سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3- 1995ع

 

صفحو :18

هن چئني پاسي ڪنڌ ڦيريو. ڪير ڪونهي، نه اورياڙ نه پرياڙ. پوءِ پير لوڙهي جو در مٽي اندر وڌيا. پوءِ هو هن جي سامهون اچي بيٺو.

”اچي ويهه، ماني کائي پوءِ پيو ماڙهو گهمي ڦري.“ ناز سان اکين جي ڪنڊن مان ڏسي چيائين، ائين جيئين ور پرست وني پنهنجي ور کي پيار مان چوندي آهي. پر هن کان ته اکر به موٽ ۾ ڪونه اُڪليو ۽ هو ڳرا پير کڻي هن جي پويان لانڍي ۾ گهڙيو.

”ٻاهر ڪنهن ايندي ته ڪونه ڏٺئي.“ آهسته پڇيائين.

”نه“ .. ٿُڪ ڳڙڪائي نڙي آلي ڪري چيائين.

تڏهين هو هن ڏي مُڙي صفا ويجهو…

”ڌيان ڪجين، هو ماڻهو اٿئي شڪي، متان لَکائي نه وجهين.“

دل جو ڌڪ ڌڪ هن جو سينو ڦاڙڻ لڳي ۽ الائي ڪيئن اوچتو ئي اوچتو هن جا ٻئي مضبوط سگهارا کُهرا هٿ نرم نرم ڪلهن ۾ کپي ويا ۽ هو لوهه جي سُئي جيان مقناطيس جي سخت پٿر سان چنبڙي ويئي… ڳاڙهن چانورن جي ڀورڙ ماني گهه ۽ کنڊ ۾ ڀوري چوري ٿي پيئي هئي ۽ هو وحشي انداز ۾ چوري کائڻ لڳو.

سڀ ڏوهه ثواب وسري ويا. حجابن جا پردا هٽي ويا. چور جذبا چٽا ٿي پيا. سانوڻ لنگهي ويو. سيارو آيو. اُتر واءُ وريا. سَرنهن جا پيلا گُل سرد هوائن تي جهومڻ لڳا. ڪڻڪن ٻوڙا هنيا. مڇر ڄارو، ڪُت، مک ماڪوڙي سڀ لڪي ويا. سيءَ جهل لاءِ سوڙيون نڪري آيو. ٻاٻرن ٽانڊن جا مچ ٻريا. گرم گرم نرم نرم جسمن هڪٻئي جي ضرورت محسوس ڪئي. جواني کي جواني جي ضرورت هئي. وچ ۾ پيري جي ديوار اجائي ۽ اڻ سونهائيندڙ ٿي لڳي. ميٺاڄ ڀريا مٺا لفظ ٻُڌڻ لاءِ دليون آتيون ٿيون. ڪُرڪي، جهڳي ۽ بلغمي کنگهن کُڙڪن کان بيزار من ويتر بيزار ٿيڻ لڳا. اڇا بي سَتا وار، خضاب جي رنگ سان ڪارا ٿيل وار، اڇين پاڙن وارا وار. گندا گندا سوگ جهڙا، پر مجبوري جي سنگهرن ۽ رواجن جي هٿڪڙين ۾ جڪڙيل انگ انگ.

ڪماند جي تار فصل ۾ هو سندس انتظار ۾ ڪڏهوڪو ويٺو هو. اوڪڙون ويهي ويهي ڄنگهون ٿڪجي پيون هئس. پر پوءِ به اڻ ڄاتن رسن ۾ ٻڌو پيو هو. سج وچينءَ کان به لڙڻ لڳو هو. مال جي پارت لکاني کي ڏيئي ڪنهن مهل کان هتي پُرڙيو پيو هو. ٿوري ٿوري کُڙڪي تي هن جي اندر اُڇل کاڌي. سُڪل کُوري ۾ ڪو ڪوئو ٿي ڊوڙيو يا ڪا سانڊي ٿي ڦري ته ڪماند ۾ ٽڙڪاٽ پئجي ٿي ويو. هوائن جي گهوگهٽ پنن ۾ هلچل ٿي مچائي ڇڏي.

”الائي ڇو دير ڪيئي آهيس مڙهو شت جهليو ويٺو آهيس ويچاري سان مُئو ڪريو ظلم ويٺو آهي. ساري رات ڪُرڪو سارو ڏينهن يَخي ڪاوڙ ڪروڌ. اها زال آهي، جو ايترو ٿي سهي. ٻي ڪا هجي ته ڪر…“ هن کي ڪاڪي فضل تي ڪاوڙ ۽ نازو تي رحم اچڻ لڳو.

