سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :11

ٻئي لشڪر اچي هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا ۽ ڏاڍي خوفناڪ جنگ لڳي. محمد حسن کهاوڙ، ڪلهوڙن جي طرفان نهايت ئي بهادري سان وڙهيو، پر آخرڪار مير فتح علي خان جي هٿان مارجي ويو، انهي جنگ ۾ ٽالپورن جي سوڀ ٿي، ميان عبدالنبي ڀاڄ کائي بهلاڻيءَ جي ڀرسان اتر ۾ هڪ ڍنڍ ۾ ڪاهي پيو ۽ پنهنجن چند جانثارن سان جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ميان صاحب ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، درياهه پار ڪري، ٽڪرن ڏانهن رخ رکيو. (26) جتان پوءِ جوڌپور ڏانهن ڀڄي وڃي پناهه ورتائين. فتحنامي جي مصنف انهي جنگ جي تاريخ ”فتح علي“ 1196هه مان ڪڍي آهي، جا انهيءَ لفظ جي ابجد جي حساب موجب ٻيڻي آهي. (27) ميان عبدالنبي خان غريب الوطني ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾، سنڌ جي تخت ڏانهن حسرت ڀريل نگاهن سان نهاريندي سن 1220هه/1805ع ۾ ”راجنپور“ ۾ وفات ڪري ويو. (28)

مير فتح علي خان هالاڻي جي جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوشهري فيروز ۾ هڪ فاتح جي حيثيت سان اچي درٻار ڪئي، انهي درٻار ۾ ڌڱاڻو خان جتوئي ۽ تاجو جتوئي، مير صاحب وٽ اچي پيش پيا ۽ معافي ورتائون. ميان عبدالنبي جي ڪيترن طرفدارن نئين حاڪم جي اطاعت ۽ وفاداري جو حلف کنيو. مير فتح علي خان پنهنجي فوجي سردارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا. (29)

هن جنگ ۾ سنڌ ملڪ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي نحوست کان ته في الحال آجو ٿيو، مگر سنڌ جي وحدت جو شيرازو، جو ڪلهوڙن جي دور کانپوءِ ٽالپورن جي صاحبي ۾ ٽٽو، ته وري کيس وحدانيت وارو ڏينهن نصيب نه ٿيو. مياڻي جي خوني واقعي کانپوءِ سنڌ سن 1936ع تائين بمبئي پريزيڊنسيءَ جو هڪ پرڳڻو ٿي رهيو.

هن موجوده دور ۾ هالاڻي جي جنگ واري انهيءَ ميدان تي قومي شاهراهه جي وٽ سان هڪ ننڍڙي هڪ قبائين مسجد شريف ٺهيل آهي. انهي مسجد جي ڪُنڊ تي نواب شاهه ضلعي جي اي ڊي ايم محترم حاجي محمد صديق ميمڻ پنهنجي ايامڪاري ۾ لوهي تختي تي انگريزي ۾ هڪ يادگار ڪتبو لڳرايو. روينيو رڪارڊ موجب لڙائي جو ميدان چئن ديهن ۾ آهي، جهڙوڪ: پير وتيو، هالاڻي، بهلاڻي ۽ نئون آباد. قومي شاهراهه جي وٽ سان جنهن هنڌ مٿيون ڪتبو لڳل آهي، اهو قبرستان ”دلو مشائخ“ جي نالي سان سڏجي ٿو. هن مقام ۾ ڪلهوڙن جو ٺهرايل ڦاسي گهاٽ پڻ آهي، جنهن کي عام ماڻهو ”سُورِي“ ڪري چوندا آهن. ٽالپورن واري مقام کي ”پير بالو“ جو قبرستان ڪري سڏيندا آهن. اهو قبرستان هالاڻي – محرابپور ريلوي لائين جي ڏکڻ ۾ آهي.

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)     مهر غلام رسول: ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“، جلد ٻيو، مترجم ابن حيات پنهور ۽ شمشير الحيدري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1964ع، ص 674.

(2)             ايضاً، ص 675.

(3)             ايضاً، ص ايضاً.

(4)             ايضاً، ص ايضاً.

(5)              ايضاً، ص 677،

(6)             ايضاً، ص 78- 677 بحواله ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 122.

(7)     مولانا غلام رسول مهر لکي ٿو ته مير بجار خان ٽالپور جوڌپور جي راجا بجيسنگ کان ڌيءَ جو سڱ گهريو هو، جنهن ڪري راجا کي ڪاوڙ لڳي هئي. ازانسواءِ مير بجار خان جوڌپور جي سرحد جي ويجهو هڪ قلعو ٺهرايو هو. انهن ٻنهي سببن جي ڪري راجا بجيسنگ مير بجار خان تي ڪاوڙيل هو. ايضاً، ص 705.

