”سينگار رس لاءِ استعمال ٿيل هندي ٻوليءَ جي لغت
محض سنسڪرت ۽ هندي محاورن تائين محدود هئي. سنڌ جي
سڄاڻ سگهڙن پنهنجي ”سنڌي سينگار“ فن لاءِ هڪ طرف
پنهنجا انوکا سنڌي لفظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف
”سينگار رس“ شاعريءَ ۾ علم استعمال ٿيل سنسڪرت ۽
هندي اسمن کي پنهنجو ڪيو ۽ ٽئين طرف وري عربي،
فارسي ۽ بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو هڪ
وڏو سرمايو هٿ ڪيو.“
سينگار شاعريءَ ۾ مجازي حسن جي تعريف ڪئي ويندي
آهي. محترم ڊاڪٽر صاحب حقيقت کي واضح ڪندي ظاهر
ڪيو آهي ته سنڌي شاعري جي عام اسلوب بيان ۾ مجازي
حسن جي تعريف پڻ ”سينگار شاعري“ جي زير اثر شروع
ٿي. وڌيڪ ڄاڻايو اٿس ته سنڌ جي سگهڙن لڪير جو فقير
ٿي ”هندي سينگار“ جي هوبهو تقليد نه ڪئي، پر
”سورهن ۽ ٻارهن سينگارن“ جو هڪ نئون نظريو قائم
ڪيو، جنهن موجب ”سورهن سينگار“ عورت جي فطري حسن
سان مخصوص ڪيائون ۽ باقي ”ٻارهن سينگار“ عورت جي
جڙتو جنسارن سان لاڳو ڪيائون.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مطالعو ڪيو ويندو، ته
معلوم ٿيندو ته تصوف سنڌي شاعريءَ جو مک ۽ بنيادي
مضمون رهيو آهي. سنڌي سينگار شاعري جيتوڻيڪ حسن ۽
عشق جي شاعري آهي، ۽ ان ۾ مختلف تشبيهن ذريعي حسن
جي تعريف ڪئي ويندي آهي، ان ۾ تصوف جو رنگ ظاهر
آهي. محترم ڊاڪٽر صاحب انهي حقيقت کي به کولي بيان
ڪيو آهي، ۽ ڏيکاريو اٿس ته سنڌ جي سڄاڻ شاعرن
سورهن ۽ ٻارهن سينگارن جو اهڃاڻ ڏيئي آخر ۾ هن
حقيقت کي واضح ڪيو آهي، ته حقيقي محبوب جو حسن
جملي ظاهري وصفن کان بالاتر آهي. نه فقط ايترو، پر
سنڌ جي شاعرن، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ حسن جي تعريف
جو رخ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جي حسن ۽ جمال
ڏانهن موڙيو. انهي حقيقت کي واضح ڪندي محترم ڊاڪٽر
صاحب بلڪل صحيح لکيو آهي:
”سنڌي سينگار جي اڪثر شاعرن، بطور آخري مقصد جي،
نبيﷺ کي پنهنجو حقيقي محبوب ڪري ڄاتو ۽ نبيﷺ جي
سونهن کي ئي معياري حسن ڪري مڃيائون. انهي نظريي ۽
خيال جي زيراثر فن سينگار کي عام طور ”نبيﷺ جو
سينگار“ ڪري تسليم ڪيو ويو. اڄ تائين سنڌ جي سگهڙن
وٽ ”سينگار“ جي تعريف ”نبيﷺ جو سينگار“ آهي، يعني
اهي بيت، جن ۾ نبيﷺ جي معياري حسن کي مجازي رنگ ۾
ڳائجي.“
اهڙي طرح محترم ڊاڪٽر صاحب ٻئي باب ۾ سينگار شاعري
جي هر پهلوءَ تي روشني وجهي، ان جو حقيقت پسندانه
جائزو پيش ڪيو آهي. تاريخي ارتقا تي روشني وجهندي
ڏيکاريو اٿس، ته سنڌي سينگار شاعري ڪلهوڙن جي دور
کان ٿورو اڳ شروع ٿي ۽ ان کي ڪلهوڙن جي دور ۾ جلال
کٽيءَ اوج ۽ ڪمال تي پهچايو. جلال کٽي سينگار
شاعري جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. ڪتاب جي ٽين
باب ۾ جلال کٽيءَ جي فن ۽ فڪر جي خوبين ۽ خصوصيتن
کي واضح ڪيو ويو آهي ۽ ثابت ڪيو ويو آهي ته جلال،
سنڌي سينگار شاعريءَ جو سرواڻ هو. اهو جلال جو ئي
تخيل آهي، ته محبوب جو حسن مڙني کان مٿانهون آهي،
يعني ”جانب وڌ جلال چئي.“ محترمه ڊاڪٽر صاحب سندس
شاعريءَ جي موضوع ۽ مقصد جي وضاحت ڪندي ڄاڻايو آهي
ته جلال عاشق رسول هو ۽ هن انهيءَ عشق ۽ محبت جو
اظهار سڌو سنئون توڙي تمثيلن ذريعي پنهنجي سينگار
شاعريءَ ۾ ڪيو آهي.
باب چوٿين ۾ جلال جي وقت جي سينگار جي ٻين شاعرن
جو تذڪرو آندو ويو آهي، جهڙوڪ: خالو کٽي، خضر کٽي،
ڏاتو کٽي، ملان کٽي، صدر الدين چارڻ، سليمان چارڻ
۽ گلاب چارڻ، جلال کانپوءِ واري لاڳيتي دور ۾ جيڪي
شاعر ٿي گذريا، انهن جو احوال پنجين باب ۾ آندو
ويو آهي. هن باب جي شروع ۾ واضح ڪيو اٿس، ته شروع
۾ سينگار شاعري جو ماڳ ۽ مرڪز جلال جو پنهنجو
علائقو موندر (ضلعو دادو) هو، جتان اهو ذوق سڄڃي
سنڌ ۾ ويندي لس ٻيلي تائين عام ٿيو. ڪبير شاهه جي
ذريعي هن فن لس ٻيلي پهتو ۽ اتي وڌيو ويجهيو. ڪبير
اصل ۾ ”سن“ جو رهاڪو هو، پوءِ لڏي وڃي لس ٻيلي
ويٺو. هن باب ۾ ڪبير شاهه جي احوال کانسواءِ جن
ٻين شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي آهن: لونگ،
صابر موچي، يوسف، شير خان، هوندن ۽ مراد فقير
زنگيجو وغيره، انهن مان صابر موچي ۽ يوسف کٽي
شڪارپور ضلعي جا هئا، جلال کانپوءِ صابر موچي،
سينگار جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي.
باب ڇهين ۾ ٽالپورن جي دور جي شاعر جو ذڪر آندو
ويو آهي. هن دور جي شاعرن کي علاقه وار ڇهن خطن ۾
ورهايو ويو آهي. مثلا:
(الف) دادو – لاڙڪاڻي طرف جا شاعر
(ب) اتر ۽ ناري طرف جا شاعر
(ج) وچولي واري ڀاڱي جا شاعر
(د) لس ٻيلي جا شاعر
(هه) ساڪري ۽ ملير جا شاعر
(و) ڪوهستان جا شاعر.
سنڌي سينگار شاعري جيڪا واٽ وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
پهتي، ان جو وچور ڏيندي ڏيکاريو اٿس، ته:
”دادو – لاڙڪاڻي واري طرف کان ”سنڌي سينگار شاعري
جو ذوق اڳتي اتر طرف مديجي، ڳڙهي ياسين، شڪار
(شڪارپور ضلعو)، ٺل (جيڪب آباد ضلعو) طرف وڌيو ۽
غالبن پوءِ اتان ئي روهڙي ڊيوزن واري علائقي ۽
ناري طرف وڌيو. صابر موچي، صادق کٽي ۽ صادق ميربحر
غالبن پهريان وڏا سگهڙ هئا، جن اتر طرف هن ذوق کي
وڌايو.“
لاڙ ۾ به هن شاعريءَ جو ذوق اتر مان پهتو. محترم
ڊاڪٽر صاحب انهي ڳالهه جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:
”هيٺ لاڙ ۾ سينگار شاعريءَ جي ڪچهريءَ جو وڏو ڄاڻو
بگٽي شر هو، جيڪو مٿان اتر مان لڏي اچي جهول جي
شهر (تعلقو سنجهورو) ۾ ويٺو هو.“
باب ستين ۾ موجوده دور جي شاعرن جو احوال آندو ويو
آهي. حقيقت اها آهي ته موجوده دور ۾ سنڌ جي سگهڙن
۾ سينگار شاعري جو ذوق خود محترم ڊاڪٽر صاحب پيدا
ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ئي سنڌ جي سگهڙن جي قدر افزائي
ڪئي ۽ کين گمنامي جي گوشي مان ڪڍي منظر عام تي
آندو. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان ئي سنڌ جي سگهڙن جي
ڪچهري کي نئين رنگ ڍنگ سان پيش ڪيو ويو.
آخر ۾ ضميما آهن. ضميمون هڪ ۾ جلال کٽي جو ڪجهه
وڌيڪ احوال ۽ بيت آندا ويا آهن ۽ ڪن ٻين شاعرن جا
بيت به ڏنا ويا آهن. ضميمو 2 ۾ سگهڙ راوين جي نالن
جي فهرست ڏني وئي آهي.
مٿي مختصر نموني ۾ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب
”سنڌي سينگار شاعريءَ“ جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
ان مان معلوم ٿيندو ته محترم ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ
بعد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌي شاعري جي هن انوکي
صنف متعلق مواد گڏ ڪيو آهي. جيئن پکي ڪو ڪک ڪٿان
ته ڪو ڪک ڪٿان هٿ ڪري اچي آکيرو ٺاهيندو آهي، اهڙي
طرح محترم ڊاڪٽر صاحب به ڪڻو ڪڻو ڪري سنڌي سينگار
شاعري جا بيت گڏ ڪيا آهن ۽ انهن کي سنواري
سينگاري، سهڻي سٽاء ۾ رکي، سنڌي سينگار شاعريءَ جي
خوبصورت عمارت اڏي آهي.
هن قسم جو مواد گڏ ڪرڻ ئي پنهنجي ليکي وڏو تحقيقي
ڪارنامو آهي پر جنهن سهڻي سٽاءَ سان ڊاڪٽر صاحب ان
کي پيش ڪيو آهي، اهو بلاشبه تحقيق، تنقيد ۽ تدقيق
جي لحاظ کان عظيم شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سنڌي
علم ادب ۽ ثقافت تي محترم ڊاڪٽر صاحب جو هي عظيم
احسان آهي، جيڪو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ سونهري لفظن
۾ لکڻ جي لائق آهي.
ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب م سنڌي سينگار شاعريءَ جي وصف
بيان ڪئي آهي، ان جون خوبيون ۽ خصوصيتون نروار
ڪيون آهن ۽ ان سان تعلق رکندڙ هر پهلو تي روشني
وجهي ظاهر ڪيو آهي ته هي ”هندي سينگار“ شاعريءَ جو
نقل نه آهي پر ان ۾ انفرادي خصوصيتون آهن، جيڪي
سنڌي ثقافت، ماحول ۽ مزاج مان اخذ ڪيل آهن. نه فقط
ايترو پر سنڌي سينگار شاعري، هندي سينگار شاعري
کان فن توڙي فڪر جي لحاظ کان اتم ۽ اعلى آهي.
ان سان گڏ محترم ڊاڪٽر صاحب سنڌي سينگار شاعري جي
ابتدا ۽ ارتقا تي روشني وجهي، تاريخي طور ۽ علائقه
وار سنڌي سينگار جي شاعرن جو تذڪرو بيان ڪيو آهي.
اهو به ڏيکاريو اٿس ته هي فن ڪٿان هليو ۽ ڪهڙي واٽ
وٺي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيو، وڌيو ۽ ويجهيو. سندس
تحقيق موجب هي فن پهريائين جلال وٽ ضلعي دادو ۾
اوج ڪمال تي پهتو. اتان هڪ واٽ وٺي لس ٻيلي پهتو ۽
بي واٽ ذريعي لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ سکر ضلعن ۾ آيو.