”ڏني ته پڪ هئائين پوءِ به هيڏي دير؟…“ ۽ تڏهن ڪماند ۾ ٽڙڪاٽ پئجي ويو. پڪ ٿيس ته ڪماند ۾ ڪو ماڙهو گهڙيو آهي. هن به ٻن ٽن ڪانن کي لت هنئي ته کڙڪو اُڀريو. ايندڙ کي به پڪ ٿي ته ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي. ۽ پوءِ هو ساون پنن مان تازي گلاب جيئن ظاهر ٿي.

”مون سمڌو ته تون هاڻي ويو هليو هوندين“ ناز مان مُرڪي چيائين.

”ويندس مرڻ کان پوءِ جيئري ڪيئن ويندس؟“ ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيائينس.

”الائي سچ ٿو چوين يا رڳو ٿو وندرائيم.“

”مُڙساڻو اقرار اٿئي. مري تنهنجو در ڇڏيندس.“ جذبات ۾ آواز ڀرجي ويس.

”مُئو هينئر ڇڏي ئي نه. ڪيڏانهن ٿي وڃي. ڇو ٿي وڃين؟.. ساڳ پٽڻ جو بهانو ڪري آئي آهيان.“

”اهي توجا ٿورا، نه ته آءٌ ڪو ايترو لهان. اَئين ڌڻي آءٌ آنجو پورهيت“

”ٻڌو اٿئون ته سياري ۾ جهونا نوڙي ڪُترايو وڃن، پر هي جهونو ته ٻيو سيارو به پير پڪا ڪريو پيو مٽائي.“ چرچي طور مُرڪندي چيائين.

”گهڻئي ٿا چولا کڻي پٽيونس پر جڏهن چُوڻا کُٽنس.“ .. ٻانهن جا گهيرا سوڙها ٿي ويا ۽ هو سَوڙ وانگر هڪٻئي کي سيءَ کان بچائڻ لڳا.

                *      *      *

پيار حيوان کي به جيئڻ جا ڍنگ سيکاريو ڇڏي، سو سانوڻ جهڙو جانور به ماڻهو ٿي پيو. اڳي مهينن جا مهينا پاڻي جو منهن ڪونه ڏسندو هو. مٿئين واءُ وهندو هو ته اڳئين کي پگهر جي بدبوءِ ضرور محسوس ٿيندي هئي، پر هاڻي هو روز وهنجڻ لڳو هو. ڪپڙا جيڪي مهينن کان پوءِ ڪچي پاڻي مان ٻوڙي ڪڍندو هو، سو اهڙو ڪو واءُ وريو جو ڪاڪي فضل هُن کان ڪپڙا وٺي گهر ڌُئارڻ شروع ڪيا. پوءِ جڏهن محمد شاهه مست جو ميڙو لڳو تڏهن هو ڪاڪي فضل کان سؤ رپيا وٺي ميلو گهمڻ ويو ته واپسي ۾ لوهه جي ننڍي پيتي به وٺي آيو. جنهن کي تالو لڳل هو. پيتي ۾ ٻه وڳا ڪپڙن جا، تيل جي شيشي ۽ سرمي داڻي کان سواءِ صابڻ ڏاڙهي ڪوڙڻ جا اوزار ۽ عطر جي شيشي به هئي. ڪم ڪار ۽ سستي ڪري هو چار چار پنج پنج ڏينهن ڏاڙهي ڪونه لاهي سگهندو هو. جي ڏينهن پُڄاڻان لاهيندو هو ته سَر جي ڪانِي کي چيري بليڊ وجهي ڌاڳي سان ٻڌي اچي شروع ٿيندو هو. وارن جيترا وڍ ايندا هئس. پر هاڻي پلاسٽڪ جي سيفٽي ريزر برش ۽ ننڍڙي ٽڪ کان ڪم وٺڻ لڳو هو ۽ تيل سُرما ڪريو پيو هلندو هو. هڪ ٻه ڀيرا ادي سومار ۽ سندس يار لکاني ڌراڙ به ٽوڪرون هنيس پر هو لنوائي ويو.

پوءِ قرب ئي قرب ۾ ڊڄندي، وڌندي، لڪندي، ملندي ۽ ڪاڪي فضل جي ڄمار کي دل ئي دل ۾ پٽيندي ڇههَ مهينا اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. ڪنهن جي پٽڻ سان ڪو مري ته ڪونه ٿو نه ڪنهن جي دعا سان ڪو مُئل جيئي ٿو. موت حيات انسان جي وس ۾ صفا ڪونهي. سو نازو ۽ سانوڻ جي گڏيل پاراتن ڪاڪي فضل جو وار به ونگو نه ڪيو.

