پيءُ کيس وري سڏ ڪري ٿو ته هو اتان هٽي پيءُ جي ڀر
۾ ويهي ٿو.
انهن لمحن ۾ هڪ ستن – اٺن سالن جو ٻار ظاهر ٿئي
ٿو. هن جي مٿي تي گجرن جو ٿالهه آهي. پيرن ۾ پراڻي
رٻڙائي چمپل اٿس. منهن جو رنگ اُس ۾ رلڻ ڪري
ڪاراٽيل لڳيس ٿو. هو ڪمزور آواز ۾ هوڪو ڏئي ٿو.
پوءِ ٿالهه سرهن جي پاڙ ۾ رکي نلڪي ڏانهن وڌي وڃي
ٿو. پهريان پاڻي پيئي ٿو. پوءِ ننڍا ٻڪ ڀري منهن
تي هڻي ٿو. آخر ۾ پير ڌوئي گوڏ جو پلوَ سان منهن
اگهي ٿو. هاڻي هو سامت ۾ اچي پهريائين جي ڀيٽ ۾
ڪڙڪ آواز ۾ هوڪو ڏئي ٿو. ”گجر.... مٺي لاهوري
گجر.“
ننڍڙو سجاد گجر وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. ”بابا،
گجر وٺي ڏي. گجر وارا هيڏي آ. گجر ڏي.“
گجر وارو گهوڙريو ٻا رجي ويجهو سرڪي اچي ٿو. پيءُ
کي خبر آهي ته هن جي کيسي ۾ پسئا ڪونهن، پوءِ به
اوپري ٻار اڳيان ڪوڙو ڀرم رکڻ لاءِ ائين ئي کاٻو
هٿ قميص جي کيسي ڏانهن کڻي وڃي ٿو.
گجرن وارو تياري وٺي ٿو. کيس پڪ ٿي وڃي ٿي ته
گجرون ضرور وڪامنديون.
”پئسا ته هت ڪو نه آهن“ ڪجهه ڦڪائي سان پيءُ چوي
ٿو.
”پر سائين گهرجن گهڻي جون؟“ گجرن وارو گراهڪ وڃائڻ
نٿو چاهي.
”روپئي کن جون گهرجن، پر....“
”پرواهه ناهي، مان شام توهان جي گهر اچي وٺي
ويندس.“
”تون مون کي سڃاڻندو آهين ڇا؟“
اٽلندو ٻار پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، ”سائين! مون کي
نه ٿا سڃاڻو، مان جمال الدين جو پٽ آهيان“
”ڪهڙو جمال الدين؟“
”جمال الدين مستري سائين! هو جنهن جو ويلڊنگ جو
دڪان نه هوندو هو، جاڙل شاهه جي ڀرسان. او جيڪو
اڳئين سال بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري گذاري ويو هو.
مان ان جو پٽ آهيان.“
”هان، تون جمال الدين جو پٽ آهين؟!“ هو حيرت ۽ ڏک
منجهان ٻارڙي ڏانهن ڏسي ٿو. پيءُ جي موت جو ذڪر
ايندي ٻار اداس ٿي وڃي ٿو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها
ڀرجي وڃن ٿا، جن کي روڪڻ لاءِ هو تڪڙيون تڪڙيون
اکيون ڇنڀڻ لڳي ٿو، پر جڏهن ڳوڙها هن جي وس کان
ٻاهر ٿي وڃن ٿا ته پگهر اگهڻ جي بهاني گوڏ جي پلئه
سان منهن اگهي ٿو.
پيءُ هاڻي ساجد ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو ۽ گهوڙريو ٻار
پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان چاقو کولي گجر جا ننڍا
ننڍا ٽڪر ڪٽي ساجد جي اڳيان رکي ٿو. ساجد ڏاڍي شوق
منجهان بي فڪر ٿي گجر کائڻ لڳي ٿو. پوءِ گهوڙريو
ٻار اتان اٿي ٿو. ننڍڙو، معصومڙو، ننڍي وجود تي
ٿالهه جو وڏو بار کڻي گهلجڻ لڳي ٿو.
