن ۾ مٺو فقير ڍير وارو، هيبت فقير جمالي ۽ فقير عبدالرحيم گرهوڙي اڳواڻ هئا. حقيقت ۾ قتل واريون ڪارروايون ’ليکي‘ درٻارين جي سازشن سببان ٿيو. پويان ميان حڪمران جيڪي هيڻا ۽ پرمتڙيا هئا سي سازشن کي سمجهي نه سگهيا. چون ٿا ته هيبت فقير، مِٺو فقير ڍيرو وارو ۽ ٻيا ميانوال فقير ۽ پڻ فقير عبدالرحيم گرهوڙي گڏجي تاجي ليکي وٽ ويا ته کيس وڃي تنبيهه ڪن. تاجي طعنو هنيو ته اوهان ميان جا فقير ٿي ڪري به ٽالپورن جي حمايت ۾ آيا آهيو. ائين چئي، جن گاديلن تي فقير ويٺا هئا سي ڇڪي ڪڍايائين، انهيءَ تي فقير رنج ٿي اٿيا ۽ بددعائون ڏنائون. ان وقت سڀني مِٺي ڏانهن نهاريو جنهن جي زبان مان هي فقرا نڪتا ته:

کــــــــاهــــه، لــــڳــــئــــــي بـــــاهــــه

لـــيــــکي لـــيــــکـــي وچِــــون لاهــــه

ٽالپور ڏانٽا، ڪلهوڙا گاهه

هيل ڪروس ڍڳ ته مِٺا ڏيوس باهه

ٻين روايتن موجب پويون فقرو فقير عبدالرحيم گرهوڙي ڏانهن منسوب آهي. ’کاهه‘ دادو ضلعي ۾ ليکين جو خاص ماڳ مرڪز هو. ’راڄو ڳنڍو‘ جيڪو راڄي ليکي جو ٻڌايل هو سو به اتي هڪ مشهور ماڳ آهي.

بدين جي علائقي ۾ ڪي وڏا سخي به ساماڻا جن ۾ ٻه نامور هيون- مائي ڳوري جمالڻ ۽ مائي آست گهانگهري. مائي آست (ڳوٺ سنهي گوني لڳ) پوئين انگريزن واري دور ۾ ٿي ۽ مائي ڳوري اڳ ٿي گذري. پوئين ويجهي دور ۾ ڪثيرو خاصخيلي سخي ٿيو، جنهن مسافرن کي ماني کارائي ۽ مهمانن کي مان ڏنو. ’ڪثيرو‘ معنيٰ وڌيڪ ڪثر وارو يا ’واڌو‘ جيڪو پڻ چڱي سڀ وارو نالو آهي. بدين کان چار ميل ڏکڻ تي، سيراڻي ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪثيري جو ڳوٺ هو. هُو رات جو سمهڻ وقت به ديڳڙو ڀَت جو وڌيڪ رڌائي سيرانديءَ کان رکي ڇڏيندو هو ته من ڪو ڪُمَهلو مهمان اچي کائي. اڃا وڌيڪ هن ويجهي دور ۾ قابل جوکيي وڏي دل سان ماني کارائي. بدين شهر کان ڏکڻ طرف سندس ڳوٺ آهي. ڊسمبر 1989ع تائين پنجانوي ورهين جي عمر ۾ اڃا حال حيات هو.

