ڇپن جي هڪڙي ڇَلي اندر ڍنڍ هئي ۽ ان جي پويان
پيسفڪ سمنڊ جي اڻ ڪٿيل پکيڙ هئي. سندن ۽ نيري
پاڻيءَ جي وچ ۾ ٻيلي جي ساوڪ هئي. چمڪندڙ رنگين
پکي ان جي مٿان پئي اُڏاڻا. ٻيٽ پنهنجي ويڪري پکيڙ
وٽ اٽڪل ٽي ميل آرپار هو. اتي ڪنهن ڳوٺ يا گهر جو
ڪو نشان ڪين هو ۽ سمنڊ ۾ ڪو سڙهه نظر ڪين ٿي آيو.
اها اهڙي اڪيلي جاءِ هئي جنهن ۾ ٻاهرين دنيا کان
ڪا شيءِ ڪين ٿي آئي سوائي سامونڊي پکين ۽ هوا جي ۽
شايد ورهين ۾ ورلي ڪو جهاز پاڻي کڻڻ ايندو هوندو.
مسٽر بٽن انهن ڳالهين تي ويچار ڪين ڪري رهيو هو،
سندس اکيون تمام پري ڏکڻ – اولهه ۾ هڪڙي ننڍڙي ۽
ڀوري شيءِ تي اٽڪيل هيون.. هڪڙو ٻيو ٻيٽ. سوائي ان
جي سمنڊ خالي هو.
ايميلائين ٻوٽن ۾ ڦرندي پري نڪري وئي هئي هوءَ
آريٺي جي ٻيرن جي ٽاري کڻي واپس موٽي.
”انهن کي هيٺ رک!“ مسٽر بٽن رڙ ڪئي. ”انهن کي
پنهنجي وات ۾ نه وجهجانءِ!“
”ڇو نه؟“ ڊڪ چيو. ”ڇا اهي ڪنا آهن؟“
”جيڪڏهن توهان اهي کاڌا ته اهي توهان کي سمهاري
ڇڏيندا ۽ جيڪڏهن توهان اهي تمام گهڻا کاڌا هوندا
ته توهان ٻيهر ڪين جاڳندا.“
هن ايميلائين جي وات کوليو ۽ اندر ڏٺو پر ان ۾ رڳو
گلاب جي پتيءَ جهڙي سندس زبان هئي.
”اچو هلون،“ هن چيو. ”هاڻي توهان وڃي ڪي ٻير نه
کائجو جيسين تائين مان نه چوان.“
هو واپس ڪناري ڏانهن موٽي ويا. پيڊيءَ ٻيڙيءَ جي
ٻن ونجهن، ڪجهه ٽارين ۽ سڙهه سان هڪڙو تنبو ٺاهيو.
سج لهي ويو هو پر چنڊ اڃان ڪين اڀريو هو. هو تارن
جي روشنيءَ ۾ تنبوءَ جي ٻاهران ويٺا هئا ۽ مسٽر
بٽن هنن کي گراٺ مٺڙي جي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائي، جڏهن
ڪهاڻي پوري ٿي ته چنڊ آسمان ۾ هو. پٿرن سان
ٽڪرائيندڙ لهرن جي آواز رات کي راڳ سان ڀري ڇڏيو
هو. ويڪري ڍنڍ چانديءَ جي ٿالهه جيان پئي هئي.
”هي بستري جو وقت آهي،“ مسٽر بٽن چيو. ”توهان اندر
وڃو! ۽ پنهنجي ننڊ ۾ هلجانءِ نه، ايميلائين، نه ته
تون تنبو هيٺ ڊاهي رکندينءِ!“
بلڪل پڪ! صبح جي سوير گهڙين ۾ هن ائين ئي ڪيو.
ٻيٽ تي حياتي
اٿو! اٿو! ۽ پاڻي ۾ ٽپ ڏيو!، پيڊيءَ رڙ ڪئي. هاڻي
ان ۾ ڪا ڏکيائي ڪين هئي، جيتوڻيڪ پهرين صبح تي
پيڊيءَ کي کين ان ۾ ڌڪڻو پيو هو. سج گرم هو. جڏهن
هو ٻاهر نڪرندا هئا ته پاڻ کي سج ۾ سڪائيندا هئا ۽
ڪپڙا ڪين پائيندا هئا جيستائين شام جي ٿڌ ٿيندي
هئي.
پيڊيءَ ٻيلي جي ڪناري تي ٽارين سان هڪڙي ننڍڙي
جهوپڙي اَڏي هئي. هو مڇيون پڪڙيندو هو ۽ پنهنجي
آتشي شيشي جي مدد سان باهه ٻاري انهن کي پچائيندو
هو. هو ٻيلي مان ميوو کڻي ايندو هو ۽ اهڙيءَ ريت
ٻار اسري رهيا هئا. اهڙي سادي زندگي گذاريندي جيئن
ماڻهو هزارين ورهه اڳ گذاريندا هئا. جڏهن شهر يا
قصبا ته ڇڏ، ڳوٺ ٻه ڪين هئا. جڏهن ماڻهو غازن ۽
جهوپڙن ۾ رهندا هئا، جيڪو لڀجندو هو کائيندا هئا.
ڪپڙا رڳو لڱن کي گرم رکڻ لاءِ پهريندا هئا. سج سان
اٿندا هئا ۽ ڏينهن پورو ٿيڻ سان سمهندا هئا. سندس
جسم مضبوط، ڀورا، ۽ سج سان سڙيل هئا. ايميلائين
هاڻي وڌيڪ پنهنجي ننڊ ۾ ڪين هلندي هئي ۽ پنهنجا
گهڻا ئي ٻاراڻا ڊپ وساري چڪي هئي.
ڏينهن هفتا ٿي ويا؛ هفتا مهينا ٿي ويا. پهريائين
هو اڪثر پڇندا هئا. ”بابا ڪڏهن ايندو؟“ هاڻي هو
ذري گهٽ وسارجي ويو هو. ڪيترن هفتن تائين پيڊي هر
روز جهاز لاءِ نهاريندو هو پر هاڻي هو تمام رڌل هو
جو کيس جهازن جو خيال اچي. شايد هن پراڻي زندگيءَ
ڏانهن ورڻ نٿي چاهيو. هو خوش هو ۽ ٻارن جيان ڏينهن
ڏينهن ڪري گذاريندو هو.
پر ڊڪ سڀاڻي جي سوچ جي شروعات ڪئي هئي
”پيڊي.“ هن هڪڙي ڏينهن چيو. ”اسان ڇا ڪنداسين،
جڏهن اسان سڀئي کائي وٺنداسين.
