ادل سومرو
گيت
آءُ ويندس اُتي،
سونهن آهي جتي،
پيار جي پار کان،
ڪيئن رهان پوئتي-
مان اڪيلو سهي،
سج ويو آ لهي،
پوءِ به ويندس ڪهي،
آهي جاني جتي،
ڪين رهندس هتي،
آءُ ويندس اتي...
ياد ڳالهيون اچن،
نيڻ برسي پون،
عڪس ڌنڌلا ٺهن،
ڪير سپنا ڏسي،
ڏات پيئي ڏُکي-
آءُ ويندس اتي...
دل ۾ حسرت ٻري،
شهر تنهنجو پري،
روز آهون ڀري،
مان ڏکان ٿو هتي،
آهين ساجن ڪٿي!
آءُ ويندس اتي...
اياز گل
دوريءَ جو هڪ نظم
صرف هڪ جُملو چوڻ چاهيان ٿو.
ڪي گهڻيون ڳالهيون ته ناهن چوڻيون؟
درد ۽ دوست!
اُداسيءَ جو ذڪر ڪرڻو نه آ،
ڪي ميارون، نه شڪايت ڪائي،
توسان ڪرڻي آ، نه ٻڌڻي آهي،
تنهنجو هٿ ڀي نٿو چاهيان پڪڙڻ،
نه سندءِ خيال ٿو چاهيان جڪڙڻ،
مان اڪيلائيءَ جي درياهه ۾،
وڃان ٿو ٻُڏندو.
پوءِ ڀي،
تُنهنجي ڳالهين جو سهارو ته،
نٿو تو کان گهران؟
تون مگر ايڏو پري، ايڏو پري،
ڇو آهين؟
منهنجو هڪ جملو به ڇو ڪين،
ٻُڌڻ ٿو چاهين؟
ڪي گهڻيون ڳالهيون ته ناهن چوڻيون،
صرف هڪ جملو ته چوڻو آهي:
”جنم – ڏينهن جون مُبارڪون توکي!“
ذوالفقار سيال
غزل
پيار جو هڪڙو پل به نه آيو،
درد کي ايڏو ڪنهن ڦهلايو.
سارا چهرا اڻپورا هن، هر ڪنهن پنهنجو پاڻ لڪايو.
تو سان آءٌ مليو به ناهيان، ليڪن ڪين جدا مون
ڀانيو.
اڳ اندر ۾ الا، ليڪن، هٿڙن ۾ گل مون لهرايو.
ساري وستي هاڻ دُکي ٿي، شعلن جو ٿو ڏسجي سايو.
ڪو ڪو ماڻهو ڍونڍ جيئن آ،
ڪنهن ڪنهن چهري چنڊ لڄايو.
پشپا ولڀ
چير
اسان ٻئي
تون ۽ مان
پنهنجي پنهنجي محبت جي گهرن ۾ رهندا آهيون
تون پنهنجي گهر ۾
۽ مان پنهنجي گهر ۾
اسان جي گهرن وچ ۾
هڪ لڄ ۽ حجاب جي ديوار آهي
جنهن جي چيرن مان مان توکي ڏسندي آهيان
۽ جڏهن مان سڀن جي وچ ۾ ويٺل هوندي آهيان
ته شرم جي ديوار جي چيرن وچ مان
توکي پاڻ ڏانهن ڏسندي محسوس ڪندي آهيان
پنهنجي گهر جي کليل اڱڻ ۾ ليٽي
تارا ڳڻيندي آهيان
(ڪنهن جي ياد ۾....!)
اڻ چيل لفظ منهنجي ڪنن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن
تو نه اڱڻ ۾ رکيل وڏين ڪونڊين تي پير رکي
ڪڏهن ڏسڻ جي تڪليف ئي نه ڪئي
ته چانور چونڊيندي
مان ڪنهن جي ملڻ جا گيت ڳائيندي آهيان.
بشير احمد شاد
نيڻن مان جو لُڙڪ لڙي پيو،
جهڙو سارو ڏيهه سڙي پيو.
پاڻياريءَ جي ٻهڙي وانگر، توسان منهنجو جيءُ جڙي
پيو.
ساهن جي سرهاڻ ملي جا، ڪيڏو منهنجو هيانءُ ٺري
پيو.
ساري تنهنجي سڪ او سائين، اکڙين ۾ آ آب تري پيو.