اتان وري هيٺ لاڙ طرف آيو. سينگار جي شاعرن جو
احوال ڏيندي انهن جي حياتي جو احوال به آندو اٿس.
ته سندن فن ۽ فڪر جي خوبين ۽ خصوصيتن کي به نروار
ڪيو اٿس. ان کان پوءِ انهن شاعرن جا بيت، جيڪي ملي
سگهيا اٿس، اهي ڏنا اٿس. سينگار جي بيتن ۾ جيئن
مختلف ٻولين جا لفظ ۽ انوکيون تشبيهون آيل آهن،
بيتن جي هيٺان لفظن جي معنى ۽ سولي سنڌيءَ ۾ انهن
جي سمجهاڻي به ڏني اٿس.
مطلب ته هي ڪتاب سنڌي تحقيقي ادب ۾ هڪ عظيم
ڪارنامو آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي عظمت جو وڏو دليل
آهي. هن ڪتاب جي پيشڪش تي ڊاڪٽر صاحب بيشڪ کيرون
لهڻيون، ان سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ به هن ڪتاب جي
اشاعت تي مبارڪباد جو مستحق آهي.
- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.
(2) “Pearls From The Indus”
از: پروفيسر انيميري شمل: ص 227؛ سائيز ڊيمي؛ قيمت
00- 125 رپيه؛ ناشر؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو؛ سال
1986ع.
جرمني ۽ سنڌي جي علمي ۽ ادبي لاڳاپن جو هڪ ڊگهو
سلسلو موجود آهي. مرزا قليچ بيگ ۽ ڄيٺمل پرسرام
(مثال طور) پاران عالمن سنڌي ترجمن ذريعي اسان کي
جرمن ادب ۽ فڪر سان متعارف ڪرايو ته، ٻئي طرف
ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ پروفيسر شمل جا نالا نشانبر آهن، جن
سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي نه رڳو جرمن ۾، پر انگريزي
تحريرن ذريعي سڄي دنيا تائين پهچايو آهي. ڊاڪٽر
ٽرمپ هڪ صدي اڳ سنڌي شعر ۽ ادب جي خدمت جي ابتدا
ڪئي ۽ ٺيڪ هڪ صدي پوءِ ڊاڪٽر شمل جو سنڌ سان تعارف
ٿيو. انييمري شمل جو سنڌ متعلق مطالعو، جستجو ۽
جاکوڙ جتي سندس ذاتي لگن ۽ اڻ ٿڪ محنت سبب ممڪن
ٿي، اتي ان ڏس ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي جي
خدمتن کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪو هن
جرمن عالمه کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وٺي ويو. قلندر،
سچل ۽ لطيف جي درگاهن جو درشن ڪرايو ۽ کيس مسلسل
سنڌ متعلق مواد فراهم ڪيو. ٻئي طرف خود هن مصنفه
به مرحوم راشدي صاحب کي سنڌ جي تاريخ بابت هر ممڪن
نون ذريعن مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مثال طور ڄام
نندي جي دؤر ۾ هرات سان ٿيل هڪ خوني معرڪي جو سفيد
چٺو ”فتح نامہ سنڌ“، جيڪو مرحوم پير صاحب ”مڪلي
نامہ“ ذريعي ڇاپيو آهي. اهڙو قيمتي دستاويز به،
ڊاڪٽر شمل جي هٿان سنڌ پهتو. ان ڏس ۾ ڪي ٻيا مثال
به ڏيئي سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر شمل گذريل ٽيهن سالن کان پاڪستان ۽ خاص ڪري
سنڌ تي لکندي رهي آهي. هن پوري عرصي ۾ سندس ڪوشش
هي پئي رهي آهي ته سنڌ جهڙي نظرانداز ڪيل خطي جي
علم ۽ ادب توڙي ڪلچر کي دنيا سان متعارف ڪرائجي.
ان قسم جي خدمتن جو هڪ ڊگهو رڪارڊ موجود آهي. پاڻ
وقت به وقت سنڌ جو سفر پڻ ڪندي رهي آهي. تبصري هيٺ
آيل ڪتاب ”پرلس فرام دي انڊس“ يعني ”مهراڻ جا
موتي“ انهن مضمونن ۽ مقالن جو مرڪب آهي، جيڪي
پروفيسر شمل 1960ع کان 1965ع واري زماني ۾ تحرير
ڪيا ۽ تيرهن سال اڳ مسودي جي شڪل ڏيئي انهن کي
سنڌي ادبي بورڊ آڏو پيش ڪيائين. ان بعد به فاضل
مقاله نگار طرفان جرمني ۽ انگيرزي ۾ ڪل ڇهه ڪتاب
ڇپيا آهن، جن جو واسطو پاسڪاتن ۽ خاص طرح سنڌي
زبان ۽ سنڌ جي ڪلچر سان آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جو مفصل
مطالعو، سنڌي لٽريچر ۽ شاهه جو جرمن منظوم ترجمو -
- ان ضمن ۾ خاص اهميت رکن ٿا. سنڌي لٽريچر بابت
سندس مختصر ڪتاب سال 1981ع ۾ پروفيسر غلام حيدر
ٻرڙي سنڌي ۾ به ترجمو شايع ڪيو هو. هن تمهيد بعد
اسين هيٺ ”پرلس فرام دي انڊس“ جو ذڪر ڪنداسين.
هن ڪتاب ۾ ڪل نَوَ عنوان ڏسجن ٿا. پهرئين عنوان
تحت ڊاڪٽر صاحب ان سوال جو جواب ڏنو آهي ته مون
سنڌي زبان ڇو سکي؟ ان بعد ”سنڌ جو تعارف“ ملي ٿو،
جيڪو مختصر مگر پروقار ۽ عالمانه آهي. بلاشبہ هن
نوٽ ذريعي سنڌ جو مانُ ۽ مرتبو مٿانهون ٿي بيهندو.
ان بعد حقيقي معنى ۾ ڪتاب شروع ٿئي ٿو. پهريون
پيپر ”ارنيسٽ ٽرمپ جي ياد ۾“ تحرير ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر شمل هي مضمون پير حسام الدين راشدي طرفان خط
لکڻ بعد تحرير ڪيو. ٽرمپ متعلق مواد جي هر ممڪن
تلاش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ غالبا هن فاضل مستشرق بابت
پهريون ڀيرو هڪ مفصل مطالعو دنيا آڏو آيو. ٽرمپ جي
خانگي زندگي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن سان
گڏ، هن صاحب جي پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي اڀياس جو
به هت ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي حوالي سان ”شاهه جو
رسالو ۽ سنڌي گرامر“ سندس مثالي ڪارناما آهن. ٽرمپ
جو سنڌو ماٿر جو مطالعو ۽ سير و سفر علمي ۽ ادبي
هجڻ کان علاوه مشنري هو، جنهن جو پڻ کليل ذڪر ڪيو
ويو آهي. ٽرمپ جي نجي زندگي دلچسپ ۽ قابل همدردي
پڻ آهي. سنڌ جو ماحول ۽ فطرت کيس ڀانءِ نه پئي.
پاڻ متعدد ڀيرا بيمار ٿيو، پر سندس پهرين زال سنڌ
(ڪراچي) ۾ وفات ڪئي ۽ هو هڪ ابهم ٻار کي کڻي ولايت
اُسهيو. سندس حياتي جو آخري سال به انتهائي تڪليف
ده گذريو. هو نه رڳو نابينا ٿيو، ليڪن دماغي توازن
به وڃائي ويٺو. سندس وفات پنج اپريل 1885ع تي ٿي،
ان بعد ”ڪلام پاڪ جي سنڌي ترجمن ۽تفسيرن“ جو ذڪر
ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ گهڻي ڀاڱي مولانا غلام
مصطفى قاسمي صاحب جي ڪيل تحقيق تان استفادو ڪيو
ويو آهي. ڊاڪٽر شمل ان قسم جي ڇٽيهن سلسلن جي
نشاندهي ڪئي آهي.
”سنڌي شاعريءَ ۾ رسول پاڪ جي مڃتا“ ايندڙ عنوان
آهي. هي مضمون به قيمتي آهي. گهڻو ڌيان شاهه لطيف
جي سر سارنگ تي ڏنل آهي. ان کانپوءِ ”سنڌ لوڪ شعر
۽ منصور حلاج“ عنوان تحت هڪ مفصل مقالو، هن ڪتاب
جي سونهن ڀڻيو آهي. هن مضمون پڙهندي هي احساس ٿئي
ٿو ته ڊاڪٽر شمل کي عالمي ادب ۽ خاص ڪري اسلامي
ملڪن جي ساهت جي ڀرپور ڄاڻ آهي ۽ ان ادب تائين کيس
دسترس به حاصل آهي. حسين بن منصور حلاج سنڌو ماٿر
۾ ڪيئن پهتو، ڪهڙو رستو اختيار ڪيائين، ڪيئن سندس
خاتمو ٿيو ۽ پوءِ هن عنوان ڪهڙي طرح بنگاله، سنڌي،
ايراني، عربي ۽ اردو ادب توڙي ساهت ۾ پنهنجي جاءِ
والاري ۽ هڪ ڀرپور احساس توڙي اثر ڇڏيو - - ان قسم
جا سوال ۽ انهن جا جواب هن مقالي ذريعي پڙهندڙ
تائين پهچن ٿا. بهر حال پروفيسر صاحبه گهڻو ڌيان
سنڌي شعر تي ڏيندي پنهنجي مضمون کي توڙ تي پهچايو
آهي. ڏسجي ٿو ته سچل سرمست، سندس حلقي جي ٻين
شاعرن، حسين ان منصور حلاج جي فڪر، نعري ۽ راهه کي
بيحد پسند ڪيو آهي. ”ابتدائي ارڙهين صدي جو سنڌي
صوفي شاهه عنايت آف جهوڪ“، هن ڪتاب جو هڪ وڌيڪ
موضوع آهي. صوفي صاحب جي تعليم ۽ تربيت، ان دور جي
هند ۽ سنڌ جي سياسي ماحول، ٺٽي کان جهوڪ تائين آمد
۽ سندس آخري ڪردار جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر
شمل اڳتي هلي شاهه عنايت جي شهادت جو، سنڌي ادب تي
پيل اثر ڳولڻ جي به هڪ سٺي ڪوشش ڪئي آهي.
شهيد عنايت سنڌي ادب ۾ منصور حلاج واري روپ ۾ ظاهر
ٿيو. شاهه لطيف البته هن موضوع کي ڇهڻ کان ڪنارو
ڪيو ٿو ڏسجي. ڊاڪٽر شمل لکي ٿي: ”شاهه لطيف بهرحال
پنهنجي شعر لاءِ شاهه عنايت جي شهادت کي ڪتب نه
آندو. شايد پاڻ بچاءُ ان ۾ ڏٺائين ته پاڻ کي لوڪ
ڪهاڻين جي عنوان تائين محدود رکي ۽ همعصر يا ويجهي
تاريخ کان ڪنارو ڪجي. اڌ صدي پوءِ سچل سرمست شاهه
عنايت جي نالي کي پنهنجي شعر ۾ سڃاڻپ ڪرائڻ کان
ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪئي.....“ (ص 166). ڊاڪٽر شمل
جي هيءَ راءِ ڪافي بحث طلب آهي، البت هت هي لکڻ
شايد بيجا نه ٿيندو ته، خود ڊاڪٽر صاحبه به پنهنجي
سنڌ الاجيڪل اسٽڊيز جي حوالي سان، ان قسم جي
الزامن کان آجي قرار نه ڏني وئي آهي، (ڏسو: ”ادب
جا فڪري محرڪ“ ص 191). ايندڙ مضمون ”مرزا قليچ بيگ
۽ سندس ناول زينت“ بابت آهي. هي مضمون پڻ تفصيلي
آهي، جنهن ذريعي هن ناول جي مصنف توڙي ناول جي فن،
ٻولي ۽ اسلوب تي مفصل بحث ڪيو ويو آهي. ابتدا ۾
ڊاڪٽر شمل سنڌي زبان جي هن ممتاز عالم، اديب ۽
شاعر ۽ خدمتگار کي انتهائي چٽن لفظن ۾ خراج عقيدت
پيش ڪئي آهي. ”آءُ جن به ٻولين – عربي، فارسي،
اردو، ترڪي، سنڌي يا پشتو کان واقف آهيان، انهن ۾
مون کي مرزا قليچ بيگ جهڙو شخص ڪو نه سجهي، جيڪو
سندس حاصلات کي اورانگهي سگهي. بلاشڪ هو وڏي عزت ۽
توجہ گهري ٿو. سندس مقصد پنهنجي وطن واسين کي
عالمي ادب سان واقف ڪرائن ۽ پنهنجي زبان کي
شاهوڪار بنائڻ هو. ان ۾ هو مڪمل ڪامياب ٿيو آهي“
(ص 106). هن ناول ذريعي سنڌي سماج تي پيلترڪ اثرات
جو پڻ احاطو ڪيو ويو آهي. ايندڙ عنوان ذريعي سنڌي
ادبي بورڊ پاران ڇپيل لوڪ ادب رٿا جي ڪجهه جلدن جو
تعارف ڏنل آهي.