هو اڄ به نازو جي سامهون جوڪر ڇاپ خضاب جي مدد سان جواڻي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هو. چيني جي پيالي ۾ ڪيس جي پُڙي پُسي رکي هئي ۽ هو ٽِڪ ۾ ڏسندي چٻاڙيل ڏندڻ سان ڪارو ڪارو ڪيس، ڏاڙهي، مڇن ۽ مٿي جي هيڪڙ ٻيڪڙ وارن کي مکيندو رهيو. جواني ۾ ڪنهن کان ڪا خطا ٿيئي ٿي ۽ خطاڪار هيڻو به آهي ته پوءِ ماڻهو ان جو منهن دانگي سان ڪارو ڪري هن کي بدنام ۽ بڇڙو بنائي سزا ڏيندا آهن. پر پيري ۾ پنهنجي هٿ سان اها ڪارروائي ڪري ماڻهو پاڻ کي سُهڻو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي، ڪيڏو نه فرق آهي ماڻهو جي سوچ ۾؟ سو ڪاڪو به ڪيس مَکي جواڻ پئي ٿيو. نازو هن جي هر حرڪت کي جانچي ڏسندي رهي. ڪيس هڻڻ کان پوءِ ڪاڪي اڪ جا پن ڏاڙهي ۽ مٿي تي رکي ڪپڙي سان ٻوڪاني ٻڌي ڇڏي. نازو کي ڏاڏي شمن جو لاش ياد اچي ويو، جنهن جي مٿي ۽ ڄاڙي کي به ائين ڪپڙي سان ٻڌل ڏٺو هئائين. انسان شروع کان اڄ تائين ملاوٽ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي پر نه ته هو ملاوٽ کان باز آيو آهي ۽ نه وري ملاوٽ واري شين کي واپرائڻ ڇڏيو اٿس. ڪاڪو فضل به پيري کي نقلي رنگ ۾ رڱي پيري ۾ جواني جي ملاوٽ ڪرڻ لڳو هو. پر هن ڀيري ان جوڪر ڇاپ خضاب جي پڙي ۾ اڳواٽ ڪا ملاوٽ ٿيل هئي، سو اوچتو ئي اوچتو هن کي پنهنجي منهن ۽ مٿي تي ماڪوڙيون سُرنديون محسوس ٿيون، پوءِ هلڪي هلڪي خارش ٿيڻ لڳي. هن پهرين ته ڌيان ڪونه ڏنو، پر پوءِ ڌيان ڏيڻو پئجي ويس. اوچتو ئي اوچتو هن جي واتان رڙيون نڪرڻ لڳيون. هن زال کي سڏ ڪيو. ڪپڙي جي ٻوڪاني لاهي اُڇلائي.

نازو پاڻي کڻي آئي، هُو ٻنهي هٿن سان مُنهن ڌوئيندو ۽ وات مان سُوسٽ ڪندو رهيو. ڏسندي ئي ڏسندي سڄو منهن ۽ مٿو سُڄي ويس. ڪٿان ڪٿان وار به کُسڻ لڳا. ڪاڪي کي لوڇ پوڇ لڳي ويئي. هن جو بدن تپ ۾ وٺجي ويو. گهر ۾ ڪوبه ڪونه هو. سانوڻ پهر سوا پهرين ٻڪريون ڪاهي جهنگ ڏي ويو هو. نازو آترويلن ۾ اچي ويئي. ذري گهٽي کان ٻاهر ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو ٿي ڏٺائين ته ذري مڙس جي حالت ٿي جانچڻ لڳي.

نيٺ ادي سومار جي زال جنان کي سڏيائين، جنهن ٻڌايس ته مڙسهنس گهر ڪونهي.

”ٻيلي! هاڻي جيئن چوين تيئن ڪريان…“ مڙس کان صلاح ورتائين.

”اڙي سانوڻ کي سڏ ڪر… اتي… اتي… ڀڏي تي هوندو…“ ڪاڪي ٻنهي هٿن سان کاڄي ڪندي چيو.

نازو جو سڄو بدن ڏڪي ويو. سانوڻ کي ڀلا ڪيئن سڏ ڪري. ڇا چوي؟

انسان جي فطرت آهي ته جنهن شيءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ تڪليفون هجن، مجبورين جون سنگهرون هجن ته سر تري تي رکي سمورا خوف دل مان تڙي سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي، وجهه وٺي به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آهي پر جڏهن پابنديون خود هن جي سامهون وڃڻ جي موڪل ڏين ته ماڻهو گهٻرائجي ويندو آهي. چئو ته دل پاسراٽيون ٽوڙي ٻاهر ٿي نڪري آيس. هو چاهڻ جي باوجود به وِک نه چري سگهي.