(8)             ايضاً، ص 713.

(9)             مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“، فيض پريس رياست خيرپور، 1924ع، ص 13.

(10)         مهر غلام رسول: تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“، جلد ٻيو، ص 721.

ميان عبدالنبيءَ پنهنجن پٽن محمد عارف ۽ تاج محمد ۽ ڀائٽيي شاهه محمد ولد غلام نبيءَ کي جوڌپور موڪليو هو.

(11)          مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“، ص 13.

(12)          مهر غلام رسول: ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“، جلد ٻيو، ص 26-725.

(13)         ايضاً، ص 28- 726.

(14)         ايضاً، ص 728.

(15)          ايضاً، ص ايضاً.

(16)         ايضاً، ص 731.

مدد خان پٺاڻ جو اصل نالو دلاور خان هو ۽ اسحاق زئي قبيلي مان هو. افغاني بادشاهه تيمور شاهه کي تخت وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي هئائين، انهيءَ ڪري تيمور شاهه کيس ”مدد خان“ جو خطاب ڏنو هو.

(17)         ايضاً، ص 33- 731.

(18)         ايضاً، ص 735.

(19)         ايضاً، ص 737.

(20)        مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“. ص 20.

(21)         ايضاً، ص 20-21.

مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته مدد خان پٺاڻ، مير فتح خان کي عمرڪوٽ مان پاڻ سان گڏ وٺي هليو، جڏهن ”لوهريءَ“ وٽ پهتا ته مدد خان پٺاڻ، مير فتح خان کان ٻه لک رپيا رشوت طور گهريا ۽ کيس چيائين، ته تون وڏو فسادي ماڻهو آهين، جيڪڏهن پئسا نه ڏيندين، ته پوءِ قيد آهين، لاچار مير فتح خان اهو شرط قبول ڪيو.

(22)        مهر غلام رسول: ”تاريخ سنڌ-ڪلهوڙا دور“، جلد ٻيو، ص 742.

(23)        ايضاً، ص 767.

مير عبدالله خان ٽالپور ۽ مير فتح خان ٽالپور قيد ٿيڻ کانپوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت شروع ڪري ڏني هئي. قرآن پاڪ پڙهندي پهريائين مير عبدالله خان کي قتل ڪيو ويو. مير عبدالله خان جي خون سان قرآن پاڪ تي ”ياقدير“ جو قلمو نقش ٿي ويو. ساڳيءَ ريت مير فتح علي خان کي به قتل ڪيو ويو. (ايضاً، ص ايضاً).

(24)         مرزا قليچ بيگ: ”تاريخ رياست خيرپور“، ص 25.

(25)          ايضاً، ص ايضاً.

(26)        ايضاً، ص 26.

(27)        ايضاً، ص ايضاً.

(28) Memon Muhammad Siddique: “Note on Battle Field Near Halani”, Dated January 18, 1984.

(29) بدوي لطف الله، ”تذڪره لطفي“، جلد ٻيو، آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون، 68-1967ع، ص 18.

استاد ۽ شاگرد جا آداب

(مخدوم جعفر بوبڪائي جي نظر ۾)

عبدالرسول قادري بلوچ

اسلام، علم حاصل ڪرڻ ۽ علم جي واڌاري ۽ سڌاري تي گهڻو زور ڏنو آهي. ان ڏس ۾ مٺي مرسل صلي الله عليہ وسلم تي جيڪو پهريون وحي نازل ٿيو، ان ۾ به ”اقراء“ جو ارشاد آهي. ۽ ”عَلم بالقلم“ وسيلي به علم جي عظمت ظاهر ٿئي ٿي. ان ڪري پياري پيغمبر ﷺ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو ۽ پينگهي کان وٺي قبر تائين علم جي طلب جو امر فرمايو. اڳتي هلي تعليمي ميدان ۾، مسلمان مفڪرن ۽ تعليمي ماهرن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. ڪيترا تفسير، حديث، فقہ، صرف نحو، منظق، تصوف وغيره جي موضوعن تي ڪتاب لکيا ويا. تعليمي ميدان ۾ اصحابن سڳورن، امام اعظم، ان جي شاگردن، امام غزالي، ابن خلدون، علامه سيوطي، مخدوم جعفر بوبڪائي، شاهه ولي الله ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جا نالا قابل ذڪر آهن.