ٻه سئو ستاويهن صفحن جي هن ڪتاب پڙهڻ بعد، سنڌي
زبان ۽ ادب توڙي ڪلچر جا ڪيئي همہ گير پهلو پڙهندڙ
آڏو اڀري اچن ٿا. ان ريت ڊاڪٽر شمل جي سنڌي ادب
تائين دسترس کي به داد ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه
کيس اسلامي تصوف، حديث ۽ قرآن پاڪ جي به بهتر ڄاڻ
ڏسجي ٿي. ايراني ادب ۽ عربي ساهت جي قدآور شخصيتن
سان جيڪا کيس شناسائي ڏسجي ٿي ۽ ان حوالي سان هتي
سنڌي شعر ۽ سخن متعلق جيڪو مختصر مطالعو پيش ڪيو
ويو آهي. ڪاش جيڪڏهن سنڌي ڪلچر جي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه
اهم اسمن جو هن ريت مفصل اڀياس ٿئي! خاطري آهي ته
ان قسم جو اڀياس سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ، دنيا جي
تاريخ ۽ عالمي ساهت ۾ قدر ڀريو ماڳ مهيا ڪندو.
بهرحال سڀني خوبين جي باوجود به هن ڪتاب پڙهندي
سنڌ جي تاريخ متعلق عزت لائق مصنفه جو اڀياس ڪٿي
ڪٿي سطحي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڊاڪٽر شمل جي ڪجهه غلطين
جو رڪارڊ جي درستگي واسطي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
-
ڄام نندي ڇائيتاليهه سال حڪمراني ڪئي ۽ سندس وفات
1509ع/915هه ۾ ٿي (ص 15).
حقيقت ۾ ڄام اٺيتاليهه سال بادشاهي ڪئي ۽ سندس
وفات 914هه/1508ع ۾ ٿي هئي.
-
آخري ڄام کي ارغونن هٿان سن 1526ع ۾ شڪست آئي (ص
14). درست سال 1520ع آهي.
-
مغل فتح بعد ٺٽو صوبي ملتان ۾ شامل ٿيو (ص 15).
تاريخ جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته اڪبر جي دور تائين ٺٽو
وري به نيم خودمختيار رهيو، ليڪن جهانگير بعد ۾
ٺٽي کي الڳ صوبو بنايو هو.
-
مير معصوم تاريخ معصومي، سن 1606ع ۾ تيار ڪئي (ص
15). درست سال 1009هه/1600ع آهي.
-
جامع مسجد ٺٽه شاهجهان جي فرمان تي 1635ع ۾ تيار
ٿي (ص 15 ۽ ص 171). هڪ ته هي مسجد 1057هه/1647ع ۾
راس ٿي ۽ ٻيو ته ان جي اڏاوت ۾ شاهجهان جو ڪو به
عمل دخل نه آهي. هي مثالي تعميراتي ڪم امير
ابوالبقا امير خان جي ذاتي دلچسپي سبب ٿيو، جيڪو
ان دور ۾ ٺٽي جو حاڪم هو. تفصيل لاءِ پير حسام
الدين مرحوم جو ”تذڪره امير خاني“ ڏسڻ کپي.
-
پهرئين عباسي سورمي ۽ شهيد محمد آدم کي ڊاڪٽر شمل
صوفي سڏيندي، سندس شهادت جا سال 1558ع (ص 16) ۽
1592ع (ص 151) ڏنا آهن. حقيقت ۾ هي ٻئي سال غلط
آهن. عبدالرحيم خانخانان سن 1592ع ۾ سنڌ تي حملو
ڪيو هو. ان دور ۾ محمد آدم زنده هو. همعصرن ذريعن
مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. سندس وفات بهرحال 1600ع
بعد ٿي آهي.
-
سنڌ تي ابدالي حملي (ص 14)، ون يونٽ ٽٽڻ (ص 18)،
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي (ص 17)، ڪراچي جو سنڌ
کان ڪٽجڻ (ص 18)، مير معصوم بکريءَ جي وفات (ص 82)
۽ شاهه لطيف جي وفات متعلق جيڪي سال ڊاڪٽر شمل ڏنا
آهن، اهي به غلط آهن ۽ سڀني واقعن ۾ پاڻ هڪ سال جو
واڌارو ڪيو اٿن.
-
ڊاڪٽر شمل لکي ٿي ته سن 1857ع وقت سنڌ مڪمل خاموش
رهي (ص 18). تاريخي طرح ائين چوڻ درست ڪونهي. اتر
سنڌ ۾ سردار امام بخش جتوئي، الف خان ترين، دريا
خان جکراڻي، جاني خان جکراڻي ۽ دلمراد خان کوسو
ـــ هي سڀ ڪنهن نه ڪنهن ريت سنڌ ۾ بغاوت پکيڙڻ ۾
مشغول هئا. ان کان علاوه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وقت
کان اڳ راز کلي پيو. نتيجي ۾ ڪيترن باغين کي توب
جي منهن ۾ ٻڌي اڏايو ويو.
-
مولانا عبيدالله جي تفسير کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ
مولانا سعد (سعيد؟) جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي
وئي (ص 71). حقيقت ۾ هن ڪميٽيءَ جو اڳواڻ مولانا
محمد صادق مرحوم هو.
-
صاحبڏنو فقير، سچل سرمست جو پڙ ڏاڏو هو (ص 126).
اصل ۾ هي بزرگ سچل سرمست جو ڏاڏو هو.
-
ساڌو هيرانند سن 1884ع ۾ ”سنڌي سڌار“ ڪڍي هئي (ص
180). صحيح نالو ”سنڌ سڌار“ آهي. هي اخبار تعليم
کاتي سن 1866ع ۾ جاري ڪئي هئي. البت سن 1884ع ۾ ان
جو انتظام ”سنڌ سڀا“ جي حوالي ٿيو، جنهن ساڌو
هيرانند کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو.
ساڌو صاحب سن 1890ع کانپوءِ ”سڌار پتريڪا“ ۽
”سرسوتي“ نالي پرچا جاري ڪيا هئا.
هنن تاريخي اشتباهن کان علاوه ڪجهه پريس غلطين سبب
به ڪٿي ڪٿي تسلسل ٽٽل ڏسجي ٿو. مثال طور ”سنڌي ۾
قرآن پاڪ جا تفسير ۽ ترجما“ واري مضمون ۾ جيڪي
پيرائتا نمبر ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪجهه نمبر غائب
ٿا ڏسجن. ان کان علاوه هن اهم ڪتاب ۾ انڊيڪس جو نه
هجڻ هڪ وڏي علمي کوٽ جي علامت آهي. سنڌي ادبي بورڊ
جو دنيا ۾ مان ۽ مرتبو پنهنجي شاهوڪار ادبي ۽ علمي
ڪتابن جي سهڻي ڇپائي سبب عالم آشڪار آهي. جناب علي
احمد بروهي جو ڪتاب انڊيڪس نه هجڻ سبب، تحقيق ۽
تاريخ جي فن سان دلچسپي رکندڙن وٽ هڪ اڻ پوري ڪتاب
جي شڪل ۾ قبول ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ هي ٻيو
علمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ انڊيڪس شامل نه ڪئي وئي
آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هنن سڀني اوڻاين جي باوجود به سنڌ جي مطالعي جي
سلسلي ۾ اميد آهي. ته ڊاڪٽر شمل جو هي ڪتاب وڏي
قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. اچي سفيد ڪاغذ، پختي
جلدبندي ۽ من موهيندڙ لونگي ڪور سان ”پلس فرام دي
انڊس“ جي قيمت سوا سئو رپيا آهي، جيڪا مناسب نه
آهي ته گهڻي به ڪانهي!
- غلام محمد لاکو
(3) تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٽيون)
سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي سلسلي جو هي ڪتاب 1986ع
۾ شايع ٿيو آهي. ياد رهي ته مذڪوره ڪتاب مولانا
دين محمد وفائي مرحوم جي تاليف ڪيل ”تذڪره مشاهير
سنڌ“ سلسلي جو ٽيون جلد آهي. ٻه جلد هن کان اڳ
1974ع ۽ 1985ع ۾ ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهن.
پهرين ٻن جلدن ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ 294 شخصيتن جو
احوال اچي چڪو آهي. هن ٽئين جلد ۾ 148 مشاهير جي
حياتي جو احوال آيل آهي. اهڙي طرح جملي 442 شخصيتن
کي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ ذريعي نروار ڪيو ويو آهي.
مرحوم موالانا صاحب 18 اپريل 1950ع تي وفات ڪئي ۽
وفات کان اندازاً ٻه سال اڳ (تاريخ 18 جون 1948ع)
هن مسودي کي مڪمل ڪيائين. مولانا صاحب جو شمار سنڌ
جي انهن بزرگ شخصيتن ۾ آهي، جن ويهين صدي جي شروع
۾ ديني، علمي، ادبي، سياسي، سماجي، معاشرتي ۽
اصلاحي تحريڪن ۾ انقلابي انداز سان ڀرپور حصو
ورتو، خصوصيت سان اخبار الوحيد، جنهن سان مولانا
صاحب جو ٽيويهن سالن تائين رشتو قائم رهيو، انهن
مصروفيتن جي باوجود مولانا صاحب ويهارو کن ڪتاب
تصنيف ڪيا، جن مان ”تذڪره مشاهير سنڌ“ به قابل ذڪر
آهي.
مولانا صاحب ڪو هڪ ئي وقت ويهي هن ڪتاب لاءِ مواد
گڏ ڪو نه ڪيو، پر 1920ع ۾ اخبار الوحيد جي اجراء
کان وٺي، انهيءَ اخبار ۽ 1923ع کان سندس ادارت ۾
شروع ٿيل ماهوار رساله ”توحيد“ ۾ رفته رفته مشاهير
سنڌ بابت سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا. ڪجهه اهو
مواد ۽ پوءِ 1944ع کان 1948ع تائين مولانا صاحب
هاسيڪار هن ڪتاب جو مواد گڏ ڪيو. اهڙيءَ طرح مسلسل
ويهن – پنجويهن سالن جي تلاش ۽ جستجو بعد ”تذڪره
مشاهير سنڌ“ جو مسودو مڪمل ٿيو.
هن ڪتاب جي تاليف ۾ مولانا صاحب کي سوين عربي
فارسي ڪتاب ڏسڻا پيا، جيڪي گهڻو ڪري قلمي صورت ۾
سنڌ جي جدا جدا خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ پيل
هئا، جيئن ته درگاهه پير پاڳارن جو ڪتبخانو، پير
جهنڊي وارن جو ڪتبخانو، روهڙي جي قاضين ۽ ساداتن
جو ڪتبخانو، لنواري جي بزرگن جا مخطوطا، اهڙيءَ
طرح شڪارپور، لاڙڪاڻي، سکر، گهوٽڪي بلڙي ۽ ميرپور
بٺورو وغيره شهرن جا خانداني ڪتبخانا، جن ڪتابن
مان مولانا صاحب استفادو ڪيو آهي، سي ان وقت قلمي
صورت ۾ هئا (انهن مان چند ڪتاب ويجهڙائي ۾ شايع ٿي
چڪا آهن) ۽ ناياب هئا، انهن ڪتابن مان ئي مولانا
صاحب جي علمي استعداد ۽ فراست جي خبر پوي ٿي.