تنهنجي ناز نوايا ڪيئي، هڪڙو ناهي ”شاد“ مري پيو.
”ثاقب“ آريسر
درس – قرآن
اڄ اندر ٿو اجهاڻو اجهاڻو لڳي،
روح پنهنجو به ٿو ڄڻ وڃاڻو لڳي.
رات ڪاريءَ جيان چئوطرف گم رهي،
دڳ مسافر کي رڻ ۾ نٿو هٿ اچي.
اهڙي ماحول ۾ چئو ڀلا ڇا ڪجي؟
واٽ هڪڙي ئي آهي، اها ٿي سُجهي.
اڄ ڪو مرد خدا، درس قرآن ڏي،
قول جنهن جو عمل جي مطابق هجي.
رات ڪاري ڀلي روشني ٿي پوي.
سج شرم کان اکين کي جهڪائي ڇڏي،
مست و سرشار ٿي مرحبا پيو چوي.
منهنجو ڪامل يقين آهه، اهڙيءَ طرح،
هر ڪنهن انسان جي سوچ ٻي ٿي پوي.
گل حسن ”گل“ ٻرڙو
غزل
خُدا جي رُوبرو آهيان،
سراپا آرزَو آهيان.
ڪٿي مون دم کنيو ناهي، مسلسل جُستجُو آهيان.
نوازش پيار وارن جي، سدائين سُرخرو آهيان.
صداءِ عشق آهيان ڄڻ، ٻُڌو ٿا ڪُو بڪُو آهيان.
لحاظِ علم آهيان مان، قلم جي آبرو آهيان.
مُحبت منهنجو شيوو آ، انهي جو واهرُو آهيان.
خُدا جي مهرباني سان،
ادب ۾ ”گل“ جي بُو آهيان.
اسد ”جمال“ پلي
غزل
وقت ويڇا وجهي ڇڏيا آهن،
تو به پکڙا پري اڏيا آهن.
بزمِ ياران جي ڳالهه ڪهڙي ڪريون، غير گوڏا اچي
گڏيا آهن.
درد دامن جهلي ويهي ٿا رهن، سُور ڄڻ مون ئي خود
سڏيا آهن.
وقت واريءَ دڙا بنائي ڇڏيا، هي به ڪنهن جا اڏيا
مڏيا آهن.
شهرِ قاتل ۾ هي اڏيون آليون، ڪات ڪنهن تي وري
وَهيا آهن.
تنهنجي گلين ۾ ايڏو سناٽو، تاڪ، تاڪيون، سڀئي تڪيا
آهن.
هل ته سنڌوءَ جي پرئين پار هَلون، جت وڳا چنگ ۽
چڙا آهن.
ڪير ڪنهن جو نه ساٿ ڏيندو ڪڏهن، وقت سر سڀئي با
وفا آهن.
تنهنجي قدمن جي خاڪ آهي ”جمال“،
تنهنجا ئي درد بس دوا آهن.
مير غلام حسين چانڊيو ”مير“
جنهن کي ديوار نه در آهي،
سو حقيقت ۾ منهنجو گهر آهي.
دردِ دل کان لُڇان سر ِبستر، نه مسيحا نه چاره گر
آهي.
دل جي مقصد کي ڪيئن ڪريان حاصل، نه وٽم زور آ نه
زر آهي.
خواهشون دل اندر لکين آهن، عرصهءِ زيست مختصر آهي.
ڏک نه رهندو نه سک سدا هوندو، درد دنيا جو درگذر
آهي.
مليو مون کي نه منهنجي دل جو سراغ، ڳولهيو مون نگر
نگر آهي.
بار آهن کڻي ڳرا ليڪن، ناهي پرواهه جي هو اگر آهي.
سچ سياڻن جو گهڻن ماڻهن، ويندو آخر کڄي ڇپر آهي.
منهنجي قسمت مان ڪيئن ته ور نڪري،
”مير“ منهنجو وطن ئي وَر آهي.
مقصود ”گل“
ڪافي
ڏاها پنهنجي ڏات ڏيا کي، شاعر ڪجهه ڇاڇول،
ٻول وري ڪي ٻول.
کاڻ کٿوريءَ، من ماٽيءَ جي ڍولا ڍڪڻي کول،
ٻول وري ڪي ٻول.