اوچتو پيءُ کي لڳي ٿو، پريان پگهريل ۽ ڪاراٽيل
چمڙي ۽ گجرن جي ٿالهه جو بار کڻي هلندڙ ٻارڙو هن
جو ساجد هجي، جو گهر جي ضرورتن جو شڪار ٿي، تتل
ڏينهن ۾ هوڪا ڏيندو هجي. هن کي الائجي ڇو اهو ٻار
ساجد جي مستقبل ٿو لڳي. تڏهن شديد ڏک ۽ اندر جي
ڪنهن اونهي عذاب کان دل ۾ وڍ پويس ٿو. هو ٿورو
سُري ساجد کي ڳراٽڙي پائي ٿو ۽ ساجد اهو سمجهي ته
بابو شايد گجر کائڻ ٿو چاهي، پيءُ جي وات ۾ گجر جو
هڪ ٽڪر وجهي ٿو. پيءُ اوڇنگهار ڏئي ٿو.
گذريل وقت جو گهاءُ
غلام رسول ڪلهوڙو
ڪار آهستي آهستي هلندي مين روڊ تي پهتي ۽ پوءِ شهر
جي ٻاهرين پاسي کان اچي نڪتي. شهر جي آخري چوڪ تي
ماڻهن جي چرپر گهٽيل هئي. چوڪ جي کاٻي پاسي کان
ٿورو پري هڪ پارڪ هو ۽ پارڪ ۾ پپل جو هڪ گهاٽو وڻ
هو، جيڪو ايامن کان اُتي بيٺل هو. پپل جي گهاٽي
ڇانو ان علائقي ۾ مشهور هئي. اڪثر راهگير گرميءَ
جي موسم ۾ ٻه گهڙيون اتي ترسي ٿڪ لاهي اڳتي روانا
ٿيندا هئا.
انور ڪار کي پارڪ جي ويجهو وڃي بيهاريو ۽ پوءِ
نرگس کي چوڻ لڳو: ”تون ٿورو اتي ترس ته مان اوسي
پاسي کان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي اچان.“
ائين چئي انور ڪار مان لهي ويو ۽ هوءَ هوا جو لطف
ماڻڻ لاءِ گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري اچي پپل جي وڻ
هيٺان بيٺي. پپل جي ٿڌڙي هير هن جي ڪنن سان
سرگوشيون ڪرڻ لڳي. وقت گذارڻ لاءِ هن پپل جي وڻ تي
هڪ سرسري نظر وڌي ۽ پوءِ کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو
ڄڻ هوءَ ان وڻ وٽ اڳ به ڪڏهن آئي هجي پر ڪڏهن! اهو
کيس چٽيءَ ريت ياد نٿي آيو. هن وري هڪ نظر پپل جي
چئني پاسن تي وڌي. اوچتو سندس اکيون هڪ جهوني ۽
ٿلهي ٽار تي وڃي کُتيون. ٽار جي شروع واري حصي ۾
ڪنهن تکيءَ شيءِ سان چهڪ ڏئي ٻه ٿلها اکر لکيا
هئا، جيڪي هينئر ٿورا ٿورا مِٽجي ويا هئا. نرگس
غور سان انهن اکرن کي پڙهيو. لکيل هو
“N-J”.
اهي اکر پڙهندي ئي هن جا سنهڙا ۽ گلابي چپ لرزڻ
لڳا ۽ سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن پاڻ کي ضابطي
۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس صبر جو بند ڄڻ ٽٽي پيو
۽ سندس چپن آهستڙي مگر بي اختيار چئي ڏنو –
”جاويد“.
۽ پوءِ هن جي آڏو پنج سال اڳ وارو منظر ڦري آيو.
هوءَ ۽ جاويد ڪاليج کان موٽندي ڪي گهڙيون ان پپل
جي هيٺان اچي بيٺا هئا- پوءِ ڳالهين ئي ڳالهين ۾
جاويد، پپل جي هڪ ڏار تي ننڍڙي چاقوءَ سان چهڪل
ڏئي، ٻه اکر لکيل هئا
“N-J”.
”اهو ڇا پيو ڪرين جاويد؟“ نرگس جي سوال ۾ شرارت ۽
اکڙين ۾ پيار هو.
”پنهنجيءَ دل کان پڇ“. جاويد وراڻيو هو.