”ٻيو ڪجهه کائينداسين.“ پيڊي چيو. ”هتي ڪيلا آهن.“
ڪيلن تان اسان ڏاڍا ٿڪجي پونداسين. پٽاٽا ڪين
اُسرندا ٻجن مان؟“
”نه! نه!“
”چڱو، ڪيئن؟“
”توکي زمين ۾ کڏون کوٽڻيون پونديون ۽ انهن ۾ پٽاٽن
جا ذرڙا وجهڻا پوندا ۽ ذرڙا وڌي ٻوٽا ٿيندا ۽ پوءِ
سڪي ويندا ۽ توکي زمين اندر پٽاٽن جا ڍڳ لڀجندا،
جتي ٻوٽا هئا.“
ڊڪ هڪڙو لسو پٿر کوٽڻ لاءِ ڪتب آندو. پيڊيءَ کيس
ڏيکاريو ته پٽاٽا ڪيئن ڪٽجن، جيئن هرهڪ ٽڪري ۾
هڪڙي اک رهجي وڃي. اهڙيءَ ريت هنن پنهنجي پهرين
پوک ڪئي.
پيڊيءَ کي ڪم پسند ڪين هو، پر هو ويهي پنهنجو
پائيپ ڇڪيندو هو ۽ ڊڪ کي ٻڌائيندو هو ته ڇا ڪجي.
آسمان ۾ هڪڙو ڪڪر هو.
”پيڊي!“
”جي، منهنجا من؟“
”ڇا هتي مينهن ڪڏهن ڪين وسندو آهي؟“
”اوهه، ها، سال ۾ ڪي اهڙا مهينا ٿيندا آهن جڏهن
سمورو وقت مينهن وسندو آهي ۽ باقي سڄي سال ۾ مشڪل
سان مينهن پوندو آهي.“
”ڪهڙا مهينا؟“ ڊڪ پڇيو.
”جلدي اچڻ وارا هوندا.“
”جيڪڏهن مينهن جلدي اچڻ وارا آهن ته اسان وٽ ڪو
چڱو گهر هئڻ گهرجي.“
”ها،“ پيڊيءَ ڄڻ بيزاريءَ سان چيو. ها، اسان کي
گهرجي. پر گهر اڏڻ لاءِ گهڻي محنت گهرجي.“
”واريءَ ۾ هڪڙي تصوير ٺاهه،“ ڊڪ چيو. ”۽ مونکي
ڏيکار ته اسان ڪهڙي قسم جو گهر اڏي سگهون ٿا.“
سو پيڊيءَ ٺاهي. ”تون هو ڊگهيون لٺيون هٿ ڪر-
بانس… ۽ انهن کي مٿان کان ٻڌ. توکي مضبوط ڏوري
استعمال ڪرڻي پوندي ۽ انهن کي پاڻ ۾ ٻڌڻو پوندو،
پر اسانوٽ ڏوري ناهي.“
”هتي وڻن مان هيٺ وڌندڙ رسيءَ جهڙا ڊگها ٻوٽا
آهن،“ ڊڪ چيو.
”ها، اسان اهي استعمال ڪري سگهون ٿا، تون اهي هٿ
ڪر، جڏهن ته آءٌ بانس ڪٽيان ٿو.“
اهو ڊڪ هو جنهن هڪڙي باس جي پاسي ۾ سوراخ ڪٽڻ جو
سوچيو جيئن ٻن کي پاڻ ۾ وڌيڪ مضبوطيءَ سان ٺهڪائي
ٻڌي سگهجي. ٽي هفتا گذري ويا جو گهر تيار ٿيڻ شروع
ڪيو ۽ تنهن کانسواءِ اڃان ڇت لاءِ گهڻو ئي ڪم ڪرڻو
هو. پيڊي ٿڪجي پيو هو.
”هاڻي اسان آرام ٿا ڪيون،“ هن چيو. مان توکي گراٺ
مٺڙي ۽ پرين جي ڪهاڻي ٿو ٻڌايان.“
”مونکي ڪهاڻي نه کپي.“ ڊڪ جواب ڏنو. ”اسانکي ڪم
ڪرڻ گهرجي.“ اهڙيءَ ريت ڊڪ پيڊيءَ کي وهائيندو
رهيو جيستائين جو گهر راس ٿيو.
ايميلائين پڻ رڌل هئي. جڏهن مينهن ايندا ته ڏينهن
۽ راتيون ٿڌيون ٿي وينديون پيڊيءَ ڪپڙو ٻاهر ڪڍيو
جيڪو هن جهاز تان کنيو هو. هن هڪڙو ٽڪڙو کڻي
ايميلائين جو لباس ٺاهڻ لاءِ سندس چيلهه چوڌاري
رکيو پوءِ هن ٻيو ننڍڙو ٽڪر کڻي سندس مٿين حصي تي
رکيو ۽ ان ۾ ٻانهن لاءِ سوراخ ڪاٽيا پوءِ هن
ايميلائين کي ويهي سمجهايو ته ڪيئن لباس جا پاسا ۽
ڪپڙي جا ڪنارا سبي. هن ساڳيءَ ريت ڊڪ جا ڪپڙا
ٺاهيا پر پر هيٺيون حصو تمام ننڍو هو ۽ سندس گوڏن
مٿان مس پورو پئي ٿيو.
ايميلائين پهريائين ته ڏاڍو خراب سبيو پر جيئن
جيئن ڪم ٿيندو ويو. هوءَ بهتر ڪندي وئي. جڏهن ڪپڙا
تيار ٿيا، هنن اهي مٿان پهريا ۽ هڪ ٻئي تي کليا.
ڊڪ کي پنهنجا ڪپڙا ڪين وڻيا ۽ انهن کي ڪين پاتائين
سوائي انهن شامن جي جيڪي ڏاڍيون ٿڌيون ٿينديون
هيون.
وهيل مار
هڪڙي صبح ڊڪ ٽڪريءَ جي چوٽي کان ڊوڙندو هيٺ آيو.
پيڊيءَ مڇيون پڪڙڻ لاءِ هڪڙي ڪنڍي پئي تيار ڪئي.
”پيڊي!“ هن رڙ ڪئي. ”هتي هڪڙو جهاز آهي.“
پيڊي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ ڏانهن تڪڙو مٿي ڀڳو. اهو ڊچ
جهاز هو. پيڊي کي خبر هئي ته اهو ڪهڙي قسم جو جهاز
هو .... هڪڙو ڊچ وهيل مار. اهڙن جهاز جا ماڻهو
ڏاڍا بڇڙا هئا: هو انهن سان اڳ ۾ گڏيو هو.
هن ٻارن کي ٻيلي ۾ لڪائي ڇڏيو. ”هاڻي توهان هتي
ترسو ۽ ٻاهر نه اچجو جيستائين مان چوان.“
هو گهر ڏانهن ويو ۽ هرهڪ شيءِ پري کڻي ويو ۽ انهن
کي لڪايائين. پوءِ هو ٻيڙيءَ کي پري هلائي ويو ۽
ان کي هڪڙي وڻ هيٺان لڪايائين جيڪو پاڻيءَ مان مٿي
اسريو هو.
جهاز ويجهو ۽ ويجهو ايندو ويو. ٻيڙيون هيٺ لٿيون
پوءِ مسٽر بٽن ٻارن ڏانهن موٽي ويو. اها رات هو
ٻيلي ۾ ستا.