ڪاڪو هن تي يا هن جي حالت تي ڌيان ڏيڻ جهڙو ڪونه هو، نه ته سندس چهري جي گهٻراهٽ تجربي جي به نظر کان لڪي نه رهي ها.

انهي ئي ويل ٻنهي جي پت رهجي ويئي. ادي سومار گهٽي مان منهن ڪڍيو.

”ڪاڪا! ڪيئن آهين..؟“ هن ايندي ئي پڇيو.

”ادا ڏس ته تنهنجي ڪاڪي ويچاري کي ڇا ٿي ويو آهي. مون ته توکي سڏيو به سهي پر ادي جنان ٻڌايو ته تون آهين ڪونه“

”ها ادي! مون کي تنهنجي ڀيڻ ٻڌايو، آءٌ پريان ٻنين تي بيٺو هوس. خير ته آهي ڇا ٿيو ڪاڪي کي؟“

ڪاڪو کٽ تي بولاٽيون کائي رهيو هو. رنگ لڳائڻ کان اڳ ڪاراٺ کان بچائڻ ڪاڻ هن صدري به لاهي ڇڏي هئي. سو چم چڙهيل پاسٽراين ۾ ساهه جو گولو هيٺ مٿي ٿيندي چٽو پئي ڏٺو ۽ پيٽ جا سر لوهار جي سانداڻ وانگر ڪڏهين ڀريا ٿي ته ڪڏهين خالي ٿي ٿيا. منهن ڪپهه ڀريل وهاڻي جيان سُڄي بي ڊؤلو ٿي پيو هو.

”اي ادا! ڪجهه ڪونه ٿيو هو.س چڱو ڀلو اٺکور. اتي کٽ تي ويٺي سونهاري کي ڪيس پئي هنيائين.“ نازو سربستو احوال ٻڌائيندي چيو.

”پر هاڻي ڇا ڪريون“ ادي سومار پڇيو.

”اي… س… سومار.. ابا… مون کي.. داختر… ڀيڙو ڪر“ ڪاڪي هُنن جي ڪٿ ڪٿان ڏسي چپ ڀڪوڙي ريهه واري انداز ۾ چيو. ۽ وري پنهنجو پاڻ کي پَٽڻ کنهڻ ۾ لڳي ويو. سومار وڙائتو مڙس هو. لوڙهو لوڙهي سان هو، ڪاڪي سان پري جي آڏي اُبتي مائٽي به هيس. نازو ۽ جوڻس جنان جي وچ ۾ گهاٽي ساهيڙپ به هئي. ڪاڪي جي ٻني به سومار وٽ مقاطعي ۾ هئي، سو سومار به بيل گاڏي جوٽيندي دير ڪانه ڪئي. جوڻس جنان کي وٺي نازو وٽ ڇڏيائين.

”تون هتي ادي وٽ ويهه. متان هي هيڪلائي ۾ پريشان ٿئي.“ ڪاڪي کي صدري پارائي کٿو ويڙهائي کڻي گاڏي ۾ وڌائين. نازو مٿاڇري دل سان ڪاڪي سان گڏ هلڻ جو به چيو.

پر ڪاڪي نه قبوليو. ڀلا غيرتي مڙس زال کي شهر ساڻ ڇو وٺي وڃي هزارن اکين جو نشانو بنائي، سو ڪاڪو راضي نه ٿيو. نازو پيتي مان پئسا ڪڍي هن کي ڏنا. سومار ڍڳن جون رسيون ڇڪيون ۽ گاڏي ڍوري وارو موڙ مٽي رستي جي ڄارين پويان گم ٿي ويئي. ٻئي ڄڻيون اوٽي تي چڙهي گاڏي کي ويندي ڏسنديون رهيون ۽ پوءِ ڇني ۾ پيل کٽ تي اچي ويٺيون.

سج اڳينءَ تي پُهچي ويو هو.

”ائي مُئي جنان! حيف اٿئي، صفا لاڙو ئي ڪانه ڪرين“ نازو جنان کي ڀيرو نه ڪرڻ جي ميار ڏني.

”ادي! پاڻهي خبر اٿئي ته گهر جو خفو ڪيترو آهي. امان ڳوٺان آيل هئي. تون پاڻ هٿ ڏيڻ آئي هئين، وري ننڍڙو ٻار گهر ۾، تنهنجي ڀاءُ جي حاضري، آيو ويو مزمان مڙو… سچيئن نازو! ايڏو ڪم آهي جو ڇا چوان. اڄ صبح جو امان مون واري ڇوڪري کي به گڏ وٺي ويئي. سو اڄ هونئن به اچان ها.. ته وري مٿان…“ جنان ڏوراپي جو جواب ڏنو.

