هو اهڙن انسانن مان هو، جن جي ڏسڻ سان اکيون ٿڌيون
ٿينديون هيون ۽ ڳالهين ٻڌڻ سان روح کي راحت رسندي
هئي. هو جڏهن گفتگو ڪندو هو، ته ائين معلوم ٿيندو
هو، ڄڻ گلن جي ورکا ٿي رهي آهي. اڄ اهڙن انسانن کي
ڏسڻ لاءِ اکيون سڪن ٿيون. موت هڪ حقيقت آهي، جيڪو
آيو آهي، اهو اوس هتان وڃڻو آهي، پر انصاري صاحب
اهڙن انسانن مان هو، جيڪي پنهنجي ڪردار ۽ افڪار
ذريعي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڦهلائي ويندا آهن، جنهنڪري
جيءَ ۾ جايون جوڙي ويندا آهن ۽ وساريا نه وسرندا
آهن.
انگريزي ادب جي سلسلي ۾ انصاري صاحب انگريزي
رومانوي شاعري اڀياس ڪرڻ وقت ان ۾ مذهبي رجحانن جي
ڇنڊڇاڻ ڪندو هو، ۽ انهن جي نشاندهي ڪندو هو. سندس
مطالعي، تقرير ۽ تحرير ۾ پيشڪش جو انداز سائنسي
بنيادن تي ٻڌل هوندو هو، ۽ تنقيد جي جديد رجحانن
جو لحاظ رکندو هو. نه فقط ايترو، پر هو جديد تهذيب
جو تجزيو روحاني اقدار جي روشنيءَ ۾ ڪندو هو ۽
چوندو هو ته جديد تهذيب جي تباهي اوس اچڻي آهي،
ڇاڪاڻ جو اها روحانيت کي نظرانداز ڪري، وڻواند ٿي
رهي آهي. ماديت پرستي انسان کي خود غرض ۽ خود پرست
بڻائي رهي آهي، جنهنڪري منجهائنس انساني اوصاف،
محبت، خلوص، سچائي، خير خواهي ۽ انسان دوستي مفقود
ٿيندا پيا وڃن. هو چوندو هو ته شاهه صاحب جو پيغام
ان درد جي دوا آهي، پر افسوس جو اسين ان دوا ذريعي
پنهنجي معاشري جو علاج ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿا
ٿيون. ڏاڍو حساس هو، ۽ انسانن جون ڏاڍايون ۽
وحشيانه حرڪتون ڏسي ۽ ٻڌي تڙپي اٿندو هو. حساسيت
انسان کي شاعر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.
اهي جذبات ۽ احساسات، انصاري صاحب کي ڪڏهن ڪڏهن
انگريزي شعر چوڻ تي آماده ڪندا هئا.
هن جڏهن ڏٺو ته جديد دنيا کي شاهه لطيف جي افڪار
مان فائدو رسي سگهي ٿو، تڏهن هن انگريزي زبان کي
اظهار جو ذريعو بنائي، شاهه جو پيغام دنيا کي
پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ پهريون ڪتاب ”لطيف
۽ جديد دنيا“
(Latif and the Modern World)
1970ع ۾ شايع ڪيائين. ان ۾ هن لطيف جي شاعريءَ جي
علامتن ۽ اهڃاڻن جي وضاحت ڪئي آهي. شاهه صاحب جي
تعليم جي روشنيءَ ۾ انساني مسئلن ۽ مونجهارن جو حل
ٻڌايو آهي. شاهه صاحب جي شعر جو جيڪو ترجمو ڪيو
اٿس، اهو شاهه صاحب جي فڪر جي روح کي پوريءَ طرح
بيان ڪري ٿو ۽ شاعرانه خوبين سان به مزين آهي. هن
ڏيکاريو آهي ته لطيف هر دور جو شاعر آهي، سندس
پيغام اڄ جي دور لاءِ به اهڙو ئي ڪارائتو آهي،
جهڙو اڳي هو.