اڳين صبح جو جهاز وڃي چڪو هو. پٺيان رڳو واريءَ ۾
گهڻا ئي پيرن جا نشان، هڪڙي خالي بوتل ۽ اڌ پراڻي
اخبار ڇڏي ويو هو. سندس گهر سلامت هو. دروازو پٽي
کوليل هو پر ماڻهو کي سندن شيون ڪين لڀيون هيون
جتي پيڊيءَ انهن کي لڪايو هو. رڳو هڪڙي شيءِ گم
هئي. تڪڙ ۾ شيون پري کڻي ويندي مسٽر بٽن ايميلائين
جي پيتي پٺيان ڇڏي ويو هو. هن کي اها نظر ڪين آئي
هئي، جتي ايميلائين ان کي ڪنڊ ۾ لڪايو هو. جيئن هو
گهر ۾ موٽي آيا ايميلائين وڃي ان کي ڳولهڻ لڳي.
پر اها ڪنهن ٻئي جي هٿ لڳي هئي. وهيل مار جهاز جو
هڪڙو ملاح ان کي کڻي ويو هو. ان کان هفتو پوءِ
تائين هوءَ پنهنجي پيتيءَ بابت ڳالهائيندي هئي ۽
ان جي گم ٿيڻ تي روئندي هئي.
ان ڏينهن کانپوءِ هر روز پيڊي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي
انهيءَ ڀؤ کان ويندو هو ته متان ڪو ٻيو وهيل مار
ٻيٽ تي اچي نڪري. هو جتي هو بلڪل خوش هو. ڊگهي
ورهين جي سخت پورهئي کانپوءِ ٻيٽ جي اها پرسڪون
زندگي سندس لاءِ جهڙو بهشت هئي. رڳو هڪڙي شيءِ هئي
جنهن جي ڪمي کيس محسوس ٿيندي هئي گُتو.
پيپو
ايميلائين کي رنگين شين سان پيار هو. هوءَ گلن سان
مٿي جا تاج ٺاهيندي هئي. هوءَ واريءَ تي ويهي سپن
جي لڙي ٺاهي رهي هئي ۽ پيڊي سندس ڀرسان ويهي مڇي
صاف ڪري رهيو هو جنهن کي هو مانيءَ تي پچائڻ وارو
هو. ڊڪ ٻيلي جو ڪنارو وٺي ڊڪندو آيو.
”مان ڪجهه لڌو آهي، پيڊي،“ هن چيو.
”تو ڇا لڌو آهي؟“ ايميلائين چيو.
هو پري هليو ويو پوءِ آهستي هلندو موٽي آيو ۽ هڪڙو
وڏو ڪوڏ سنڀالي کڻي آيو هو.
”پيڊي،“ مون اهو پراڻو پيپو اونڌو ڪيو هو ۽ ان جو
ٻوچ ٻاهر ڪڍيو هو ۽ اهو هن شيءِ سان ڀريل هو. ان ۾
ڏاڍي تکي ڌپ آهي.“
پيڊيءَ ان کي سنگهيو پوءِ هن ان کي چکيو. ”رم!، هن
چيو. ”اهو رم آهي! ڇا تو چيو ته اهو پراڻي پيپي ۾
هو؟“
”ها. جڏهن مان ٻوچ ٻاهر ڇڪيو…“
”ڇا تو ٻوچ واپس رکيو؟“
”ها.“
”پيپو ڪٿي آهي، من؟“
”نديءَ جي ڀرسان، جتي اسان ان کي پهريائين لڌو هو
۽ تون ان تي ويٺو هئين جڏهن اسان پنهنجا ڪيلا کاڌا
هئا.“
”هتي رک! ۽ مان سوچيو هو ته اهو ڪنهن ڪم جو ناهي.
پاڻي کڻڻ جي لائق به نه، ۽ اهو سمورو وقت مان اهو
سوچيدو رهيو آهيان ته رم جو هڪڙو ڍڪ ڪهڙو مزيدار
ٿيندو!“
هن ڪوڏ ۾ بچيل جيڪي هو پي ڇڏيو، ۽ هڪڙي اک بند
ڪئي.
”واهه هي سٺو آهي!“
ايميلائين کلي.
مسٽر بٽن اٿي کڙو ٿيو. هنن نديءَ تائين سندس پيڇو
ڪيو. اتي سائو پيپو پيو هو، ان جو ٻوچ مٿي وڻن
ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو. اهو ايترو سائو هو جو
ڪنهن ڪريل وڻ جي حصي جهڙو نظر ٿي آيو.
مسٽر بٽن ان کي سوريو ”اهو ذري گهٽ ڀريل آهي!“ هن
چيو.
اهو هتي ڇو ڇڏيو ويو هو؟ ڪنهن طرفان؟ اتي ڪوئي
ٻڌائڻ وارو ڪين هو. شايد اهي کوپڙيون جيڪي ڊڪ
لڌيون هيون، تن کي جواب جي خبر هئي، پر اهي
ڳالهائي نٿي سگهيون.
”اسان ان کي هيٺ ڪناري تي گيڙيندا ٿا هلون،“ هن
ٻوچ کي پنهنجي جاءِ تي ٺوڪڻ لاءِ هڪڙي پٿر سان ڌڪ
هنيو. ”آهستي هاڻي! آرام سان! تمام تڪڙ نه ڪيو!“
مسٽر بٽن ۽ ڊڪ پيپي کي سنڀالي گيڙيندا ٽڪريءَ کان
هيٺ لٿا. ايميلائين گلن جي تاج پهري سندن اڳيان
ڊوڙندي وئي.
پيڊيءَ زمين اندر هڪڙي کڏ ۾ باهه ٻاري، جڏهن باهه
وسامي وئي ته هن مڇيءَ کي پتن ۾ ويڙهيو ۽ ان کي
تپيل جاءِ اندر پوري ڇڏيو جتي مٿان ٽانڊا هئا.
اهڙيءَ ريت پچيل مڇي کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿيندي هئي.
جڏهن ماني پوري ٿي. مسٽر بٽن وڏو ڪوڏ رم سان ڀريل
۽ پنهنجو پائيپ دکايو. اهو سٺو رم هو ۽ عمر ان کي
بهتر بڻائي ڇڏيو هو. اهو ڏاڍو تيز هو. پيڊيءَ ڳائڻ
شروع ڪيو:
”مان جهونو مست ملاح آهيان، هانگ ڪانگ کان موٽيو
آهيان.
هٽو هٽو پري هٽو! هٽو هٽو پري هٽو!
ڳايو ٻارو، جهمر پايو، گهڻو ڪين ڳالهايو.
هٽو هٽو، هٽو هٽو، پري هٽو.“
ڊڪ ايميلائين شامل ٿيا:
هٽو هٽو، هٽو هٽو، پري هٽو.“
”جهونو ميرو مست ملاح، نيويارڪ کان موٽيو آهيان.
او، هو!، هٽو، هٽو، هٽو، پري هٽو.“
هٽو هٽو پري هٽو هٽو هٽو! پري هٽو.“
ڳايو ٻارو، جهمر پايو، گهڻو ڪين ڳالهايو!“
”اچــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي،
ٻــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارو!“
هٽو هٽو، هٽو هٽو، پري هٽو.“
سندن مٿان وڻن ۾ چمڪندڙ اکين وارا پکي کين جاچي
رهيا هئا. اهڙي خوش محفل! گيت ڍند مٿان پڙاڏو بڻجي
سامونڊي پکين تائين پهتو، جن پنهنجي پرن کي ڦڙڪائي
اهو لهرن تائين پهچايو ۽ لهرن پاڻ کي پٿرن سان
ٽڪرائي ان ۾ سنگيت شامل ڪيو.