”پر مُئي! هي ڪاڪي کي ٿيو ڇا؟“

”الائي ڇا ٿيس، منهن تي ڪيس مکيندي جهڙوڪر سوٻٽ ڦِري ويس. سُڄي وري ويو آهي، جهڙو ککرن کاڌو هجي. گهڻئي جهليانس ٿي ته مُئا هروڀرو ڇو ٿو ڪارٺ ٿڦين ان سان ڪو جواڻ ته ڪونه ٿيندين، پر تيسين نه مڃيائين جيسين اڄ…“ چوندي چوندي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين.

”هائوڙي ادي! هر ڪاشئي وِهي وخت سان ٺهي ٿي. مئي! تو وارو مڙس ته… خير ٺهيو آءٌ چونديس ته تون ڪاوڙجي پوندين.“ جنان رٿيل چرچو اڌ ۾ ڇڏي چيو.

”ڪاوڙ ڇو ٿيندي؟ تون چئين نه چئين، آءٌ به انڌي ڪانه آهيان، مئو ڇيڇڙو ٿيو پيو آهي.“ نازو منهن کي موڙو ڏيندي چيو.

”مئي! توکي ته گهڻئي ٿو ڀانئي.. خدا سان ڪم پوندو.“ جنان چيو.

”اهڙي ڀانئڻ کان ماڻهو ائين چڱو…“ نازو چيو.

”ها مائي! توکي ته….“ جنان شرارتي انداز ۾ مُرڪيو.

”ٺهيو مُئي! توکي ته رڳو مشڪري ڪرڻي آهي..“ نازو ڦڪي مُرڪ سان شرمائي چيو.

”ائي الائي سُون، مشڪري ڪونه ٿي ڪريان، توسان ته ويل هوندو“ جنان وري به شرارت سان ٽوڪر هنيس.

”ڇڏ ڏائڻ! ماڻهو ڪو رڳو انهي ڪري ته…“ نازو جملو پورو نه ڪيو. سندس تصوير ۾ سانوڻ جو جواڻ جماڻ مُهانڊو، پٿر جهڙو سخت جسم ڦري ويو. سانوڻ جو تصوير ايندي ئي سڄي بُت ۾ سياندو ڊوڙي ويس.

”بُل ته واهه جو آهي.. پر جي هو اچي ته.. پر جي آيو ته به هي مُئي جنان جو ويٺي آهي.“ هن جي دل جنان مان هڪدم کٽي ٿي پئي.

”مڙهو تڏهن راضي ڪريو اچنئي، تڏهن پئي کلين.. ها.. نه؟“ جنان هن جي چپن تي مُرڪ ڏسي چيو.

”ائي مائي ڇڏ مشڪري، اچ ته رَلي ڏيکاريئين. نئين پئي ٺاهيان“ نازو ڳالهه مٽائيندي چيو.

”ائي ها… سچ ڏيکار ته، ڪالهه هُن ڇوري پٺاڻي توجي رلي جي واکاڻ پئي ڪئي. گهڻن گُلن تي آهي؟“ رِلي جو ٻُڌي جنان کان چرچا ڀوڳ وسري ويا.

”اٺن گلن تي آهي، مومل جو ڪوٽ ڪريو چَونس، پر اڃان ڪُنگري رهي پئي آهي.“

اڄ هڻانس ها، پر مڙهي متيون منجهائي ڇڏيون.“ نازو چيو.

اوچتو سندس نظر اڱڻ ۾ بتي ٽنگڻ لاءِ کُتل ٿوڻي جي پاڇي تي وڃي پيئي. پاڇو اڱڻ جي ڪٽهري تائين پهچي ويو هو، ۽ هي ويل هئي سانوڻ جي چانهه تي اچڻ جي. روز هن مهل ٻڪريون لکاني کي ڏيئي هو چانهه پيئڻ ايندو هو.

”خدا ڪري هي جنان هن جي اچڻ کان مَهند ٽري.. نه ته جي هو آيو ته؟“ دل ئي دل ۾ سوچن جا درياءَ وهڻ لڳس. ”هَل ڏيکار رلي، وري ڪهڙن پُورن ۾ پئجي وئين“ جنان ٻانهن ڌونڌاڙي چيس ته هو ڇرڪي پئي.

”ائي ڇڏ رَلي کي، چانهه جي مهل ٿي ويئي آهي. اچ ته چانهه ڪاڙهيون. ڌراڙ به اجهو آيو، رَلي پوءِ ڏسجانءِ.“ نازو چيو.