مائي ڳوري سڀ کان اول سخا ۾ نالو ڪڍيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي گذري. هو محمد خان جمالي جي گهر واري هئي جيڪو پاڻ وڏو سخي هو پر سندس وفات کان پوءِ مائي ڳوري اڃا اڳتي وک وڌائي ۽ آئي وئي کي ماني کارايائين. ٿر مان، علي بندر ۽ ڪڍڻ کان جيڪي ماڻهو بدين ايندا هئا سي مائي ڳوري جا مهمان ٿيندا هئا. بس ملڪ ۾ نالو ئي رڳو مائي ڳوري جو هو! هن وقت اهو ڳوٺ اسماعيل خان جمالي جو ڳوٺ سڏجي جيڪو راڄ واهه تي آهي. راڄ واهه جي ٻنهي پاسن سان اٺن ڪوهن ۾ جمالين جا راڄ آهي. ٽالپورن جي اوائلي دور ۾ جڏهن چانگن ۽ جتن جو مارو ٿيو تڏهن جمالي چانگن سان ڀيڙا هئا. جمالين کان سواءِ ڪڍڻ لڳ چانڊين جا راڄ آهن. چانڊيا سنڌ جو هڪ وڏو قبيلو آهي جيڪو ٻن وڏن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هڪڙا ڪارا چانڊيا، جن جي ٻولي سنڌي آهي ۽ ٻيا ڳورا چانڊيا جن جي گهرو ٻولي سرائڪي آهي. بدين ۾ چانڊيا ميان نور محمد جي دور ۾ آيا ۽ اتي سندن پنج پاڙا آهن. زنگيزا، احمداڻي، بهاذراڻي، لهريجا ۽ حڪيماڻي. لهريجا جنگي هٿيارن يعني تلوارن، ڀالن ۽ خنجرن کي تکي ڪرڻ جي حرفت ’صيقل گري‘ ۾ ماهر هئا ۽ ٽالپورن جي دور ۾ وڏو نالو ڪڍيائون. وڏي مراد خان لهريجي 1782ع ۾ وفات ڪئي. هيءَ خبر اسان سان محمد خان لهريجي (پٽ مبارڪ خان پٽ محمد خان پٽ حسين خان پٽ دليل خان پٽ مراد خان) ڪئي.

پر شال وڏي حيات ماڻي! مهاڻن ۽ ملاحن جي ذڪر کانسواءِ بدين جو باب پورو نه ٿيندو. بدين لاڳو ڍوري ۽ پراڻ جي گڏيل وهڪري جا پتڻ ٿر ۽ سنڌ جي وچ م وڏا لانگها هئا جن کي ملاح سنڀاليندا هئا. مهاڻا سنڌ جي سڀ کان قديم باشندا آهن جن کي اسلام جي آمد بعد ملاح ۽ ميربحر (بحر يا سمنڊ جا مير) جهڙن عزتمندن نالن سان سڏيو ويو، پر پيشه ور ملاح ۽ ميربحر اهي هئا جيڪي اصل ۾ وڏا ناکئا ۽ مُعلم هئا. انهن مان ڪي عرب هئا جيڪي هميشہ لاءِ سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا. بدين کان ڪراچي تائين ڪي ملاح عرب نسل جا آهن. بدين لاڳو مهاڻن ۽ ملاحن جون چار اوڙڪون مشهور آهن: گُلاڻي، منڇرا، جيڪي منڇر مان آيا، چنڊاڻي جيڪي پڻ اتران آيا ۽ ’محمد حسن‘ جيڪي نبي سر تي به آهن ۽ نارائي سڏجن. گلاڻين مان عرس ملاح جي ڀيڻ مائي پارسان وڏي مرداني مائي هئي ۽ وڏي همت ۽ هلندي واري هئي. عرس پٽ ڪاري محمد جو اصل علي بندر جو هو. جيڪو ڍوري جو آخري پتڻ هو. ان کان اُتر طرف ڍوري ۽ پُراڻ جا مشهور پتڻ هي هئا: ٻيلي جو پتڻ،، علوُ (مهاڻي) جو پتڻ ۽ ڄار جو پتڻ جتي پراڻ ۽ ڍورو (نارو) اچي گڏبا هئا. پراڻ ۽ ڍوري واريون ٻيڙيون سڀ سنڌي ٻيڙيون هيون جيڪي ونجهن تي ۽ پٽن تي هاڪاربيون هيون.

هن پوئين ويجهي دور ۾ مولوي احمد ملاح بدين جي ملاحن ۾ ڄڻ سج ٿي اڀريو، جنهن ملڪ روشن ڪري ڇڏيو. توحيد جو وڏو مبلغ، عالم باعمل ۽ شاعر بي مثل هو. راقم جي ساڻس سالن تائين صحبت رهي. سنڌي لغات ۽ محاورن تي مهارت سببان مولوي احمد پنهنجي سنڌي نظم کي نئون لباس ڍڪايو، جنهن ۾ تجنيس حرفي جا نت نوان گل پوتائين ۽ چونڊ لفظن کي نظم جي ميدان ۾ وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪڏايائين. هن پنهنجن غزلن ۾ غنائي رنگ ڀريو ۽ توحيدي تبليغي نظمن ۾ زوردار دليلن جا دُرَ پوتا. آخر عمر ۾ قرآن شريف جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪيائين جيڪو سلاست ۽ معنوي معيار جي لحاظ سان هڪ شاهڪار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com