”هٽو هٽو، هٽو هٽو، پري هٽو.“
انهيءَ شام جو مسٽر بٽن پيپي کي پري، وڻن جي وچ ۾
هڪڙي ننڍڙي لنگهه ۾ ريڙهي ويو. جڏهن ٻار بستري ۾
هئا ۽ ستل هئا. هن وڏو ڪوڏ کنيو ۽ اتي ويو.
ايميلائين رات جو جاڳي اٿي ته کيس ڳائيندي ٻڌو.
اڳين صبح جو پيڊي پيپي جي پاسي ليٽيل جاڳيو. هن ڊڪ
کي نيرن کڻي اچڻ تي لاچار ڪيو ۽ سڄو صبح هڪڙي وڻ
هيٺان ويهي پنهنجو پائيپ پيئندي گذرايو.
انهيءَ رات هن هڪ ٻي سنگيت شام سجائي ۽ هڪڙي هفتي
تائين ائين ئي ٿيندو رهيو. هو ڪجهه کائيندو نه هو
۽ سڄو ڏينهن ويهي ڪجهه ڪندو نه هو ۽ رات جو هو
سمهندو نه هو.
پوءِ هڪڙي صبح جو ڊڪ هن کي ويٺل ڏٺو. هن جون اکيون
سندس سامهون واريءَ ۾ هڪڙي هنڌ تي اٽڪل هيون.
”اهو ڇاهي، پيڊي؟“
هن اشارو ڪيو: ”هڪڙو گراٺ مٺڙو!.... سموري سائي
لباس ۾.
ڊڪ کليو: ”مونکي اهو نٿو ڏسجي.“
”مونکي به نه،“ ايميلائين چيو.
بٽن اٿي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪري نه سگهيو.
”ڪوئا!“ هن چيو. ”هنن ڏانهن ڏسو! ڳاڙها ڪوئا
واريءَ مان مٿان ٻاهر پيا اچن!
انهن کي پري ڀڄايو!“
هن ٻيهر اٿي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊڪ اٿڻ ۾ سندس مدد
ڪئي ۽ هو هڪڙي وڻ جي ڇانو ۾ پهتا، هو پٽ تي ڪريو ۽
سمهي پيو.
ڇپ
ڪجهه ڏينهن کان، مسٽر بٽن ”شراب کان توبه تائب“
هو.
”مان حيوان هيس! شراب جي پِٽَ....!“
هن پيپو کولي ۽ باقي رم زمين تي اوتي ڇڏڻ جو فيصلو
ڪيو هو پر هو اهڙو سٺو رم اجايو وڃائڻ تي پاڻ کي
پرچائي نه سگهيو.
ڍنڍ جي ٻئي پاسي هڪڙي وڏي ڇپ لهرن جي پهچ کان مٿي
بيٺل هئي. هن پيپو ٻيڙيءَ ۾ رکيو، ونجهه هلائي ان
ڏانهن ويو ۽ پيپو اتي رکيو. پوءِ هو ونجهه هڻي،
واپس موٽيو ۽ وڃي ماني پچائي. هن پنهنجي لاءِ ڪم
ڪڍيو. جيئن هو پيپي بابت سڀ ڪجهه ڀلجي وڃي. هن
ايميلائين جي سبڻ لاءِ وڌيڪ ڪپڙو ڪٽيو. هن ڊڪ جا
وار ڪٽيا. هن ڇت مٿان پتن جو ٿلهو ڇپر وڇائڻ ۾ ڊڪ
جي مدد ڪئي پر سمورو وقت رم کيس سڏيندي پئي لڳو.
هو انجو سوچيندي، رات جو جاڳي پوندو هو.
هڪڙي شام جو هن ٻارن کي جيڪ ۽ سمنڊ جي بادشاهه
بابت ڪهاڻي ٻڌائي. ڪيئن بادشاهه جيڪ کي سمنڊ جي
تري ۾ مانيءَ تي وٺي ويو ۽ کيس اهي ٿانو ڏيکاريا
جن ۾ هو مئل ملاحن جا روح رکندو هو ۽ پوءِ هنن
ماني کاڌي ۽ بادشاهه هڪڙي بوتل رم جي کڻي آيو. اها
مسٽر بٽن جي يادگيريءَ لاءِ خراب ڪهاڻي هئي.
جڏهن ٻار بستري ۾ هئا ته هن وڏو ڪوڏ کنيو ۽ ٻيڙيءَ
۾ چڙهيو. ڍنڍ ۽ آسمان تارن سان ڀريل هئا. چمڪندڙ
مڇيون شفاف پاڻيءَ اندر پئي تريون ۽ لهرون گهري
آواز سان پٿرن تي پئي ٽڪريون.
هن ٻيڙي کي ڇپ جي هڪڙي نوڪ سان ٻڌو، پوءِ مٿي ان
جاءِ تي چڙهيو جتان هو چوڌاري سمورو سمنڊ ڏسي ٿي
سگهيو. هو اتي ويهي رم پيئڻ لڳو ۽ پنهنجو پائيپ
ڇڪڻ لڳو.
”هليو هل هليو هل
پار کڻي تار کڻي
يار کڻي سار کڻي
ونجهه هڻي هليو هل.“
رات وهامي وئي. آسمان ميرانجهڙو هو ۽ تارن
پنهنجيون اکيون پئي پوريون. هو پنهنجو رستو محسوس
ڪري هيٺ ٻيڙيءَ وٽ آيو ۽ ان کي کوليائين پوءِ آڏا
ڦڏا ونجهه هڻي، جهڙا تهڙا هٿ هلائي هو ڪناري تي
واپس پهتو ۽ ان کي ٻڌائين.
”منهنجو پائيپ!“ هن چيو. ”مان پنهنجو پائيپ ڇپ تي
ڇڏي آيو آهيان. مان ترندو اوڏانهن ويندس. پاڻي سٺو
من ٺار آهي.“
هن پنهنجو ڪوٽ واريءَ تي هيٺ اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻيءَ
۾ پير پاتو. ڍنڍ ويڪري هئي پر هاڻي هن جيئن محسوس
ٿي ڪيو: مسٽر بٽن سوچيو ته هو پيسفڪ سمنڊ ترندي
پار ڪري ٿي سگهيو.
هو آخرڪار ڇپ وٽ پهتو ۽ پيپي جي پاسي ۾ هيٺ ڪري
پيو. ڄڻ ننڊ پنهنجو هٿ هن مٿان رکيو هو.... موت
بدران.