”ها سچئين ڇوري! تو وارو ڌراڙ به ڳرٽ ورٽ متو مواڙ لڳو پيو آهي. ڪٿي تون ته..“ جنان وري به مشڪري شروع ڪئي. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. لڱ ساهه ڇڏي ويس. هن کي لڳو ڄڻ ته جنان سندس چوري پڪڙي ورتي هجي. هوءَ سڄي هارجي ويئي ۽ جنان هن جو مٽجندڙ رنگ ڏسندي رهي ۽ انهيءَ وقت ٻاهران ساوڻ سڏ ڪيو.

”ڪاڪا.. او ڪاڪا..“ نازوءَ جي دل ۾ ڄڻ ته ڪا ريل گاڏي هلڻ لڳي… ڌڙ ڌڙ ڌڙ.. رکي رکي کيس جنان تي خار اچڻ لڳا.

”مئي ڏائڻ يڪو پڙ ڪڍي ويهي رهي. ٽري به نٿي، هاڻي ورندي ڪيئن ڏيانس؟“ سوچيائين.

”ڀانيان ٿي ڌراڙ آيو آهي.. ائي جنان! ورندي ڏينس، چئو ڪاڪو ٺيڪ جهڙو ڪونه هو سو شهر ويو آهي. تون ويهه چانهه ملي ٿي“ هن جنان کي سوال ڪيو.

”آءٌ ڇو ڌارئي ماڻهوءَ سان ڳالهايان؟ ڌراڙ آنجو، تون پاڻ نٿي ورندي ڏينس.“ جنان اک جي ڪنڊ مان ڏسندي چيو.

انهيءَ ويل سانوڻ وري سڏ ڪيو… هو گهٽي ۾ اچي بيٺو هو. ڪجهه اندر ڪجهه ٻاهر.

”تون… ته تون ويهه چانهه ڪڙهي ٿي“ نازو ڪاوڙ مان جنان کي ڏسندي ساوڻ کي ورندي ڏني، پر آواز جي ڏڪڻي لڪائي نه سگهي.

جنان چپ چاپ هن جي هڪ هڪ حرڪت کي ڏسندي رهي. جڏهن کان نازو هتي پرڻجي آئي هئي، تڏهن کان جنان هُن جي سهيلي هئي. اڄ تائين هو هڪٻئي کي تير پتير ٿوري گهڻي هر ڳالهه ٻڌائينديون هيون، پر الائي ڇو نازو اڄ تائين جنان کي پنهنجي ۽ ساوڻ جي وچ ۾ قربت جي راز کان واقف نه ڪيو هو. هن سانوڻ جي محبت کي دل جي ٽجوڙي ۾ هر بني بشر پکي پکڻ کان لڪائي رکيو هو. پر اڄ… اڄ… اڄ؟ هن ڪوپ ڌوتا ۽ هاڻي چُلهه ۾ باهه ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏيئي رهي هئي. گڏوگڏ هن جي ذهن ۾ خيالن جي ڏي وٺ به تيزي سان ٿي رهي هئي، ۽ جنان کٽ تي ويٺي ويٺي هن جي اندر جي ڪشمڪش کي پرکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

”ڳچي ۾ ڳرهو وجهي جنان جي پيرن تي ڪري پوان؟ مهيني کان مٿي اچي ڏينهن ٿيا آهن، بُل ڪونه ٿو ملي. جنان اهڙي ڪانهي جو مونجي اڳڙي اگهاڙ ڪري، پر .. ڪاٺ جي پور ۽ ماڻهو جي اندر جي ڪهڙي خبر؟ پاڻ به ته پنهنجي ڪا ڪچي ڦڪي مون کي ڪانه ٻڌائي اٿس. ڳالهه دل ۾ نه رکي سگهي ته پوءِ؟ دل ۾ ڀڃ گهڙ ڪندي رهي.

هن کي به پڪ ٿي ويئي ته ڪاڪو گهر ۾ ڪونهي. ڪيڏانهن ويو آهي، سا خبر ڪانه هيس. گهٽي تي بيل گاڏي جي چاڪن جا نشان ڏٺا هئائين، پر سمجهي نه سگهيو هو.

مڙهو کڻي ڪيڏانهن به ويو هجي پر ديدار جي سهوليت ته پيدا ڪري ويو هو. پر اڳيان جڏهن ڪو اشارو ڪونه مليس، ته ڪجهه حيرت ۽ ڪجهه دُک دل تي تري آيو هئس. نازو جو جواب ٻُڌو هئائين، هن کيس ٻاهر وهڻ لاءِ چيو هو. هڪ ٻه ڀيرو ڊڄندي ڊڄندي اتاولي مان جهاتي پائي به ڏٺائين. آخر جنان کي کٽ تي ويٺل ڏسي ڪجهه ڪجهه سبب سمجهه ۾ اچڻ لڳو هوس.