هن ڪتاب کانسواءِ انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب جي شاعري
۽ پيغام تي ٻيا به مضمون لکيائين، ۽ ڪن مضمونن ۾
شاهه صاحب جي رسالي جي مختلف سرن جو فڪر ۽ فلسفو
بيان ڪيائين، جهڙوڪ: سر سهڻي، سر سسئي آبري وغيره،
سر سهڻيءَ واري مضمون جي شروعات ئي هن نموني ڪري
ٿو ته ”هن مادي دنيا ۾ هڪ وهڪرو ماٺيڻي ۽ اڻ – لکي
نموني جاري ۽ ساري آهي. ان کي ڪابه روڪ رنڊڪ آڏو
نٿي اچي، ۽ هڪ جزي ۽ ٻي جزي جي وچ وارو خال ڀريندو
رهي ٿو.“ مشهور صوفي فيلسوف ابن عربي اهو خيال هن
طرح بيان ڪيو آهي، ته ”دنيا هر گهڙي ۽ هر پلڪ
بدلجندي رهي ٿي.“ ان مان معلوم ٿيندو ته اڪرم
انصاريءَ جي سوچ جو نتيجو صوفي بزرگن جي افڪار سان
هم آهنگ آهي، انهيءَ سوچ سان انصاري صاحب شاهه
صاحب جي انهن علامتن جو گهرو مطالعو ڪيو هو، جن جو
پاڻيءَ جي وهڪري ۽ پاڻيءَ سان تعلق آهي.
انصاري صاحب جو شاهه لطيف جي شاعريءَ بابت پويون
ڇپيل ڪتاب ”لطيف جي شاعريءَ ۾ علامتيت“
(Symbolism in Latifs Poetry)
آهي، جيڪو 22- سيپٽمبر 1983ع تي، پنهنجي صحيح سان
مون کي تحفي طور ڏنائون. اهو ڪتاب تازو سنڌالاجي
طرفان ڇپيو هو، ۽ پاڻ انهن ڏينهن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورڊ جو چيئرمين هو. ان ۾ مينهن جي علامت بابت هڪ
مضمون آهي، جنهن جي شروعات هن طرح ڪئي اٿس، ته
مينهن جو پاڻي الله تعالى جي رحمت جي نشاني آهي.
حقيقت اها آهي ته اهڙن ڀلارن، ڀاڳ ڀرين ۽ علم جي
ڀنڊارن جو وجود به عرفان جي وسڪاري وانگر آهي،
جيڪي پنهنجي علمي فيض جي پالوٽ سان انسانن جي دلين
۾ سرت، ساڃاهه، محبت ۽ معرفت پيدا ڪندا رهن ٿا.
پروفيسر محمد اڪرم انصاري جو اباڻو ڳوٺ ٻورڙي
(ضلعو دادو) آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل
ڪيائين، ۽ انگريزي تعليم نور محمد هاءِ اسڪول
حيدرآباد مان حاصل ڪيائين، جتان 1942ع ۾ انگريزي ۾
ايم. اي ڪيائين. 1946ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان
بي. اي آنرس ۽ 1948ع ۾ انگريزي ۾ ايم. اي ڪيائين.
1946ع کان 1950ع تائين ايس. ايم ڪاليج ڪراچي ۾
انگريزي جو استاد ٿي رهيو. ان کانپوءِ سنڌ جي
تعليم کاتي ۾ انگريزي جو پروفيسر مقرر ٿيو. جلد ئي
انٽرميڊئيٽ ڪاليج جو پرنسپل ٿيو ۽ 1958ع ۾ ڊگري
ڪاليج جو پرنسپل ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. اسان جي
طرف گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڪاليج جو پرنسپل ۽
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر جو پرنسپل ٿي رهيو. جڏهن
سکر ۾ هو، ته راقم الحروف جو ساڻس نيازمندي جو
رستو قائم ٿيو. 1973ع ۾ جيئن ئي ڊائريڪٽر ڪاليج
ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن ٿيو، ته مون کي گورنمينٽ
پاڪستان ڪاليج خيرپور (ميرس) جو پرنسپل مقرر
ڪيائين. وقت بوقت مون سان جيڪي ڀال ڀلايائين، اهي
آءٌ ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.
