نانڪ
ترائيل
آءٌ وڃان ٿو ڏور،
مون کي هاڻ نه سڏ،
مون تي وجهه نه گهور،
آءٌ وڃان ٿو ڏور.
زخمن کان آءٌ چور،
منهنجو هٿڙو ڇڏ،
آءٌ وڃان ٿو ڏور.
مون کي هاڻ نه سڏ.
حضرت شاهه
عبداللطيف جي
سوانح بابت ويچار
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[هن موضوع تي لکيل مضمون ماهنامه ”لطيف ڊائجسٽ“
(ڪراچي“ ۾ ٽن قسطن ۾ ڇپيو آهي، جن مان آخري قسط
فيبروري 1986ع واري شماري ۾ شايع ٿي. اڳ ڇپيل انهن
حصن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته حضرت شاهه صاحب جي
سوانح بابت هن وقت تائين جيڪي ڪي لکيو ويو آهي، سو
گهڻي ڀاڱي تائين ٻن مکيه ماخذن، يعني (1) مير علي
شير قانع ٺٽوي جي تصنيفن ۽ (2) مير عبدالحسين خان
سانگي جي ڪتاب ”لطائف لطيفي“ تان ورتل آهي. انهي
ڪري حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت صحيح نتيجن تي
پهچڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن ٻن بنيادي ماخذن وارن
حوالن کي تحقيق ۽ تنقيد جي لحاظ سان توريو تڪيو
وڃي. انهي لحاظ سان اڳين قسطن ۾ پهريائين مير علي
شير قانع جي ڏنل حوالن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽
هيءَ قسط پڻ انهيءَ ساڳئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ن.
ب)
مير علي شير قانع جا ٻه ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ۽
”تحفة الڪرام“ ڇپجي چڪا آهن ۽ انهن ۾ حضرت شاهه
صاحب بابت آندل حوالا پڻ پڙهندڙن جي آڏو اچي چڪا
آهن. البت ٽيون ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ (جيڪو
مير مراد علي خان جي فرمان سان نقل ڪيو ويو ۽ هن
وقت برٽش ميوزيم لنڊن ۾ محفوظ آهي، سو) اڃا نه
ڇپيو آهي، پر جيئن ته اڳ ان ڪتاب جا قلمي نسخا سنڌ
۾ موجود هئا، تنهن ڪري اهو ڪتاب پڻ مير عبدالحسين
خان سانگي ۽ سنڌ جي ڪن ٻين عالمن جي مطالعي هيٺ
رهيو. شاهه عبداللطيف بابت مير علي شير قانع جيڪي
بيان هن ڪتاب ۾ آندا آهن، تن کي آسان ۽ روان ترجمي
جي صورت ۾ هيٺ ڏجي ٿو ته جيئن اهو قلمي مواد
ناظرين جي آڏو اچي وڃي ۽ حضرت شاهه صاحب بابت مير
علي شير قانع جي جملي بيانن کي توري تڪي سگهجي.
قانع لکي ٿو ته:
”عارفن جو مثالي اڳواڻ شاهه عبداللطيف تارڪ ولد
سيد حبيب شاهه موصوف، ٻارهين صدي ۾ سنڌ اندر نهايت
ئي وڏو مرشد رهنما ٿي ساماڻو. (اوائلي) زندگي جو
وڏو حصو بلڪل اڪيلائيءَ ۽ ويراڳ ۾، ڪمال رياضت سان
گهمندو رهيو ۽ مدهوشي جهڙي حالت ۾ بي انت بيابانن
۾ گذاريائين. آخرڪار هوش ۾ اچي، شيخي ۽ مرشدي جو
مَسنَد جيئن جو تيئن سينگاريائين ۽ ساري جهان کي
پنهنجي ارادت طرف ڇڪيائين.
باوجود بي مايگي جي کيس جهان جي اڇي ڪاري جي پوري
پروڙ حاصل ٿي ۽ باوجود تحصيل نه ڪرڻ جي جملي ديني
علمن تائين سندس رسائي ٿي. وفات واري ڏينهن جدائي
سببان مريدن مان ڪيترن ئي دم ڏنو. سندس فيض ۽ حضور
واري مزار ”ڀٽ“ تي مشهور آهي. جيسلمير جي راجا
سندس درگاهه تي نوبت موڪلي، جيڪا (وڄڻ سان) عجب
روح ۽ حضور واري ڪيفيت پيدا ڪري ٿي. سندس (شاهه
لطيف جي) سلسلي ۾ ڪامل فقير شامل آهن. سنه 1161هه
بعد وفات ڪيائين.
هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) جي بزرگ مخدوم بايزيد ولد
مخدوم عربي جي پوٽن مان ”محمد عالم“ (نالي) سيد
عبداللطيف تارڪ جي خليفن مان ڪل فقراء ۾ ممتاز
آهي. مخدوم محمد معين ولد مخدوم محمد امين مذڪور،
مخدوم عنايت الله دانشمند جو شاگرد ۽ علمن ۾ بيحد
قابليت جي ڪري مشهور، جنهن جو شهر ٺٽي ۾ ٻيو ڪو
مَٽ ڪو نه هو ۽ جيڪو ظاهري علمن سان گڏ باطني
معرفت ۾ به وڏي منزل وارو هو. سو نقشبندي سلسلي ۾
حافظ ابوالقاسم نقشبندي جو پڪو مريد هو، جو ان جي
فيض سان ئي طريقي ۾ وڏو نيڪ بهره ور ٿيو، آخر عمر
۾ اهو به قُدوة العارفين شاهه عبداللطيف جي خدمت ۾
وڏي ارادي ۽ اخلاص وارو ٿيو. شاهه موصوف کي به ٺٽي
۾ سندس صحبت نهايت وڻي وئي ۽ سندس ملڻ خاطر هو ٺٽي
۾ گهڻو اچڻ وڃڻ لڳو. مخدوم (محمد معين) جي (حياتي
جي) آخري ڏينهن ۾ شاهه موصوف آيو ۽ اچي راڳ جي
صحبت (محفل) ڪرايائين. مخدوم کي اُن راڳ ٻڌڻ سان
حال پئجي ويو. ايتري قدر جو جان ڏيڻ کانسواءِ ڪو
چارو ڪو نه رهيو. مخدوم جي ڪرامت اها جو جنهن
ڏينهن سندس جنازو مڪلي ڏانهن پئي نيائون ته سيد
(شاهه عبداللطيف) پڻ پويان ڪانڌي ٿي پئي هليو. شهر
جي ڇيڙي تي (پهچڻ تي) ائين ٿيو جو سيد جنازي جي
پٺيان رسم مطابق ڪانڌي ٿي پوئتي ورڻ جي ڪئي ته
جنازي پاڻ ڦيرايو ۽ مٿو هن طرف (پوئتي پيرن واري
طرف) ڪيو ۽ سيد اهو محسوس ڪندي وڌيڪ اڳتي ڪو نه
ويو. ائين روايت ٻڌڻ ۾ آئي آهي. مخدوم جي وفات سنه
1161هه ۾ ٿي. مصرع تاريخي ”قطره دُر بحر و اصل شد“
ان سال موافق آهي، چون ٿا ته شاهه عبداللطيف جنازي
سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي، پنهنجي ڪرامت واري زبان
سان چيو ته ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي الوداع خاطر هي
اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو - ۽ پاڻ به انهيءَ
ساڳئي سال سگهوئي گذاريائين. (ورق 306- 207).
مولوي محمد صادق، جيڪو پوءِ شاهه عبداللطيف تارڪ
جو خاص مريد هو، تنهن جي وفات سنه 1270 هجري بعد
ٿي (ورق 198).
هن کان اڳ، مير علي شير قانع جي ٻين بيانن کي
ڀيٽيندي اسان انهيءَ نتيجي تي پهتا هئاسين ته شاهه
صاحب بابت هو ٻڌل ڳالهيون ٿو ڪري. هن بيان مان ان
جي پوري تصديق ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو قانع هت پڻ حضرت
شاهه عبداللطيف جي سوانح جي سلسلي ۾ سندس ڪرامتن
بابت ٻڌل ڳالهيون بيان ڪري ٿو، پر خود حضرت شاهه
صاحب جي وفات، جيڪو هڪ وڏو واقعو هو، تنهن جي سن
سال جي به قانع کي پوري پڪي خبر ڪانهي. پهريائين
ته هن پنهنجن ٻن اوائلي ڪتابن يعني ”مقالات
الشعراء“ توڙي ”تحفة الڪرام“ ۾، شاهه صاحب جي وفات
جو سال ڪو نه ڄاڻايو، هيءُ ٽيون ڪتاب ”معيار
سالڪان طريقت“، جيڪو ”مقالات“ کان اٺاويهه سال کن
پوءِ ۽ ”تحفة الڪرام“ کان ٻاويهه سال کن پوءِ
لکيائين، ان وقت تائين به قانع کي حضرت شاهه صاحب
جي وفات واري سال جي پوري خبر ڪانه پئي، مٿئين
بيان ۾ پهريائين لکي ٿو ته شاهه صاحب جي وفات ”سن
1161هه کانپوءِ ٿي“، پر هيٺ هلي ڄاڻائي ٿو ته
1161هه واري ساڳئي سال ۾ مخدوم محمد معين جي وفات
کانپوءِ سگهو ئي شاهه صاحب پڻ وفات ڪئي. حالانڪ
شاهه صاحب چار سال پوءِ سن 1165هه ۾ وفات ڪئي.