ڇپ تي خواب ڏسندڙ
”مون کي حيرت آهي پيڊي ڪٿي آهي؟“ اڳين صبح جو ڊڪ
چيو. هو پنهنجي پٺيان سڪل ٽاري گهليندو ٻيلي مان
ٻاهر پئي آيو. ”انتظار اجايو آهي. مان باهه ٿو
ٻاريان. مونکي پنهنجي نيرن کپي.“
هن سڪل ٽاريون ٽوڙيون. ايميلائن واريءَ تي ويهي
کيس جاچي رهي هئي سندس ٻه ديوتا هئا: مسٽر بٽن ۽
ڊڪ، مسٽر بٽن عجيب ديوتا هو جيڪو تماڪ جي دونهين
جي ڪڪرن ۾ ويهندو هو. هو هلندڙ جهازن ۽ اڇن سڙهن
جو ديوتا هو. اوچو انسان جنهن هڪڙو ڀيرو هن کي
ٻيڙيءَ مان کڻي هن حيرت انگيز بهشت ۾ لاٿو هو، جتي
چمڪندڙ رنگين پکي ۽ مڇيون ۽ اهڙو آسمان هو جيڪو
ورلي ميرو ٿيندو هو.
ڊڪ کي سمجهڻ ڪجهه سولو هو. ٻيٽ تي گڏجي گذاريل
سالن ۾ هو وڌي وڏو ڇوڪرو ٿي پيو هو. هو ذري گهٽ
پيڊيءَ وانگر سٺي ٻيڙي هلائي ويندو هو. پيڊيءَ
پچائڻ، مڇيون پڪڙڻ ۽ کاڌو ڪٺو ڪرڻ گهڻي کان گهڻو
ان تي ڇڏي ڏنو هو.
”مونکي وڌيڪ ڪاٺيون ڏي، ايم،“ ڊڪ چيو. باهه سٺي
پئي ٻري. هو مانيءَ ڦل پچائڻ وارو هو… هڪڙو سائو
گول ڦل اندران نرم ۽ اڇو هن ماني ڦل باهه جي هيٺان
رکيو. ايميلائين هڪڙي ڪاٺيءَ جي ڇيڙي تي مڇي جهلي
ويٺي هئي. هوءَ پنهنجي ڀوري پٺيءَ ۽ چيلهه جي
چوڌاري ويڙهيل ننڍڙي لباس ۾ سهڻي مورت جيان ٿي
لڳي. هن جو ننڍڙو منهن پنهنجي ڪم جي ڌيان ۾ مگن
هو.
هڪڙي مڇي باهه اندر ڪري پئي. هن ترت ان کي ٻيهر
ٻاهر ڇڪي ورتو. ”اوهه هيءَ ڏاڍي گرم آهي،“ هن چيو.
”يقيناً، اها گرم آهي،“ ڊڪ چيو.“ پيڊي ڪيترا ڀيرا
توکي چيو آهي ته باهه وٽ هوا جو پاسو وٺي ويهجي.
اهو پاسو جتان کان هوا هلندي هجي.“
ڊڪ مانيءَ ڦل باهه مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ان کي ڪٽي
کوليو.
نيرن تيار هئي.
”پيڊي،“ هن سڏ ڪيو، اتي جواب ڪين هو.
”هلي آ،“ هن چيو. ”مان سندس انتظار ڪين ڪندس. ٿي
سگهي ٿو هو مڇيون کڻڻ لاءِ ويو هجي ۽ اتي ئي سمهي
پيو هجي.“ هو ڪڏهن ڪڏهن رات جو سمنڊ ۾ ڪنڍيون هڻي
رکندا هئا.
ايميلائين مسٽر بٽن جي ديوتا جيان عزت ڪندي هئي پر
ڊڪ کي سندس گهٽ پرواهه هئي. هن کي خبر هئي ته گهڻا
ئي ڪم ڪيئن ڪجن پر جڏهن گهر تي ڪو ڪم ڪرڻو پوندو
هو ته ان کي ڏينهون ڏينهن ٽاريندو هو. هو سهڻيون
آکاڻيون ٻڌايئندو هو ۽ گانا ڳائيندو هو پر ڊڪ کي
ڪم تي ايمان هو، جڏهن به ڪرڻو هجي.
”پيڊي… هيلو… تون ڪٿي آهين؟“
هنن ڪن ڏنو پر ڪو جواب ڪين آيو.
”بيهه،“ هن ايميلائين کي چيو. هوڪناري ڏانهن ڀڳو
جتي ٻيڙي وڻ سان ٻڌل هوندي هئي. پوءِ هو مٽي آيو.
”ٻيڙي ته بلڪل ٺيڪ آهي،“ هن چيو. ”هو ڪٿي ٿي سگهي
ٿو؟“
”مونکي ڪهڙي خبر،“ ايميلائين چيو. سندس دل ۾ ڊپ جو
ٿورو ٿڌو احساس اڀريو هو.
”هل ته ٽڪريءَ مٿان ٿا هلون،“ ڊڪ چيو. ”شايد هو
اتي لڀجي.“
هو ٻيلي مان لنگهندي سڏ ڪندا ويا. وڻن پنهنجو
وراڪو واپس ڏنو پر اتي ٻيو ڪو جواب ڪين هو.
هو آبشار وٽ آيا.
”هلي اچ،“ ڊڪ چيو ۽ هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ مٿان چڙهي
ويا.
ڍنڍ چمڪندڙ نيرو جواهر هئي. وڻن جون شاخون هوا ۾
پئي لڏيون. پکڙيل سمنڊ مٿان ڇوليون ڪنهن ڏوراهين
طوفان کان گول ڦرنديون اڳتي پئي آيون.
اوچتو ڊڪ ٽڪر مٿان ايميلائين جي پاسي ۾ ترسي، گهڻو
هيٺ هڪڙي مٿاهين ڇپ ڏانهن اشارو ڪيو.
”هو هتي آهي!“
گلن جو هڪڙو تاج
هو رڳو ايترو ڏسي ٿي سگهيا ته پيڊي پيپي جي پاسي ۾
پٿر مٿان ليٽيل هو.
”هو ستل آهي،“ ڊڪ چيو.
”هو اتي پهتو ڪيئن؟“ ايميلائين چيو. ٻيڙي ته هن
پاسي وڻ سان ٻڌل هئي.“
”مونکي خبر ناهي،“ ڊڪ چيو. ”هو هتي آهي! اسان هن
پاسي هلي کيس جاڳايون ٿا. مان سندس ڪن ۾ رڙ ڪندس ۽
کيس ٽپ ڏياريندس.“
جيئن هو ٽڪريءَ تان هيٺ پئي ويا. ايميلائين گل
چونڊيندي وئي ۽ انهن جو تاج ٺاهڻ شروع ڪيو.
”تون اهو ڪنهن جي لاءِ پئي ٺاهين؟“ ڊڪ پڇيو.
”مان اهو مسٽر بٽن جي مٿي تي رکنديس، جيئن ته جڏهن
تون سندس ڪن ۾ رڙ ڪري ته اهو ان کي پهريندي ٽپ
ڏئي.
ڊڪ کليو
هو ٻيڙي وٽ پهتا. ”چڙهه اندر، ”ڊڪ چيو.
