سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :17

پوءِ وقت ڪجهه اهڙو پلٽو کاڌو هو جو نه چاهيندي به جاويد، نرگس کان پري، تمام پري هليو ويو هو ۽ نرگس جي شادي انور سان ٿي وئي، جيڪو رشتي ۾ هن جو ماروٽ هو ۽ هينئر جڏهن هو مسز انور ٿي چڪي هئي، تڏهن به کيس يقين نٿي آيو ته ڪو جاويد هن کان جدا ٿي ويو هو. ڀلا اهو ڪيئن ٿي پئي سگهيو ته جيڪو شخص هن جي روح ۽ ساهه ۾ رچي چڪو هو سو هوا جي هڪ جهوٽي سان هن کان هوءَ اڪيلي هئي. جاويد کانسواءِ اڻ پوري هئي. بي انت خوشين جي موقعي تي نه ڄاڻ هو کيس ڇو ياد ايندو هو. اداس ۽ اڪيلن گهڙين ۾ هو ان جي دل ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهندو هو. هن پنهنجي پوري شڪتيءَ سان اها ڪوشش ڪئي هئي ته هوءَ جاويد کي ماضيءَ جو هڪ باب سمجهي پنهنجي دل جي پٽيءَ تان ميساري ڇڏي، پر پوءِ به هو نئين سر هن جي دل تي اُڪري ايندو هو. هن جي اها خوبصورت مُرڪ ۽ پياريون پياريون ڳالهيون هينئر به سندس ڪنن ۾ سرگوشيون ڪري رهيون هيون……

” ڇا پيو ڏسين.“ هڪ ڏينهن ڪاليج لان ۾ نرگس، کيس پاڻ ڏانهن لاڳيتو ڏسندي چيو هو.

”توکي پيو ڏسان.“

”مون کي اڳي ڪو نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟“ نرگس جي لهجي ۾ پيار ۽ شرارت هئي.

”ڏسندو ته روز آهيان توکي، پر منهنجيون هي چريون اکيون ٿڪجن ئي نٿيون.“

”پنهنجي اکڙين تي ڪنٽرول ڪر نه!“

”اکين تي ته کڻي ڪنٽرول ڪيان به پر دل ته پوءِ به….“

”تون چريو آهين يا تنهنجي دل.“ نرگس کانئس پڇيو هو.

”ٻيئي“ ۽ پوءِ هو ٻيئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا.

هوءَ دنيا مافيها کان بي خبر ڪيتري وقت کان ان پپل جي وڻ هيٺان پنهنجي ماضيءَ جي زخمن کي چيري رهي هئي. کيس اها به خبر ڪانه هئي ته هوءَ اتي ڪهڙي وقت آئي هئي ۽ اتي کيس ڪير وٺي آيو هو. اوچتو ڪنهن هن جي پٺيان بيهندي چيو: ”اڙي ڀائي، تون وري ٻئي جهان ۾ هلي وئي ڇا؟“

”هون.“ نرگس ڇرڪ ڀري پوئتي نهاريو ته انور پولڪا جون ٻه دٻيون کنيو، مشڪي رهيو هو. نرگس جلدي جلدي اکين کي اگهيو ۽ منهن تي سرهائي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر ائين ٿي ڀانيو ڄڻ اندر جي آنڌ مانڌ هن جي چهري جو ساٿ نٿي ڏنو.

”ڏس وري اداس ٿي وئين نه؟“ انور هن جي ريشمي لٽن سان کيڏندي چيو، ”شايد ان ۾ هن پپل جي وڻ جو به ڪجهه ڏوهه آهي.“

”نه نه، مان اداس ڪٿي آهيان.“ هن پنهنجي چپن تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ڪار ۾ وڃي ويٺي. انور ڪار اسٽارٽ ڪئي ۽ سندس موڊ آن ڪرڻ لاءِ هلڪي هلڪي سيٽي وڄائيندو هليو. نرگس به هن جي سيٽي جو جواب مرڪ سان ڏيندي رهي، پر پري ڪٿي سندس اکڙين جي ڪنڊ ۾ ٻه سنهڙا موتي اڃا تائين جرڪيا پئي!