”مار پويس راضي شاهه جي، هي وري ڪٿان اڄ ٺيڪيداري ڪرڻ آئي آهي؟ هن ۾ به حال ڪونهي، وجهي هٿ چوٽ ۾ ڪڍيس ٻاهر“ نازو جي بي همتي هن کي نه وڻي. ”پر جي پوءِ ڳالهه وڃي ڪاڪي فضل تائين پهچي ته…؟“ ڀوائتو خيال ذهن تي تري آيس.

”نه ته پيرن تي ڪِري ڪريس منٿون. هونئن ته پڪيون ساهيڙيون آهن. باقي… پر شت هُن جي دل ۾ به هاڻي سچائي ناهي رهي. زال ۽ درياءَ جي پُور تي ڀلا ڪهڙو اعتبار؟“

دل ئي دل ۾ نازو کي ميارون ڏيڻ لڳو. هن طرف هي هو هُن طرف هوءَ هئي. وچ ۾ جنان ديوار بڻيل هئي. ان ڪري هو ٻئي ان ديوار کي دل ئي دل ۾ پِٽي رهيا هئا. خار کائي رهيا هئا.

عورت، عورت جي دل جي ترجمان هوندي آهي. هُو هڪٻئي جي دل ۾ متل اُڻ تُڻ ۽ اندر جي اڻ جپائي کي لحظي ۾ پرکي وٺندي آهي سو جنان به نازو جي اندر جي ڇڪتاڻ کي محسوس ڪري رهي هئي. ٻه ٽي ڀيرا چور اکين سان نازو کي گهٽي ڏي جانچندي به ڏٺو هئائين ۽ آڏي اک سان سانوڻ کي به جهاتي پائيندي پَسيو هئائين. پنهنجي پَر ۾ هو گهڻو ڪجهه سمجهي به ويئي هئي ۽ ٻنهي جي اُتاولي تي دل ئي دل ۾ کلي به رهي هئي.

”اچي چانهه پي..“ نازو جنان ڏانهن چانهن جو ڪوپ وڌايو. جنان کانئس ڪوپ ورتو ته نازو جي هٿ جي هلڪي ڏڪڻي به محسوس ڪئي. هن کي مٿس رحم اچڻ لڳو.

ويچاري ڪري به ڇا؟ مُئي جنازي جي پلئه پئي آهي. ماڙهو جو ڪهڙو وس.

دل تي ڀلا ڪهڙو زور؟ ائي جنان ويچارن جي حالت ته ڏس. ڇورو به آترويلن ۾ آهي. ذري بيهي ٿو ذري وهي ٿو ۽ هي ته جهڙي ڪر چري.“ نازو سانوڻ جي چانهه جست جي ڪٽلي ۾ وجهي گهٽي ڏي وڃڻ لڳي ته سندس پير صاف ٿڙيا پئي. جنان هن کي ڏسندي رهي ۽ پنهنجي اندر جي درياءَ ۾ لهرون لهرون لُڙهندي رهي. پٿر پرائي سُور هرڪو پنهنجا روئي. اهو وڻ ڪهڙو جيڪو واءُ نه لوڏيو هجي. هن کي به يادن جا ڏينڀو ڏنگ هڻڻ لڳا، جڏهن ڪنواري هئي. ماءُ پيءُ جي دادلي هئي. ٻن ڀائرن جي ڀيڻ. کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي، ٽارا ڀڃڻ، ٻني مان گاهه ڪرڻ، ساڳ پٽڻ ويندي هئي. پر ڪڏهين به اڪيلي نه هوندي هئي. رضو جون مست چريون اکيون ساڻس گڏ هونديون هيون. دل ۾ کپندڙ، روح ۾ چُڀندڙ اکيون سندس رکوالي ڪنديون هيون ۽ پوءِ مهينن جي ڇڪتاڻ کان پوءِ آخرڪار هو اکين جي کانڀاڻي مان نڪتل نظر جي ڳوڙهي سان جواني جي ٻير مان پڪل ٻير جيان ڪري اچي رضو جي جهولي ۾ پئي هئي.

ٻئي هڪٻئي تي ڇڪن هوندا هئا.