انصاري صاحب ڪجهه وقت ڊائريڪٽر ڪاليجز رهڻ کانپوءِ
چيئرمين حيدرآباد بورڊ، پروفيسر انگلش ڊپارٽمينٽ
سنڌ يونيورسٽي ۽ ميمبر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٿي
رهيو. جڏهن رٽائر ڪيائين، ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ
جو چيئرمين هو. اڃا رٽائر ڪئي ٿورائي ڏينهن مس
گذريا هئس، جو 31 – ڊسمبر 1985ع هن جهان مان
لاڏاڻو ڪيائين. الله تعالى جون مٿس رحمتون هجن.
آمين.
مزاح جي ماهرن ۽ مُسڪڻن ۽ ڪُشڪڻن کي
سڻڀو سڏ
سڀني سڄڻن کي سُڻي سرهائي ٿيندي ته سنڌ ثقافتي
مرڪز جي بانيڪارن پاران ڀٽ شاهه تعلقو هالا سنڌ ۾
اپريل 1987ع جي پهرئين هفتي ۾ مزاح ۽ مشڪري تي هڪ
قربائتي ڪچهري ڪوٺائي پئي وڃي.
هن ڪچهريءَ ۾ نقل – نظير، چرچا – گهَٻا، ڀوڳ –
شوڳ، ٽوڪون – ٻٽاڪون، ڄٻارا – چاٻا، چٿرون –
چاڻڪون، ٺٺوليون، سِٺُون، لُٽڪا – چَٽڪا، ٽوٽڪا –
ڦٽڪا، ظريفا – لطيفا ۽ راڳ – راسوڙا، خوشين ۽
شادين جي پِرڀن تي ڪيل رؤنشا، تال – تماشا، سماجي
سانگ، رنگ – روپ، کڳيون ۽ کِلن جا ڍنگ، ٻڌا ٽهڪ،
ٻاتا ٻول، ڪوڏائتيون ڪوتُون، انوکا ناچ – ڳاچ،
اهلون (ماڻهن، جانورن، پکين ۽ ٻين ڪائنات جي قسمن
قسمن جون) سيبائتا سلوڻا سخن، مزيدار مناظرا،
مشڪرن جا مقابلا اسٽيج تي اچي ڏيکاريا ويندا.
انهن ڪارنامن ۽ ڪرتبن جا ڪاريگر، ٽوڪباز، مسخرا،
چرچائي، ڀوڳائي، سِيني ٺار سُگهڙ، آهلِر، تالِر ۽
کلمک مهانڊا اتي اچي پاڻ وڻائيندا، پاڻ کي
ملهائيندا ۽ انعام اڪرام پائيندا.
(هن ڪچهريءَ ۾ اهو خاص خيال رکڻو آهي ته
بداخلاقيءَ وارو ڍونگ، گفتا – نڪتا. گار – گند ۽
تهذيب کان ڪِريل ڪو به ڍنگ، ڪنهن جو به قبول نه
ڪيو ويندو)
اوهين ايندا ته اوهان جي آجيان ڪنداسين، اوهان جي
اچڻ سان رُکن روحن، دُکي دِلين، ڀيليل ۽ ڀِلڪڙن
منهن تي مُرڪ، مُشڪ ۽ ڪُشڪ وري ويندي.
اوهان جيڪو به ڪرتب اچي ادا ڪريو ته ان جو مختصر
تفصيل پنهنجي پوري پوري پتي (ائڊريس) سان گڏ پوسٽ
رستي موڪلي ڏجو ته مهرباني، ڇو ته انهن ڪرتبن جو
درجيوار تفصيل ٺاهي، ان موجب ڪچهري جي ڪارروائي
هلائي ويندي.
لکپڙهه لاءِ ايڊريس:
ڪنوينر:
ولي محمد طاهرزادو
سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس
نيو ڪئمپس، اسٽيشن روڊ ڄام شورو سنڌ.
