جيڪڏهن شاهه صاحب سان مخدوم مير محمد جي مخالفت
هجي ها ته شاهه جو ڪلام سماع ۾ ڪو نه ڳارايو وڃي
ها، پويان سجاده نشين ئي شاهه جي ڪلام بدران ڪنهن
پنهنجي شاعر جو ڪلام ڳارائين ها. سماع ۾ سنڌي ڪلام
ته مخدوم نوح جي ئي وقت ۾ ڳارايو ويندو هو، جنهن ۾
قاضي قاضن، شاهه ڪريم، خود مخدوم نوح ۽ ٻين شاعرن
جو ڪلام استعمال ٿيندو هو.
هيءَ ڳالهه نهايت افسوسناڪ آهي جو اسان جي ادب ۾
صحيح تنقيد ڪانه ڪئي ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو
ڪتابن ۾ عظيم غلطيون رهجيو وڃن، پر جيڪڏهن ڪو شخص
تنقيد ڪرڻ لاءِ قلم کڻي ويهي ٿو ته ذاتي حملا ڪيا
وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو اصلاح جي بدران اختلاف جو
نڪري ٿو. ”تنقيد“ لفظ جي معنى آهي: سوچ ويچار ۽
ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، پر هت ان جي برخلاف ٿي رهيو آهي.
اڄوڪي تنقيد دل آزاري ٿئي ٿي. نقاد جو فرض آهي ته
هو اهڙي سٺي ۽ مٺي نموني تنقيد ڪري جو جنهن تي
تنقيد ٿئي، اهو فائدو حاصل ڪري، تنهن ڪري تنقيد ئي
في الوقت اهڙي چيز آهي جا جيڪڏهن صحيح طريقي تي
ڪئي وڃي ته هوند ڪافي کان زياده فائديمند ٿئي. ان
سان گڏ اسان جو عوام به روايتن کي اهڙيءَ طرح ته
چنبڙي ويو آهي، جو حقيقت آڏو رکجي ٿي تڏهن به پسند
ڪرڻ ته بجاءِ خود، پر رڳو ان تي غور به نٿو ڪري.
(نوٽ: مخدوم صاحب جن جو هي مضمون، اڳ مختصرا،
مهراڻ 3/1967ع ۾ شايع ٿيل آهي. تازه شايع ٿيل ڪتاب
”لطائف لطيفي“ جي پيش نظر، هي مضمون سنواريل ۽
وڌايل صورت ۾، موضوع جي افاديت جي لحاظ کان دوباره
شايع ڪيو وڃي ٿو. – ايڊيٽر)
شاهه لطيف:
عزم ۽ استقلال
جو داعي ۽ پيغام پهچائيندڙ
ڊاڪٽر غلام علي الانا
سنڌي زبان ۽ ادب، سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي ۽
ذهني توڙي فڪري ارتقا جو آئينه دار آهي. سنڌي زبان
کي هر دور ۾ اهڙا اهڙا شاعر، اديب ۽ اڪابر نصيب
ٿيا، جن جي ڪلام ۽ پيام، قوم جي دلين ۾ نوان جذبا
۽ نوان اُمنگ پيدا ڪيا، ۽ انهنجي ڪلام سنڌ جي عوام
جي رڳن ۾ نئين خون مثل تحرڪ آڻي منجهن جوش ۽
وَلولو پيدا ڪيو.
شاهه لطيف اهڙن انسانن ۽ اڪابرن مان هڪ هو. شاهه
لطيف سنڌ جو عظيم مفڪر، لاثاني شاعر ۽ رهنما آهي.
هو هر دور ۾ زنده ۽ هر دور جي ترجمان شاعر جي
حيثيت ٿو رکي.
هو مغليه دور جي آخري ڏينهن (ولادت 1689ع/وفات
1752ع)
۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو ڪلهوڙن جي
حڪومت ۾ گذاريائين.
شاهه صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب کي نئون موڙ ڏنو. ان ۾
نوَن موضوعن ۽ نوَن مضمونن تي نه فقط طبع آزمائي
ڪيائين، بلڪ اُهي موضوع ۽ مضمون سنڌي ادب ۾ بنيادي
حيثيت رکن ٿا. شاهه جي شاعري فطرتي ماحول ۽ منظرن
۽ فطري مشاهدي جي عڪاسي آهي. شاهه جي ڪلام ۾ سنڌ
جي ماڻهن جي نفسيات، سوچ ۽ فڪر جي چٽي تصوير چٽيل
آهي.