نموني طور ڪن ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا: آئينه جهان
نما، ملفوظات خزينة المعروف، ملوظات روضي ڌڻي،
حديقة الاولياء، تحفة الڪرام، تاريخ معصومي،
مقالات الشعراء، سوانح حيات، شاهه عثمان فراشي،
صحي الاسلام، معارف الانوار، دليل الذاڪرين، تذڪره
آفتاب عالمتاب، تذڪره روز روشن، فتح نامه ٽالپران،
منتخب التواريخ، ماٿر الامراء، سبحة المرجان، تحفة
الباصرين، مرغوب الاحباب، فتح الفضل للمخدوم
عبدالرحيم، نزهت الخاطر، تاريخ مرزا عطا محمد
شڪارپوري، بيدل نامه، رساله ڪاشف، صفائل الضمائر،
گلشن اولياء، طبقات اڪبري ۽ تذڪره گلزار ابرار
وغيره.
مواد جي سهيڙ ۾ مولانا صاحب جي ڪاوش ڪتابن تائين
محدود ڪانه هئي پر ڪيترن ئي عالمن جون سوانح
عمريون (جيڪي اڳ ڪتابن ۾ آيل نه هيون)، جيڪي سندس
همعصر هئا، يا وڏا معاصر هئا، پاڻ قلمبند ڪيائين ۽
اهي پنهنجي تصنيف ۾ شامل ڪيائين. جيئن ته مولوي
محمد صديق نورنگ پوٽو، قاضي عبدالنبي شڪارپوري،
حبيب الله سنڌي نوشهرائي، صوفي عبدالرحيم ڪوٽ
عالمو، سيد ضياء الدين ٺٽوي، سلطان علي خان ٽالپر
حيدرآبادي، مير لطف علي ٺٽوي، حاجي شاهه فقير الله
علوي، مولوي عطاء الله فيروز شاهي، مخدوم محمد
ابراهيم ڀٽي هالائي، قاضي شفيع محمد پاٽائي، مخدوم
عبدالله فيروز شاهي، محمد علي طالب بکري، سيد محمد
يعقوب رضوي، غلام شاهه پيرزادو لاڙائي وغيره.
”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٽيون) ۾ هجري پهرين صدي
کان وٺي تيرهين صدي جي انهن عالمن، اديبن، شاعرن،
ولين، درويشن ۽ بزرگن جو احوال شامل آهي، جيڪي سنڌ
جا هئا يا ٻين ملڪن مان اچي سنڌ ۾ رهيا ۽ سنڌ کي
ئي پنهنجو وطن ڪيائون، انهي لحاظ کان ”تذڪره
مشاهير سنڌ“ ۾ آيل مواد سنڌ جي علمي، ادبي ۽
ثقافتي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ بنيادي پٿر جو ڪم ڏيندو.
ڪتاب جي سائيز ڊيمي (18
x
23
x
8)، صفحا 360، ٻن قسمن جي ڪاغذ تي ڇپيل آهي. سادو
ڪاغذ قيمت 40 رپيا ۽ اُچو ڪاغذ 45 رپين ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال تان ملي سگهندو.
-
شيخ محمد اسماعيل
(4) مهراڻ نقش (اردو)
مصنف ڊاڪٽر وفا راشدي، ص 232، سائيز ڊيمي، قيمت
پنجاهه رپيا، ناشر مڪتبه اشاعر اردو، ڪراچي 1986ع.
سنڌ ۾ اردو شعر جو رواج مغل دور کان ڏسجي ٿو.
انگريزن جي دور ۾ هڪ طرف اسان جن عالمن ۽ شاعرن هن
زيان طرف توجہ ڏنو. بلڪ رياست خيرپور جي ميرن هن
ٻوليءَ جي شعر ۽ سخن جو خوب آبياري ڪئي. پاڪستان
ٺهڻ بعد هي زيان هتان جي واحد سرڪاري ٻولي طور
نمودار ٿي. هن سبب صورتحال يڪسر تبديل ٿي. سنڌ علم
– ادب جي خادمن پاڪستان جي ٻين مقامي ٻولين سان گڏ
پنهنجي زبان جي جائز مان ۽ مرتبي لاءِ جدوجهد ڪئي.
جڏهن اردو اديبن صرف ۽ صرف اردو زبان جي افاديت تي
زور ڏنو. ون يونٽ ٽٽڻ بعد هڪ ڀيرو وري ادبي ۽
لساني صورتحال کي آهستي آهستي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو.
آخرڪار اردو زيان جي ڪجهه عالمن، شاعرن ۽ اديبن –
سنڌ جي تاريخ، صوفين ۽ زيان، اديب ۽ ڪلچر کي،
پنهنجي حلقي سان روشناس ڪرائڻ طرف ڌيان ڏنو. ان ڏس
۾ ڊاڪٽر ايوب قادري مرحوم، مولانا اعجاز الحق
قدوسي مرحوم، الياس عشقي صاحب ۽ ڊاڪٽر وفا راشدي
جا نالا قابل ذڪر آهن.
تبصري هيٺ آيل ڪتاب ”مهراڻ نقش“ ان سلسلي جي تازي
ڪڙي آهي. ڊاڪٽر وفا راشدي مهراڻ جي ماٿر ۾ سال
1952ع ڌاري قدم رکيو. ابتدا ۾ سندس مطالعي جي محور
بنگال هو، ليڪن بعد ۾ سندس نظر انتخاب سنڌ تي پئي.
گذريل ڪجهه سالن کان پاڻ سنڌي علم – ادب کي اردو
زبان ذريعي پاڪستان تائين متعارف ڪرائڻ جي ڏس ۾
سوين مضمون لکيا اٿس. سندن ڊاڪٽوريٽ جو موضوع پڻ
سنڌ ۽ اردو زبان سان متصل آهي. کيس سنڌ جي جليل
القدر عالمن مرحوم مخدوم امير احمد ۽ علامه غلام
مصطفى قاسمي صاحب جي صحبت به نصيب رهي آهي.
”مهراڻ نقش“ ڪتاب جو پيش لفظ اسان جن ناليرن عالمن
۽ اديبن ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر اياز قادري
تحرير ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ٻاويهه مضمون ۽ مقالا
آهن، جن کي چئن نقشن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. نقش اول
سنڌي ادب متعلق آهي. هن ۾ ٽي مقالا آهن، جن ذريعي
سنڌي ادب جو سرسري جائزو ۽ شاهه لطيف بابت خيال
آرائي ڪيل آهي.
نقش ٻيو سنڌ ۾ پيدا ٿيل اردو ادب لاءِ اختيار ڪيل
آهي، جنهن ۾ ڏهه مضمون ڏنل آهن. هن حصي ۾ سنڌي
اردو زبان جو مولد، سنڌ جو پهريون اردو شاعر، شاعر
هفت زبان سچل سرمست، سانگي، بيڪس ۽ گدا جي اردو
شعر جي متعلق مضمون ۽ مقالا ملن ٿا. نقش ٽئين م
پنج مضمون آهن ۽ هن ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيل فارسي ادب جو
احاطو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ فارسي ادب، لعل شهباز ۽
سچل سرمست جي فارسي شعر لاءِ هن حصي ۾ سرسري مواد
ڏنل آهي. چوٿين نقش ۾ چار پيپر - - مخدوم معين،
پير رشد الله، خواجه حسن جان سرهندي ۽ مخدوم امير
احمد جي علمي خدمتن جو ذڪر مهيا ڪن ٿا.
ڊاڪٽر وفا راشدي انتهائي محنت ۽ خلوص سان مهارڻ جي
علمي نقشن ۽ ادبي اهڃاڻن کي، غير سنڌي دان حضرات
تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بهرحال ڪنهن به ملڪ
يا خطي جي تاريخ ۽ ڪلچر تي مستند لکڻ هر نووارد
بزرگ ۽ عالم لاءِ هڪ ڪٺن ڪم آهي. ان ڏس ۾ ڪافي جتن
۽ جستجو ڪرڻي پوي ٿي. وفا صاحب سنڌ بابت قلم
ڪاهيندي، بلاشبه هر ممڪن غلطين کان بچڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. تاهم ڪٿي ڪٿي کانئن ڪجهه اهم غلطيون پڻ
سرزد ٿيون آهن. هيٺ اسين فاضل مصنف جو انهن غلطين
بابت ڌيان ڇڪائينداسين ته جيئن آئينده انهن جو
اعادو نه ٿي سگهي.
-
پاڻ آخوند عزيز الله کي ڪلهوڙا دور جو مصنف ڄاڻايو
اٿن (ص 35 ۽ 40). آخوند عزيز الله مٽيارين جو بزرگ
هو. هن قرآن پاڪ جو پهريون سنڌي ترجمو ڪيو. حقيقت
۾ سندن واسطو (1747ع کان 1864ع) ميرن جي دور سان
رهيو آهي.
-
- سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ ۽ عالم مخدوم نوح رح
لاءِ لکن ٿا ته سنڌي زبان ۾ سندن قرآن شريف جو
منظوم ترجمو ۽ سنڌي بيت قومي ورثي جي حيثيت رکن ٿا
(ص 48). حقيقت ۾ مخدوم صاحب جا ڪجهه سنڌي شعر ۽
فارسي زبان ۾ قرآن پاڪ جو نثري ترجمو موجود آهي.
البت سنڌي زبان ۾ ڪلام مجيد جو پهريون منظوم ترجمو
(مڪمل) ڪرڻ جي سعادت مولانا حاجي احمد ملاح مرحوم
کي حاصل آهي.
-
- سنڌ کي اردو زبان جو مولد ڄاڻائيندي، ڊاڪٽر وفا
صاحب لکي ٿو ته هن تاريخي حقائق ۽ شاهدين جي روشني
۾ ثابت ٿئي ٿو ته اردو جو مولد هند جو ڪو ٻيو خطو
نه بلڪه سنڌ آهي (ص 72). ان ڏس ۾ راشدي صاحب ملڪ
جي ممتاز عالمن علامه سيد سليمان ندوي ۽ پير حسام
الدين مرحوم جي راءِ به نقل ڪئي آهي. تاهم اڳتي
هلي (ص 74)، ان ڏس ۾ وڏي بحث جي گنجائش به رکي
اٿن. اسين فاضل مصنف جي ان راءِ بلڪ ترديد طرف
توجه ڇڪائڻ گهرون ٿا، جنهن موجب پير حسام الدين
راشدي مرحوم، سيد سليمان ندوي سان گڏ خود پنهنجي
راءِ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. ان موجب پاڻ لکن ٿا
ته: ”جن جملن کي بنياد بڻائي هي راءِ تيار ڪئي
وئي، انهن مان هڪ سنڌي زبان جو ۽ ٻيو سرائڪي زبان
جو جملو هو، جن کي فارسي زبان ۾ لکيو ويو، ان سبب
سندن صورت مسخ ٿي وئي“ (ڏسو: مير محمد معصوم بکري
حاشيه صفحا 49 ۽ 50، سال 1979ع) ان جو مطلب ته ڪم
از ڪم ”سنڌ“ جو خطو اردو زبان جي جاءِ پيدائش
ڪونهي.
-
فاضل مصنف ڄام جوڻي کي فارسيءَ جو شاعر سڏيو آهي.
(ص 164). تازين کوجنائن سبب جا سٽ ڄام جوڻي سان
منسوب ڪئي وئي آهي. سا هندستان جي هڪ شاعر امير
حسن سجزي (603هه- 738هه) جي ديوان ۾ ملي آهي. خود
ڄام نندي جي نالي هڪ رباعي منصوب آهي، سا به اڃا
تحقيق طلب آهي.