(جنرل پوسٽ آفيس باڪس نمبر12، حيدرآباد سنڌ)
لفافي جي ڪنڊ تي ”ثقافتي ڪچهري بابت“ لفظ
ضرور لکو.
اُهي دلگداز ۽ روح فرسا گهڙيون، جن جي ٻاٽ اوندهه
۾ ظلم ۽ تشدد جي ڇڙواڳ ديو جو وحشي هٿ، قوت ۽ طاقت
جي آڙ ۾، زندگيءَ جي معصوم ۽ ڪنول جهڙين اڇين
اجرين دلين کي ٽڙڻ کلڻ کان اڳ مروٽي ٿو اڇلائي، سي
ڪائنات تي هڪ لرزه انگيز سڪوت طاري ڪيو ڇڏين. شاعر
۽ اديب پنهنجي غمزده خاموشيءَ ۾ غرق ٿي ٿو وڃي.
مشاهدي جي اک مان وهيل ڳوڙها، قلم جي ذريعي ڪاغذ
تي ڳڙي، خاموش زبان ۾ جو ڪجهه نقش ٿا ڪن، ان کي
ماڻهو شعر ۽ افسانو ٿا سڏين.
ــ غلام محمد گرامي.
ڪهاڻيون
”هر وڏو شاعر ۽ اديب، پنهنجي فڪري پرواز جي سببان،
عوام جي ذهن ۽ فڪر جي پهچ کان گهڻو مٿي ٿئي ٿو.
سندس فن، هر اعتبار کان، عام ماڻهن جي ذهني سطح
کان صدين جي مفاصلي تي پرواز ڪندو رهي ٿو. هو جڏهن
تخيل ۽ فڪر جي بلندين تي اُڏري ٿو، تڏهن عوام جو
ذهن، سندس معيار ۽ رفتار جو ساٿ ڏئي نٿو سگهي. ان
بلنديءَ تي پهچي، هو جو ڪجهه به محسوس ڪري ٿو، ۽
شدت جذبات کان جا به واردات مٿس ٿئي ٿي، اها سندس
روح جي ترجماني چئي وڃي ٿي. جيستائين عام ماڻهن جو
ذهن، سندس بلنديءَ سان ساٿ ڏئي نٿو سگهي. تيستائين
سندس فن نه فقط عوام لاءِ ناقابل فهم رهي ٿو، پر
ان سان گڏ سندس هم عصر به سندس بلنديءَ تي اُڏري
نٿا سگهن، ان ڪري سندس فن جو انڪار ڪن ٿا.“
چيتو ڏهين ڏينهن تي
(فئنٽسي)
نجم عباسي
جنهن پڃري ۾ چيتو بند هو، ان کان جهنگل تمام گهڻو
پري رهجي ويا هئا، پر چيتو انهن جهنگلن کي وساري
نٿي سگهيو. هو انهن ماڻهن کي غصي ڀريل اکين سان
ڏسندو هو، جي هن کي اچرج وچان ڏسڻ لاءِ اچي هن جي
پڃري جي چوڌاري بيهندا هئا.
انهن مان هڪڙو شخص ڌيرج ڀرئي آواز ۾ پنهنجن شاگردن
کي چوندو هو: جيڪڏهن توهان سچ پچ مون وارو ڌنڌو
سکڻ چاهيو ٿا، ”ماسٽر“ بنجڻ وارو ڌنڌو، ته توهان
کي هڪ گهڙي لاءِ به وسارڻ نه گهرجي ته توهان جي
مخالف جو ”پيٽ“ توهان جو پهريون نشانو هجڻ گهرجي،
۽ توهان کي محسوس ٿيندو ته هي ڌنڌو ساڳئي وقت سکيو
به آهي ته ڏکيو به.
”هاڻي هن چيتي کي ڏسو.“ ماسٽر چيو ”هي خونخوار ۽
هٺيلو آهي. هن کي پنهنجي آزادگي ۽ دليريءَ تي وڏو
گهمنڊ آهي. پر مان توهان کي ڏيکاريندس ته هي ساڳيو
ئي چيتو ٻار وانگر نرم، نماڻو ۽ چئيوان ٿي ويندو.
