قادري طريقو
اهو ته مذڪور هو سهروردي ۽ نقشبندي طريقن جو. سنڌ
وارن کي چشتي طريقي سان ڪو به چاهه نه رهيو. باقي
قادري طريقو، سو گهڻو اڳ هتي سهروردي طريقي سان
گڏوگڏ هلندو رهيو. حضرت سيد عبدالقادر جيلانيؒ جو
اولاد سنڌ ۾ اڳ ئي پهچي چڪو هو. ساڳيءَ ريت اُچ
وارن قادري بزرگن جو سنڌ سان لاڳاپو هو. درازن
وارا فاروقي بزرگ به قادري هئا. عين اهڙي دور ۾
جڏهن هن وڏي طريقي جو چراغ وسامڻ تي هو ته هجري
ٻارهين صديءَ جي آخر ۾ ڪنگريءَ ۾ هڪ اهڙي آفتاب
عالمتاب منهن ڪڍيو، جنهن سڄي سنڌ ۾ ڀر وارن ٻين
ملڪن کي پنهنجي ضيا پاشيءَ سان منور ڪري ڇڏيو.
چئوطرف الله جي ذڪر جون مجلسون قائم ٿي ويون. مرد
ته ٺهيو پر عورتون به تهجد گذار ٿي پيون. اهو بزرگ
هو روضي ڌڻي حضرت پير محمد راشدؒ
ڪنگريءَ مان سوئي (ضلع سکر) سيراب ٿي. سوئي مان
ڀرچونڊي ڀرجي نڪتي. حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي
وارن بابت وقت جي اهل الله ۽ عالمن جي متواتر طور
اها شهادت موجود آهي ته اهي پنهنجي دور جا جنيد ۽
غوث هئا. حضرت حافظ صاحب جو سلوڪ ۾ جيڪو درجو ۽
مقام هو، ان کي بيان نٿو ڪري سگهجي. منهنجو استاد
حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحه فرمائيندو هو ته،
”منهنجي اکين جنيدِ وقت حضرت حافظ محمد صديق
ڀرچونڊي وارن جهڙو اهل الله نه ڏٺو.“ هن بزرگ ولي
جي ممتاز خليفن مان ٻه شخص شمار ڪيا وڃن ٿا. 1-
مرشدي ابوالسراج مولانا حافظ غلام محمد دين پوري
رحه 2- سيد المجاهدين تاج اولياءِ حضرت مولانا تاج
محمود امروٽيؒ.
حضرت امروٽي جي ڪارنامن کي ٿو ڏسجي ته آنحضرت ﷺجي
هيءَ حديث ياد ٿي اچي ”علماءِ امتي کانبياءَ بني
اسرائيل“ يعني منهنجي امت جا علماءَ بني اسرائيل
جي نبين وانگر هوندا. مطلب ته اهي جيتوڻيڪ نبي نه
هوندا، ليڪن کانئن تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ نبين
وارا ڪارناما صادر ٿيندا. حضرت امروٽي به هزارن
غير مسلمانن کي پنهنجي تبليغ ۽ توجه جي ذريعي
اسلام جي حلقي ۾ داخل فرمايو. حضرت امروٽي کي
تبليغ اسلام جي سلسلي ۾ اها نسبت مولانا
عبدالرحمان صاحب سکر وارن کان ملي.