ڏي وٺ

  انيس انصاري

محمد رمضان ۽ محرم علي ٻئي پڳ مٽ يار هئا. هئا به مکڻ ۽ ماکي. نه رڳو پنهنجن لاءِ پر پراون لاءِ به پارس هئا. سندن مصريءَ جهڙو مٺو ڳالهائڻ سڀڪنهن کي پيو وڻندو هو. پاڻ ۾ به هُين ٻٽيهه دليون، هڪٻئي تان پيا گهور ويندا هئا. واقف ٿيا هئا قلندر شهباز جي ميلي تي، پر پوءِ پيا هڪٻئي ڏي ايندا ويندا هئا. ملاقاتون پهريائين پاڻ تائين محدود هُين، ٻارين ٻچين وري شيروءَ جي طُهر کانپوءِ اچڻ وڃڻ لڳا.

شير علي، محرم عليءَ جو هڪڙوئي پٽ هو. ان کان اول نظر علي ڄائو هوس، جيڪو ڏهه ڏينهن زندهه رهي راهه رباني وٺي ويو. پڻس اڪثر پيو ان جون ڳالهيون ڪندو هو. چوندو هو: ”نظر علي مڙس مٿير ٿئي ها“ نظير علي کان اول وري هن کي هڪ ڌيءَ ڦاپل نالي هئي، جيڪا شيروءَ کان ڇهه ورهيه کن وڏي هئي. هوءَ پيءُ کي پهريٺي ڌيءَ هئي. ڦاپل کان ٽي ورهيه پوءِ نظر علي ڄائو ۽ ان کان ٽي ورهيه پوءِ شير علي، جنهن کي پيءُ شيرو ڪري سڏيندو هو. شيرو شڪل جو مور هو. کليل رنگ، بيضوي چهرو ڪشادي پيشاني، جاڙا ڀرون، آبدار اکيون سنهڙا ۽ سهڻا چپ، انب جي ڦار جهڙو نڪ، ڌيئن جهڙو پيو لڳندو هو. طهر تائين ماڻس پارايس به ڌيئاڻا لَٽا.

طهر تي رمضان پاڻ چڱو موکيو. غريبيءَ آهر چڱو پير ڀريائين. پيرو موچيءَ جو چوڻ آهي ته سوا سئو رپيا ته رڳو ناچن کي ڏنا هئائين. گهور گهاٻور تنهن کان سواءِ. اڃ ڪير ٿو ائين ڪري؟ محرم علي به چڱو قدر ڪيس، پورو جوڙو جوڻس کي، ريشمي وڳو ڌيڻس کي ۽ بوسڪيءَ جي پڳ کيس پهرايائين. رمضان به دير نه ڪئي، چيائين: ”محرم! ٻيلي ماڻهن ۾ منهنجو منهن مٿي ڪجانءِ، اچ ته پڳ مٽايون.“ بوسڪيءَ جي پڳ لاهي رکيائين محرم عليءَ جي مٿي تي ۽ ان جي ململ جي پڳ وٺي پاڻ ٻڌائين. اهڙا ڇٽل روح اڄ آهن ڪٿي؟ جيئرا هجن ها ته هوند اها تباهي نه اچي ها، جنهن ٻنهي گهرن کي نهوڙي نيو.

رمضان جي نياڻي سڀائي به سونهن ۾ سرس هئي. هئي به سوختي، انهيءَ ڪري ماڻس هار سينگار مڙئي سرس ڪرائيندي هئس. شيروءَ جي طهر تي اڃا پنجن ۾ پير هئس. شيروءَ جي ماءُ ان وقت ئي سوچيو ته شيرو ۽ سڀائي جي جوڙي به واهه جو ٺهندي. هڪ ڏينهن مڙس سان به ذڪر ڇيڙيائين. مڙسهنس کيس دڙڪا ڏنا ۽ چيو، ”ڇو ٿي اسان جي دوستيءَ ۾ ڏڦير وجهين- مٽي مائٽي آهي جنجال، پوءِ اها محبت به ڪانه رهندي جا هاڻي آهي.“

پر هوءَ مڙڻ واري ته هئي ڪانه، پئي مڙس کي چوريندي هئي، محرم علي کي وري ان خيال پئي ماريو ته يار کي گار به ڏيان ۽ هو نه مڃي ته پوءِ دوستي تان هٿ ته کڻڻو پوندو. ٻڌي ٻڌي هڪ ڏينهن آخر زال کي چئي ڏنائين، ”وڃي کڏ ۾ پئو! ڇو هروڀرو ويهڻ وهه ڪري ڇڏيو اٿئي؟ وڃي پاڻ ڄاڻ.“

رمضان ته ٻئي هٿ کڻي اکين تي رکيا، پر سندس زال ”نوران“ پڙ ڪڍي بيٺي. چيائين. ”ائين ڪو ٿيندو آهي ڇا؟ دوستي آهي پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ مٽي مائٽي آهي پنهنجيءَ جاءِ تي، کيس به ته پٽ پرڻائڻو آهي.“