”پر اِها اين ڪير آ، مون کي ته ڪنهن هندو ڇوڪريءَ
جي نالي جو پهريون اکر ٿو لڳي، جيئن نمي، نگار ۽
....“
اُن تي جاويد نرگس جي نيرين اکڙين ۾ نهاريندي چيو
هو ”مون کي ڪنهن نمي يا نگار وغيره جي خبر ڪونهي.
منهنجي من ۾ ته هڪ پياري ۽ من موهڻي صورت ٿي وسي،
بيدمشڪ جهڙو قد، نيريون اکيون، گلابي چپ ۽ ڊگها ۽
سنهري وار.“
”بس – بس“ نرگس هن کي اڌ ۾ ڪٽيندي شرارت وچان چيو
هو – ”جناب افسانه نگاريءَ لاءِ هي وقت نهايت ئي
ناموزون آهي ۽ وري هي
“J”
صاحب ڪير آهي؟“
”اهو هڪ پاڳل ماڻهو آهي، جيڪو
“N”
کانسواءِ پاڻ کي نامڪمل سمجهي ٿو.“
جاويد وراڻيو هو.
پوءِ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي – شايد ڳالهائڻ لاءِ
مناسب لفظن جو نه ملڻ! نيٺ جاويد خاموشي ٽوڙيندي
نرگس جو نرم ۽ خوبصورت هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي چيو
”ٻڌ راڻي.“ هو بي انت پيار جي جذبي وچان ڪڏهن ڪڏهن
”راڻي“ به چوندو هو.
”اهي ٻه اکر هن خوبصورت گهڙيءَ جو يادگار رهندا ۽
تنهنجي منهنجي چاهت جي نشاني پڻ. ٿي سگهي ٿو، تون
۽ مان ڪجهه عرصي بعد وري گڏجي اچي هن وڻ هيٺان
ملون ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته تون هت اڪيلي اچين!“
”ائين نه چئه جاويد.“ نرگس هڪ عجيب بيتابيءَ وچان
چيو هو.
پر جاويد بدستور ڳالهائيندو رهيو. ”۽ راڻي، جڏهن
تون هت اڪيلي اچين يا مون کانسواءِ اچين ته هن
پياري پل کي ضرور ياد ڪجانءِ ۽ اهو به ياد ڪجانءِ
ته هن دنيا ۾ هڪ اهڙو به انسان هو، جنهن جي چاهت
جو توسان ڪو انت نه هو، هو تنهنجي هر اشاري کي
پنهنجي زندگي جو معراج سمجهندو هو.“ جاويد ڳالهائي
ماٺ ڪئي. نرگس اڳيت وڌي وڃي هن جي ڪلهي تي پنهنجو
مٿو رکيو ۽ چوڻ لڳي:
”ڇا ايتري چاهت جي باوجود به اسان ٻئي هڪ ٻئي کان
وڇڙي وينداسين، جاويد!“
”چري چاهت ڪرڻ وارن جو انجام ڪو سٺو ڪو نه ٿيندو
آهي.“ جاويد هڪ ڊگهو ساهه کڻندي چيو هو.
ان وقت نرگس کي ائين ڀاسيو هو، ڄڻ جاويد
ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن کان پري هليو ويو هجي يا
ڄڻ هو ڪنهن ڏورانهين هنڌ تان ڳالهائيندو هجي!، ٺيڪ
ان وقت پپل جي ڏار تي هڪ ڪوئل اچي ويٺي ۽ مٺي
درديلي آواز ۾ ڪُو – ڪُو ڪرڻ لڳي- ائين پئي ڀاسيو
ڄڻ هن کان ڪوئي وڇڙي ويو هجي، يا هوءَ ڪنهن کان
وڇڙي آئي هجي!
۽ اڄ جڏهن هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ هوءَ ان پپل جي وڻ
هيٺان وري اچي بيٺي هئي، تڏهن کيس ائين ڀاسجي رهيو
هو ته پپل جي هڪ ڏار تي وري ڪا ڪوئل اچي ويٺي هئي
۽ مٺي ۽ درديلي آواز ۾ ڪُو ڪُو پئي ڪيائين. شايد
هوءَ ڪنهن کان وڇڙجي وئي هئي يا هن کي ڪو جدائيءَ
جو عذاب ڏئي ويو هو!