پنهنجي هن بيان ۾ مير علي شير قانع ٽي ٻيون
ڳالهيون به اهڙيون ڪيون آهن، جيڪي شاهه صاحب جي
سوانح حيات جي حقيقتن جي خلاف آهن. اهي هي آهن!
(الف) شاهه صاحب تارڪ هو،
(ب) شاهه صاحب مدهوشي ۽ ويراڳ واري حالت ۾ بيابانن
۾ پئي ڦريو،
(ج) هالن جي مخدوم عربي ديانہ جي اولاد مان محمد
عالم نالي سندس خاص خليفو هو، جيڪو مڙني فقيرن ۾
ممتاز هو.
قانع جي انهن بظاهر مختصر ۽ بي ضرر حوالن کي کانئس
پوءِ زباني روايتن ذريعي وڌائي ڊگهو ڪيو ويو،
ايتري قدر جو شاهه صاحب جي حياتيءَ جا حقيقي باب
ميسارجڻ لڳا. هيٺ اسان قانع جي انهن ٽنهي حوالن جي
صحت ۽ انهن مان پيدا ٿيل غلط فهمين تي وڌيڪ وضاحت
سان بحث ڪنداسين.
(الف) شاهه صاحب کي ”تارڪ“ ڪري ڄاڻائڻ.
قانع پنهنجي ٽنهي ڪتابن (مقالات الشعراء، تحفة
الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت) ۾ شاهه صاحب کي
سنئون سڌو ”تارڪ“ سڏيو آهي، ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ
جي ڪم از ڪم يارهن دفعا شاهه صاحب لاءِ ”تارڪ“ جو
لفظ آندو آهي.
جيئن ته:
–
مير عبداللطيف قدس سره المشتهربہ تارک، صاحب و
ساکن بهت (مقالات الشعراء، ص 121)
–
قطب وقت شاهه عبداللطيف المعروف بہ تارک (مقالات
الشعراء، ص 357)
–
محمد عالم در زمره خلفاء سيد عبداللطيف تار کيست
(تحفة الڪرام، 3X
151)
–
سيد عبداللطيف رحه... پس آنحضرت معروف بہ تارک
(ايضاً 3
X152)
–
سيد عبداللطيف تارک لقب (ايضاً 3
X229)
–
سيد عبداللطيف تارکي....بخدام فرمود (ايضاً 3
X229-230)
–
سيد عبداللطيف تارکي بر بالاخانه اين دهليز (مير
محمد عطا امير خاني) مسکن داشة (ايضاً 3
X
257)
–
مخدوم محمد صادق نقشبندي... معتقد سيد عبداللطيف
تارک (ايضاً 3
X235)
–
قدوة العارفين شاهه عبداللطيف تارکي ولد سيد حبيب
شاهه (معيار سالکان طريقت ورق 206)
–
محمد عالم... منسلک خلفاء عبداللطيف تارکي ست
(ايضاً)
–
سيد عبداللطيف تارک (ايضاً، ورق 210)
–
مولوي محمد صادق مريد خاص شاهه عبداللطيف تارکي
بود (ايضاً، ورق 198)
اهو ”تارڪ“ وارو تخيل شاهه صاحب جي حقيقي زندگيءَ
جو نقش ئي بدلائي ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو مفهوم شاهه
صاحب جي زندگي بابت سندس اصلي رهڻي ڪهڻي جي ابتڙ ۽
”تارڪ“ اهو آهي، جنهن سڀڪجهه ترڪ ڪري ڇڏيو هجي.