غور سان جاچجو ۽ سکيا حاصل ڪجو ته هن چيتي، جنهن
وٽ کاڌو نه آهي ۽ ان شخص جي وچ ۾ ڇا ٿو ٿئي، جنهن
جي هٿ ۾ کاڌو آهي!“
شاگردن بنا دير وراڻيو ته هو جانورن کي سکيا ڏيڻ
خاطر پنهنجو پورو تن ۽ من لڳائيندا. ماسٽر سرڪي،
سرهائيءَ مان چيتي ڏي نهاريو ۽ ٽوڪ واري نموني ۾
هن کان پڇيائين ”۽ اسان جو پيارو مزمان ڪيئن آهي؟“
”مون کي منهنجو کاڌو آڻي ڏيو،“ چيتي چيو. ”ڏسو ڪو
نه ٿا ته منهنجي کاڌي جو وقت ٿي ويو آهي!“
ماسٽر بناوتي حيرت مان جواب ڏنو، ”منهنجو قيدي ٿي
ڪري تون مون تي حڪم هلائڻ ٿو چاهين؟ تون ڪهڙو نه
دلچسپ چيتو آهين!، توکي اهو احساس هجڻ کپي ته هتي
فقط مون کي ئي حڪم هلائڻ جو حق آهي.“
”چيتن تي ڪير به حڪم هلائي نٿو سگهي!“ چيتي چيو.
”پر تون هينئر چيتو نه آهين،“ ماسٽر چيو. ”جهنگلن
۾ تون چيتو آهين، پر هن وقت تون پڃري ۾ آهي، تون
هڪڙو باندي آهين، جنهن کي منهنجو حڪم مڃڻو آهي ۽
ائين ڪرڻو آهي، جيئن مان چوان ٿو.“
”مان ڪنهن جو به غلام نه آهيان“ چيتي شوخيءَ مان
چيو.
”توکي منهنجو ئي حڪم مڃڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوندو،
ڇو ته تنهنجو کاڌو منهنجي ئي هٿ ۾ آهي.“ ماسٽر
وراڻيو.
”مون کي تنهنجي کاڌي جي ضرورت نه آهي.“ چيتي جواب
ڏنو.
”ته پوءِ ڀلي وڃي بک مر.“ ماسٽر چيو، ”ڇو ته مان
تو سان ڪا زور زبردستي ڪو نه ڪندس.“
پوءِ شاگردن ڏي مهڙ ڪري ماسٽر چيو، ”ڏسجو ته هي
چيتو ڪيئن نه بدلجي ٿو وڃي، ڇو ته ڳاٽ اوچي ڪرڻ
سان ڪو پيٽ ڪو نه ڀرجي ويندو آهي.“
چيتو بکيو رهجي ويو، ۽ اهي ڏينهن ياد ڪري اداس ٿيڻ
لڳو. جڏهن هوا وانگر آزادي سان پنهنجي شڪار جو
پيڇو ڪندو هو.
ٻئي ڏينهن ماسٽر ۽ شاگرد، چيتي جي پڃري جي چوڌاري
ٿي بيٺا. ماسٽر چيو، ”ڇا تو کي بک نه لڳي آهي، مون
کي پڪ آهي ته تون ايترو بکايل آهين، جو ڏسي مون کي
پيڙا ٿي محسوس ٿئي. هينئر به تون مڃ ته تون بکايل
آهين. ته توکي جيڪو گوشت کپي سو ملندو.“ چيتو چُپ
رهيو، تنهن ڪري ماسٽر هن کي وري چيو، ”ڳهيلو نه
ٿيءُ، جيئن مان چوان ٿو ائين ڪر. مڃ ته تون بکايل
آهين ۽ هڪدم توکي پيٽ ڀرڻ جيترو کاڌو ملندو.“
”مان بکايل آهيان!“ چيتي چيو.
ماسٽر کلي ڏنو ۽ شاگردن کي چيائين، ”ڏٺو ني! هي
هاڻي اهڙو ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿو آهي، جتان ڪڏهن به نڪري
نه سگهندو!“
هن حڪم ڏنو ۽ چيتي کي جام گوشت ملي ويو.