هو ٻيئي رشتي ۾ سوٽ هئا، ٻنهي جا ڪٽنب هڪ حويلي
نما گهر ۾ رهندا هئا. ويجهي عزازت سبب هنن ٻنهي کي
هروڀرو ڪوئي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪو نه هو ۽ شايد هو
ٻيئي پنهنجي خاندان جا دادلا به هئا. خبر ناهي هو
ڏينهن ۾ ڪيترا دفعا رسندا ۽ پرچندا هئا. جاويد
جڏهن نرگس کان رسندو هو ته هو کيس چئلينج ڪندي
چوندو هو:
”ڏسجان، هاڻي مان توسان بنهه ڪونه ڳالهائيندس.“
ان تي نرگس هن جو نقل ڪندي چوندي هئي – ”الا، مان
به ته ڏسان، تون ڪيترو وقت مون سان نٿو ڳالهائين،
ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ، هڪ ڏينهن ٻه ڏينهن“.
ان تي جاويد اڃا به وڌيڪ چڙي پوندو هو: ”ڏسجان،
مان توسان ساري عمر ڪو نه ڳالهائيندس.“
هن جي ان جواب تي نرگس وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳندي هئي.
”مهرباني ماءِ ڊيئر جاويد صاحب، چڱو هاڻي اسان ٻئي
جڳ ۾ ملنداسين. چڱو باءِ – باءِ، ٽا-ٽا.“ هوءَ
پنهنجو سنهڙو ۽ خوبصورت هٿ لوڏيندي چوندي هئي.
پوءِ اهو ڏينهن گذري ويندو هو. ٻئي هڪ ٻئي سان ڪو
نه ڳالهائيندا هئا پر سندن اکين ۾ بيچيني بدستور
موجود هوندي هئي.
پوءِ رات جو جڏهن جاويد ماني کائڻ کانسواءِ ئي
پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سمهندو هو ته نرگس جي من ۾
بيچيني اڃا به وڌي ويندي هئي ۽ هوءَ گهر جي اڱڻ ۾
پنهنجي کٽ تي پاسا ورائڻ لڳندي هئي. جاويد پنهنجي
ڪمري مان اهو سارو رنگ ڏسي خوش به ٿيندو هو ته
بيچين پڻ. اهڙيءَ ريت، رات آهستي آهستي پنهنجو سفر
طئي ڪندي رهندي هئي. پر هو ٻئي سمهڻ جي باوجود به
سمهي نه سگهندا هئا. ننڊ جي ديوي هنن کان ڪوهين
دور ٿي ويندي هئي. پوءِ جڏهن اوچتو جاويد کي ننڊ
جو جهوٽو اچي ويندو هو ته هڪ نرم ۽ سنهڙو هٿ هن جي
ٻانهن کي جهنجهوڙڻ لڳندو هو. ان هٿ جو ڇهاءُ محسوس
ڪندي ئي جاويد جاڳي پوندو هو پر پوءِ هروڀرو اکيون
پوري چوندو هو-
”ڇڏ، منهنجي ننڊ نه ڦٽاءِ.“
”اُٿ نه، هلي ماني کاءُ.“
ان تي جاويد مصنوعي ڪاوڙ وچان اکيون کولي، نرگس
ڏانهن نهاريندو هو ۽ پوءِ هن جي دل ڄڻ ڍُرڪي پوندي
هئي.
ان گهڙيءَ نرگس جون اوجاڳيل اکيون، ڳاڙهيون ٿي
پونديون هيون. وار پريشان، منهن پيلو، پر ان جي
باوجود به هو پنهنجي ڇوڪراڻي هوڏ نه ڇڏيندو هو-
”ڀلا منهنجي ماني نه کائڻ سان تنهنجي صحت تي ڪهڙو
اٿر ٿو پوي.“
”مون کي ننڊ نٿي اچي.“
”عجيب ڇوڪري آن، ماني مون نه کاڌي آهي، ننڊ توکي
نٿي اچي.“
”ماني مون به ڪٿي کاڌي آ.“
ان تي جاويد مصنوعي ڪاوڙ وچان نرگس کي چوڻ لڳندو
هو-
”اُف، خدايا تون پاڻ سان گڏ مون کي به پاڳل ڪري
ڇڏيندينءَ.“ ائين چئي هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر کٽ تي وڃي
ويهندو هو ۽ پوءِ هوءَ هڪ پيار ڀري مرڪ سان هن جي
اڳيان ماني کڻي ايندي هئي ۽ پوءِ جڏهن جاويد ماني
کائي پوري ڪندو هو ته هوءَ پاڻ به ٻه ٽي گرهه هڻي
پنهنجي کٽ وڃي وٺندي هئي. ڪجهه گهڙين کانپوءِ
جاويد جڏهن هن جي کٽ ڏانهن نهاريندو هو ته هوءَ
ننڊ ۾ الوٽ پئي هوندي هئي.