ساڻا ساڻا ساهه سڀيئي، سڏڪن جو سيلاب،
هر هڪ اک ۾ آب،
اهڙي ڪوتا ڇيڙ ڪوي، جيئن مرڪي پئي ماحول،
ٻول وري ڪي ٻول.
گيتن ۾ غم، بيتن ۾ پڻ، سٽ سٽ ۾ سوداءُ،
پلپل ڇو پڇتاءُ؟
سورن ساڻ سٿيل آ سارو تنهنجو ڪوي ڪشڪول،
ٻول وري ڪي ٻول.
ٿر، ڪاڇي ۽ لاڙ، سري جا، مارو سڀ مجبور،
دردن جو دستور،
تند تپائي، چنگ کي چوري، چارڻ ڪر چؤٻول،
ٻول وري ڪي ٻول.
هر ڪنهن هينئڙي، هر کر هورا، نيڻن منجهه نراس،
پلڪن منجهه پياس،
مکڙيون ۽ ”گل“ ميڙي ڀرتون جهانگيئڙن جا جهول،
ٻول وري ڪي ٻول.
محمد شريف ”طالب“
پرين پرت وارا پيارا هليا ويا،
مَٽي منهن ته مون کان موچارا هليا ويا.
گهڙي جنهن بنا هڪ نٿي يار گذري،
لنگهي سال ويئڙا، سچارا هليا ويا.
هيون جن سان قائم قرب جون ڪچهريون،
ڇڏي ساٿ سارو سهارا هليا ويا.
ٻڏي نيٺ ويندي هي ٻيڙي غمن ۾،
رڳو سير آهي ڪنارا هليا ويا.
هتي هاڻي دل کي نه آرام ايندو،
بهارون کڻي سڀ نظارا هليا ويا.
وري ڪين آيا نه ايندا هو ”طالب“،
ڏيئي دم دلاسا دُلارا هليا ويا.
مختيار گهمرو
غزل
بيوفا کان ڪا عنايت ڪانه ٿي،
دانهن منهنجي عدالت ڪانه ٿي.
جنهن ڪئي دعوى محبت جي سدا،
پيار جي تنهن کان حفاظت ڪانه ٿي.
شوخ نظرن سان ڏسي ويندو رهيو،
مرڪ هڪڙيءَ جي سخاوت ڪانه ٿي.
دل ۾ جايون، جوان ٿيون، ويون مري،
ڪابه پوري هاءِ حسرت ڪانه ٿي.
پيڙهه پختي ڪانه ٿي، پيئي ڊهي،
پيار جي پوري عمارت ڪانه ٿي.
سور جي سوغات سانڍي مون رکي،
پر امانت ۾ خيانت ڪانه ٿي.
لالچي واپار سجدن جو ڪيئي، زاهدا!
تنهنجي عبادت ڪانه ٿي.
پوريون سڀئي نشانيون ٿي ويون،
ڇو اڃا ظاهر قيامت ڪانه ٿي.
ذهن تي آيو تري، لکجي ويو،
درد جي پوري عبارت ڪانه ٿي.
اوچتو ”مختيار“ ڳوڙها پيا ڳڙي،
پر زبان سان ڪا شڪايت ڪانه ٿي.
”داغ“ ٽکڙائي
اچين ها در لنگهي دلبر دلِ آزار کان پهرين،
گذاريون ڪا گهڙي گڏ ها ازل جي وار کان پهرين،
نه ناتو آهي اڄڪلهه جو هي آدم کان اڳي آهي،
تڏهن هي پيچ پيو توسان سڄي سنسار کان پهرين.
وساري ڇو ڇڏيئي مون کي اڙي پٿر جي دل وارا،
عنايت ٿي اوهان جي هيئن اسان جي پيار کان پهرين،
نه ڏي ها دل ڌڻي مون کي نه ٿئي ها دل جي ويراني،
وڃي ڪنهن کي پايان دل سندم دلدار کان پهرين.
جنونِ عشق ۾ آخر هزارين ”داغ“ ٿيا دل تي،
نه سوچيو مون ڪڏهن يارو هو دل جي هار کان پهرين.
”نظير“ ٽکڙائي
غزل
محفل کي ڏسي خالي مستانا رُنا هوندا،
جي شمع وئي گل ٿي پروانا رُنا هوندا.