پڇيائونس، ”ڀلا توکي پٽ آهي ڪٿي؟“

چيائين، ”ڪا سنڍ ٿوري آهيان، الله جي مهربانيءَ سان اميد سان آهيان. مرشد قلندر ۾ لک اميدون آهن، پٽ ڄمندو.“

چيائونس، ”پٽ ڄمئي ته پوءِ ڏٺو ويندو. هروڀرو جيڪڏهن گهرين ٿي ته محرم علي لکي ڏيندءِ ته پٽهن جي شاديءَ جو سمورو خرچ هو ڀريندو ۽ کيس پنهنجو پٽ ڪري پرڻائيندو.“

پر هوءَ هڪ تي ٿي بيٺي. چيائين، ”اهي ڳالهيون ڪوڙيون. محرم مون کي لکي ڏي دستاويز تي ته پٽ ڄمڻ تي محرم علي کيس ڦاپل جو سڱ ڏيندو.“

گهڻو ئي سمجهايائونس ته ”ڦاپل آهي يارهن ورهين جي ۽ توکي جڏهن پٽ ٿئي ۽ اهو جيستائين اچي جوان ٿئي ته هوءَ اڌ وهيءَ کان به چڙهي ويندي.“

مڙس به گهڻوئي سمجهايس پر هن تريءَ تيل ئي لائڻ نه ڏنس. چيائين. ”ميان! اولاد ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍين ته پتو پوئي! راتين جا اوجاڳا مون ڪيا يا تو؟ سڄي رات ستو پيو ڦوڪون ڏيندو هئين…“

رمضان چيس. ”وڃي کڏ ۾ پئو رن!“

رن رڳو پاڻ ته کڏ ۾ نه پئي پر پاڻ سان گڏ ٻن ڀرين ترين گهرن کي به برباد ڪري ڇڏيائين. جيئن چاهيائين، ٿيو به ائين. اتفاق کيس پٽ ڄمي پيو. نالو رکيائونس ڏاڏي جو ”نور محمد“. ڦاپل هاڻي نوري جي نانوَ ۾ هئي.

سڀائي ۽ شيروءَ جي شادي ٿي وئي. ٻئي ڦوهه جواني ۾ هئا. ليلى مجنون جهڙي محبت ٿي وين.

نورو جڏهن ارڙهن ورهين جو ٿيو ته ڦاپل ٽيهن ۾ هئي. شاديءَ جي پهرين رات ئي نوري جي دل ۾ ڪٽر پئجي ويو.

ڦاپل جي زندگي زهر ٿي وئي. هر وقت طعنا ۽ مهڻا پئي مليس. مڙس پنهنجي ليکي ته سسڻس پنهنجي ليکي پئي پريشان ڪيس. سهري جو البت مٿس هٿ هو. زال کي سمجهايائين ته هي سندس ضد جو نتيجو هو، هوءَ نه ان بي جوڙ شادي لاءِ ضد ڪري ها، نه اهي حالتون پيدا ٿين ها.

جواب ڏنائينس، ”تون چئين ڇا ٿو رمون! دنيا نه ڏٺي اٿئي ڇا؟ اهي به عورتون آهن، جن جا ويٺي ويٺي مٿا اڇا ٿي ٿا وڃن. ڪو ڌاريون مٿي جو وار به نٿو ڏسين. مون کي ته پرون ٿا پون ته ڇوريءَ کي پيٽ نه هجي.“

ڇوريءَ کي پيٽ ته نه هو پر ساهري گهر ۾ پيٽ ڀري ماني ڪانه کاڌائين. ماني اڳيان آيس ته هليس سسڻس جي ٽوڪ، ماني مان هٿ کڻي ڪڍندي هئي.

آخر برداشت جي به حد ٿيندي آهي، هڪ ڏينهن ڦاپل پار ڪڍندي مٿي تي جنسي قرآن کڻي بيٺي. مڙس کي چيائين. هي ٻنهي جهانن جو وسيلو ساکي آهي ته منهنجو انگ پهريائين تو ڏٺو آهي. ڪوڙ ڳالهيان ته ڪوڙهي ٿيان.“