شاهه جي شاعري علامتي شاعري آهي. هن انهن علامتن ۽
اشارن، رازن ۽ رمزن، استعارن، ڪتابن ۽ تمثيلن
ذريعي، سنڌي شاعريءَ کي نوان موضوع ڏنا.
شاهه لطيف انساني عمل ۽ ڪردار کي واضح لفظن ۾ بيان
ڪيو آهي. هن سسئي، سهڻي، مومل، مارئي، ليلان،
ڪؤنرو ۽ نوريءَ جي تمثيلن ۾ طالب ۽ مطلوب، دنيا ۽
عقبى جو بيان ڪيو آهي. انسان دوستي، محنت ڪشن سان
محبت، هارين نارين ۽ جهانگين سان همدردي، ۽ اهڙيءَ
طرح لوهارن، ڪورين، مهاڻن ۽ مزورن سان محبت ۽ قرب،
لطيف جي شاعريءَ جا خاص موضوع آهن، هو فرمائي ٿو:
هلو هلو ڪوريين، نازڪ جن جو نينهن،
ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
ــــــــ
ڏاتارَ ڏکَ ڪَيا، پاڻا مٿي مڱڻي،
مون در ڇڏيو مڱڻا، مڱين ڪوهه ٻيا،
تڏهن تو پيا، وِچان وِلَها ڏينهڙا.
لطيف انساني زندگيءَ جو هڪ عظيم شارح آهي. لطف
سنڌي داستان کي تمثيل طور پيش ڪري، انهن جي ڪردارن
کي امر بنائي ڇڏيو آهي، انهن کي حيات جاودان بخشي
اٿس، شاهه جي ڪلام جو هڪ حقيقت پسندانه پهلو هي به
آهي ته ان ۾ اهڙا زندهه جاويد قدر موجود آهن، جيڪي
انسانذات لاءِ، هر دور ۾ مشعل راهه بڻجي سگهجن ٿا.
زندگيءَ جي اهڙن قدرن ۽ موضوعن مان ”عزم ۽
استقلال“ قابل ذڪر موضوع آهن، جيڪي هر زندهه دل
انسان کي اعلى مرتبت تي رسائي سگهن ٿا.
عزم انهيءَ انتهائي قوت جو نالو آهي، جنهن کي
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ گهڻو ضروري آهي. انسان جا اعمال
ٻن طرحن جا هوندا آهن: هڪڙا غيرارادي، جيئن دل جي
حرڪت ۽ ساهه کڻڻ جو عمل، ٻيا ارادي، جيڪي وجود ۾
اچڻ لاءِ، ارادي جا محتاج هوندا آهن (2). ارادي ۽
اختياري عملن جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته معلوم ٿيندو
ته ڪنهن به ارادي عمل کان اڳ هڪٻئي پٺيان ڪئين
اهڙا درجا يا منزلون طئي ڪرڻيون پونديون آهن، جيڪي
انهيءَ اختياري عمل جي اساس يا سرمايي جي حيثيت
رکن ٿا، انهن ۾ سڀ کان اڳاهون، يعني پهريون درجو
”احساس ۽ شعور“ جو آهي ۽ اهي ئي اختياري عمل جي
لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. احساس شعور کانسواءِ
ارادي عملن جو ظهور ناممڪن آهي.
ٻيو درجو ”مِيلان“ يعني ”طبعي لاڙي“ جو آهي. ميلان
غير ارادي عمل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جو
ارادو يا طبيعت جو لاڙو، ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ نه به
هوندو آهي پر ان ڪم ڏانهن طبعي لاڙو هوندو آهي، ۽
ڪڏهن ڪڏهن باهم اختلاف رکندڙ يعني متعارف لاڙا به
پيدا ٿيندا آهن (3). ماڻهو ڪنهن ڪم جي افاديت تي
سوچيندو آهي. ان ڪم ڪرڻ تي سندس دل به هوندي آهي،
پر جڏهن انهن جي منفي اثرن تي هو غور ڪندو آهي،
تڏهن ان جي دل کيس ان ڪم ڪرڻ کان باز رهڻ لاءِ
چوندي آهي. اهڙيءَ طرح هڪ مرحلو اهڙو به هوندو
آهي، جو ماڻهو مختلف لاڙن يعني ميلانات مان ڪنهن
به هڪ کي ترجيح ڏيندو آهي ۽ آخر هڪ طرف کي قبول
ڪري، باقي ڳالهين کي مسترد ڪندو آهي، انهيءَ ڪيفيت
کي ”رغبت“ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو ماڻهو
انهيءَ ”مرغوب عمل“ تي پختو ارادو ڪندو آهي ته
اهڙي عمل کي ”عزم“ چئبو آهي.