جنهن مال اسباب ترڪ ڪري ڇڏيو هجي ۽ جنهن سڀ لاڳاپا
لاهي گهر ٻار ترڪ ڪري ڇڏيو هجي. پر شاهه صاحب ائين
ڪو نه ڪيو هو. خود قانع چوي ٿو ته جيتوڻيڪ شاهه
صاحب پهريائين مدهوشيءَ ۾ هو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي
”مرشد جي مسند جيئن جو تيئن سينگاريائين.“ سندس
ايترو بيان ئي شاهه صاحب جي ”تارڪ“ هجڻ کي رد ڪري
ٿو. شاهه صاحب جي حياتيءَ بابت جيڪي پڪا پختا
اهڃاڻ موجود آهن، تن مطابق شادي ڪيائين، ڀٽ کي
وسايائين، اتي پنهنجي لاءِ توڙي فقيرن لاءِ جايون
جوڙايائين ۽ پڻ مسجد شريف ۽ پنهنجي والد توڙي مين
شاهه ڪريم جي قبن جوڙائڻ لاءِ ڪاريگر ۽ ڪاشيگر
آندائين. ڀٽ تي سندس روزانه زندگي هڪ اعلى انتظام
۽ نظام واري هئي. راڳ لاءِ فقير مقرر هئا ۽ پڻ ٻئي
هر ڪم ڪار لاءِ فقير مقرر هئا ۽ حضرت شاهه صاحب جي
ان سڄي انتظام تي نظر هئي. اهڙي ماڻهوءَ کي ”تارڪ“
نٿو سڏي سگهجي. جيڪر چئجي ته شاهه صاحب پنهنجي
حياتيءَ جي اوائلي دور ۾ ”تارڪ“ هو، ته به اهو
دليل ايترو پڪو پختو ڪونهي، ڇاڪاڻ جو حقيقي معنى ۾
”تارڪ“ اهو آهي، جنهن سڄي حياتي ترڪ ۾ گذاري هجي.
يعني عاقل بالغ ٿيڻ بعد سوچي سمجهي پوري ارادي ساڻ
هن راههِ خدا ۾ پنهنجو ورثو ترڪو ڦٽو ڪري دنيا جي
وهنوار کان آجائي اختيار ڪئي هجي، يا ڪم از ڪم
پنهنجي زندگي ۾ ڪن ڪن ڏينهن يا موقعن تي ڪجهه نه
ڪجهه مال اسباب ترڪ ڪندو ۽ لٽائيندو هجي، مگر شاهه
صاحب جي زندگيءَ بابت تحريري حوالن توڙي زباني
روايتن ۾ اهڙو ڪو به حوالو موجود ناهي.
غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته قانع کي نالي ڀُل ٿي
آهي، سندس وقت ۾ ۽ ڪجهه اڳ ”سيد عبداللطيف“ يا
”شاهه عبداللطيف“ جي نالي وارا ڪم از ڪم پنج بزرگ
ٿيا، جن سڀني جو ذڪر قانع پنهنجن ڪتابن ۾ آندو
آهي، انهن مان ٻه ٺٽي شهر جا هئا، جيڪي قانع جي
وقت جا هئا ۽ کيس ويجها هئا، جنهن ڪري انهن بابت
ته غلطي جو ڪو امڪان ڪو نه هو، آهن مان هڪ هو سيد
عبداللطيف بن سيد مٺو، جيڪو قانع جو نانو هو (يا
ناني جو پيءُ يا ڏاڏو هو. سندس انهيءَ ناناڻي آڪهه
۾ اهو نالو اڳ کان وٺي هلندو ٿي آيو ۽ وڏو سيد
عبداللطيف، جهانگير بادشاهه جي وقت ۾ سيوهڻ ۽ ڪڇي
جو جاگيردار هو). ٻيو هو ”شاهه عبداللطيف صوفي“،
جيڪو راڳ ڏانهن مائل هو ۽ پاڻ راڳ ڪندو هو ۽ پڻ
مخدوم محمد معين وٽس رهاڻ لاءِ ويندو هو.
باقي ٽي ٻيا ”سيد عبداللطيف“ ٺٽي کان پري نصرپور،
ڀٽ شاهه ۽ هالن طرف جا هئا، جن بابت مير علي شير
قانع کان توڙي ڪن ٻين کان ڀُل ٿي جو هڪ جي ڪا
ڳالهه ٻئي جي نالي ڪري ڇڏيائون. ”تارڪ“ حقيقت ۾
سيد عبداللطيف نصرپور وارو هو، پر قانع اهو لقب
”سيد عبداللطيف ڀٽ واري“ تي آڻي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح
سر ڪيڏاري جو سلسلو، ”سيد عبداللطيف هالن واري“ جو
هو، جيڪو روايتن ذريعي پوءِ ”سيد عبداللطيف ڀٽ
واري“ جي ڪلام سان گڏي لکيو ويو. هن پوئين موضوع
جي وضاحت اڳتي هلي ڪنداسون، في الحال بحث ”تارڪ“
جي لقب سان آهي.