مڙسهنس کي اعتبار اچي ويو. قرآن مجيد وٺي اکين تي رکيائين. پَٽَ جي پوتي گهرائي ان کي پهريائين. پنجين رپئين جي مٺائي وٺي ورهايائين. ان ڏينهن کان ڦاپل سان مڙس جي خاطر ٿي. اهو حال جو ڏٺو نوران ته ان جون ٻه به ويون ته ڇهه به. ڪڙڪو ڪري چيائين، ”ڪوڙو قرآن کنيو اٿائين.“ رمضان گهڻوئي سمجهايس ته ”سان ڏٺو ڇا آهي؟ مسلمانن ڏٺو ته اهو ئي آهي خدا جو ڪلام جي ان تي به اعتبار نه ڪريون ته ڇا تي ڪريون.“

پر نوران هڪ تي ٿي بيٺي. چيائين، ”مان چوان ٿي ڇوري خراب آهي! خراب آهي!! خراب آهي!!!“

مڙس پڇيس، ”ڪا ثابت اٿئي؟ تون ئي ٻڌاءِ، ڪا ثابتي ڏي ته مان ٿو ڇوريءَ کي خون ڪريان.“

نوران ثابتي تي پيش نه ڪئي پر هر آئي وئي سان پئي سور سليائين ته ”ڪوڙ تي قرآن کنيو اٿائين.“

هڪ ڏينهن نورو ڪهاڙي کڻي وڃي ماءُ تي بيٺو. چيائين، ”امان! ڇو ٿي منهنجي قيامت ڪاري ڪرين. توئي اسان کي خراب خوار ڪيو آهي. شريف ماڻهو سچي ڳالهه کي به لڪائيندا آهن ۽ تو ڪوڙي ڳالهه کي واءِ واءِ ڪري اسان جي ٽڪي جي عزت ڪئي اٿئي. جتان ٿا لنگهون ته ماڻهو آڱريون ٿا کڻن. توئي مون کي چيو هو ته ڦاپي ڪنواري نه آهي. اهو بلڪل ڪوڙ هو، پتو مون کي يا توکي؟ جي اڳتي چپ چوريا اٿئي ته ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيندوسانءِ.“

نوران اٿي وڃي تئي تان ٻئي هٿ ڀريا، منهن تي گهمائي اچي وچ صحن ۾ ويٺي. ٻئي چنبا زمين تي هڻي وري ٿي هنيائين منهن تي، پٽس ٻه ٽي ڪهاڙي جا ڳن وهائي ڪڍيس.

نوران ڪا بس ڪرڻ جي هئي. ايتري خواري مچايائين جو نوري فيصلو ڪيو ته زال کي ڪهي وڃي ٿو پوليس جي پيش ٿيان. هڪ رات ان خيال سان وڌيو به، پر زال جو معصوم چهرو جو ڏٺائين ته هٿ ڏڪڻ لڳس، وڃي ڪهاڙي رکيائين. کيس پڪ هئي ته ڦاپل پاڪ ۽ صاف هئي. ان کي پتو نه پئي پيو ته آخر ان خواري مچائڻ ۾ ماڻس کي ڇا پئي حاصل ٿيو.

نوران جو وات بند نه ٿيڻو هو سو نه ٿيو. نورو به اها بي سُري راڳڻي ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي پيو. هڪ ڏينهن قرآن مجيد اڳيان ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري اچي بيٺو. چيائين، ”ٻنهي جهانن جا وسيلا! مون کي توتي اعتبار آهي، پر مان لاچار آهيان، منهنجي ماءُ ڏاڍي خواري مچائي آهي. ٻاهر ڪنڌ به نٿو کڻي سگهان. بس! هڪ ئي رستو آهي، تون واهر وسيلو ٿجانءِ.

ان رات نوري جون اکيون نه لڳيون. ڪڪڙن پهريون دس هنيو ته هي آهستي آهستي کٽ تان اٿيو. ڪليءَ مان وڃي ڪهاڙي لاٿائين. ڦاپل جي مٿان وڃي بيٺو. ٻه هٿياڙي پئي هنيائينس ته وڃي پڻس پهتو. ”متان! سوئر!“ ڪري وڃي ڪهاڙي کي پڪڙيائين. ڪهاڙي کسي پٽ کي ڏنائين ڌڪو. کڙڪي تي نوران ۽ ڦاپل ٻئي جاڳي پيون. نوران اتي به ماٺ ڪرڻ واري ڪانه هئي. لڳي ڦاپل کي پِٽڻ تي ”کوڳ! منهنجي جوان جماڻ پٽ جي اچي ڪڍ پئي آهين.“

ٻئي ڏينهن رمضان ڦاپل کي وٺي پيڪين ڇڏي آيو.