عزم عمل کان مقدم هوندو آهي. عزم عام قسم جي ارادي
جو نالو نه آهي، بلڪ عزم ارادي جي انهيءَ انتهائي
قوت جو نالو آهي، جا جنهن طرف رخ ڪندي آهي، ان کي
ضرور مڪمل ڪندي آهي، پوءِ چاهي ڪهڙي به ڏکئي ۾
ڏکئي مرحلي مان ڇو نه گذرڻو پوي (4) صاحب عزم،
پنهنجي همت ۽ بي پناهه صلاحيت سان، مشڪل ۾ مشڪل
حالت مان به اڪري پار پوندو آهي. عزم دراصل آزادي
جو اهو درجو يا اها منزل آهي، جنهن تي رسڻ کانپوءِ
انسان هر رڪاوٽ کي هٽائڻ جي قوت رکندو آهي ۽ هو
مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. عزم جي
اهڙي منزل ۽ مقام جو هڪ لاثاني مثال اسان کي رسول
اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي حيات طيبہ مان ملي ٿو.
روايت آهي ته جڏهن قريش پاڻ سڳورن صه جي چاچي
بزرگوار حضرت ابوطالب کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجي
ڀائيٽي کي سمجهائين ۽ کين توحيد جي دعوت ڏيڻ کان
روڪين. قريش جي وڃڻ کانپوءِ، پاڻ سڳورا جڏهن تشريف
فرما ٿيا ته حضرت ابوطالب جن، پاڻ سڳورن سان انهي
واقعي جو ذڪر ڪيو، اها ڳالهه ٻڌي، پاڻ سڳورن جي
عزم ۽ ولولو آيو ۽ فرمايائون:
”چاچا سائين! جيڪڏهن اهي ماڻهو منهنجي ساڄي هٿ ۾
سورج ۽ کاٻي هٿ ۾ چنڊ به آڻي ڏين ۽ چون ته آءٌ
توحيد جي دعوت جي ڪم تان هٿ کڻي وڃان، ته خدا جو
قسم آءٌ اهڙو شرط هرگز ۽ هرگز قبول نه ڪندس. يا هي
دين غالب ٿيندو ۽ يا ته آءٌ هن ڪم ۾ هلاڪ ٿي
ويندس، پر هن دعوت تان هٿ هرگز ڪين کڻندس“(5).
پاڻ سڳورن صه مومن لاءِ هر معاملي ۾ عزم ۽ پختي،
نيت ۽ ارادي کي گهڻي اهميت ڏني آهي، ۽ فرمايو اٿن:
”جڏهن به الله تعالى کان ڪجهه گهرو ته پختي عزم
سان دعا ڪريو، ڇو ته بي يقينيءَ سان گهريل دعا به
الله تعالى وٽ قبول نه پوندي“(6).
پاڻ سڳورن جي اها عزم جي تعليم ۽ تلقين ئي هئي،
جنهن بلال حبشي، عمار بن ياسر ۽ ٻيا اهڙا باعزم
افراد پيدا ڪيا، جن مارون کاڌيون، سختيون سٺيون،
کين ٻرندڙ اڱارن تي ليٽايو ويو، پر انهن جي عزم ۽
استقلال ۾ ڪابه لرزش ڪانه آئي. عزم جو هڪ اهڙو
مثال حضرت امام حسين عليہ السلام قائم ڪري
ڏيکاريو. سندن اهل و عيال، دوست ۽ ساٿي ڪربلا جي
ميدان ۾ حق خاطر ڪسجي ويا، پر پاڻ پنهنجي عزم تي
قائم رهيا ۽ يزيد جي آڏو پيش نه پيا ۽ ان جي
بَيعَت نه ڪيائون.
انساني تاريخ ۾ وڏا وڏا جرنيل ۽ سپهه سالار، جن
ملڪن جا ملڪ فتح ڪيا، انهن ۾ ڪو به پنهنجي
سازوسامان، افرادي قوت ۽ جنگي اسلح جي ڪثرت سان
فتحياب نه ٿيو، پر انهن جو عزم بي پناهه هو، جنهن
جي اڳيان ڪابه وڏي ۾ وڏي طاقت بيهي نه سگهي ۽ انهن
جو مقابلو ڪري نه سگهي. نيپوليئن جو مثال اسان جي
سامهون آهي، ان جي زندگيءَ جو اهم ترين ڪردار هي
هو ته هو ڪنهن به ڪم ۾ ”ناممڪن“ جو لفظ ٻڌڻ پسند
نه ڪندو هو، گويا هن جي عزم جي سامهون ڪو به ڪم
ناممڪن نه هو.