ڊڪ چپ چاپ ونجهه هنيا ۽ آهستي جيئن ستل جاڳي نه
پئي، هن ٻيڙيءَ کي ڇپ جي نوڪ سان ٻڌو. پوءِ ٻاهر
لٿو. هن ٻيڙيءَ کي اندر ڇڪي هڪڙي پاسي ڪيو ۽
ايميلائين کي خشڪيءَ تي لهڻ ۾ مدد ڪئي.
پيڊي پنهنجي ساڄي پاسي تي ليٽيل هو ۽ سندس منهن
سندس ٻانهن ۾ لڪل هو. هوا هن جا اڇا وار ٿي لوڏيا.
ڊڪ ۽ ايميلائين سانت سان قدم کڻندا آيا، جيستائين
هو سندس بلڪل ويجهو پهتا. پوءِ ايميلائين گلن جو
تاج پوڙهي جي مٿي تي رکيو ۽ ڊڪ هيٺ پنهنجي گوڏن تي
ويهي سندس ڪن ۾ رڙ ڪئي خواب ڏسندڙ ڪين چريو.
”پيڊي!“ ڊڪ دانهن ڪئي.“ اُٿ جاڳ! اُٿ جاڳ!“
هن پيڊيءَ جي ٻانهن کي ڇڪيو. لاش ڦيرو کاڌو، اکيون
پٽيل ۽ بي نور هيس ۽ وات کليل هيس.
ايميلائين هڪڙي رڙ ڪئي ۽ ڪري پئي. ڊڪ ڊپ ۾ وائڙو
ٿي کيس ڇپ جي ڪناري ڏانهن ڇڪي ويو. کين کسڪڻ
گهرجي.... هن ڀوائتي شيءِ کان ڀڄڻ! کيس خبر نه هئي
ته ڇا ٿيو ۽ نه سوچڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن ايميلائين
کي ٻيڙيءَ ۾ رکيو، پوءِ پنهنجي پوري طاقت سان
ونجهه هڻي ڪناري تي پهتو.
تنهائي
انهيءَ اونداهي رات جي وچ ۾، ٻار ٻئي ڪنهن پاسي
مدد لاءِ واجهائي ڪين ٿي سگهيا، سوائي هڪ ٻئي جي.
صبح ويجهو هو جڏهن ايميلائين کي ننڊ وٺي وئي. جيئن
ئي ڊڪ کي سندس سانتيڪي ساهن مان پڪ ٿي ته هوءَ ستل
آهي ته هو ڪناري ڏانهن هليو ويو. سج سمنڊ جي ڪنيءَ
مٿان هينئر ظاهر ٿيو هو ۽ هلڪي هوا خشڪيءَ طرف پئي
هلي.
رات وچ ۾ ايميلائين ورائي ورائي دانهن پئي ڪئي،
”مونکي پري وٺي هل! واهه مونکي پري وٺي هل، ڊڪ؛“ ۽
هن واعدو ڪيو هو.
سندن گهڻو تڻو سامان گهر ڀرسان، وڻ هيٺ، هڪڙي سڙهه
هيٺيان ڍڪيو پيو هو پراڻا ڪپڙا ڪهاڙيءَ ۽ ڪارائي،
پيڊيءَ جي تماڪ مان جيڪي رهجي ويو هو، پاڻيءَ جو
پيپو ۽ سبڻ جو دٻو. هن اهي سڀ کڻي وڃي ٻيڙيءَ ۾
رکيا. پوءِ هن ڪجهه ڪيلا ۽ مانيءَ ڦل، ۽ ڪالهه جي
نيرن تي بچيل ڪجهه مڇيون کنيو ۽ انهن کي ٻيڙيءَ ۾
رکيو. هو واپس ويو ۽ نهايت نرميءَ سان ايميلائين
کي پنهنجي ٻانهن ۾ کنيائين. هن جي ننڊ تمام گهري
هئي، هوءَ چري به ڪين. هن پاڻيءَ تائين پهچندي
رستي ۾ ڪيترا ڀيرا ساهي پٽي، پر هوءَ جاڳي ڪين.
آخرڪار هو اتي پهتو ۽ ايميلائين کي نهايت آرام سان
کيسن تي هيٺ ليٽايو، پوءِ هن ونجهه کنيا. هو کاٻو
پاسو وٺي ٻيڙي هلائڻ لڳو. هو ڪناري جي ويجهو رهيو.
هن کي نئين گهر جي ڳولها هئي. ڪجهه هنڌن تي تمام
گهڻا وڻ يا گهاٽا ٻوٽا هئا. هن کي هوا ۽ ڪشادي
جڳهه گهربل هئي، پوءِ اوچتو هن ان کي ڳولهي ورتو.
هڪڙي راس وٽان ڦرندي جيڪا ڳاڙهن گلن واري ٻوٽن سان
ڍڪيل هئي، هو نئين دنيا ۾ پهچي ويو. پاڻيءَ جي
ڪناري تائين ڦهليل پکڙيل ويڪرو سرسبز ميدان، ٻنهي
طرفن کان ٻيلو هو. هتي ڍنڍ سندن پراڻي گهر کان
وڌيڪ ڦهليل هئي ۽ ايتري نيري ڪين هئي، ڇاڪاڻ ته
پاڻي گهڻو اونهو ڪين هو. هو پاڻيءَ ۾ ترندڙ مڇين
کي بلڪل چٽو ڏسي ٿي سگهيو.
ڊڪ ونجهه هڻڻ بند ڪيا. هوا ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏانهن
ڌڪي وٺي وئي.
ايميلائين جاڳي پئي، هوءَ اٿي ويٺي ۽ پنهنجي
چوڌاري نهارڻ لڳي.
جواني
گهر گاهه مٿان ٻن وڻن جي وچ ۾ جڙي راس ٿيو هو. اهو
تمام ننڍو هو. هڪڙي مرغي خاني کان وڌيڪ وڏو ڪين
هو، پر اهو ٻن ماڻهن لاءِ هڪڙي اهڙي جاءِ تي جتي
سدائين اونهارو هجي، ڪافي وڏو هو. اهو ننڍڙو هو…
پر اهو نهايت سٺي ڏانؤ سان جڙيل هو. ان جي پٺيان
ويجهڙائيءَ ۾ زمين کي کوٽي ان ۾ پٽاٽا پوکيا ويا
هئا.
گهر جو فرش سهائي خوشبو ڏيندڙ گاهه سان ڍڪيل هو.
ٻه کيس ويڙهيل سيڙهيل دروازي جي ٻنهي پاسن کان پيا
هئا. ڀت سان لڳل تاڪ تي ڪوپ رکيل هئا، جيڪي ڪوڏن
مان ٺاهيا ويا هئا.
دروازي جي ڀرسان هڪڙي ڇوڪري ويٺل هئي يا.... کڻي
هڪڙي نوجوان عورت چئجي کيس مختصر لباس هو جيڪو
گوڏن تائين پهتو. سندس ڊگها ورا پٺيان ٻڌل هئا
سندس ساڄي ڪن جي پٺيان هڪڙو ڳاڙهو گل لڳل هو.