سردست تعليمي سلسلي ۾ مخدوم محمد جعفر بوبڪائي سنڌي جي ڪتاب ”حاصل النهج“ فارسي جي حوالي سان سندس احوال آڻجي ٿو. مخدوم محمد جعفر بن عبدالڪريم، ميران بن يعقوب بوبڪائي، ڏهين صدي هجري جو برک عالم ۽ تعليمي ماهر هو. مخدوم جفر شرعي علوم سان گڏ حڪمت، نجوم، جعفر ۽ رمل جو به ڄاڻو هو، پر زندگي جي پوئين دور ۾ سڀ علم ڇڏي، علم حديث ۽ تصوف جي ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهيو. تقريبن ڏهين صدي هجري جي آخر ڌاري وفات ڪيائين. بوبڪ، ضلعي دادو ۾ سندس مزار آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي، مقالات الشعراء ۽ تحفة الڪرام ۾ مخدوم جعفر بابت عجيب روايتون آنديون آهن.

مخدوم محمد جعفر به ٻين عالمن جيان جُهد پٽي، ڪَشٽ ڪٽي، سور سهي، ڪشالا ڪهي، نور نچوئي، رت ست ڏئي، فڪر وفهم، علم ۽ قلم ذريعي علمي واهڙ وهايا ۽ ڪيترن علم جي پياسن کي سيراب ڪيو ۽ سندس هيٺيان ڪتاب يادگار آهن:

الصادق المنصف المحق، عجالة الطالبين، فتح الدارين، حل العقود، البشارة في العمل بالاشارة، المتانة الخزانة، نهج التعلم، حاصل النهج.

حاصل النهج: هي رسالو فارسي ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ 19 فصل ۽ 60 صفحا آهن. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، انگريزي مقدمي سان 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان شايع ڪيو آهي. ڪتاب ۾ علم، ان جي حاصل ڪرڻ جي فضيلت، علم فقہ ۽ شرع جي معنى، علم جي تقسيم، علم محمود ۽ علم مذموم، علم جي تعظيم، علم جي طلب، علم جون آفتون، ڪتابت، مطالعو، استاد ۽ شاگرد جا آداب وغيره بيان ٿيل آهن.

مخدوم محمد جعفر ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو: ”حمد صلواة کانپوءِ تعليم جي طريقهء ڪار جي سلسلي ۾ ”نهج التعلم“ ڪتاب لکيم، ان کانپوءِ ان ڪتاب جو اختصار ”حاصل النهج“ نالي ڪيم ته جيئن هر طالب علم تعليمي طريقن کان واقف ٿئي ۽ علم جي راهه ۾ کيس ڪامل بصيرت حاصل ٿئي. هي ڪتاب اڄ کان تقريبن سوا چار سئو سال اڳ ۾ 976 هجري جو لکيل آهي.

ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي بهترين استاد هو. هو صحيح اصول تعليم سيکارڻ ۾ محبت ۽ فرد ۽ سوسائٽي جي اخلاق سڌارڻ ۾ به چاهه رکندو هو. هن کي درس تدريس دوران جي مسئلا سامهون آيا، انهن جي آڌار تي هن استادن ۽ شاگردن جي سکيا جا طور طريقا تحرير ڪيا. هو ان ڏس ۾ سکيا جا مسئلا ۽ مقصد به سيکاري ٿو ۽ اهو به سمجهائي ٿو ته تعليمي ميدان ۾ تجربا ۽ مشاهدا ڪيئن اختيار ڪيا وڃن.

مخدوم محمد جعفر علمي دنيا جو نفسياتي مطالعو ڪري، علم جي عظمت سان گڏ استاد ۽ شاگرد جون ذميواريون، جوابداريون، فرائض ۽ آداب بيان ڪيا آهن، جيڪڏهن اڄوڪي دور جا عالم استاد ۽ طالب علم شاگرد انهن اصولن جو گهرو مطالعو ڪري، ان تي عمل پيرا ٿين ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ غير يقيني واريون حالتون ختم ٿي سگهن ٿيون. استاد ۽ شاگرد هڪ ٻئي کي پنهنجو سمجهي، ويڇا وساري، کير کنڊ ٿي رهي سگهن ٿا. نفرت ۽ انتقام جي پاڙ پٽي، اخوت ۽ محبت، امن ۽ شرافت جو پائدار ٻج پوکي سگهجي ٿو، انهن سونهري اصولن تي عمل ڪري، هوند اڄ به علمي ماحول ادبي ۽ اخلاق جو گلشن بنائي سگهجي ٿو. ان علمي گلشن جي هٻڪار دل دماغ کي معطر ڪري ڇڏي ۽ اسان جو موجوده ماحول به ان سرهاڻ سان واسجي سڳنڌ ڀريو ٿي پوي.