عزم، انسان جي زندگيءَ جي ڪامرانين جو راز ۽ جليل
القدر انسانن جي حياتيءَ جو عنوان آهي. جڏهن اهڙا
انسان ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ويهن ٿا ته پوءِ ڪابه
طاقت انهن کي انهي ارادي تان هرگز هٽائي نٿي سگهي.
هن ڏس ۾ سسئي ۽ سهڻي جو مثال اسان جي سامهون آهي،
مورڙي ميربحر جو عزم اسان کان ڳجهو نه آهي، ابڙي
سمي، جنهن عزم ۽ استقلال سان سومرين جي سام جهلي،
اهو عزم اسان جي تاريخ جو هڪ امر ۽ لاثاني باب
آهي.
ڀٽائيءَ جو رسالو عزم ۽ استقلال جي اهڙن مثالن سان
ڀريو پيو آهي. شاهه لطيف سر ڪلياڻ ۾ مرشد کي ڪلال
جي روپ ۽ تمثيل ۾ توريو آهي. ان جو شراب، زهر جهڙو
قاتل ۽ ٽوهه جهڙو ڪؤڙو آهي. سندس عاشقن کي اها خبر
آهي ته هي اهو ”منڌ“ آهي، جنهن جي پيئڻ سان رڳن ۾
رت سڪيو وڃي، جنهن جي چکڻ سان ساهه نڪريو وڃي، پر
عاشق جو عزم پختو آهي، هن جو ارادو بلند آهي، عاشق
اُن زهر قاتل کي ڏسي وهسن ٿا. هُو سر جي عيوض
سُرڪي وٺن ٿا.
عاشق لاءِ سُوري سينگار آهي، سڪڻ جي معنى ئي آهي
سر ڏيڻ. عزم ۽ استقلال وارو عاشق سوريءَ تي چڙهڻ
کان نٿو ڊڄي، بلڪ شاهه لطيف اهڙن عاشقن جي باري ۾
فرمائي ٿو:
سوري آهه سينگار، اصل عاشقن جو،
مُڙڻ موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
شاهه صاحب اهڙي پختي ارادي واري عاشق کي جتائي ٿو:
پهرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو،
ڏک پريان جو ڏيل ۾، واڄٽ جيئن وڄاءِ،
سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
ــــــ
جي اٿيئي سَڌ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالن ڪاٽي،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
تڪ ڏيئي پِڪَ پيءُ، تون گهوٽ منجهان گهاٽي،
جو وَرنہ وِهاٽي، سو سِرَ وٽ سَرو سهانگو.
ــــــ
پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نيهن جي، پاسي پاڻ نه ڪن،
عاشق اجل سامهان، اُچي ڳاٽ اچن،
ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
سهڻي، عزم ۽ استقلال جي علامت آهي. سر سهڻيءَ ۾
لطيف عزم ۽ ارادي جي پختگي جا لاثاني مثال ڏنا
آهن. شاهه سائين، هن سر ۾ سچيءَ سڪ ۽ ان سڪ اندر
پختي عزم ارادي کي اشارن ۽ ڪتابن ۾ سمجهايو آهي.
هن سر ۾ سڪ ۽ ڇڪ جو وستار ۽ سنيهو آهي. محبت جي
تک، درياءَ جي تک کان طاقتور آهي. هن ڏس ۾ ديوان
ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو:
”سڪندين کي نه جر جهلي ۽ نه جهنگ. اُهي پنهنجي عزم
۽ ارادي سان موت کي مارين ٿيون، جيئن ساهڙ سهڻيءَ
کي نه ٻوڙيو، پر دراصل سهڻيءَ، ساهڙ کي شڪست ڏني ۽
ان کي ٻوڙي ڇڏيائين.“(7)
سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ! ٻوڙيو مهراڻ.
سهڻيءَ، ميهار وٽ وڃڻ لاءِ درياءَ اُڪرڻ جو پڪو
ارادو ۽ عزم ڪيو هو، انهيءَ عزم ۽ ارادي جي قوت جي
ڪري هوءَ درياءَ جي دهشت، مينهن، واچ، واڳن،
دريائي جانورن، ۽ سِيرَ ۾ حملي آور سيسارن کان به
نه ڊني. هوءَ پنهنجي ارادي ۽ عزم ۾ ڪامياب ثابت
ٿي. شاهه لطيف اهڙي سچي نينهن ۽ اُن جي انتهائي
منزل ماڻڻ لاءِ سهڻيءَ کي هن سر ۾ عزم ۽ ارادي
واري ڪردار جي ويس ۾ پيش ڪيو آهي. شاهه لطيف
فرمائي ٿو:
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
ــــــ
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،
سر درِ قدمِ يارفداشد چہ بجا شد، وصل اهوئي ونگ،
رات جنين جو رنگ، الا سي اُڪارئين.