-
”تذڪره روضة السلاطين“ کي سنڌ ۾ فارسي جو پهريون
تذڪره ظاهر ڪيو ويو آهي (ص 164) ۽ هي به ٻڌايو ويو
آهي ته اهو شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون جي احوال تي
مشتمل آهي (حاشيه، ص 167 ۽ 168). دراصل سنڌ ۾
فارسيءَ جو پهريون تذڪره سن 618هه ۾ محمد عوفي
”لباب الالباب“ جي نالي سان تيار ڪيو. ان کان
علاوه هي به نوٽ ڪرڻ گهرجي، ته فخري هروي جو تذڪره
صرف سنڌ جي حاڪمن جي احوال ۾ ڪونهي. هن ۾ اميرن،
وزيرن، حاڪمن ۽ بادشاهن جو ذڪر ملي ٿو، جن ترڪي يا
فارسي ٻولين ۾ شاعري چيو (سنڌ ۾ فارسي تذڪره نويس
۽ سندن تذڪرن لاءِ مهراڻ 85/4 ڏسي گهرجي).
-
سنڌ جي فارسي ادب تي لکندي، ڊاڪٽر وفا راشدي هڪ
وڏي اهم غلطي ڪئي آهي. مشهور تاريخي ڪتاب
”بيگلارنامہ“ ۽ ”منتخب التواريخ“ ۽ مثنوي ”چنيسر
نامہ“ کي پاڻ امير ابوالقاسم جي تصنيف سڏيو اٿن.
ان ڏس ۾ پاڻ ”مقالات الشعرا“ جي انهن سٽن کي نقل
ڪيو اٿن، جن جي ذريعي خود مير علي شير قانع مٿين
غلط فهميءَ جي ترديد ڪئي هئي. ”چنيسر نامہ“
”بيگلارنامہ“ ادارڪي بيگلاريءَ جي تصنيف آهن ۽
سنڌي ادبي بورڊ انهن کي شايع ڪيو آهي. ٻئي طرف
”منتخب التواريخ“ (سن 1056هه) محمد يوسف اٽڪيءَ جي
تاليف آهي.
-
مٿين غلطين کان علاوه ڪتابت جي سنگين غلطين سبب
ڪجهه سنڌي شعر به مسخ ٿي ويا آهن (ص 47، قاضي قادن
جو شعر). ڪتابت جي بي ڌياني سبب ڪجهه سنڌي بزرگن
جا نالا به غلط ڇپجي ويا آهن (ص 51 ۽ 54). ان کان
علاوه ڪاتب جي ڪرامت سبب لاتعداد ڪتابن ۽ سنڌي
افسانه نويسن جا نالا به بگڙيل صورت ۾ اسان جي آڏو
آيا آهن (ص 56). پهريون ڀيرو بزرگ اديب، دانشور ۽
مترجم سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو هن ڪتاب ۾
هڪ سنڌي شاعر جي حيثيت ۾ ذڪر ٿيو آهي (ص 56 ۽ 57).
منهنجي خيال ۾ جويي صاحب ڪڏهن به شعر نه چيو آهي.
ان قسم جي غلطين کان بچڻ بيحد ضروري هو. هنن خامين
جي باوجود به ”مهراڻ نقش“ جي هڪ نرالي افاديت ۽
اهميت آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اميد
ته فاضل مصنف سنڌ متعلق وڌيڪ مواد شايع ڪندو
رهندو. سفيد اچي ڪاغذ، پڪي جلد ۽ پنج رنگي دلڪش
ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت پنجاهه رپيا مناسب
لڳي ٿي.
- غلام محمد لاکو
(5) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو
ادب جو اهو مواد ۽ ٻوليءَ جو اهو سرمايو، جيڪو سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سگهڙن، دانائن ۽ ملوڪن جي سينن ۾
محفوظ آهي، ان جي تورتڪ ۽ان لاءِ فني معيار مقرر
ڪرڻ ضروري هو، ڇاڪاڻ ته وقت جي وهڪ ۽ حالتن جي
تبديلي سان گڏ اهي جنسون اڻ لڀ ٿينديون پيون وڃن.
سنڌي ادب جي تاريخ جي شروعاتي دور ۾ انهي طرف ڪو
خاطرخواه توجه نه ڏنو ويو ۽ ان کان به ان کي خارج
از امڪان قرار ڏنو پئي ويو هو ۽ ائين چيو ويندو هو
ته هي ڪچهرين جو ڪيرت آهي ۽ ادب جي دائري کان ٻاهر
آهي. ليڪن جڏهن ان طرف اسان جي ڪن ڏاهن ۽ سُچيت
عالمن ڌيان ڏنو ته ڏسندي ڏسندي ڪئين وٿون ونڌجي
ويون ۽ ادب جو اهو حصو، جنهن جو تعلق عام ڳوٺاڻا
زندگي سان هو، ان پنهنجي اهميت ۽ اصليت مڃائي ادب
جي تايرخ ۾ جاءِ ورتي، جنهن کي اڄڪلهه ”لوڪ ادب“
چيو وڃي ٿو. مذڪوره ڪتاب ”لوڪ ادب جو تاريخي
جائزو“ ادب جي انهيءَ حصي تي سير حاصل بحث وارو
مواد پيش ڪري ٿو ۽ اسان جي انهن نقادن ۽ اديبن
لاءِ هڪ مثال نه پر حقيقت جي حيثيت رکي ٿو، جن آڏو
هي محض ڪچهرين جو ڪيرت هو. غور ڪبو ته ادب جي
تاريخ جو هي مواد انهيءَ ادب جو حصو آهي، جنهن کي
اسان جا عالم ۽ ڏاها ادب عاليه تصور ڪن ٿا.
لائق مصنف لوڪ ادب جي هر صنف کي نهايت سچيتائي ۽
سياڻپ سان بيان ڪيو آهي ۽ ڪتاب کي مختلف عنوانن ۾
تقسيم ڪري انهن جي ماهيت ۽ حقيقت ۾ فني نڪتن تي پڻ
بهتر طريقي سان روشني وڌي آهي، جنهن ڪري هي ڪتاب
پڙهندڙ توڙي تحقيقي طبقي لاءِ سونهي جي حيثيت رکي
ٿو. ڪتاب جي مطالعي مان پڙهندڙ کي اها به خبر
پوندي ته ڪچهري ڪيئن ٿيندي آهي، ان جا آداب ڪهڙا
آهن، ڳجهارت ڇا آهي، ڪيئن ڳولبي آهي، ان جا ٽپ يا
پايا ۽ سُر ڪهڙو آهي، ڏور آهي ته اهو پنجتني مان
آهي، سوا لک مان آهي يا ٻئي ڪنهن مان آهي. سينگار
ڇا آهي، سينگار ۾ محبوب جي حسن يا عورت جي خوبين
لاءِ ڪهڙو تصور ۽ ڪعڙا لفظ استعمال ۾ آندا وڃن ٿا،
انهن جي معنوي حقيقت ڪهڙي آهي، نه صرف اهو پر اسان
کي ان مان ٻوليءَ جي وسعت ۽ ان جي قوت هاضمه جي پڻ
خبر پوي ٿي ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٻوليءَ ۾
مختلف شين ۽ تصورات جا متراد فات يا نعم البدل لفظ
ڪهڙا آهن، جن کي سگهڙن ۽ مور ملوڪن ڪهڙي ڪماليت
سان بيان ڪيو آهي:
مثلاً:
آهو عين عجيب جا، سہ ڳچي سيڻن،
ارهه انار ڪيسڪر، ڏوڏر ڏند پرين،
مُک مثل مين جي، آندي لالائي ته لبن،
پوپٽ پيٽ پرين جو، گنير گت گمن. – الخ
اهڙي ريت ڏهس، جنهن ۾ شين جا ڏهه نالا بيان ڪيا
وڃن ٿا، سگهڙن ۽ سالڪن ان ۾ به ويهون واري ڇڏيون
آهن. ٻوليءَ جو اهو مواد پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
مثال: هڪڙا پين، ٻيا ڦن، ٽيان تَليهَر وسِيهَر
اوکي اوٽ عشق جي، جي واسينگ وجهن ور
اتي ۾ ڏونگر، سسئي رکج ”صديق“ چئي.
سينگار توڙي ڏهسن جي جائزي وٺڻ مان معلوم ٿو ٿئي
ته سگهڙ ڪيترين ئي ٻولين جي لفظن کي ان ۾ سموهيو ۽
سهيڙيو آهي ۽ نهايت سُرائتي وجهه سان ڳالهه کي ڳوپ
ڏنو آهي. ادب جي انهن وٿن ۾ عربي، فارسي، سنڌي،
هندي، سنسڪرت، سرائڪي، پراڪرت، پالي، بلوچي،
براهوڪي، ڍاٽڪي، لاسي، ٿري ۽ ڪڇي وغيره ٻولين جا
لفظ سالڪن انهي انداز سان بيان ڪيا آهن، جو انهن
جي اوپري حيثيت معلوم ٿئي ٿي، جنهن مان هڪ طرف
سنڌي ٻولي جي ڪشادگي ۽ ٻئي طرف انهن سگهڙن جي ذهني
وسعت جي پروڙ پوي ٿي. اهڙيءَ ريت هنر، دُراهو،
پرولي، ڳجهارت، مطلب ته لوڪ ادب جي هر وکر جي وچوڙ
۽ ونڌڻ جي خبر پوي ٿي. اهو سڀ ثمر سنڌي ٻوليءَ جو
سرمايو آهي، جنهن جو تحفظ ضروري هو. جناب سنديلي
صاحب انهي ڏس ۾ جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اهو
انهيءَ وکر جي جنسن جي سمجهڻ ۾ وڏي هٿي وارو آهي،
جنهن وڌيڪ تحقيق لاءِ هڪ راهه پيدا ڪئي آهي.
لوڪ ادب جي هر صنف ۽ ان جي ڌاتو جي سلسلي ۾ پاڻ جو
ڪجهه بيان ڪيو اٿن، اهو ادب جي تاريخ ۾ نهايت
اهميت وارو آهي ۽ هر وکر جي ونڌڻ ۽ ان جي ترتيب ۽
نچوڙ کي ڪتاب ۾ جنهن سليقي سان پيش ڪيو ويو آهي،
ترتيب ۽ ٺاهه جوڙ جي سلسلي ۾ اهو مرحلو نهايت ڏکيو
آهي. لائق مصنف ان کي نهايت بهتر انداز ۾ نڀايو
آهي. لوڪ ادب جي صنفن تي اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪيتار
ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ خود سنديلي صاحب جا ڪتاب
پڻ آهن. ليڪن هن ڪتاب ۾ انهن سڀني جي مجموعي
مطالعي ۽ پوتاميل کي هر جنس جي اهميت ۽ افاديت جي
بنياد تي اختصار کان ڪم وٺي حاصل مطالع جي صورت
ڏني وئي آهي. ان نقطي ڪتاب لاءِ جامعيت جي صورت
پيدا ڪئي آهي.
ڪتاب ۾ وتايي جو نالو ”ط“ سان لکيو ويو آهي. ان جي
سبب تي روشني وجهڻ ضروري هئي، جڏهن ته اسان وٽ
وتايو، وتو، هڪ اهم سماجي ڪردار ۽ ڏاهپ جي نشاني
آهي. پيراڻي ڀنڀري کان سواءِ ٻيا به اسم آهن، جن
جو ذڪر هئڻ ضروري هو، جهڙوڪ ”ڪاڪو آچار“ ملئون
حسڻ، سومر شڪاري وغيره، جن جا نقل ۽ چوڻيون عام
آهن.