سندس پاسي ۾ هڪڙو ڪوپ ڪنهن اڇي شيءِ ڀريل پيو هو،
جنهن مان هوءَ هڪڙي چمڪندڙ رنگين پکيءَ کي داڻا
کارائي رهي هئي. ڊڪ کي هي پکي ٻيلي مان هٿ آيو هو،
جڏهن اهو تمام ننڍو هو. هنن ان کي پاليو ۽ هاڻي
اهو گهر جو ڀاتي هو. اهو رات جو ڇت مٿان سمهندو هو
۽ مانيءَ مهل هميشه نروار ٿيندو هو.
ايميلائين پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ پکي اڏري اچي
سندس آڱر تي ويٺو.
”ڪوڪو،“ هن چيو. ”ڊڪ ڪٿي آهي؟“
پکيءَ پنهنجو ڪنڌ ڦيرايو ڄڻ ته هو پنهنجي مالڪ
لاءِ واجهائيندو هجي ۽ ايميلائين کلي پئي.
چنڊ منٽن ۾ ڊڪ ٻه ڊگها بانس گهليندو نروار ٿيو. هو
ٺاهوڪو جانٺو جوان هو. هو ايميلائين جي ڀرسان هيٺ
اچي ويٺو، هڪڙو بانس پنهنجي گوڏي تي رکي ۽ ان کي
ڪٽڻ شروع ڪيو.
”تون ڇا ٿو ٺاهين؟“ ايميلائين چيو.
”مڇين جو ڀالو،“ ڊڪ چيو.
ڊڪ گهڻو ڪين ڳالهائيندو هو. حياتي سندس لاءِ سراسر
سخت محنت هئي. جڏهن هو ايميلائين سان ڳالهائيندو
هو ته رڳو چند لفظ چوندو هو، پر هن چيزن سان
ڳالهائڻ شروع ڪيو هو.... مڇيءَ جي ڀالي سان،
جنهنکي هو ڪاٽي رهيو هو. يا ڪوپ، جنهن کي هو ٺاهي
رهيو هو. ايميلائين پڻ ٿورو ڳالهائيندي هئي. هن جي
اندر ۾ ڪو ڳجهه هو، ڄڻ سندس دماغ سندس ئي اندر جي
خوابن ۾ بند هو، جن جي رڳو کيس خبر هئي. ڪڏهن ڪڏهن
هوءَ بوسٽن جي گهر بابت سوچيندي هئي، جيڪو چٽو ياد
نه هئس ۽ مسٽر ليسٽرينج جي شڪل، ”نارٿمبرلينڊ“ جو
خيال ۽ ان مان آسمان ڏانهن چڙهندڙ دونهون ۽ ڇپ تي
پيل پيڊيءَ جو لاش، ڪڏهن ڪڏهن سندس ڊيڄاريندڙ
خوابن ۾ وٽس ايندا هئا ۽ هن کي ڇرڪ ڀرائي جاڳائڻ
جو سبب ٿيندا هئا ۽ سندس دانهن نڪري ويندي هئي.
گذريل دور جا اهي سڀ ماڻهو پاڇولا هئا پر ڊڪ حقيقي
هو. هن کي سڀ کان وڏو ڊپ انهيءَ جو هو. ڇا ٿئي
جيڪڏهن ڪو کيس پري کڻي وڃي ۽ هوءَ بلڪل اڪيلي رهجي
وڃي؟
آخرڪار ڊڪ پنهنجو ڀالو ختم ڪيو ۽ اٿي بيٺو.
”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ ايميلائين پڇيو.
”ٻاهر ڇپن ڏانهن،“ هو گهر اندر ويو ۽ چاقو تاڪ تي
رکيو. پوءِ هو هڪڙي هٿ ۾ پنهنجو ڀالو ۽ ٻئي ۾ ڪجهه
ڏوري کڻي ٻاهر آيو، ڏوري مڇيون پوئي کڻي اچڻ لاءِ
هئي.
هو هيٺ ٻيڙيءَ طرف ويا.
ڊڪ ٻيڙيءَ کي ڇپ جي هڪڙي نوڪ سان ٻڌو ۽ پاڻيءَ ۾
پير پاتو. ايميلائين ويهي کيس جاچڻ لڳي. هن ’هپ‘
جهڙي رڙ ڪري، هڪ وڏي مڇيءَ کي ڀالو هنيو.... ۽
پوءِ ٻي، ۽ انهن کي ڇپ جي مٿان اڇلايو.
پوءِ هن پنهنجو ڀالو هڪڙي پٿر مٿان رکيو ۽ هيڏانهن
هوڏانهن ڦرڻ شروع ڪيو هو انهن عجيب ٻوٽن کي ڏسي
رهيو هو جيڪي پاڻيءَ جي اندر اسريل هئا ۽ ٻن پٿرن
جي وچ ۾ گهرائيءَ منجهه هئا. پاڻي سندس گوڏن تائين
پئي آيو. هو اڳتي وڌڻ وارو ئي هو ته ڪنهن سندس پير
پڪڙي ورتو. هن ڊپ ۽ درد کان دانهن ڪئي. پوءِ
ڪاشيءَ پاڻيءَ کان ٻاهر آئي ۽ هن جي ساڄي گوڏي کي
جڪڙي ۽ کيس جهلي ڇڏيو. اها اٺ پيري هئي.
ايميلائين کان ذري گهٽ ڊڪ ڀلجي ويو هو؛ هن سمنڊ
طرف پئي نهاريو. سج هيٺ پئي لٿو. موجون ماٺيڻيون
ٿي لڳيون ۽ سون سان ڇهيل هيون. هن ڏسندي ڦيرو کاڌو
۽ پنهنجي ننڍڙي گهر کي ڏٺو، ان جي ڇت هيڊي هئي ۽
ان جي ٻنهي پاسن کان وڻ هئا. پوءِ هوا ڊڪ جو واڪو
کڻي وٽس پهتي. هو گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ اڀو ٿي بيٺو
هو. سندس ٻانهون کڄيل هيون ۽ هن مدد لاءِ دانهون
پئي ڪيون.
هن مٿي ٽپ ڏنو.
”منهنجو ڀالو!“ هن واڪو ڪيو.
هوءَ پٿر ڏانهن ڀڳي، جتي سندس ڀالو سندس ماريل
مڇين جي رت سان ڳاڙهو ٿيو هو. جيئن هوءَ ڀالو کڻي
ويجهو پهتي ته هن ڏٺو ته جنهن شيءِ ڊڪ کي جهليو
هو، سا جيئري هئي. ان جون ٻانهون سندس پٺيءَ تائين
پئي آيون، پر سندس ساڄي ٻانهن آزاد هئي.
”جلدي!“ هن رڙ ڪئي.
ڀالو سندس ساڄي هٿ ۾ هو. ايميلائين پنهنجي گوڏن ڀر
هيٺ ويهي رهي. هوءَ پاڻ کي اندر اڇلائي ان شيءِ
سان وڙهڻ لاءِ تيار هئي، پوءِ کڻي اها ڪجهه به
هجي، هن پاڻي م هڪڙي شڪل ڏٺي ۽ ڦاٽل اکيون. اها
هڪڙي ننڍڙي اٺ پيري هئي پر ايتري طاقتور هئي جو
هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري سگهي. هڪڙي ٻي ٻانهن پاڻيءَ
مان ٻاهر نڪتي ۽ ڊڪ جي ٽنگ جهلي. پوءِ هن پنهنجي
ڀالي جي نوڪ سندس ساڄي اک ۾ کُپائي ڇڏي جيڪا اک
مان پار ٿي هيٺ پٿر تائين پهتي. پاڻي سندس ڪاري مس
جهڙي رت سان ڪارو ٿي ويو. اٺ پيريءَ جون ٻانهون
پري هٽجي ڪري پيون. ڊڪ آزاد هو.