درياءَ دهشت آهي ۽ ڪنن جا ڪڙڪا پيا پون، بيشمار
واگهو ۽ ٻيا جانور ڪنڌيءَ تي پيا ڦرن، ته به سهڻي
جان جي پرواهه نٿي ڪري. هوءَ بي خوف آهي ۽ سير ۾
گهڙي ٿي پوي.
لطيف فرمائي ٿو:
ڪَر ڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِت جَرَ واڳو جِئائين،
پاڻ اُڇلي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائين،
لهريون لنگهيائين، لطف ساڻ لطيف چئي.
ــــــ
گهيڙان ڪري نه گهُورَ، تَڙُ تڪڙ کان نه لَهي،
جنهن کي سڪ ساهڙ جي، پُورن مٿي پورَ،
ڪاري رات ڪُنن ۾ وَهمَنِ ڪِي وَهلور،
جنهن کي ساڻ پريان جا سُور، تنهن کي ندي ناه نگاهه
۾.
ــــــ
جِئان گهڙي تان گهيڙ، ڪپرُ پڇن ڪوڙيون،
ڏَمَ سين جُسو ظاهرا، من مهارَ سين ميڙُ،
سا ندي ڀانئي نيڙُ، جنهن کي سڪ ساهڙ جي.
مهراڻ جي مَپ جي ڪلَ، ملاحن کي به ڪانهي. لهرون ۽
درياءَ جي تک، تارو کي به ڪنبايو ڇڏي، بقول ديوان
ڪلياڻ آڏواڻي:
”ڪنن ۾ اهڙو قهر پيو وسي، جو ويا ڪين ورن ۽ وڏا
ٻيڙا به منجهن غرق ٿيو وڃن پر سهڻيءَ تي محبت جي
مستي، عزم ۽ ارادي جو جذبو طاري آهي، هو انهن سڀني
کان نٿي ڊڄي ۽ درياء ۾ ڪاهيو پوي.“(8)
هن منظر کي لطيف هن طرح بيان ڪيو آهي:
دَرَهڙَ ڌنس درياء ۾، جت لهريون ڪن لوڙا،
سئين اچي سمونڊ ۾، ٿيا سيڻايا سوڙا،
جي تارو هئا توڙا، تن هرٻو ڀانيو هيڪڙو.
ــــــ
سڪڻ وارنِ سُٿرو، جي دهشت سان درياء،
اوڙڪِ اُنين جو نه رهي، آر بنا ارِواحَ،
ويندي ساهڙ سامهون، صدقو ڪنديون ساهه،
جن کي حُب انهين جي آهه، ساهڙُ ساڻي تن جو.
مارئيءَ جو ڪردار به عزم ۽ استقلال جو ڪردار آهي.
مارئيءَ عزم ڪيو هو ته لوئيءَ جي لڄ نه لڄائينديس.
هوءَ اهڙي ته پختي ۽ پڪي ارادي واري ثابت ٿي جو
عمر مارئيءَ جي عزم کي، مارئيءَ جي واتان هن طرح
ٿو بيان ڪرائي:
آرَمَ هڏ م اوڍيان پٽولا پٽ چير،
ٻانڌوڻا ٻنِ ڏيان، آرغچَ ۽ عنبير،
ماروئن سين شل ماڻيان، کٿيون جهڙيون کير.
اندر اڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنوهار جي.
ــــــ
ايءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.
ــــــ
پلر پئڻ، اوڇڻ اُن، جن جا پير مٿي پٽ پاڪ،
وِهڻ وراڪن ۾، ان جي آجو کي اوطاق،
پاڻ نه پسن پاڻ کي، ويچارا بي باڪ،
عمر! اُوءِ نه عاق،ڏکيا جِمَ ڏکوئين.
شاهه جي سُر گهاتوءَ ۾ عزم ۽ استقلال جي انتها
آهي. هن سُر ۾ شاهه صاحب مورڙي ميربحر جي ويس ۾
عزم ۽ ارادي جا بهترين مثال ڏنا آهن.
ڪراچيءَ جي ڪُن ۾ اهو قهر آهي، جو جيڪو ان ۾ گهڙي،
سو وري واپس نه وري.
گهاتو نه ڪُن ۾ واڳوءَ جي ور چڙهيا ۽ گهر نه
موٽيا.