قانع جيڪڏهن شاهه عبداللطيف کي رڳو ”تارڪ“ چئي ڇڏي
ها ته گمان ڪري سگهجي ها ته فقط هن ئي شاهه
عبداللطيف کي تارڪ ڪري ٿي ڀانيو، پر قانع ڪم از ڪم
ٽي دفعا وري وري ائين ڄاڻايو آهي ته ”شاهه
عبداللطيف تارڪ جي لقب سان مشهور معروف آهي“ سندس
الفاظ هي آهن:
-
مير عبداللطيف قدس سره المشتهر بہ تارک صاحب و
ساکن بهت
(مقالات الشعراء، ص 121)
-
حضرت قطب وقت شاهه عبداللطيف المعروف بہ تارک
(مقالات الشعراء، ص 356)
-
سيد شاه عبداللطيف پس آنحضرت معروف بہ تارک
(تحفة الڪرام، ص 3
X152)
اسان مٿي چئي آيا آهيون ته شاهه صاحب جي سوانح
حيات جا اهڃاڻ جيڪي مشهور معروف آهن، تن مان ظاهر
آهي ته شاهه صاحب ”تارڪ“ ڪو نه هو. ٻئي ڪنهن مصنف
جي لکيت يا ڪنهن آڳاٽي زباني روايت ۾ به شاهه صاحب
کي ”تارڪ“ ڪري ڪو نه ڄاڻايو ويو آهي.ٻاويهن ٽيويهن
سالن واري جواني ۾ شاهه صاحب جي شادي ٿي، جيڪڏهن
ان وقت هو تارڪ هو ته پوءِ تارڪن جون ڪهڙيون
شاديون! جيڪڏهن ان کان اڳ کيس ”تارڪ“ چئجي ته اهو
دليل وزنائتو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ان وقت سندس
سنڀاليندڙ سندس والد حبيب شاهه هو، جيڪو ئي گهر
ٻار جو مالڪ هو. ان وقت ننڍي عبداللطيف وٽ پنهنجو
ڪو جدا ذاتي مال اسباب ڪو نه هو، جيڪو ترڪ ڪيائين.
شاديءَ کانپوءِ واري دور جو اهڙو ڪو حوالو موجود
ڪونهي، جنهن مان تصديق ٿئي ته شاهه صاحب پنهنجو
مال اسباب هميشہ لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيو يا ڪنهن ٿوري
مدت لاءِ يا ڪنهن خاص ڏينهن ڏهاڙي تي ترڪ ڪيو هجي.
غور طلب ڳالهه هي آهي ته مٿيان ٽي حوالا، جن ۾
”مشهور معروف“ تارڪ جو ذڪر آهي، تنهن مان هڪ ۾
نالو ”عبداللطيف شاهه“ آندل آهي، پر ٻين ٻن ۾ ”سيد
عبداللطيف“ ۽ ”مير عبداللطيف“ نالا آندل آهن.
حقيقت ۾ ”مير عبداللطيف“، ”سيد عبداللطيف“ يا
”عبداللطيف شاهه“، جيڪو واقعي ”تارڪ“ هو ۽ پڻ تارڪ
جي لقب سان ”مشهور معروف“ هو، سو نصرپور جو سيد هو
۽ مخدوم نوح صاحب رح جي مريدن مان هو. مخدوم نوح
رح جي ملفوظات ”ارشاد الطالبين و دليل الذاڪرين“ ۾
سندس ذڪر آهي ۽ کيس ”تارڪ“ ئي ڪري لکيو ويو آهي.
ٺٽي جي حاڪم جي چانورن سان ڀريل ٻيڙي به لٽائي ڇڏي
هئائين. مخدوم نوح رح جي فرزند مخدوم ابراهيم جو
همعصر هو ۽ وٽس ايندو ويندو هو. مخدوم ابراهيم جي
وفات يارهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿي، جنهن مان
اندازو ٿئي ٿو ته ”سيد عبداللطيف تارڪ نصرپوري“ لڳ
ڀڳ ان وقت ڌاري گذاريو هوندو، يعني ته هو شاهه
عبداللطيف جي ولادت کان ٽيهه سال کن اڳ ٿي گذريو،
پر نصرپور – ڀٽ ۽ هالن واري طرف هن مير يا سيد
عبداللطيف ”تارڪ“ جي لقب توڙي سندس ترڪ جون
ڳالهيون مشهور هيون. ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ قانع
کيس فقط ”سيد عبداللطيف حسيني“ ڪري ڄاڻايو آهي، ۽
لکيو آهي ته: سندس مقام جدا نصرپور شهر جي ٻاهران
آهي ۽ مٿس قبو آهي.