ڪتاب ۾ ڏنل مواد ۽ مختلف هيئتن جي اهميت پنهنجيءَ
جاءِ تي آهي. لائق مصنف جتي انهن جي ڪيفيت ۽ ڪميت
کي بيان ڪيو آهيڪ، اتي جيڪڏهن اڳتي وڌي انهن جي
بنيادي تاريخي اسباب ۽ اوسر تي روشني وجهن ها ته
ڏاڍو چڱو ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته ”زبان انسان جي سڀ کان
عظيم الشان تخليق آهي، جنهن جي ذريعي انسان پنهنجي
تجربن، خيالن ۽ احساسن کي ٻين تائين پهچائي ٿو ۽
ان جي شين جو رشتو زبان ۽ مڪان سان ڳنڍي ٿو، جيڪو
اڳتي هلي سندس تاريخي سرمايو بڻجي ٿو، جيڪو اسان
کي اڄ سندس ماضي ۽ حال جي صورت ۾ نظر اچي ٿو ۽
اڳتي هلي سندس مستقبل جي صورت اختيار ڪندو. دنيا
جي هر نئين ۽ پراڻي تهذيب چئن عنصرن جي ترڪيبي عمل
سان وجود ورتو آهي: 1- طبعي حالات، 2 روزگار جا
وسيلا ۽ اوزار، 3- سوچ جون ڌارائون ۽ 4- سماجي
قدر، اهي چارئي عنصر هر تهذيب جي روح عنصر کي وجود
بخشيندا رهندا آهن، جيڪڏهن ڪو به معاشرو پنهنجي
دور جي تقاضا يا روح عصر جي آواز تي ڪن نٿو ڏئي ته
اهو معاشرو زوال پذير ٿي وڃي ٿو، ۽ پنهنجي اهميت
وڃائي ويهي ٿو. تهذيب ۽ ثقافت، ڪلچر ۽ سڀيتا جي
سمپورن کي تاريخ ۾ هميشہ ادب زندهه رکيو آهي. يا
ائين چئجي ته ادب ئي هڪ اهڙو ذريعو آهي، جيڪو قومن
جي تهذيب ۽ تاريخ جي اوسر ۾ هٿي ۽ اوجر ڏيندڙ آهي.
اسان وٽ ادب جي تعريف ۽ ان جي ڳڻ جي سلسلي ۾ هميشہ
اختلاف رهيو آهي ۽ ان کي معروضي حالات جي روشني ۾
جاچڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. لائق مصنف کي انهن
معروضي حالات تي روشني وجهڻ کپندي هئي، ڇاڪاڻ ته
هي هڪ تاريخي حيثيت رکندڙ ڪتاب آهي، جيڪو سنڌو
ماتر جي تهذيبي معرڪات ڏانهن پڻ وٺي وڃي ٿو.
”جارج طامسن“، ”ڪاڊويل“ ”پبليخنوف“ يا ٻين نقادن ۽
ڏاهن هميشہ اها راءِ قائم ڪئي آهي ته، ”ادب، پوءِ
اهو تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ هجي، اهو ان سماج جي
زندگي ۽ فڪر جو آئينو آهي.“ جناب سنديلي صاحب لوڪ
ادب جي سلسلي ۾ جيڪا تخصيصي راءِ قائم ڪئي آهي،
اها پنهنجي جاءِ تي بهتر، ليڪن هئڻ ائين گهرجي ها
ته جڏهن سندن ڪتاب جو تعلق لوڪ ورثي سان لاڳاپو
رکي ٿو ته پاڻ روايت کان هٽي، ادب جي هن حصي تي
تاريخي ارتقا جي روشني ۾ انهن جي تخليقي عنصرن جي
اسباب ۽ معروضات تي پڻ بحث ڪن ها ته جيئن ڪتاب جي
افاديت ۽ حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ها ۽ ٻين
لاءِ اهو صائب راءِ ثابت ٿئي ها. باوجود ان جي هي
ڪتاب سنڌي ادب ۾ نهايت اهم مقام رکي ٿو. هي ڪتاب
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ شايع ڪيو آهي.
- محمد حسين ”ڪاشف“
(6) انگلنڊ جا اڍائي سال
سنڌي ادب جو سفر جڳن کان وٺي ائين رهيو آهي جو
ڪيئي پانڌيئڙا پنهنجو فرض نڀائي گمنامي ۾ گم ٿي يا
ته زماني جي فڪر ۽ فراق ۾ ڳريو لوڻ وانگر ڳرندا،
جهرندا اسان جي ادبي ميدان ڇڏيو وڃن، يا وري لعل
جوڻيجي وانگر ماٺ ميٺ ۾ ابدي سفر تي روانا ٿيو
وڃن. لعل جوڻيجي کي جي ادبي سند ڏيڻ وارا وڏي ڪا
سند نه به ڏين پر سندس ادب لاءِ چاهه، سنڌ ۽ سنڌين
لاءِ سڪ، حق ۽ سچ چوڻ جي قوت، کيس نه صرف سنڌي
ادبي ميدان ۾ پر انسانن جي اٿاهه سمنڊ ۾ مٿاهون
ڪري ٿي بيهاري، جڏهن هو جيئرو هو ته هن هر طرح
ثابت ڪيو ته هو هڪ انسان دوست، دردوند دل جو مالڪ
”لعل“ هو، جنهن جي وڃڻ کانپوءِ جي لعل به لڀي ۽
پريت به رهجي اچي ته پوءِ سندس لکيل ۽ مئي پڄاڻان،
ڪئين ورهيه پوءِ ڇپيل ڪتاب ”انگلنڊ جا اچائي سال“
ضرور پڙهڻو پوندو، جنهن ۾ لعل پنهنجي اوج سان
زندهه آهي، ۽ انهيءَ پد تي آهي، جتان هاڻ ڪو به
موت کيس لاهي نٿو سگهي.
”انگلنڊ جا اچائي سال“ بقول سندس هڪ ناول آهي، پر
ان سان گڏ ڇپيل خطن (جيڪي هن رشيد ڀٽي، تنوير
عباسي، شوڪت جماڻي ۽ زندگي جي همسفر ۽ ٻين ساٿين
ڏانهن لکيا آهن)، مان ظاهر ته اهو ٿو ٿئي ته هيءُ
ناول يا ڊائري بنهه هڪ حقيقت آهي ۽ ساڻس جيڪي
واپرايو آهي، اهو هن پيرائتي نموني سان ائين قصو
کنيو آهي، جو بنهه پڙهندڙ کي گهلي انهيءَ ماحول ۾
وٺي وڃي ٿو، جت ٻولي ۽ ڪلچر جو تضاد هوندي به
بدنيتي ۽ بي ايماني جو تصور ڪونهي. رنگ ۽ نسل جو
تفاوت هوندي به ڌڪار يا پيار ۾ ڌوڌ جو به تصور
ڪونهي: بقول لعل جي ته هتي انسانيت، مذهب ۽ ايمان
آهي.
لعل جي لکڻي ۾ ماٺار آهي. ائين جيئن سندس فطرت.
ٻولي اهائي مٺي اٿس، جيئن پاڻ مٺڙو ڳالهائيندو هو،
سندس ناول آهستي آهستي من ۾ پيهيو وڃي ٿو ۽ آخر
تائين وڃي اندر ۾ ڀنڀٽ ٻاريو ڇڏي. جيتوڻيڪ سندس
ناول ڪجهه اڻپورو لڳي ٿو، پر شايد انهي ڪري جو ٿي
سگهي ٿو ته پڙهندڙ چاهيندو هجي ته اهو داستان، اڻ
کٽ ڪهاڻي جيان نه کٽي ۽ پڙهندڙ انهي ۾ مست ۽ مگن
رهي.
هن ناول جو ٻيو ڀاڱو لعل جوڻيجي جا خط آهن، جيڪي
هن خاص طرح محترم رشيد ڀٽي، محترم تنوير عباسي،
محترم شوڪت جماڻي، پنهنجي زندگي جي ساٿياڻي ۽ ٻين
ڏي لکيا آهن. انهن خطن ۾ ڪي خط ته مٺا، ڪي وري
اهڙي ويچار سان لکيا اٿس، جو ڏک جو احساس ٿئي ٿو.
هنن خطن مان معلوم ٿو ٿئي ته لعل، مانچسٽر ۾ دوستن
۽ يارن سان هوندي به اڪيلو آهي ۽ جڏهن هت هو ته به
هن پاڻ کي اڪيلو محسوس پئي ڪيو، جنهن ڪري هن کي
گهران بي گهر ٿيڻو پيو. تنوير عابسي هن ڪتاب جي
اڳياڙي لکندي لعل ۽ سندس شخصيت جو جيڪو نقشو چٽيو
آهي، اهو کيس منفرد ماڻهوءَ جي حيثيت بخشي ٿو، خاص
طرح سان لعل سان آخري ملاقات ۽ سندس منهن تي موت
جا ڇايا به نه هجڻ ظاهر ڪري ٿو ته لعل اهو لعل هو،
جنهن جو قدر سڄي حياتي ۾ ڪنهن به نه ڪيو، پر
انگلينڊ ۾ اڍائي سال گذاري ۽ ان تي ڪتاب لکي، نيٺ
پاڻ مڃائي ويو. آخر ۾ ڪجهه ڪتاب جي جُسي تي ٻه اکر
هيءُ ڪتاب اروڙ پبليڪيشن سکر پاران رشيد ڀٽي
ڇپرايو آهي ۽ سانس تعاون ڪندڙ آهن، تنوير عباسي ۽
شوڪت جماڻي.
مناسب قيمت، سٺو گيٽ اپ، ڇپائي سکر جي لحاظ کان
چڱي اٿس، جس لهڻي انهن دوستن، جو مرحوم لعل جو
رکيل مواد جوڙي راس ڪري سڀني سان رس ۾ رهايو اٿن.
- حميد سنڌي
(7) ڪوڪڻ يا ڪلياڻ
استاد بخاري، سنڌ جي چوٽيءَ جي شاعرن مان آهي.
گهڻو لکندڙ، سهڻو لکندڙ ۽ عوام لاءِ لکندڙ استاد
بخاري، سنڌ جي جديد شاعرن ۾ شيخ اياز کانپوءِ گهڻو
پڙهيو، ٻُڌو ۽ ڳايو ويو آهي. (ڳائڻ، جي معاملي ۾
ته شايد سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي!)
استاد بخاريءَ جا هن کان اڳ ٻه شعري مجموعا: ”گيت
اسان جا، جيت اسان جي“ (1973ع ۾) ۽ ”اوتون جوتون“
(1983ع ۾) ڇپجي، وڪجي، پڙهجي، مشهوري ماڻي چڪا
آهن. ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“، استاد جو ٽيون شعري مجموعو
آهي، اڳين ٻنهي کان مواد ۽ ضخامت ۾ گهڻو وڏو،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي (سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو)
پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. اداري جي ڊائريڪٽر
انچارج محترمه ماهتاب اڪبر راشدي، سچ پچ مبارڪن جي
مستحق آهي، جنهن سنڌ جي هن جديد، عوامي ۽ قومي
شاعر جو شعر ڇپرايو آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ اڇي پني
تي شايع ٿيل شعرن جو هيءُ مجموعو، سنڌي شاعريءَ جي
دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي.
”گيت اسان جا، جيت اسان جي“ ۾ ون يونٽ دور جي
مقبول عام قومي جذبن جي ترجمان شاعري، شعر جي
مختلف صنفن ۾ ڏنل آهي. ”اوتون جوتون“ گيتن ۽ غزلن
تي مشتمل مجموعو، موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان پهرئين
مجموعي کان اڳرو آهي ۽ هيءُ ٽيون ڪتاب ”ڪوڪڻ يا
ڪلياڻ“، سر ”ڪلياڻ“ جي موضوعن تي مشتمل آهي پر ان
جا بيت ۽ وايون، ڪلاسيڪي دور ۽ اڄوڪي سائنسي دور
جي شعور جي تسلسل ۽ اوسر جو چٽو اهڃاڻ آهن.
استاد بخاري، عام ماڻهن جو شاعر آهي. عام ماڻهن
لاءِ شاعري تي ٻين به گهڻن شاعرن ڪئي آهي، پر
استاد عام ماڻهن جي وچ ۾ ويهي شاعري ڪئي آهي. هن
سراج جي لفظن ۾: ”سنڌ جي تاريخ ۽ اتهاس جو اجتماعي
شعور ساڻ کڻي، سنڌ جي اصلي وارثن، ڳوٺن ۽ وسين ۽
واهڻن جو رهواسين سان گڏجي، وجود جا گوندر گذاريا
آهن.....۽ انهن سان ويهين صديءَ جو شعور ونڊڻ ۽
ورڇڻ گهريو آهي.“
استاد بخاريءَ پنهنجي شعر ۾ نه رڳو وزن ۽ موسقي جا
تجربا ڪيا آهن، پر صنفن جي سٽاءَ، مواد جي پيشڪش،
ٻوليءَ جي استعمال ۽ ٻولي جي تخليق جا به تجربا
ڪيا آهن. استاد جهڙي نج، کَري، عوامي نئين، نئينءَ
معنى واري ۽ ڇرڪائيندڙ ٻولي، سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر
گهٽ ڪم آندي آهي. اهو ڏانءُ ۽ اها ڏات صرف استاد
وٽ آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ تي اياز کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن
شاعر جو سڀ کان وڌيڪ اثر، سڀ کان وڌيڪ اولڙو يا سڀ
کان وڌيڪ ڇاپ رهي آهي ته اهو استاد بخاري آهي.