مدهوش ٿيا مئڪش ساغر کي هڻي پٽ تي،
پرزا ٿي پيا شيشا مئه خانا رنا هوندا،
پهتي نه ندا آهي آيو نه دلاسو ڪو،
در در تي گداگر ٿي ديوانا رنا هوندا.
هر شهر خاموش آ هر راه شبستان آ،
بر بحر ۽ آباديون ديوانا رنا هوندا.
هن ديروحرم ۾ ڀي ساقيءَ جون گهڙيون گهايل،
سجدن ۾ رکي سر کي بيگانا رنا هوندا.
نظرون به ٿيون ضايع مقتل ڀي نرم آهي،
ديدن جي اڳيان دل جا نذرانا رنا هوندا.
ڪٿ قيد ڪمند ڪا ڪل ڪٿ زهر ڀريل عاقل،
ڪٿ وار وسيهر جا نيرانا رنا هوندا.
ڇا شوق ”نظيرا“ جا، ڇا وقت اسيرن جا،
ڳل ڳل جي مٿان لب جا پيمانا رنا هوندا.
”انيس“ هالائي
جنهن جو وجود باعث آ ڪُل ڪائنات جو،
نقش قدم انهيءَ جو آ رستو نجات جو.
ذڪر جمال، حق آ خدائي جميل جو،
ڪيئن ٿي بيان، حسن انهي پاڪ ذات جو.
والشمس هن جي عارضِ روشن جو آ دليل،
واليل هن جي زلفِ معطر جي رات جو.
نور، نظر سان هن جي منور هي ڪائنات،
هر ذره منتظر آ سندس التفات جو.
مون کي نه آه دولت و شهرت جي آرزو،
عشق، حبيب پاڪ آ مقصد حيات جو.
حرص و هوس کان هن کي ڇڏايو اي مهربان،
قيدي انيس آه اڃا خواهشات جو.
مخدوم جميل الزمان ”جميل“
اتفاقاً ٿو جڏهن هو اجنبي گڏجو وڃي،
درد جي درياهه ۾ يڪدم خوشي گڏجو وڃي.
مون گهڻوئي چاهيو ته پنهنجي دل کي چورائي اچان،
پر هميشہ راهه ۾ هُو ڌُر ڌڻي گڏجو وڃي.
جستجو هوندي سکن جي آهي منهنجي ڀاڳ کي،
ڀاڳ اهڙو آ جو سورن جي ڀري گڏجو وڃي.
پاڻ ٻئي هن ريت ملنداسين سڄڻ، ڪنهن موڙ تي،
گنگا، جمنا سان جيئن اڳتي هلي گڏجو وڃي.
ڦاهي سينگارڻ لڳي ويندا آهن رسم و رواج،
يار پنهنجي اک جڏهن اک ساڻ ٿي گڏجو وڃي.
دولتِ غم کان سندم دامن نٿو خالي رهي،
ڇا ڪريان، جو ڪو نه ڪو حاتم سخي گڏجو وڃي.
منزلِ مقصود تي ڇا لئه نٿو پهچي دماغ،
ڇا انهيءَ کي واٽ ۾ ڪا جلپري گڏجو وڃي.
دلِ گريزان ٿي رهي جنهن شخص کان اڪثر جميل،
رنگ قدرت جا ته ڏس، سوئي وري گڏجو وڃي.
محمد عثمان ميمڻ
توسان گذريون جي پيار جون گهڙيون،
زندگيءَ کان فرار جون گهڙيون.
تون نه ڄاڻين ڪٿان ڪڍي ٿو اچان،
هي ٻه ٽي انتظار جون گهڙيون.
چنڊ چانڊوڪيون حسينه هئه! پر،
پيٽ لئه روزگار جون گهڙيون.
هٿ ٻڌي، پيرين پئي ڳنهي ورتيم،
زندگي کان اڌار جون گهڙيون،
بيقراريءَ ۾ مان مران پر جي،
پويان اينديون قرار جون گهڙيون.
”اڄ“ ته ڪٽبو مگر ”سڀان“ پڇندو،
ماري وجهنديون ميار جون گهڙيون.
مان لُڪن سان لڙان انهيءَ لئه ٿو،
ڪي ته ڏسندا بهار جون گهڙيون.
پريتم ”پياسي“
پرديس ۾ ديسين کي وساري نه سگهياسين،
يارن کانسواءِ وقت گذاري نه سگهياسين.