معتبر روايت سان اسان کي معلوم ٿيو آهي ته مولانا
تاج محمود امروٽي جڏهن پنهواريءَ ۾ مولانا
عبدالقادر صاحب وٽ پڙهندا هئا، تڏهن مولانا ڪنهن
ڪم لاءِ کين مولانا عبدالرحمان سکر واري ڏانهن
موڪليو. هن کان اڳ مولانا امروٽي، مولانا
عبدالرحمان صاحب کي نه ڏٺو هو. مولانا عبدالرحمان
صاحب بيحد حسين ۽ خوبصورت هوندا هئا، جيتوڻيڪ
پوڙها ٿي ويا هئا ۽ سونهاري ڳاڙهي ڪندا هئا، تڏهن
به سندن چهري مان حسن و جمال پيو بکندو هو، جنهن
وقت مولانا امروٽي اتي پهتو ته مولانا عبدالرحمان
آرام فرمائي رهيا هئا. حضرت امروٽيءَ تي مولانا
عبدالرحمان صاحب جي وجاهت ۽ بزرگيءَ جو ڏاڍو اثر
ٿيو ۽ مولانا جڏهن آرام فرمائي اٿيا ته هن نووارد
نوجوان کي ڏسي، ايماني فراست ۽ فهم سان هن جي
استعداد ۽ لياقت کي تاڙي ويا. مولانا تاج محمود
وڌي جڏهن هٿ ملايو، تڏهن مولانا عبدالرحمان صاحب
حضرت امروٽيءَ کي وڏو ڀاڪر پائي، سينو سيني سان
ملائيندي فرمائڻ لڳو ته تبليغ اسلام جي سلسلي ۾
اسان جي جيڪا نبي ﷺ سان نسبت هئي. سا اسان تنهنجي
حوالي ڪئي ۽ اها امانت اسان توکي ڏئي رهيا آهيون،
ڇو ته اسان پوڙها ٿي چڪا آهيون ۽ ٻي دنيا ڏانهن
اسرڻ وارا آهيون.
ان وقت کانپوءِ مولانا امروٽي جي حالت بدلبي رهي.
هڪ خواب جي ذريعي مرشد جي تلاش ۾ نڪتا ۽ حضرت حافظ
محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي هٿ تي بيعت ڪرڻ باطني
علم پرائڻ کي لڳي ويا. ڳالهه ٿا ڪن ته ساڻن ڪو
اهڙو پسڻ ٿي ويو، جو ٿوري ئي وقت ۾ سلوڪ جا سڀ
مدارج طئي ڪري ورتائون ۽ اچي امروٽ کي آباد
ڪيائون. هڪ پاسي مولانا عبدالرحمان سکر وارن کان
کين اويسي نسبت عطا ٿي، ٻئي پاسي جنيد وقت حضرت
حافظ صاحب ڀرڇونڊي وارن کان کين خلافت ملي، تنهن
سوني تي سهاڳ جو ڪم ڏنو. ٿوري ئي وقت ۾ اهڙو ته
فيض ڏنائون جو ڪيترا خليفا خرقه سلوڪ حاصل ڪري خلق
الله جي خدمت کي لڳي ويا. مولانا حماد الله صاحب
هاليجويؒ به سندن انهن ممتاز خليفن مان هڪ هو.
جهڙي طرح حضرت امروٽيءَ سان پسڻ ٿي ويو، جو ٿوري
ئي عرصي ۾ باطني خلافت جي دستار کين عطا ٿي.
تهڙيءَ طرح حضرت هاليجوي سان به ڌڻي تعالى جو
اهڙوئي احسان ٿيو. ڀلا ظاهري علم تقوى ۽ عبادت ۾
ته اڳ ئي بي نظير هئا، ويتر جو کين حضرت امروٽيءَ
جهڙو مهربان مرشد ملي ويو، تنهن کين جلدي اوج ۽
عروج تي رسايو. سچ چيو اٿن:
جمال حضرتِ قرآن نقابِ انگه بردارد،
که دار الملک معني را به بيند خالي ازغوغا
حضرت صاحب امروٽيءَ لاءِ اهو مشهور آهي جو پاڻ
فرمائيندا هئا ته ”اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيو، ان جو مکڻ
حماد الله کڻي ويو.“
حضرت هاليجوي پنهنجي شيخ جي نقش قدم تي آخر دم
تائين هلي ڏيکاريو. حضرت امروٽي وانگر وطن جي
آزاديءَ لاءِ لڙندڙ جماعتن جو ساٿ ڏيندا رهيا. حق
جي ڪلمي چوڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه پيا، شرڪ ۽ بدعت
جي رد ۾ هميشہ ڪوشان رهيا. هن راهه ۾ کين تڪليفون
۽ علماءَ سوءَ جون فتوائون به ٻڌڻيون پيون، پر مور
نه مڙيا. قرآن پاڪ سان کين بيحد محبت هئي. هاليجي
جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ مختلف طبقن، عالمن، آفيسرن،
زميندارن ۽ عوام جون روزانه بهيرون اينديون هيون.