مير علي شير قانع کي نالي ڀُل ٿيڻ لاءِ سبب هو،
ڇاڪاڻ جو نالا ساڳيا ۽ ساڳئي پاسي جا هئا. نه فقط
قانع واري وقت ۾ پر ويندي هن پوئين دور تائين سيد
عبداللطيف تارڪ کي سيد عبداللطيف ڀٽائي سمجهڻ جو
گمان پئي پيدا ٿيو آهي. مولانا دين محمد وفائي
1950ع ۾ جڏهن ”لطف اللطيف“ لکيو ته ”سيد عبداللطيف
نصرپوري“ کي ”سيد عبداللطيف ڀٽائي“ ڪري ڀانيائين ۽
لکيائين ته: ”شاهه صاحب (عبداللطيف ڀٽائي) جي وري
هن (هالن جي مخدومن صاحبن جي) درگاهه سان پنهنجي
ڏاڏي شاهه عبدالڪريم وانگي عقيدتمندي ۽ اخلاص هو.
ڪڏهن ڪڏهن طعام تيار ڪرائي شاهه صاحب کڻائي مخدوم
صاحبن جي خدمت ۾ آڻيندو هو ته برڪت جو ڪارڻ بڻجي.“
مولوي صاحب ائين لکيو، پر البت کيس ڪجهه مونجهارو
ٿيو، جنهن ڪري حاشيي ۾ ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ جي
اصل عبارت نقل ڪيائين ۽ پوءِ انهيءَ مونجهاري
ڏانهن ڌيان ڇڪايائين. مولوي صاحب جي حاشيہ واري
عبارت هن طرح آهي:
”دليل الذاڪرين ۾ لکي ٿو ته سيد السادات منبع
البرڪات سيد عبداللطيف تارڪي چيو ته آءٌ ڪنهن خاص
قسم جو طعام تيار ڪرائي مخدوم جلال محمد بن مخدوم
معظم (نوح) جي خدمت ۾ ويس پاڻ طعام چکي فرمايائون
ته جيڪڏهن هن کاڌي ۾ حضرت هاشم حماد (جو سندن
خليفو هو) به شريڪ ٿئي ته ڏاڍو چڱو! ايتري ۾ ڏٺو
ويو ته هاشم حماد پاسي کان بيٺو هو، هوڏانهن اُتان
ڪيتري دوريءَ تي هو. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته جاءِ
جي دروازي مان به لنگهي ڪو نه آيو جو اسان دروازي
تي بيٺا هئاسين (دليل الذاڪرين فارسي قلمي در
سوانح مخدوم معظم نوح) مگر هت ڏسڻو آهي ته شاهه
صاحب جيڪڏهن مخدوم جمال ولد مخدوم نوح وٽ کاڌو
کڻائي ويو هوندو ته اها ڳالهه عقل کان بعيد آهي،
ڇو ته شاهه صاحب (ڀائي) جا همعصر آهن، مخدوم نوح
صاحب جو پوٽو ۽ پڙپوٽو، تنهن ڪري سندس ڪو فرزند
همعصر نه ٿي سگهي ٿو. ويچار ڪرڻ گهرجي“.
(ب) ”شاهه صاحب جو مدهوشي واري حالت ۾ بي ڪنار
بيابانن ۾ ڦرڻ“.
’تارڪ‘ واري مونجهاري سان گڏ قانع ٻين ٻڌل روايتن
جي آڌار تي ائين ڄاڻايو ته شاهه صاحب مدهوشي ۽
”ويراڳ“ ۾ بيابانن ۾ پئي ڦريو، اهڙا وڏا صحرا ۽
بيابان جيڪي بي ڪنار هئا، ظاهر آهي ته هن بيان ۾
گهڻو وڌاءُ آهي، شاهه صاحب، شاديءَ کان اڳ نوجواني
واري دور ۾ ئي ٻاهر اڪيلو تنهائي ۾ ويهي عبادت ۽
رياضت ڪرڻ ڏانهن مائل ٿيو ۽ ان کي جيڪڏهن ”مدهوشي
۽ ويراڳ“ وارو دور چئجي ته ڪنهن حد تائين مناسب
ٿيندو. پر اها ”مدهوشي“ ”بيهوشي“ نه هئي، پر ياد
حق ۾ اندروني سوز ۽ محويت واري ڪيفيت هئي. فاقيري
سنڌي اصطلاح ۾ ”ويراڳ“ جي معنى آهي دنياداري وارن
لاڳاپن، عزازت جي آسانگن ۽ زندگيءَ جي آرايشن ۽
آسايشن کان منهن موڙي اڪيلائي اختيار ڪرڻ ۽ ڌڻي جي
ياد ۾ مشغول رهڻ. اهو به دنياداري کي ترڪ ڪرڻ آهي
پر ان جو لاڳاپو فقير يا درويش جي ذاتي نيت ۽
ڪردار سان آهي. اهڙي عمل سان هو خاص طرح ”تارڪ“
طور مشهور ڪو نه ٿيندو، پر کيس عابد، زاهد، الله
لوڪ به چئي سگهبو. مشهور معروف تارڪ اهو ٿيندو،
جيڪو خير خيرات ۾ پنهنجو مال اسباب لٽائي ڇڏي، يا
وقت بوقت ڪافي ڪجهه مال اسباب ترڪ ڪندو هجي. ٻيو
ته ”مدهوشي“ ۽ ”ويراڳ“ واري حالت جي مناسبت
اڪيلائي ۾ گذارڻ، اُڃ بک تي رياضت ڪرڻ ۽ ڌڻيءَ کي
ياد ڪرڻ سان آهي. شاهه صاحب به انهيءَ حالت ۾
ماڻهن جي اچ وڃ کان پري ۽ پاسيرو ٿي جهنگ ۾ ڪٿي
وڻن جي اوٽ ۾ اڪيلو ٿي سوچيندو ۽ عبادت ڪندو هو.