حقيقت هي آهي ته سنڌ جي برک عالم ۽ بهترين استاد مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جي اصول تعليم جي تجربن ۽ مشاهدن جا نڪتا، جيڪي جزوي ترميمن سان هاڻوڪي تعليمي خيالات ۽ حالات جي به تجربن مطابق آهن. هينئر مخدوم جعفر جي ڪتاب حاصل النهج فارسي مان فصل 13 ”استاد ۽ شاگرد جا آداب“ جو سنڌي ترجمو پيش خدمت آهي:

استاد ۽ شاگرد واسطي جي آداب ضروري آهن، تن مان ٻنهي تي لازم آهي ته سندن نيت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ خاص الله تعالى واسطي هجي، علمي شغل ۾ مصروف ۽ متوجه رهجي ۽ حامدن ڏي نه ڏسجي. استاد ۽ شاگرد پنهنجي دل کي دنيا جي مفاد ۽ لالچ کان پاڪ ڪن. هميشہ خوش خلقي سان رهن. پنهنجي ذات کي حرام ڪارين کان پاڪ رکن. پڙهائي دوران هٿ جي چالن ۽ اکين جي اشارن ڪرڻ کان احتياط رکجي. قبلي جي سامهون ويهن، پر شاگرد کي پنهنجي استاد جي سامهون ويهڻ کپي. ڪپڙا صاف ۽ پاڪ پهرين، خاص ڪري پڙهڻ دوران، البت سفيد لباس پهرڻ سڀني رنگن کان بهتر آهي.

استاد جا فرائض ۽ آداب: هر هڪ گفتگو جي شروعات الله جي نالي حمد، تشهد، ٻنهي جهانن جي سردار محمد ﷺ تي صلوات وسلام سان ڪجي. سندن آل اصحاب، اسلام جي صالح بزرگن ۽ خاص ڪري استاد کي دعا خير سان ياد ڪجي. پڃاڻي به حمد، صلواة ۽ دعا سان ڪجي. استاد درس پوري ڪرڻ کانپوءِ حمد صلوات بيان ڪري هيءَ دعا پڙهي، ”الحمد الله الذي بنعمتہ تتم الصالحات“. استاد ڪتاب کڻڻ مهل به بسم الله چوي. ڪتاب ساڄي هٿ سان کڻي. هميشہ انصاف پسند رهي ۽ ظلم نه ڪري. هميشہ حق ڏانهن رجوع ڪري. حق ٻڌائڻ ۾ شرم ۽ لڄ نه ڪري، ڪنهن جي ڪيل ڀلائي جو انڪار نه ڪري ۽ ان کي نه لڪائي، جيڪو علم ۽ ڪمال حاصل نه هجي ته ان جي دعوى نه ڪجي. جو ائين ڪرڻ سان آ خر شرمسار ٿيڻو پوي. ٿو. پڙهڻ پڙهائڻ، لکڻ، سفر ڪرڻ، ڪتاب ۽ علم اختيار ڪرڻ ۽ استخاره ڪجي. استاد کي الله تعالى جو هن ڳالهه تي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته کيس تعليم ۽ استادي جو لائق بنايو آهي ۽ شاگرد کي پڻ اهڙي نصيحت ڪري. شاگرد سان نرمي ڪجي، سختي ۽ ڪاوڙ نه ڪجي. استاد شاگرد کي اهڙي ڏکئي نموني سان نه پڙهائي جو هو سمجهي نه سگهي، پر تعليم ڏيڻ ۾ اهڙو آسان ۽ سولو طريقو اختيار ڪري، جو هو جلدي آساني سان مقصد سمجهي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن وقت شاگرد سبق غور سان نه ٻڌي، يا سمجهي ته ان کي پنهنجي نظر ۾ حقير نه ڄاڻجي، پر ائين خيال ڪجي ته هي ماءُ جي پيٽان ڪورو آيو آهي ۽ هينئر به ائين آهي، اڳتي هلي سمجهي ويندو. اميرن ۽ وڏن ماڻهن جي در تي هلي وڃي سبق ڏيڻ جي ڪري استاد پاڻ کي خوار نه ڪري (ڇو ته علم ۽ استاد جي وڏي عزت آهي ته اهي پاڻ اچي استاد وٽ علم حاصل ڪن ۽ استاد ٽيوشن لاءِ در در تي نه وڃي). درس جي جاءِ کي ڪشادو رکجي ته جيئن سڀڪو ويهندڙ ۽ ايندڙ ويندڙ فائدو حاصل ڪري ۽ تنگ نه ٿئي. استاد سبق پڙهائڻ کان اڳ ۾ اتي ٻه رڪعتون نفل پڙهي ۽ حضرت موسى عليہ السلام جي هيءَ دعا پڙهي: ”رب اشرح لي صدري ويسرلي امري واحلل عقدة من لساني يفقهواقولي“ ترجمو: منهنجا پالڻهار! مون لاءِ منهنجو سينو کول ۽ مون لاءِ منهنجو ڪم آسان ڪر ۽ منهنجي زبان تان ڳنڍ کول، ته اهي منهنجي ڳالهه سمجهن (پارو 16، سورت طٰہٰ).