”عجيب ڇوڪري آهي.“ جاويد چپن ۾ ڀڻڪندو هو. ”خبر
ناهي ته هوءَ پاڳل آهي يا مان!“
جاويد کي اها رات به چٽي طرح ياد هئي، جڏهن نرگس
سخت تپجي پئي هئي. هن کي 104 ڊگري بخار هو. سندس
ماءُ ۽ ڀيڻس پاسي وارين کٽن تي ويٺل هيون ۽ هن سخت
تڪليف ۽ بيچيني وچان بستري تي هيڏي هوڏي پاسا پئي
ورايا. جاويد جي کٽ هن کان ٿورو پري سندس سيراندي
کان پيل هئي. هوءَ جيتري ئي بيچين ۽ تڪليف ۾ هئي،
شايد جاويد به اوتروئي قرب ۾ مبتلا هو!
رات آهستي آهستي پنهنجو سفر طئي ڪري رهي هئي پر
نرگس جو جسم اڃا تائين بخار ۾ ٻري رهيو هو. سندس
ماڻس ۽ ڀيڻس ان وقت به هن جي ويجهو ويٺل هيون ۽
سندس مٿي تي برف جا پَها رکي رهيون هيون. جاويد جي
اکين مان به ننڊ ڪوهين دور ٿي چڪي هئي ۽ هو بيچين
نظرن سان نرگس ڏانهن نهاري رهيو هو ۽ پوءِ هن جي
دل ۾ هڪ عجيب ۽ اڻڄاتل جذبي اُٿل کاڌي. هن جي دل ۾
آيو ته هو نرگس جي ويجهو وڃي سندس سيرانديءَ کان
ويهي هن جي مٿي کي زور ڏئي ۽ پوءِ کيس پنهنجي سيني
سان لائي ڇڏي. ايتري تائين جو نرگس جي جسم جي ساري
پيڙا ۽ تڪليف هن جي جسم ۾ پيهي وڃي، پر هو ائين
ڪري نٿي سگهيو. پوءِ هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ آسمان
ڏانهن نهارڻ لڳو.
اڌ رات جو نرگس جو بخار وڃي ٽٽو هو. هاڻي هن جي
بيچيني ۽ تڪليف گهٽجي وئي هئي ۽ هو اکيون پوري ننڊ
ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن کي ڪي قدر آرام ۾ ڏسي
سندس ماءُ ۽ ڀيڻس به پنهنجي پنهنجي بسترن تي وڃي
سمهيون هيون. پر جاويد جي اکين ۾ بدستور بيچيني
موجود هئي ۽ هو هڪ اڻڄاڻ خوف وچان جاڳيو پئي!.
صبح جو نرگس جي اک کلي ته جاويد اڃا تائين جاڳيو
پئي ۽ سندس نگاهون نرگس جي بستري ڏانهن مرڪوز
هيون!.
”تون اڃا تائين جاڳين پيو جاويد؟“ نرگس کانئس
پڇيو.
”نه نه، منهنجي ته هينئر ئي اک کلي آ،“ هن پنهنجي
خشڪ چپن تي مرڪ آڻيندي ڪوڙ ڳالهايو هو.
”ذرا مون ڏي ته نهار.“ نرگس خوشي ۽ ڏک جي گاڏڙ
لهجي ۾ چيو هو.
ان تي جاويد کيس ڪو به جواب ڪو نه ڏنو هو، پر
پنهنجو منهن ٻئي طرف ڦيري ڇڏيو هئائين. شايد هو
انهن ڳوڙهن کي نرگس کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو
جيڪي بي اختيار هن جي اکين مان وهي هلڻ وارا هئا. |