ٽئين ڏينهن تي ماسٽر چيتي کي چيو، ”اڄ به جي توکي
کاڌو کپي ته منهنجو چوڻ ڪر!“
”مان تنهنجو چوڻ نه مڃيندس!“ چيتي وراڻيون.
”اٻهرو نه ٿيءُ، مان توکي هڪڙي معمولي چيز چوان
ٿو، تون هينئر به پڃري اندر اچ – وڃ ڪري رهيو
آهين. بس ايترو ڪر جو جڏهن مان توکي چوان ته ”بيهي
رهه!“ ته تون بيهي رهجان.“
چيتو هڪ هنڌ ڄمي بيهي رهيو، ۽ ماسٽر خوشيءَ ڀرئي
آواز ۾ چيو، ”واهه، واهه! چيتو سرهو ٿيو ۽ پوري
هٻڇ سان گوشت ڳڙڪائڻ لڳو. ان وچ ۾، ماسٽر سيکڙاٽن
ڏي مهڙ ڪري چيو، ”ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هي ڪاغذ جو
چيتو ٿي ويندو!“
چوٿين ڏينهن، چيتي، ماسٽر کي چيو ته ”مون کي چئو
ته ”بيهي رهه!“ ڇو ته مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي.“
ماسٽر، پنهنجن شاگردن کي چيو، ”هاڻي هن کي منهنجا
حڪم وڻڻ لڳا آهن.“
پوءِ ماسٽر، چيتي ڏي منهن ڪري چيو، ”اڄ توکي
ايستائين کاڌو نه ملندو، جيستائين تون ٻليءَ جي
”ميائو ميائو“ جي اهل نه ڪندين!“
چيتي مشڪل سان پنهنجي ڪاوڙ کي دٻايو ۽ پنهنجو پاڻ
کي چيائين، ”مان ٻليءَ وانگر ميائو ميائو ڪري پاڻ
کي وندرائيندس.“
هن ٻليءَ جي ميائو ميائو جو نقل ڪيو، پر ماسٽر جي
نرڙ تي گهنج ظاهر ٿيا ۽ خار مان چيائين، ”تنهنجي
اهل صحيح نه آهي، ڇا تون گجگوڙ کي ميائو ميائو ٿو
ليکين؟“
چيتي، ٻليءَ جي ميائو ميائو جو وري نقل ڪيو، پر
ماسٽر شوڪيل رهيو ۽ حقارت سان آکيائين، ”خاموش
رهه، چپ ڪر! تنهنجي اهل اڃا سٺي نه آهي. اڄوڪو
ڏينهن توکي ميائو ميائو جي مشق ڪرڻ لاءِ ڏيان ٿو،
سڀاڻي وري توکي ٻڌندس، جيڪڏهن ڪامياب ٿئي ته توکي
کائڻ لاءِ ملندو، جي ڪامياب نه ٿئين ته توکي کاڌي
لاءِ ڪجهه نه ملندو.“
ماسٽر آهستي آهستي وکن سان، چيتي جي پڃري کان
پرڀرو چُرڻ لڳو. شاگرد هن جي پويان هلڻ لڳا. هو
پاڻ ۾ سس پس به ڪري رهيا هئا ۽ کلي به رهيا هئا.
چيتو جهنگلن کي ٻاڏائڻ لڳو پر جهنگل ته تمام پري
هئا.
پنجين ڏينهن تي ماسٽر، چيتي کي چيو، ”ميان ٻڌ! جي
اڄ تو ٻليءَ جي ميائو ميائو جي اهل ڪاميابيءَ سان
ٻڌائي ته توکي کائڻ لاءِ سڄر گوشت جو وڏو ٽڪرو
ملندو!“
چيتي، ٻليءَ جي ميائو ميائو جو نقل ڪري ڏيکاريو، ۽
ماسٽر آفرين مان تاڙي وڄائي ۽ سرهائيءَ مان چيو،
”تون عظيم آهين، تون صفا ٻليءَ وانگر ميائو ميائو
ڪرين ٿو.“ ائين چئي. هن جي آڏو گوشت جو هڪ وڏو
ٽڪرو اڇلايائين.