سر گهاتوءَ ۾ لطيف بيان ڪيو آهي ته جدوجهد انساني
عمل جو معراج آهي. جدوجهد ۽ عمل کانسواءِ انسان جي
ڪابه وقعت ۽ حيثيت ڪانهي. هر انسان پنهنجي بقاءَ
لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. هر عظيم انسان گهر ويهي ڪجهه
نه ڪرڻ سان عظمت جي منزل تي نٿو رسي، پر هن کي
انهيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ جانفشاني ڪرڻي پوي ٿي.
اهڙن عظيم انسانن جون سوانح عمريون يا آتم ڪهاڻيون
ٻين لاءِ مشعل راهه بڻبيون آهن.
هر زبان جي اديبن ۽ شاعرن انسان جي انهيءَ عمل ۽
جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي. هڪڙا واضح لفظن ۾ انهيءَ
سلسلي واري پنهنجي ڳالهه بيان ڪندا آهن ته ٻيا
اشارن ۽ ڪتابن، علامتن ۽ تمثيلن جي اوٽ وٺي، رمزن
۾ لڪائي ڳالهه ڪري ويندا آهن.
شاهه لطيف ٻئي رستا اختيار ڪيا آهن. ڪٿي ڪٿي هن
عزم، استقلال ۽ جدوجهد جي ڳالهه، اشارن ۾ ڪئي آهي
ته ڪٿي ڪٿي بلڪل وضاحت سان کليل طريقي ۾. سر
گهاتوءَ ۾ ساري ڳالهه کليل لفظن ۾، پر اختصار سان
يعني ڪوزي ۾ درياءَ کي بند ڪيو اٿس.
سر گهاتوءَ جو بنيادي مضمون ويريءَ سان ويڙهه آهي.
مورڙو ڪمزور، عيبدار يعني منڊو هو. ڀائرن هن کي
جسماني طور هيڻو ۽ نڪمو سمجهي، مڇيءَ جي شڪار تي
ساڻ وٺي وڃڻ جي بدران پٺيان گهر جي سار سنڀال لاءِ
ڇڏي ويندا هئا. ڀائرن جي اها حالت ۽ ڀاڄاين جي
ميهڻن ۽ طعنن هن کي بي حال بنائي وڌو هو. هڪ ڏينهن
هميشہ مطابق هن جا ڀائر شڪار تي ويل هئا. سج لهي
ويو، ويل ٽري وئي، پر گهاتو گهر نه موٽيا، مورڙو
اچي پريشان ٿيو. خبر چار وٺڻ لاءِ، هو گهران نڪتو.
پتو پيس ته سندس ڇهه ئي ڀائر ڪلاچيءَ جي ڪُن واري
واڳوءَ جي ور چڙهي ويا.
ڪو جو قهر ڪلاچَ ۾ جو گهڙي تنهن نئي،
خبر ڪو نه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا.
مورڙو اها خبر ٻڌي، انتقام وٺڻ لاءِ سوچڻ لڳو. هو
هيڻو ۽ منڊو ضرور هو، پر عقل ۾ اڪابر هو.
قصو ڪوتاهه، شاهه لطيف جي هن سر ۾ انساني عزم،
استقلال ۽ جدوجهد جي حد جي انتها آهي. شاهه لطيف
مورڙي جي تمثيل ۾ هڪ هيڻي، جسماني طور ڪمزور ۽ بي
پهچ انسان جي عزم، ارادي ۽ استقلال جو مثال ڏئي
ٿو. شاهه صاحب جي ڪمال ۽ شاعرانه تخيل ۽ خيال جي
اُڏام جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو:
”سر گهاتوءَ ۾ هڪ ئي داستان، اُن ۾ ڪل 17 بيت ۽ هڪ
وائي آهي، هن ٿورڙي ڪلام ۾ شاهه صاحب هن سر جي
بنيادي نقطي ۽ اُن جي فلسفي تي ايتري واضح گفتگو
ڪئي آهي، جيتري ڪنهن ضخيم ڪتاب ۾ مس ڪري سگهجي ها.
شاهه صاحب گهاتو يعني مڇي ماريندڙ جو هڪ تاثر ڏئي
ٿو. گهور ڪرڻ ۽ عميق ڏي هليو وڃڻ ۾ همت کپي ۽ جيڪو
پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، تنهن جي خوشيءَ جي ڪا
حد نه آهي.“(9)
شاهه مورڙي جي تمثيل ۾ انسان جي عزم ۽ ارادي جو
راز بيان ڪندي فرمائي ٿو:
ائين جا لُڏو لوڏَ، ايَ پَرِ گهاتوئڙن جي،
ڪُنَ ڪلاچيءَ ڪوڏَ، سُک نه ستا ڪڏهين.