ايميلائين اٿي بيٺي ۽ هن کي جهليو. ڳوڙها سندس ڳلن
تان پئي ڳڙيا، جيئن هوءَ کيس پنهنجي ويجهو جهلي
بيٺي هئي. هن پنهنجي ٻانهن سندس چوڌاري ويڙهي، پر
هن کي سندس ويچار ڪين هو.
ڪاوڙ ۾ چريو، هن پنهنجو ڀڳل ڀالو ٻيهر پاڻيءَ ۾
وهائي ڪڍيو ۽ ٻيهر، جيئن دشمن برباد ٿي وڃي جنهن
هن تي حملو ڪيو هو.
پوءِ هو ترسيو. هن پنهنجي هٿ پنهنجي اکين تي
ڦيريو، پوءِ هن پنهنجي ڀڳل ڀالي ڏانهن ڏٺو.
”حيوان!“ هن چيو. ”تو ان جون اکيون ڏٺيون؟ منهنجي
دل ٿي چئي ان کي سؤ اکيون هجن ها ۽ مون وٽ سؤ ڀالا
انهن ۾ کوڙڻ لاءِ هجن ها.“ هوءَ اڃان تائين کيس
چنبڙيل هئي. روئي پئي، کلي پئي ۽ سندس واکاڻ پئي
ڪري ڄڻ هن کيس موت کان بچائي ورتو هو. پاڻ کيس
ڪين.
هو واپس ڇپ ڏانهن موٽي ويا. هن مڇيون کنيون جيڪي
هن ڀالي سان شڪار ڪيون هيون، پوءِ جيئن هن نيري
ڍنڍ ۾ واپس ورڻ لاءِ ونجهه پئي هنيا. هن ڳالهايو ۽
کليو، ورجائي ورجائي ويڙهه جي ڳالهه ڪئي. جڏهن رات
آئي ته ڊڪ خشڪ گاهه تي ليٽيو ۽ سمهي پيو. هن
پنهنجي ننڊ ۾ پئي ڳالهايو، هڪڙي شڪاري ڪتي جيان
جيڪو خواب ۾ شڪار ڪندو هجي.
ايميلائين سجاڳ ليٽيل هئي، سوچي پئي. هڪڙو نئون
خوف سندس زندگيءَ ۾ پيهي آيو هو. هن موت کي ٻيو
ڀيرو ڏٺو هو پر هن ڀيري اهو جيئرو موت هو.
اوسر
ڊڪ وڻ جي پاڙ وٽ، گهر جي ڀر ۾ ويٺو هو. سندس پاسي
۾ مڇيءَ جي ڪنڍين جي دٻي رکي هئي ۽ هو انهن مان
هڪڙيءَ ۾ مڇيءَ جي ڏور ٻڌي رهيو هو. جڏهن پيڊي اها
دٻي لڌي هئي ته ان ۾ وڏيون ننڍيون چوويهه ڪنڍيون
هيون پر هاڻي رڳو ڇهه هيون – چار ننڍيون ۽ ٻه
وڏيون. هو ڏور سان وڏي ڪنڍي ٻڌي رهيو هو.
سڀاڻي سندس ارادو پراڻي هنڌ وڃي، جتي سندس پهريون
گهر هو، ڪجهه ڪيلا حاصل ڪرڻ ۽ موٽ تي ڍنڍ جي اونهي
حصي وٽ وڏي مڇي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو هو.
ايميلائين سندس ڀرسان ويٺي هئي ۽ ڏور کي سڌو ٺاهڻ
۾ مدد ڪري رهي هئي. اوچتو هن پنهنجو مٿو کنيو.
موجن جي آواز سان، ڪنهن دهل جو واڄٽ مليل هو.
”ٻڌ!“ هن چيو.
ڪڏهن آواز سمنڊ جي طرفان ايندي پئي لڳو ۽ ڪڏهن،
جيئن هن پنهنجو ڪنڌ ورايو ته اهو ٻيلي طرفان ايندي
پئي لڳو. پوءِ هوا بدلجي وئي ۽ آواز وڌيڪ ٻڌڻ ۾
ڪين آيو.
اڳين ڏينهن تي ڊڪ اڪيلو روانو ٿيو. هن اٽڪل هڪ ميل
تائين ونجهه هنيا، پوءِ هن ونجهه ٻيڙيءَ ۾ ڇڪي
ورتا. اتي پاڻي تمام اونهو هو، ايترو اونهو جو ترو
نظر ڪين ٿي آيو. هن ڪنڌيءَ تي مڇيءَ جو ذرو
اٽڪايو، ان کي پاڻيءَ اندر اڇلايو ۽ ڏور جي پڇڙيءَ
ٻيڙيءَ سان ٻڌي ڇڏي.
اوچتو ٻيڙي هڪڙي پاسي تي لڙي وئي. ڊڪ پنهنجو بار
ٻئي پاسي تي کڻي اڇلايو ۽ اهڙيءَ ريت ٻيڙي ذري گهٽ
اونڌي ٿيڻ کان بچائي ورتي، پاڻي اُٻرندو ٿي لڳو.
هن هڪڙي تمام وڏي مڇي پڪڙي هئي. تمام ترت هن ڏور
کي ٻيڙيءَ مان کوليو ۽ ان کي هڪڙي ونجهه سان ٻڌو ۽
ونجهه کي پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. هڪدم هن ونجهه کي
پاڻيءَ مٿان پري ويندي ڏٺو. ڪڏهن ڪڏهن اهو پاڻي
اندر هيٺ پئي ويو، پوءِ اهو مٿي پئي آيو ۽ ٻيو
پاسو پئي ورتو. ڪڏهن اهو هڪڙي هنڌ تي پئي رڪيو ۽
وري ٻيهر هلڻ ٿي لڳو.
هڪڙو ڪلاڪ گذري ويو ونجهه آهستي آهستي وچ ۾ ويو ۽
گول گول چڪر ڪاٽڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اهو رڪجي ويو.
ڊڪ پٺيان بيهي، ٻيڙيءَ کي رهيل ونجهه سان هلايو.
هن ونجهه کنيو جيڪو پاڻيءَ ۾ پيو هو ۽ ڏور کي اندر
ڇڪيو. آخرڪار هو مڇيءَ جي ڊگهي چانديءَ جهڙي جسم
کي ڏسي ٿي سگهيو، پر جنگ ڍنڍ جي سردار به ٻڌي هئي.
شارڪ… هڪڙو ڪارو پاڇو پاڻيءَ اندر نظر آيو. مڇي گم
ٿي وئي! ڊڪ جي ڏور جي پڇڙي تي رڳو سندس منڍي رهجي
وئي. |