… الا قُرب به قربن جهڙا… سوچن ۾ سُوٽ اُڀريس. خوابن ۽ خيالن ۾ هنن ڪيترا نه سُندر گهر جوڙيا هئا. سرنهن جي گُلن ۾ هنن هڪٻئي جي پيار جي سونهن پسي هئي. هن کي ياد آيو ته ڪيئن نه هڪ ڀيري ماسي حُرمت سان گڏ مريڙو پٽيندي هن رضو کي ڏٺو هو، جيڪو توئر جي تار فصل مان هر هر ڳچي ڪڍي هن کي اشارو ڪري وري لڪي ٿي ويو. هن جي دل ڏاڍي تڙپي هئي. ميهار هن جو منتظر هو، سُهڻي ترڻ لاءِ آتي هئي، پر وچ ۾ ماسي حرمت ڏم بڻيل هئي. هن ان وقت ماسي حرمت کي دل ئي دل ۾ ڏاڍو پٽيو هو. پيرن فقيرن ۽ مُرشد کي سڏيو هو. ماسي کي انڌو ڪرڻ جي دعا گهري هئي. پوءِ ماسي حُرمت انڌي ته ڪانه ٿي هئي پر هُو جنان جي دل جو حال سمجهي ويئي هئي. سندس روح جي راز کان واقف ٿي ويئي هئي. وڏڙين جو نگاهون به وڏيون هونديون آهن.

”جنان! ڇاهي ڇوري، هر هر توئر ۾ اک اٿئي؟“ ماسي پُڇيو هو ۽ هن جي سرير مان ڄڻ ته ساهه نڪري ويو هو. بُت بي ستَو ٿي ويو هئس ۽ هو اتي ئي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي هئي.

”آءٌ سڀ سمجهان ٿي امان، مون رضو کي به ڏٺو آهي. مون کان تِر جيترو خوف به نه ڪريو. ائي ڌيئڙي ڀلا دل تي به ڪنهن پهرا هڻي ڏٺا آهن. آءٌ جانچ ٿي ڪريان تون ڀلي وڃ…“ ماسي چيو هئس ۽ هو بي اختيار ماسي جي پيرن تي ڪري پئي هئي. دل ئي دل ۾ پاڻ تي ڦٽ لانت به ڪئي هئائين.

”ائي مُئي جنان! هي ماسي ته ماءُ کان به وڌ آهي. ائي حيف اٿئي جو ماسي کي ٿي پاراتا ڏنئي“

پوءِ ماسي ديوار مان رازدار بڻجي پئي هئي… ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن لهي اُڀريا، اُڀري لٿا. رضو خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ جهلجي ويو ۽ پويان هن کي سومار سان پرڻائي ڇڏيو هئائون، تڏهين هو بي زبان حيوان جيان ٻين اڳيان ڪُڇي به نه سگهي هئي پر ماسي حُرمت کي ڀاڪر پائي هوءَ بي انتها رُني هئي. پوءِ سومار کيس هِت وٺي آيو هو. پوءِ .. پوءِ الائي ته ڪيترا ڏينهن گذري ويا هئا. هوءِ هڪ پُٽ جي ماءُ به بڻي. تڏهين ٻڌُو هئائين ته رضو جيل ۾ ٿيل جهيڙي ۾ مارجي ويو هو. پر هو کيس ساري روئي به نه سگهي هئي. پر هن جي دل رضو کي ڪنهن ويل وساري به نه سگهي هئي. ڀلا ڪو پنهنجي پهرئين پيار کي به وساري سگهيو آهي؟

اڄ هن کي ائين لڳو هو ڄڻ هُو رضو ۽ جنان جي وچ ۾ ماسي حُرمت جيان ديوار بڻيل هجي، پر نازو ۽ سانوڻ کي ڪهڙي ڪل ته پيار جا پوڄاري پيار تي پهريدار نٿا بڻجن.

”چانهه وٺ“ ڏڪندڙ هٿن ۽ مُئل آواز سان چانهه جي ڪٽلي سانوڻ کي ڏيندي چيائين.

”مڙهو ڪيڏانهن ويو؟“ هن چانهه وٺندي ڀڻڪيو.

”بيمار آهي. ادو سومار شهر کڻي ويو اٿس.“

”پوءِ ڀلا“

”هو جنان ويٺي آهي“

”تو جي ساهيڙي آهي، منٿ ميڙ ڪرينس.“

”نه مڃي ۽ ٻڌائي ڏي ته پوءِ…“

”الائي وڌيڪ واقف تون آهينس. توکي به جي اچڻو هجي ته همت ڪر نه ته…“

”الا دل نٿي جهلجهي.“

”ته ڀلا ٺهيو، آءُ وڃان ٿو، ڪا مهل ٿي آهي. سج وچينءَ کان به هيٺ لڙي ويو. ٿوري ويرم کان پوءِ لکانو به ڪُوڪرا ڪندو، سڄو ڏينهن ته مال ڪونه جهليندو.“ هن جي لهجي ۾ ميار به هئي ته ڪاوڙ به ۽ ويندڙ وقت جو ماتم به.

”تون ٿورو ترس.. آءٌ ڏسان ٿي من…“ محبوب جي اکين ۾ رُسامي جي هلڪي جهلڪ ڏسي هن فيصلو ڪري ورتو ۽ گهر ڏي موٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com