قرآن پاڪ کليو پيو هوندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا
قرآن پاڪ بيان فرمائيندا هئا.
ضبط ۽ تحمل
عبادت ۽ ذڪر اذڪار ۾ رياضت ته هن مرد مجاهد لاءِ
ڪا اوکي ڳالهه نه هئي. کين قرآن پاڪ جو وعظ ڪندي
ڏسبو هو ته ائين معلوم ٿيندو هو ته ويٺا وعظ ڪندا
هئا ۽ جي وري عبادت ۾ ڏسبو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ
نوافل ۾ بيٺا رهندا هئا ۽ جي نفي اثبات واري دم کي
ڏسبو ته اها مشق ننڊ ۾ به جاري رهندي هئي. سڀ کان
اعلى صفت اسان کي حضرت صاحب جن ۾ جيڪا ڏسڻ ۾ آئي،
سا هئي شريعت تي استقامت، شطحيات کان اجتناب ۽
سلوڪ جي عالم اسرار جي ڪنهن به راز بابت ٻاهر ٻاڦ
نه ڪڍڻ. اها هڪ اهڙي اعلى صفت آهي جو سڀڪنهن سالڪ
کي نصيب نه ٿيندي آهي، پر هن لاءِ وڏي ظرف ۽ اعلى
مقام ۽ مرتبي جي ضرورت آهي، نه ته عام طرح ڏٺو ويو
آهي ته ڪنهن تي باطني انڪشافات جو معمولي راز
کلندو آهي ته اهو به ضبط ٿي نه سگهندو آهي. حضرت
هاليجوي ته وقت جو شيخ ۽ وڏو عارف بالله هو. ڪشف و
ڪرامت ته هن راهه ۾ ابتدائي دور جون تجليون آهن.
باطني اولاد
مٿي اوهان پڙهي آيا آهيو ته حضرت هاليجوي رح جو
سلوڪ ۾ جيڪو مرتبو ۽ مقام هو، ان جي مد مقابل، هن
دور ۾ ڪو به اهل الله نظر نه ٿو اچي. اهڙي حالت ۾
سندن معيار مطابق ڪو به مريد ۽ معتقد پهچي سگهي،
سا ڳالهه محال ته نه آهي، پر مشڪل ۽ اوکي ضرور
آهي. اهوئي سبب آهي جو حضرت ابوالسراج دينپوري
پنهنجي پويان ڪو به خليفو ڪو نه ڇڏيو، مگر حضرت
هاليجوي پاڻ جهڙا نه سهي، تڏهن به ڪيترا بلند پايه
عالم مجاز خلفاءَ ڇڏي ويا آهن، انهن مان جن کي
ذاتي طرح سان سڃاڻون ٿا سي هي آهن:
1-
مولانا فياض نور زمان صاحب ڪراچي وارو:
هي بزرگ سن رسيده ۽ حضرت هاليجوي جي عمر جو ماڻهو
آهي ۽ حضرت هاليجوي کان مستفيض ٿيڻ کان اڳ هندستان
۾ ڪيترن طريقت جي شيوخ جو صحبتي ۽ خليفه مجاز آهي،
پر حضرت هاليجويءَ جي زيارت ۽ انهن جي مرتبي کي
معلوم ڪري، حضرت جي هٿ تي بيعت به فرمايائين ۽ ستت
ئي اجازت حاصل ڪيائين. هي بزرگ دنيا جي گهڻن ڀاڱن
۾ ڦريو آهي. سندس اهو چوڻ آهي ته هن وقت ساري دنيا
۾ حضرت هاليجويءَ جهڙو باڪمال بزرگ ڪو ورلي نظر
ايندو.
2-
مولانا حاجي احمد الدين صاحب:
صدر مدرس مدرسه عربيه جرار پهوڙ تعلقو شڪارپور سنڌ
هن بزرگ جي جيتري تعريف ڪجي، سا ٿوري آهي، قطب
الاقطاب حضرت مولانا امروٽي وٽ به تربيت لڌي اٿس.