مذهبن يا اصولن ۽ طريقن کي لکي پيش ڪري ۽ انهن لاءِ دليلن کي ترتيبوار آڻي، يعني پهريان سولا ۽ عام فهم ۽ ان کانپوءِ قوي دليل. پڙهائي دوران اهڙو طريقو اختيار ڪري، جو شاگرد جي علمي ۽ ديني ترقي ٿئي. شاگرد کي وڏن ۽ مشڪل ڪتابن ۽ علمن پڙهائڻ کان پهريان ان کي آسان ۽ طبيعت موافق عام فهم علم حاصل ڪرڻ لاءِ چوي. جيڪڏهن شاگرد کان ڪا خطا ٿي پوي ته ان سان شفقت ۽ بردباريءَ سان نباهجي، جيئن مهربان پيءُ پنهنجي پٽ سان پيش ايندو آهي. پنهنجي ڪاوڙ ۽ خراب نيت جي ڪري، ان کي سبق پڙهائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کان محروم نه ڪجي.... پڙهائڻ مهل مطلب تمام مختصر نه ڪجي، پر پورو ۽ تفصيل سان بيان ڪجي. استاد تعليم رڳو خاص دوستن، شاهوڪار ۽ وڏن ماڻهن تائين محدود نه رکي، بلڪ هر طالبِ علم کي درس ڏئي. تصنيف، تصرف ۽ روايت ۾ شهرت جو شوقين نه هجي ۽ گهڻن شاگردن جو به حريص نه هجي. پهريان شاگرد جو امتحان وٺي ته اهو علم جي طلب ۾ سچو آهي يا نه – پوءِ جيڪڏهن ان کي سچو ۽ محنتي سمجهي ته کيس اولاد وانگر تربيت ڪري ۽ سندس همت افزائي ڪندو رهي. شاگرد کي ٻين استادن وٽ اچڻ وڃڻ کي خراب نه ڄاڻي. استاد پاڻ کي فخر طور ائين نه سمجهي ته بس علم ۽ ڪمال ۾ آئون ئي سڀڪجهه آهيان. جيڪڏهن شاگرد کان ڪا خطا ٿئي ته ان کي سهو ۽ ويسر چئي، سخت گرفت نه ڪري. جيڪڏهن شاگرد انهن حرڪتن کان باز نه اچي ته پهريان ان کي اشاري ڪنابي سان تنبيہ ڪري. شاگرد سمجهي وڃي ته ٺيڪ آهي، نه ته به ان کي شفقت سان سمجهائي. ان کان بعد ئي کيس جهڻڪي ۽ منع ڪري، اگر شاگرد ڪو صحيح عذر پيش ڪري ته استاد ان کي قبول ڪري. جيڪڏهن شاگرد، مشائخن تي اعتراض ڪري يا اهڙو قول فعل ظاهر ڪري، جنهن سان استاد ۽ شاگرد ۾ جدائي ٿيڻ ضروري ٿيو پوي ته استاد ٽي – چار ڀيرا ان کي معاف ڪري. استاد، شاگرد کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪري ته تنهنجي باري ۾ منهنجي دل ۾ هي هي ڳالهيون يا شڪ شبها آهن ته جيئن شاگرد بيخبري يا حجت ۽ انڪار جي ڪري هلاڪ نه ٿئي. استاد، شاگرد جو علم جي شوق ۽ سمجهه بابت امتحان وٺي. استاد، شاگرد سان گفتگو دوران منهن ڪڙو نه ڪري ۽ زياده کل ڀوڳ به نه ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com