اياز ۽ استاد جي فڪري ۽ شعوري پهچ بابت ضروري ٿو
سمجهان ته برک دانشور سراج جا لفظ، حوالي طور ڪم
آڻيان، جيڪي پاڻ ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ جي مهاڳ ۾ لکيا
اٿن:
”اياز ڪلاسيڪي ادب جي روايت کي جديد ذهن سان قبول
ڪندي، پنهنجي شعر ۾ نئون شعور اوتيو آهي، پر اهو
شعور..... ديومالانن جو به محتاج آهي. اياز عوام
جي شعور کان مٿڀرو بيهي شاعري ڪئي آهي. استاد
بخاري شعور مٿاهون رکي ٿو، پر هو عوام جي شعور جي
سطح تي لهي، هنن سان مخاطب ٿئي ٿو.“
استاد بخاري هن مجموعي ۾ شامل بيتن ۽ واين ذريعي
اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اڄ جي دور ۾
زندگي جي هر مسئلي، هر ضرورت، هر احتياج، هر
احتجاج ۽ هر حل لاءِ ”ڪوڪڻ“ وڌيڪ آهي يا ”ڪلياڻ“؟
جيڪڏهن پڙهندڙن ”ڪوڪڻ“ جي اهميت کي محسوس ڪندي،
ڪنهن ”ڪلياڻ“ لاءِ به سوچيو ته پڪ ئي پڪ استاد جي
شاعريءَ کي گهربل مانُ ملي ويندو.
استاد جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو، 370 صفحن تي
مشتمل آهي ۽ قيمت 45 رپيا اٿس. شعر جو هيءُ ڪتاب
هر لائبريري ۾ رکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهي هنئين سان هنڊائڻ
جي لائق آهي.
- تاج جويو.
(8) ڪسوٽي
ڪوتا جي ڪلاکيتر جو اهو جنگ جوان، جنهن پنهنجي ڪلڪ
جي ڪوتل کي ڪاغذ تي ڪڏائي پنهنجي پٺيان اڻمٽ ليڪون
ڇڏيون آهن، جن جي گيرائي ۽ گهرائي جو اثر ڪافي
ديرپا ثابت ٿيندو، سو نه رڳو ڪلام چوڻ تي قادر هو،
پر سندس قلم نثر جي ميدان ۾ به مات کائڻ وارو ڪين
هو. ”مذهبِ انسانيت“ جهڙي اخبار کي ننڍي اوستا ۾
ايڊٽ ڪرڻ ۽ طوطي نامي تي تحقيق جا حق ادا ڪرڻ لاءِ
به ذوالفقار راشدي جي ڄاڻ، همت ۽ اوچائي درڪار
آهي. هو ڪهاڻين لکڻ جي فن ۾ به ڪنهن ٻئي کان پوءِ
ڀرو ڪين هو، سندس اچانڪ انتقال بعد ڇپيل ڪتاب
ڪسوٽي سندس سخن ور هئڻ سان گڏ سخن فهم ۽ سخن سنج
هئڻ جي ساک ڀري ٿو.
تنقيد جي ڪنڊن ڀريل رستي تي رڙهڻ لاءِ به ڪنهن
سڄاڻ سورهيه جي ضرورت هوندي آهي، جو پنهنجو پلوَ
کي ڪنڊن کان بچائڻ سان گڏ تنقيد ٿيندڙ تي انهن جي
ڇپڻ جو احساس ٿيڻ نه ڏئي.
ذوالفقار راشدي مرحوم جهڙي قد قامت واري شخصيت جي
تنقيدي فن کي هن مختصر مضمون جي ننڍي فريم ۾ سمائڻ
نامناسب ۽ ناموزون هئڻ سان گڏ ڪٺن ڪم پڻ آهي.
سنڌي زبان ۾ تنقيدنگارن جي کوٽ منڍ کان وٺي محسوس
ڪئي وئي آهي. ان جو وڏو سبب اهو نه آهي ته سنڌ ۾
ڪا تنقيدنگارن جي اڻاٺ آهي، پر ان جو وڏو ڪارڻ اهو
آهي ته ڪي ڪتاب جن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، ان جو
ليکڪ ان کي پنهنجي ذاتي هتڪ سمجهي ٿو. ان طرح
صحتمند تنقيد جي بجاءِ معاملو وڃي ذاتيات تائين
پهچي ٿو. تنقيد حقيقت ۾ ساهت لاءِ ڪسوٽي آهي، جنهن
تي لڳائڻ سان کري ۽ کوٽي جي ڀلي ڀانت ڄاڻ حاصل ٿئي
ٿي.
ذوالفقار راشدي مرحوم جي ڪتاب ” احوال اڌوگابرا“
هيٺ ليکڪ پنهنجا ويچار ڪسوٽيءَ بابت پيش ڪيا آهن،
ان کانسواءِ ان ۾ محترمه ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين
جو اڀياس ۽ محترمه نورالهدى شاهه جي ڪتاب جلاوطن
جي ٽيڪا لکي اٿائين. شاعري بابت سندس مضمون آهن،
شاعري ۽ موسيقي جو ميل، نياز همايوني جي شاعري جي
تڪ تور ”ڪنڊا ڪوڏ گل ۽ گونچ“ جي سري سان، بلوچي
شاعري ۽ لوڪ ادب، ڇنڊ ڇاڻ جي عنوان سان هڪ ادبي
بحث، سوجهري جي جدا جدا اشاعتن مان گڏ ڪري ان تي
پنهنجا ويچار پيش ڪيا اٿئين. سنڌي طوطي نامي بابت
راشدي صاحب جو تحقيقي مضمون پڻ ڪتاب ۾ شامل آهي.
ان کانسواءِ ناز سنائي جو مرحوم راشدي کان ڪافي اڳ
ورتل انٽرويو پڻ ڪتاب ۾ ڇپيل آهي.
هڪ سئو سٺ صفحن جي هن ڪتاب جو سرورق فتاح هاليپوٽي
جي ذوق جو آئينه دار آهي.
ڪتاب کي سڳنڌ ڪتاب گهر لاڙڪاڻي وارن ڇپائي پڌرو
ڪيو آهي. ڇپائيندڙ زيب سنڌي پاڻ قلمڪار آهي ۽ ان
سان گڏ ڪتاب کي سهڻو ڪري ڇپائڻ جو تجربو پڻ ڪافي
اٿس.
مان ليکڪ جي انهن خيالن سان اتفاق ڪريان ٿو ته ”هن
ڪتاب ۾ ڪجهه نوان ته ڪجهه پراڻا مضمون گڏ ڪيل آهن.
مگر انهن مان هر هڪ جي پنهنجيءَ جاءِ تي اوتري ئي
اهميت (مگر ڪٿي ڪٿي ته اڃا به مٿي) آهي، جيتري
انهن جي پهريائين لکڻ ۽ ڇپجڻ وقت هئي.“
ڪسوٽيءَ جي پهرئين مضمون ”نرم لهجي جي ڪهاڻي
ماهتاب محبوب“ ۾ راشدي صاحب مصنفه جي شخصيت، فن ۽
زبان لاءِ پنهنجا ۽ ٻين اديبن جا ويچار پيش ڪيا
آهن. ماهتاب محبوب هڪ سڄاڻ ليکڪ آهي، جنهن جو نالو
ئي ڪنهن ڪتاب (خواه اهو ڪهاڻين جو هجي خواه
سفرنامو) جي بهتر هئڻ جي سند آهي. هن مضمون ۾
ماهتاب محبوب جي ڪتابن وغيره جو پورو توصيفي جائزو
ورتل آهي. تنقيدنگار دعوى سان لکيو آهي ته ”سنڌي
ساهت/ ڪهاڻيءَ جو ڪو گهڻگهرو ماهتاب جون ڪهاڻيون
پڙهي پنهنجي زبان تازي ڪري سگهي ٿو.“
محترمه نورالهدى شاهه جي ڪتاب ”جلاوطن تي ٽيڪا
ٽپڻي“ ڪسوٽيءَ جو ٻيو مضمون آهي. محترم تنقيد نگار
کي هن ڪتاب ۾ ڪا خوبي نظر ڪانه آئي آهي، جنهن جو
وستار ڪري. اهي سماج جا ناسور، جي رِسندا رهن ٿا،
انهن جي نشاندهي ڪرڻ کي عيب شمار ڪري راشدي صاحب
پنهنجي قلم جو زور ڏيکاريو آهي. هن مضمون کانپوءِ
نورالهدى شاهه جا ٻه خط مٿين تنقيد جي سلسلي ۾ ڏنل
آهن، جن مان جلاوطن جي مصنف جي اعلى ظرفي صاف ظاهر
آهي.
ائين معلوم ٿئي ٿو ته فاضل مصنفه مٿينءَ تنقيد کي
تنقيد ئي رهڻ ڏنو آهي ۽ کيس ذاتي رنجش جو سبب ڪين
بڻايو اٿئين.
”شاعري ۽ موسيقي جو ميل“ حقيقت ۾ ٻن خوبصورت فنن
جو سنگم آهي، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪسوٽي جي مٿينءَ
مضمون ۾ ڀليءَ ڀت ڪيل آهي.
تنقيدنگار (ذوالفقار راشديءَ) وٽ ڪنهن اديب/شاعر
جو ڪنهن متي/ آدرشسان جانبدار
(Committed)
رهڻ هڪ ادبي گناهه هو، ان ڪري باوجود شعري خوبين
جي هر اهو شعر جو ڪنهن نه ڪنهن متي (مذهبي، سياسي
يا آدرشي) سان وابسته هو، تنقيد جو نشانو بڻيو.
نياز همايوني جي شعري مجموعي ”ڌرتي جا گيت“ تي
تنقيد ڪندي پنهنجي مضمون ”ڪنڊا، ڪوڏ، گل ۽ گونچ:
ڦوٽهڙا، ڦولار مٽي جا“ ۾ لکي ٿو ”...سياسي نعرن
متن تي ٻڌل شاعري جي ڳچ حصي هوندي به مڃڻو پوي ٿو
ته نياز ٻولي جو بادشاهه آهي ۽ سندس لفاظي
(Vocabulary)
جو خزانو سدا ڀرپور رهي ٿو. لفظ سندس آڏو ٻانهن –
ٻڌا ٻانها آهن....“ اها تنقيدنگار جي عظمت ئي آهي
جو باوجود اصولي مخالفت هوندي به هو شاعر جي خوبين
جو دل کولي اعتراف ڪري ٿو.
سوجهري ۾ هڪ ادبي بحث ڇڙيو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين
سان گڏ مکيه ڳالهه بحث هيٺ هئي ته هڪ اديب کي ڪنهن
سياسي يا نظرياتي متي ڏانهن جانبدار هجڻ ضروري آهي
يا نه؟ هي هڪ طويل بحث هو، جنهن ۾ جدا جدا اديبن
پنهنجا ويچار پيش ڪيا هئا. ڪسوٽي ۾ اهو بحث تنقيد
نگار (ذوالفقار راشدي) جي مضمون سميت شامل ٿيل
آهي. مضمون پڙهڻ وٽان آهي.
بلوچي شاعري ۽ لوڪ ادب تي هڪ مضمون ڪسوٽيءَ ۾ ڏنل
آهي. هي مضمون مختصر هوندي به پڙهندڙ کي بلوچي لوڪ
ادب ۽ شاعري کان روشناس ڪرائي ٿو.