ــــــ
گهوريندي گهور پيا، آگهورِ گهوريائون،
ميڪرُ ماريائون، ملاحن منهن سنرا.
موت جو ڊپ ۽ موت جي هيبت انهن لاءِ هوندي آهي،
جيڪي پنهنجي ذات لاءِ جيئن ٿا، پر جن کي انسانيت ۽
انسان ذات سان عشق آهي ۽ جيڪي ٻين ڪاڻ جيئن ٿا، تن
کي موت جو ڪهڙو ڀؤ! موت انهن کي ڇا ڪندو، هو ته
موت کي ماريندا آهن، پر موت انهن کي ماري نه
سگهندو آهي. لطيف فرمائي ٿو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
اهڙن انسانن لاءِ سوري به سيج مثل آهي، انهن لاءِ
مرڻ مشاهدو ماڻڻ مثل آهي. هو سوريءَ چڙهڻ کي نينهن
بنائڻ جي منزل سمجهن ٿا. هن ڏس ۾ لطيف فرمائي ٿو:
سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا،
جيلہ لڳا نيڻ، تي سوريائي سيڄ ٿي.
اسان جي شاعراڻي ادب (سنڌي، سرائڪي، پنجابي، هندي)
۾ عورت عزم، پختي ارادي ۽ استقلال جي علامت طور
پيش ڪئي وئي آهي. لطيف جو ڪلام هجي يا بابا بُلا
شاهه جو، غلام فريد هجي يا سچل سرمست، ڪبير ڀڳت
هجي يا ميران ٻائي، انهن سڀني جي ڪلام ۾، عورت کي
عزم ۽ استقلال ۾ ثابت قدم ڏيکاريو ويو آهي. شاهه
لطيف انهيءَ عزم ۽ استقلال جو ثبوت سسئي، سهڻي،
مارئي، مومل، ليلان، ڪؤنرو، نوري ۽ ريٻارڻ جي
تمثيل ۾ بيان ڪيو آهي. انهيءَ عزم ۽ ارادي لاءِ
سسئي سور سٺا، جبل جهاڳيا ۽ ڏونگر ڏوريا. عورت جي
مستقل مزاجي، ارادي جي پختگي، واعده وفائي ۽ ثابت
قدميءَ کان متاثر ٿي، شاهه لطيف صرف سسئيءَ جي
تمثيل پنجن سرن ۾ بيان ڪئي آهي.
شاهه لطيف جتي عورت کي پر عزم، پختي ارادي واري ۽
مستقل مزاج ثابت ڪيو آهي، اُتي سنڌ جي مرد کي به
ثابت قدم، پر عزم ۽ استقلال وارو انسان ثابت ڪرڻ
لاءِ سوين نه، بلڪه هزارين بيت چيا آهن.
ابڙو سمو، پنهون، ميهار، راءِ ڏياچ، ٻيجل، ڄام
لاکو، راڻو، سپڙ ۽ ٻيا انهيءَ عزم ۽ استقلال جا
لاثاني ۽ تاحيات ڪردار ثابت ڪيا ويا آهن. ڪماري
پوپٽي هيراننداڻي لکي ٿي: ”سسئيءَ ڪاڻ پنهون جو
کٿورين ۽ عطرن جي خوشبوءِ تي هريل آهي، اچي ٿو
ڌوٻي بڻجي. سهڻيءَ صدقي نواب عزت بيگ مينهون
چاريون، مينهن جي ڳچين ۾ گهنڊ ٻڌل آهن، جن جو آواز
ٻڌي، سهڻي، ميهار جي اچڻ جي خبر ڄاڻي ٿي وٺي.