محرم علي ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو. ڦاپل جي پهچڻ جي ٻئي ڏينهن لانجهو ٿي ويو. ٽيون ڏينهن به نه ڪڍيائين. رمضان کي دلي صدمو رسيو. جيڏو مڙس هو اوڏو چوتاڪ وڃي ڪريو. ڏندڻ پئجي ويس.

محرم علي جي مرڻ جي ٽئين ڏينهن تي. مٿا ڌوءَ ٿي. انهي رات ڦاپل ماءُ کي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هوءَ حيراني مان کيس ڏسڻ لڳي. هن کي اهو پتو ئي ڪو نه هو ته ڪا نوران ايتري ڪريل عورت هئي. ان وقت ته هوءَ خاموش ٿي وئي، پر چاليهي تي صاف صاف جواب ڏنائين ته منهنجي ڌيءَ ساهري گهر نه ويندي. نورو مڙس اٿس، جدا ويهي ته هوءَ زال اٿس نه ته اَلو اَلو سڀ جو ڀلو.

نوران نانگ وانگر وٽ کائڻ لڳي. واڪا ڪري ويڻ ورائڻ لڳي. ڌيڻس اچي وات کي هٿ ڏنس. چيائينس، ”امان! ڪهڙي عورت لاءِ ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪرين. مون کي ست قرآن ڏي ته اها ڳالهه ڪانه آهي. مان به ته آخر ان گهر ۾ رهي آهيان.“

ماڻس اچي مٽيس، ”ڪلهه جي ڇوڪري ٿي مون کي سبق ڏي توکي ڪهڙو پتو، اسان جي گهر ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون هلنديون آهن ڇا؟“

”ڪري ڇا ٿي رن!“ رمضان آپي کان نڪري ويو. هڪ هٿ پادر ۾ ۽ ٻيو هٿ ڄنڊن ۾، اچي جوءِ کي ورتائين. خوب لاک لاٿائينس. آخر گهلي وڃي گاڏيءَ ۾ هنيائينس. گهر پهتي ته اڌمئي هئي.

نوري جو گهر تباهه ٿي چڪو هو. هاڻي وارو هو شيروءَ جي گهر جو. نوران سڀائي کي سوين نياپا موڪليا، هن جواب ڏياري موڪليس:

”امان، ڇو منهنجي ڪڍ اچي پئي آهين. ٻن ٻارن جي ماءُ آهيان. پٽ جو گهر ته تباهه ڪيئي، هاڻي اچي ڌيءَ جي گهر کي لڳي آهين. ڪجهه خدا جو خوف ڪر.“

نوران في الحال ته کڻي ماٺ ڪئي، پر اندر ۾ پئي سڙان کامان سڙان کامان ڪيائين.

ڀاڻس روشو هڪ نالي چڙهيو ڌاڙيل هو، ان کي گهرائي لڳس سور سلڻ. ٻڌايائينس ته ”محرم جي مرڻ کانپوءِ رڳو هوندو گهر ۾ شيرو. اول ته هن ۾ اها ٿوم ڪانه آهي جو اڳيان اچي، جي آيو ته پوءِ مان ڏوراپو ڪين ڏيندي مانءِ.“

هڪ شام جو شيروءَ جي گهر کي ڌاڙو لڳو، شيرو شهر ويل هو. پٺيان پنج ڌاڙيل ڪهاڙين ۽ لٺين سان اچي سندس گهر بيٺا. محرم علي جي جيڪا ميڙي چونڊي هئي سان به کنيائون. سڀائيءَ کي ٻارن سميت وٺي دنبها هڻندا ويندا رهيا. ڪنهن کي همت ڪانه ٿي جو اڳ وٺين.

شيرو شهر مان موٽيو ته سندس گهر ۾ هل هنگامو متو پيو هو. ساڻس ڏندڻي پئي هئي. پاڙي وارن جو وارو وارو پئي پيو. هاڻي ڪهڙو وارو ٿئي ها جڏهن ڌاڙيل وڃي گهرن کان نڪتا هئا. شيرو پهريائين ويو وڏيري وٽ، جنهن چيس، ”بابا ڌاڙو آهي، راڄوڻي ٿوري ٿيندي، وڃي پوليس ۾ فرياد ڪر.“

پوليس فرياد ورتي. شڪ گمان لاءِ پڇيائونس. هن رمضان ۽ نوري جو نالو ورتو. پوليس ٻنهي کي گهرايو. ٻه ڏينهن لاڪپ ۾ رکي کين ڇڏي ڏنو. رمضان ٽئين ڏينهن جو سج به نه ڏٺو، گهر پهتو ته دل ٽٽي پيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com