سردار سندي سونهن جو ڇا حال ٻڌايان؟
هڪ منٽ به محبن ڏي نهاري نه سگهياسين.
مون قول ڪيا هئا ته شڪايت نه ڪندس مان،
وعدا سي مٺي يار سان پاري نه سگهياسين.
لڙڪن جون لڙهيون هليون، ٻئي ڳل پُسي پيا،
لالڻ کي مگر بر ۾ بيهاري نه سگهياسين.
پهتاسين وڃي نيٺ پتڻ پاس ”پريتم“
پر يار سواءِ پهچي ڪناري نه سگهياسين.
عبدالواحد ”عاصي“ هڪڙو
هتان کان هليا ويا حسين ڪهڙا ڪهڙا،
نزاڪت ڀريا ناز نين ڪهڙا ڪهڙا.
ڇڏي آسر ۽ سهارا سڀيئي،
ويا دور ٿي دلنشن ڪهڙا ڪهڙا.
”اذا جاءَ اَجَل“ سڻي سڏ ازلي،
پرانهان پڌاريا پرين ڪهڙا ڪهڙا.
ڇڏي ياد جا نقش باقي، هليا ويا،
قربدار ۽ ڪاتبين ڪهڙا ڪهڙا.
اکين سان ”عاصي“ ڏٺاسين ويا پئي،
اجل اوٽ ۾ انگين ڪهڙا ڪهڙا.
فقير لياقت جوڻيجو
ڪافي
ڦٽيل دلڙي ڪري ڦارون،
نماڻيءَ کي نهوڙي وئين.
اوهان جو آهه ڏس جيڏانهن،
سدا تاڻي ٿي دل تيڏانهن،
عجيبا اچڻ لئي ايڏانهن، ڪريان ٿي وس ڪيئي ڪارون.
ڇڏي ساجن وئين سڃ ۾،
سڙان ماندي ڀُڻي اڃ ۾،
رڳا رولا مليا رڃ ۾، ڏري ٿيو ڏيل آ ڏارون.
”لياقت“ ساڻ گڏ ويهي،
ڪرين ٿو ڳالهه ٻي ڪيهي،
فقط وڃ روح سان ريهي، اچي ڏي درد جو دارون.
فضل احمد بچاڻي
شيڪسپيئر جي نظم
IN CONSOLATION
جو ترجمو
ماڻهن جي نظر ۾ بي مانو
۽ پنهنجي نصيب جو ٺڪرايل
بي زور نڌر بي نيات بڻيو
محرومين جا احساس کڻي
پنهنجي منهن پنهنجي حال جڏهن
مان تنها پيو روئندو آهيان
هڪ بي پرواهه بي غرض خدا کي
بي حاصل آواز ڏئي
پيو هن کي ستائيندو آهيان
۽ پنهنجي حال تي پنهنجي سِر
پيو ڏجهندو ۽ ڪڙهندو آهيان.
”ڇو مان به انهن جهڙو نه ٿيس
جي خوب مرادون ماڻن ٿا
پنهنجي هر آس پڄائن ٿا
جي يارن جا مهندار بڻيا
هر محفل ۾ مسڪائن ٿا؟“
ڪجهه حسرت ڪنهن جي هلنديءَ تي
ڪجهه پڄرڻ ڪنهن جي پڄنديءَ تي
بس اهڙيون سڌون ساري ساري
پيو پور پچائيندو آهيان.
پر ان مڪروه منورٿ ۾
ان پيڙا ۾ ان ذلت ۾
جنهن کي مان پاڻ ڌڪاريان ٿو-
ناگاه جو تنهنجي ياد اچي
هڪ جوت نئين جاڳائي ٿي
من چاه سان ڀرجي ويندو آ
دل نور سان ڀرجي ويندي آ
چنڊول پکيءَ جي هيج جيان
جو ڀيڄ ڀنيءَ جو پَر سوري
هن ڏجهندي ڌرتيءَ تان اڏري
آڪاس جي دروازي جي اڳيان
ساراهه جا نغما ٿو ڳائي.
ڇاڪاڻ ته تنهنجي ياد مٺا
سرهائين واري سار مٺا
هڪ اهڙي مايا ٿي بخشي
جنهن مايا کان هر گز جيڪر
شاهن جي شاهيءَ سان نه مَٽيان.
ان خيال کان ڀي نفرت ٿو رکان. |