ڇهين ڏينهن، ماسٽر اڃا چيتي جي پڃري جي ويجهو آيو
ته چيتي جلدي ۾ ٻليءَ جي ميائو ميائو جي نقل جو
آواز بلند ڪيو، پر ماسٽر ماٺ ۾ رهيو ۽ هن جي نرڙ
تي گهنج اچي ويا.
”ڏسو، مون ٻليءَ جي ميائو ميائو جو نقل ڪيو آهي“
چيتي چيو.
”گڏهه جي هينگ جي اهل ڪر!“ ماسٽر سخت لهجي ۾ چيو.
”مان، جنهن کان جهنگل جا سڀ جانور ڊڄندا ۽ ڪؤ
کائيندا آهن، سو گڏهه وانگر هينگ ڪريان!“ چيتي چڙ
مان چيو، ”ان کان وڌيڪ چڱو اهو آهي ته مان مرڻ
قبول ڪريان.“
ماسٽر، هڪ اکر به چوڻ کان سواءِ پڃري کان پري هليو
ويو.
ستين ڏينهن، هو مرڪندو چيتي جي پڃري وٽ آيو ۽ هن
کان پڇيائين، ”ڏي خبر کاڌو کائڻو آهي؟“
”ها، مون کي کاڌو کپي.“ چيتي وراڻيو.
ماسٽر چيو، ”گوشت، جيڪو توکي ملندو، ان جي قيمتي
آهي.... گڏهه وانگر هينگ ڪر ته توکي کاڌو ملندو.“
چيتي پنهنجي ذهن ۾ جهنگل ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
هن کان ته سڀ ڪجهه وسري ويو هو. پوءِ هن اکيون
ٻوٽي، اوچتو وٺي گڏهه جهڙي هينگ ڪئي.
”تو ايتري ڪاميابيءَ سان هينگ نه ڪئي آهي“ ماسٽر
چيو، ”پر توتي قياس ڪري، توکي گوشت جو هڪڙو ٽڪرو
ڏيان ٿو.“
اٺين ڏينهن، ماسٽر چيتي کي چيو، ”مان هڪڙي تقرير
ٿو ڪريان، جڏهن اها پوري ڪريان ته تون هڪدم تاڙيون
وڄائجان ۽ زور سان ”واهه واهه“ ڪجان.“
ماسٽر پنهنجي تقرير شروع ڪئي: ساٿيو! هموطنو! اسان
هن کان اڳ پڻ ڪيترن ئي موقعن تي، پنهنجي منزل تي
پهچڻ جي باري ۾، پنهنجي مطالبي جو پڪو پهه پئي
پڌرو ڪيو آهي. دشمن ڀلي ڪيتريون به سازشيون ڪري،
پر اسان جي هن اڻٽر ۽ چٽي مطالبي ۾ تبديلي ڪانه
ايندي. اسان جي منزل نه ڦرندي. اسين پنهنجي حوصلي
۽ اعتماد سان سوڀارا ٿينداسين...
”تو جيڪي چيو، سو منهنجي سمجهه ۾ ته ڪو نه آيو.“
چيتي چيو.
”تنهنجو ڪم آهي ته مان جيڪي چوان، ان جي ساراهه ڪر
۽ تاڙيون وڄاءِ!“ ماسٽر جواب ڏنو.
”معاف ڪجان، مان جاهل ۽ جهنگلي آهيان، تو جيڪي
هينئر فرمايو آهي، سو سچ پچ ته حيرتناڪ آهي، ۽
جيئن تون چوين ٿو، مان تاڙيون ٿو وڄايان.“
چيتي تاڙيون وڄايون، پر ماسٽر چيو، ”مون کي ٻچاپڙا
۽ ٻچاپڙائي اصل ڪو نه وڻن.... ان ڪري سزا طور اڄ
توکي کاڌو نه ملندو.“ |