نوريءَ جي محبت ۾ گرفتار ٿي، راجا ڄام تماچي مهاڻو
بڻجي، ڪلهي تي ڄارکنيو بيٺو آهي. پر اهي ساڳيائي
گهوٽ غيرتمند به آهن. چنيسر جي غيرت تي چوٽ لڳي ته
ولهو ولئي ويو. راڻي جي پيار کي ڌڪ لڳو ته هو اهڙو
رٺو جو وري نه پرتو. جهڙائي پيار ڪرڻ مهل اهي
وسندڙ ڪڪر آهن، تهڙائي رُسڻ مهل ردر روپ آهن. پيار
ڪن ٿا ته فلڪ ۽ شان سان، ڌوٻي، ڪنڀر ۽ ميهار بڻجي
ٿا وڃن ۽ جي رُسن ٿا ته پٿر تي ليڪو پائي، اڏول
بيهي ٿا وڃن، پوءِ ڀل ته اندر ۾ سندن دل دانهون
پيئي ڪندي هجي.“ (10)
ڪماري پوپٽي هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿي:
”شاهه جي شعر ۾ آيل مرد بي ڊپا، سياڻا، بهادر،
سهڻا، پريت ڪري نباهيندڙ، سئومان پسند، اُدار دل ۽
ٻَڌيمان آهن. اهي محبت ڪرڻ ۾ نر مرد، طلسم سمجهڻ ۾
هنرمند، منزل تي پهچڻ واري رستي ۾ خبردار، راڳ ۽
ساز جو لطف وٺندڙ، شاندار طبيعت رکندڙ ۽ سوجهه
ٻوجهه وارا شخص آهن.“(11)
سر ڪيڏاري ۾ شاهه صاحب حضرت امام حسين عليہ السلام
جي هڪ جابر سان جنگ ۽ اُن ۾ سندس عزم ۽ استقلال جو
چٽ چٽيو آهي. هن سر ۾ حضرت امام سڳوري جي سندس
ساٿين جي سرفروشي ۽ اهل بيت اظهار جي صبر ۽ عزم
طرف اشارا ڏنل آهن. شاهه صاحب انهيءَ منظر کي هن
طرح پيش ڪيو آهي:
سختي شهادت جي، مڙوئي ملار،
ذرو ناهي يزيد کي، اِي عشق جو آثار،
ڪسڻ جو قرار، اصل امامن سين.
چَنڊَ ويهاڻيءَ چڙهيا، مَلههَ مدينئا ميرَ،
ان سين طبل باز تبرون، ڪُندَ ڪَٽارا، ڪيرَ،
عليءَ پُٽ امير، ڪندا راڙو رُڪَ سين.
اهڙيءَ طرح اهل بيت اظهار جي عزم ۽ ارادي کي شاهه
لطيف هنن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي.
ڪانڌ ڪَلارين ڪپڙين، وَرَ وناهيو آءُ،
جت سانگين جي سٽ وهي، اُت وک وڌندي پاءِ،
تان تان ڀئو م پاءِ، جان جان نوڌين نه چڙهين.
ــــــ
ڀڳو آءٌ نه چُوان، ساريو ته وِسَهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، آءُ سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هُونِس پُٺ ۾.
ــــــ
مر مرين، آءٌ رُئنءِ، موٽي آءُ مَ ڪانڌَ،
ڪچن وڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
هن سر ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته سورهيه اهو آهي،
جو نيزن مٿان پاڻ اُڇلي. جن سورهين پنهنجا سر فدا
ڪيا، سي جنتي ٿيا ۽ شهيدن کي حورن سهرا ٻڌا.
هوڏانهن هُن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،
سُر نايون ۽ سنڌڙا، ٻنين پار ٻُرَن،
گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون
اهڙيءَ طرح سُر بلاول ۾ شاهه لطيف سومرن ۽
علاؤالدين جي جنگ جي بيان ۾ جيڪي بيت چيا آهن، تن
۾ ابڙي سمي جي عزم ۽ ارادي طرف اشارا آهن. لطيف
فرمايو آهي
سرڻين جي سُک لاءِ، سام کنئي سردار،
جي ابڙي جي آڌار، سي سُونگ نه ڏينديون سومريون.
ابڙو وڏوڙو سوڙو، جهل سامن،
سرڻين جا سونٺا سهي، سمون سونهن سڀن،
تنهن در ترڪ اچن، ڪيئن ڪريندو ڪڇ ڌڻي.
ٻين مڙني ڏنيون، ڏئي نه ڏونگَرَ راءُ،
آڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏئي ڪِئاءُ،
لوريون لک مٿاءُ، اُن مٿيري موٽائيون.
لطيف جو رسالو اهڙيءَ طرح عزم ۽ استقلال جي اهڙن
ڪيترن ئي مثالن سان ڀريو پيو آهي.
شال سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جا نوجوان، سنڌ جا اديب،
عالم، اڪابر ۽ شاعر، لطيف جي انهيءَ درس کي هنئين
سان هنڊائين ۽ عزم استقلال واري عَلم کي اوچو رکن.
شال سنڌڙي آباد رهي، شال سنڌڙي جا سانگيئڙا ۽
ساڻيهه جا سرويچ سرخرو رهن. (آمين)
سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت 1700ع ۾ ختم ٿي ۽ ميان
يار محمد ڪلهوڙي سنڌ تي قبضو ڪري، ڪلهوڙن جي
حڪومت جو بنياد وڌو.
|