ڪي اهڙيون جايون، جتي هو وڃي ويٺو ۽ جن بابت تصديق
سان ڳالهيون هلنديون آيون آهن ۽ پڻ جن جا ڪي آثار
موجود آهن، سي اڪثر ڀٽ ۽ ڪوٽڙي واري پڊ جي آسپاس،
وڌ ۾ وڌ ٻن ٽن ميلن جي گهيري واري اراضي ۾ واقع
آهن: هڪ ”لال لئو“، جيڪو ڀٽ کان ٻه – اڍائي ميل کن
اولهه ۽ ڪوٽڙي واري پڊ جي بلڪل ويجهو اولهه طرفان
آهي، ٻيو ”ڀٽائي صاحب وارو ڪنڊو“، جيڪو ڀٽ کان ميل
کن اوڀر طرف آهي، ٽيون ماڳ غالباً خود ”ڀٽ“ هئي،
جنهن جو ذڪر مير عبدالحسين خان سانگي ”لطائف
لطيفي“ ۾ پوري پڪي سَند سان آندو آهي: يعني ته
قلندر شوري، جنهن ڏاچيون پئي چاريون، تنهن نوجوان
عبداللطيف کي ڀٽ واري جاءِ تي ڪنهن وڏي وڻ جي سڪل
ٿُڙ جي پور ۾ ”استغراق واري حالت ۾ ويٺل“ ڏٺو هو ۽
قلندر کي پوءِ پڻس صاحبڏني ٻڌايو ته سيد حبيب شاهه
جو پٽ ”ويراڳ يعني قبض ۽ بسط ۽ بيخودي واري حالت“
۾ اتي هوندو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ٻئي ڀيري ڏسي ته
کانئس دعا گهري (لطائف لطيفي، فارسي، ص 144).
بهرحال قانع جو بيان ته شاهه صاحب مدهوشي ۽ ويراڳ
واري حالت ۾ بي ڪنار بيابانن ۾ پيو ڦرندو هو، سو
حقيقت بدران ڄڻ شاعرانه مبالغو آهي.
(ج) ”محمد عالم“ جي نالي ڀُل سببان شاهه صاحب جي
امڙ بابت غلط خيال.
قانع جي بيانن جي ڪري شاهه صاحب کي ”تارڪ“ طور مڃڻ
يا کيس ”بي ڪنار بيابانن ۾“ ڦرندو سمجهڻ سان، شاهه
صاحب جي پنهنجي ذاتي ظاهري زندگي بابت تصور بدلجي
ٿو، پر قانع کان ”محمد عالم“ جي نالي ڀل ٿيڻ سببان
شاهه صاحب جي امڙ ۽ ان جي والدين يعني شاهه صاحب
جي ناناڻن بابت حقيقت جي برعڪس خيال قائم ٿئي ٿو.