”سنڌي طوطي نامي“ تي هڪ تحقيقي مضمون پڻ ڪتاب ۾
درج ٿيل آهي، جنهن ۾ داستان کان وٺي ناول جي
موجوده رٿا تي بحث ڪيو ويو آهي.
”مري شال نه ضمير“ ناز سنائي جو ذوالفقار راشدي
کان انٽرويو ورتل آهي، جنهن ۾ ڪسوٽيءَ جي لکندڙ جي
ادبي ۽ نجي شخصيت بابت پڙهندڙ کي ڄاڻ ملي ٿي.
ڪتاب جي خوبين کي ڏسندي سندس قيمت 20 رپيا مناسب
نظر اچي ٿي.
- انيس انصاري
(9) سنڌ جو سورمو: مولانا تاج محمد امروٽي
مرتب: عبرالرحمان جتوئي.
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت سوسائٽي، شڪارپور.
قيمت: ٻارهن رپيا. صفحا 154. ڊيمي سائيز
سر زمين سنڌ ۾ اولياءِ ڪرام، اهل الله ۽ عالم
باعمل پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن ۽ انهن جي تعليم و
تبليغ ۽ آموزش ۽ پرورش سنڌي معاشري جي نه صرف
اصلاح ڪئي آهي پر فڪر جي بلندي ۽ وطن پرستي جي عمل
جو پرچار پڻ ڪيو آهي. اهڙن بلندپايه جي عالمن ۽
اهل الله مان حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رحه
صاحب پڻ هئا، حقيقت ۾ پاڻ سنڌ جي خود داري، آبرو ۽
عظمت جو نشان هئا. مولانا تاج محمود امروٽي صاحب
سنڌ ۾ جهاد، عدم تعاون ۽ انگريزن سان جنگ جوٽڻ جون
فتوائون ڏئي اهو ثابت ڪيو ته مسلمان ڪڏهن به غلام
رهي نٿو سگهي. سندس هجرت جو اعلان، پٺاڻن کي سڏ هو
ته انگريزن کي تڙي ٻاهر ڪڍيو وڃي، انهيءَ لحاظ کان
مولانا تاج محمود رحه کي بيشڪ ”سنڌ جو سورمو“ يا
”وطن جي آزاديءَ“ جو امام چئي سگهجي ٿو.
اهڙي اهل الله ۽ مجاهد جي زندگي جي ڪارنامن کي
منظر عام تي آڻڻ لاءِ محترم عبدالرحمان جتوئي جي
ڪوشش قابل تعريف آهي. اسان جي اهڙن بزرگن جي حالات
۽ ڪارنامن کي نوجوان نسل تائين پهچائڻ نهايت ضروري
آهي، ڇو ته مولانا امروٽي صاحب جي زندگي هڪ مثالي
حيثيت رکندڙ هئي ۽ ان مان ايندڙ نسل رهنمائي حاصل
ڪري سگهندو.
جتوئي صاحب، مختلف مضمون گڏ ڪيا آهن ۽ مولانا
امروٽي صاحب جي صحبتين کان جيڪا به معلومات ملي
آهي، سا نهايت صدق و سچائيءَ سان گڏ ڪري پيش ڪئي
آهي ۽ هيءُ ڪتاب پڙهڻ سان مولانا امروٽي صاحب جي
تعليمات مان فيض حاصل ڪري سگهجي ٿو.
- ڊاڪٽر گل حسن لغاري
(10) سنڌ جو ولي: حضرت حماد الله هاليجويؒ
مرتب: عبدالرحمان جتوئي.
ناشر: سنڌي ساهت سوسائٽي شڪارپور، 1986ع.
قيمت: ڏهه رپيا. صفحا 92: ڪرائون سائيز.
حضرت مولانا حماد الله هاليجوي رح صاحب جن جو
خاندان، اصل کان علمي هو ۽ سندن مريدن جو تعداد اڄ
به سنڌ ۾ موجود آهي. سنڌ جي هن ولي ۽ عارف هاليجي
شريف ۾ جيڪا ديني خدمت ڪئي ۽ سنڌي قوم جي اعتقاد ۽
عمل ۾ اصلاح ڪيو، سو هن ڪتاب جي پڙهڻ مان بخوبي
معلوم ٿي سگهي ٿو. حضرت حماد الله صاحب جن عالم ۽
عابد هئا ۽ ظاهرداري کان پري ڀڄندڙ هئا، کين عالمن
۽ درويشن لاءِ وڏي محبت ۽ الفت هوندي هئي. سندن
زندگي، عام ماڻهن کي هدايت ڪرڻ ۽ ذڪر وفڪر جي
تلقين لاءِ وقف ٿيل هئي. ان جي علاوه پاڻ حاذق
حڪيم به هئا ۽ عام ماڻهن جي حاجت روائي ۽ علاج
وغيره مفت ۾ ڪندا هئا. سندن ديني، علمي ۽ عرفاني
فيض عام هو.
عبدالرحمان جتوئي صاحب، حضرت حماد الله هاليجوي رح
جن جي زندگي ۽ فيوضات متعلق مختلف مضمون گڏ ڪري هن
ولي ۽ بزرگ جي نه صرف عقيدتمندي جو اظهار ڪيو آهي
پر عام ماڻهن کي به سندن فيوضات مان بهره ور ۽
فيضياب ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو آهي، جنهن لاءِ
جتوئي صاحب کيرون لهڻيون. اميد ته عارفن ۽ ولين جي
محبت رکڻ وارا هن ڪتاب جي تعلق ۽ واسطي سان نيڪ
صحبت واري گفتار مان فيضياب ٿيندا. بقول مولانا
روميؒ جي: ”اولياء جي هڪ گهڙيءَ جي صحبت ۽
همنشيني، سَوَ سالن جي عبادت کان بهتر آهي.“
يک زماني صحبت با اولياءَ،
بهتر از صد سالہ طاعت بي ريا.
- ڊاڪٽر گل حسن لغاري
(11) اُتر لڳا آءٌ پرين
”اُتر لڳا آءُ پرين“ جي خوبصورت لفافي ۾، مخدوم
جميل الزمان ”جميل“ پنهنجي دل جيڪا رواني ڪئي آهي،
اها شاعريءَ جي ترجماني آهي، جميل صاحب جي زير
مطالع تصنيف، اتر لڳا آءُ پرين، آهستي آهستي کولي
وڏي شوق انهماڪ سان پڙهجي ٿي ته ڪئين لڪل ڳالهيون
ظاهر ٿي وڃن ٿيون، پوءِ اهو پڙهندڙ جي مرضي تي
ڇڏيل آهي ته انهن جي تاويل ۽ تشريح جيئن وڻيس تيئن
ڪري، اهو ضروري ناهي ته شاعر جي خيالن سان اتفاق
هجيس يا شاعري جو پڙهندڙن سان اتفاق هجي. جيئن
اخبارن جا ايڊيٽر مراسله نگارن جي راءِ سان متفق
ٿيڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل ڪو نه رکندا آهن.
هي ڪتاب، مخدوم جميل الزمان جي شاعريءَ جو ٻيو
ڪتاب آهي. پهرين ڪتاب ۽ هن ڪتاب ۾ فرق صاف ظاهر
آهي، ڪتاب جي شروعات يادن سان ٿئي ٿي:
مدتن کان بعد جانب سان ملڻ وسري نٿو
زلف خوشبودار جو چهٽي وڃڻ وسري نٿو.
۽ محبتن تي اختتام پذير ٿئي ٿو:
جميل آئون هتي جيڪي لکان ٿو
خدا جو سنهن ته سڀڪجهه سچ چوان ٿو
جڏهن هالا ڏسان ٿو جِي پوان ٿو
مون کي منهنجي چمن سان پيار آهي
مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي.
مخدوم جميل الزمان، گذريل پنجن سالن کان شاعري
ڪندو اچي ۽ پنهنجي ڌُن ۽ ارادن ۾ مست آهي. شاعريءَ
صنفن ۾ غزل هڪ ڏکي صنف آهي، جنهن کي هروڀرو جهڙو
تهڙو شاعر نڀائي ڪو نه سگهندو آهي. غزل جي صنف ۾
تاثر جي همه گيري جو انحصار جيتري قدر ان جي موادي
۽ موضوع تي آهي. اوتري قدر ان جي هيئت ۽ صورت تي
پڻ آهي. ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته غزل ۾ مواد ۽
هيئت، موضوع ۽ صورت جي هم آهنگي باعث همہ گيري جي
وجود جو تاثر ملي ٿو. ان تاثر کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ
مواد ۽ هيئت موضوع ۽ صورت جي هم آهنگي پيدا ڪرڻ،
غزل ۾ بلڪل ضروري آهي. غزل جا بنيادي موضوع هونئن
ته عشق جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني هوندا آهن، پر
غزل جي اها شرح مڪمل ۽ همه گير ڪانهي.
ائين برابر آهي ته زندگي ۾ عشق و محبت جا جذبات
وڏي اهميت رکن ٿا، پر مضمون ۽ موضوع جي لحاظ کان
ان ۾ ٻيون به ڪيتريون زندگي جون ڳالهيون سمائجي
سگهن ٿيون. سنڌي شاعري ۾ غزل جي ابتدا کان وٺي اڄ
تائين نوان نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ روايتن ۾
جدتون پيدا ڪري اڄ غزل کي صرف عشق و محبت جو موضوع
نه بلڪ زندگي جي مڪمل ترجماني جي علامت به سڏيو
وڃي ٿو.
مخدوم جميل جي هن ڪتاب ۾ گهڻو تڻو غزل آهي ۽ انهي
۾ موضوع اهو ساڳيو ئي عشق محبت رکيو ويو آهي، پر
ڪن غزلن ۾ ان موضوع جو مفهوم، زندگي جي ٻين شعبن
سان پڻ هم آهنگ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ۽ ڪامياب ڪئي
وئي آهي.
اڄوڪي تن آسان دور ۾ غزل جا استاد هٿ ڪرڻ به مسئلو
آهي ۽ غزل کي موزون ڪرڻ به ڏکيو فن آهي. مخدوم
جميل صاحب جا ڀاڳ ڀلا آهن جو کين پنهنجي ئي گهر ۾
مخدوم طالب المولى سائين جهڙو بهترين استاد ملي
ويو آهي، جنهن جي نگراني ۽ رهنمائي ۾ سندس شاعري
جو دريا روان دوان آهي.
انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مخدوم جميل، اڃا تائين
به پنهنجي استاد جي تقليد م غزل لکندو اچي. مٿس
مخدوم طالب المولى سائين جي غزل جو رنگ چڙهيل آهي،
پر ان رنگ ۾ رنڱجندي آهستي آهستي جميل صاحب پنهنجي
هڪ نئين راهه جو تعين به ڪري ورتو آهي. يقينن ان
جو بنياد مضبوط آهي. رهنما ڪامل آهي ان ڪري ڪو شڪ
ناهي ته هو جدتن ۾ غزل کي حيات نو بخشي ڇڏيندو.
بقول مخدوم خليق الزمان ته:
جدتن ڏي لاڙيوسون جنهن گهڙي پنهنجو غزل،
شاعري سمجهيو ته مون کي اڄ سنوارڻ ٿا اچن.
واقعي مخدوم جميل الزمان پنهنجي غزل کي جدتن ڏانهن
لاڙيو آهي. نوان خيال، نيون تشبيهون ۽ نوان
استعارا، نيون ترڪيبون استعمال ڪرڻ تي ڪمر ڪشي
بيٺو آهي. سندس ڪتاب ۾ نواڻ آهي، تاثر آهي، هم
آهنگي آهي.
”اتر لڳا آءُ پرين“ جو ٽائيٽل نهايت بهترين ۽ ديده
زيب آهي. ڊيمي سائيز ۾ 120 صفحن جي هن ڪتاب جو پنو
آفسيٽ 90 گرام آهي، جيڪو ڏاڍو خوبصورت پيو لڳي.
ڪتاب جي آخر ۾ سائين احمد خان ”آصف“ مصراڻي جي
”قطع تاريخ“ پراثر آهي.
- انور هالائي |