قانع جي لکڻ موجب، هالا ڪنڊ جي مخدوم بايزيد بن
مخدوم عربي ديانه جي اولاد مان محمد عالم نالي هڪ
شخص ڀٽائي صاحب جو خاص خليفو هو، جيڪو مڙني فقيرن
۾ ممتاز هو. پنهنجن ٻن ڪتابن ”معيار سالڪان طريقت
توڙي ”تحفة الڪرام“ (3
X151)
۾ ائين ڄاڻايو اٿس. حقيقت هيءَ آهي ته ان وقت محمد
عالم نالي ٻه شخص هئا: هڪ پراڻن هالن جو محمد
عالم، جيڪو مخدوم عربي دياني جي اولاد مان هو ۽
پنهنجي وقت ۾ مخدوم عربي جي سلسلي جو سجاده نشين ۽
سنڀاليندڙ هو. ٻيو محمد عالم جيڪو ڀٽائي صاحب جو
خاص خليفو هو. قانع ٻنهي مان ڪنهن کي ڪو نه ڏٺو
هو، پر رڳو ڳالهيون ٻڌيون هئائين، ۽ انهي ڪري کيس
نالي ڀُل ٿي، جو ڀِٽ واري محمد عالم بدران هالن
واري محمد عالم کي ڀٽائي صاحب جو خاص خليفو ڪري
ڄاڻايائين. هي ٻئي محمد عالم جدا جدا هئا ۽ ويندي
هن پوئين دور تائين ڄاڻو ماڻهن کي ان ڳالهه جي
پوري خبر رهي آهي.
هالن وارو محمد عالم ديانو هو ۽ هالن پراڻن جي
بزرگن مخدوم عربي دياني (وفات 980هه) ۽ سندس پٽ
مخدوم بايزيد جي پيڙهي مان اندازاً ڏيڍ سئو سال کن
پوءِ اتي جو سجاده نشين هو. سندس قبر هالن پراڻن ۾
مخدوم عربي دياني جي مقام ۾ موجود آهي. اها مخدوم
عربي دياني جي مزار واري ٿلهي کان هيٺ لاڳيتو
اولهه طرفان پهرين تربت آهي ۽ ان بعد کانئس پوءِ
ٻين سجاده نشينن جون تربتون آهن.
ٻئي طرف محمد عالم، جيڪو بيشڪ ڀٽائي صاحب جو خاص
خليفو ۽ مڙني فقيرن ۾ ممتاز هو، سو ”سُئي قَندَر“
وارن ڏيرن درويشن جي اولاد مان هو، ڀٽائي صاحب جو
ماسات هو ۽ ڀٽ تي شاهه صاحب جي سلسلي جي سماع ۽
ذڪر جو سرواڻ هو، سندس قبر ڀٽائي صاحب جي روضي جي
ٻاهران ڏکڻ طرف ۽ تمر فقير واري تجر کان اوڀر طرف،
تربتن جي اتر واري قطار کانپوءِ ڏکڻ ڏي ٻي لاڳيتي
قطار ۾، اولهه طرفان ٻيو نمبر آهي.
قانع کان ته فقط نالي ڀُل ٿي، پر سئو کن سالن گذرڻ
بعد مير عبدالحسين خان سانگي جڏهن شاهه صاحب جي
سوانح کي مرتب ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن قانع جي ڀُل
کي سمجهڻ ۽ درست ڪرڻ بدران ويتر ان ڀُل تي ٻي هڪ
وڏي ڀُل جي عمارت اڏجي وئي.
تحفة الڪرام، فارسي متن، مطبوعه دهلي، 3
X173
۽ معيار سالڪان طريقت، قلمي، ورق 218.
ڏسو ”لطف اللطيف“، ڇاپو پهريون، ڪراچي 1950ع،
ص 120- 121.
جيتوڻيڪ سندس وصيت موجب اهو ”ويچار“ هاڻي هن
وقت ٿو ٿئي، مگر اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته
غالباً مولوي صاحب کي بعد ۾ ”سيد عبداللطيف
تارڪ نصرپوري“ جي خبر پئجي چڪي هئي، جو سندس
اقتباس جي آڌار تي مرتب ڪيل تذڪره مشاهير سنڌ
(جلد 2، ص ص 60-62) ۾ ان ”نصرپوري“ نسبت سان
ئي ان بزرگ جو ذڪر ٿيل آهي.
هن سلسلي وارا ”پير“ سڏجن. هن وقت وٽن علم ۽
فضل جو نالو ئي ڪونهي. موجوده وقت جو وڏو ”پير
جمن“ (پٽ پير وسو پٽ پير جمن پٽ پير وسو) آهي،
جنهن جي عمر ڪم از ڪم نوي سال کن آهي، جيتوڻيڪ
سندس چوڻ موجب سندس ڄمار هڪ سئو سال کن آهي.
پاڻ هلي محمد عالم جي قبر ڏيکاريائين ۽ چيائين
ته اسان جي وڏن مان هو (پير جمن سان اها خاص
ملاقات تاريخ 6 نومبر 1985ع تي ٿي).
|