حضرت هاليجويءَ جي وڏن خلفاءَ مان آهي، سنڌ ۾ حضرت
جو جيڪڏهن کيس صحيح جاءِ نشين سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه
آهي.
3-
هي بزرگ باطني خلافت ملڻ کان اڳ به وڏين خوبين جو
مالڪ هو.
مان ذاتي طرح کين پندرهن – سورنهن سالن کان سڃاڻا،
جنهن زماني ۾ آءٌ مدرسه دارالسعادت گورو پهوڙ
تعلقه شڪارپور
۾ صدر مدرس هوس، ان دور ۾ مولانا احمد الدين صاحب
قرب ڪري پاڻ وٽ ڪهي ايندا هئا. سندن زهد ۽ تقوى جو
تڏهن ئي هي عالم هو، جو مدرسي جو کاڌو نه کائيندا
هئا. چئي: اهو چندو شاگردن لاءِ جمع ٿئي ٿو، ٻئي
جو ان ۾ ڪو به حق نه آهي. مون وٽ مهمان ٿيندا هئا
ته اها مهماني به اهڙي هوندي هئي، جو ميزبان تي
بار ته ٺهيو، پر الٽو پاڻ سان ڪو ڇيلو خريد ڪري
کنيو ايندا هئا، جنهن مان شاگردن کي به دعوت ٿيندي
هئي ۽ اسان به مهمان کي کارائيندا هئاسين. سندن
دستور هوندو هو ته گڏهه تي سواري ڪندا هئا. ڪٿي به
تبليغ تي ويندا هئا ته پنهنجو گڏهه سنجي ان تي
سوار ٿي ويندا هئا ۽ اهو گڏهه به ذري گهٽ گهوڙي جي
قد جيترو هوندو هو. هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مريدن،
معتقدن جي اصرار تي گڏهه ڇڏي گهوڙي ڌاري اٿن.
هي ڳالهه اسان کي صحيح طور معلوم ٿي ته خليفي حاجي
مولوي احمد الدين هتان لڏ پلاڻي ڪري مدينه منوره
هليا ويا هئا، ظاهري طور هجرت جي نيت، جيتوڻيڪ نه
ڪئي هئائون، ليڪن خيال اهو ئي هون. مدينه منوره ۾
حضور اڪرم صلي الله عليہ وسلم کيس خواب ۾ ارشاد
فرمايو ته اسان جي دوست حماد الله کي ڇڏي آيو
آهين؟ اهو ٻڌي هجرت جو خيال لاهي واپس وطن پهچي
ويا. حضرت هاليجوي رحمت الله عليہ جي وفات بعد اهو
بزرگ اڃا تائين هاليجي ۾ قيام پذير آهي ۽ سلوڪ جي
شاگردن کي تلقين فرمائيندو رهي ٿو.
3- مولانا عبدالعزيز صاحب ڀانڊوي تعلقه
رتوديرو: هيءُ درويش وڏو عالم زهد ۽ تقوى جو
صاحب آهي، اسان جو ذاتي طرح بزرگ دوست ۽ تعليم ۾
هم مدرسه رهيو آهي. دارالعلوم ديوبند مان فراغت
لهي تدريس جي مشغوليءَ سان گڏوگڏ سلوڪ جي راهه رسم
۾ به سفر ڪندو رهيو. نيٺ وڃي منزل مقصود کي رسيو،
پنهنجي هيءَ حالت آهي جو اڃا تائين اکرن ۾ اڙيا
ويٺا آهيون. هوڏانهن حضرت هاليجويؒ پاڻ تي ايڏا ته
مهربان هئا، جو هميشہ دعائن ۽ سلامن سان ياد ڪندا
رهندا هئا. ساڳي ريت سنڌ جي هڪ ٻئي عالم، فاضل
عبدالحق رباني نصرپوريءَ کي به حضرت صاحب جن ڏاڍو
ياد ڪندا هئا، پر اهو بزرگ ته اسان کان وڌيڪ ڪَٺور
رهيو.
4- چوٿون بزرگ مولوي عبدالڪريم صاحب قريشي
ٻيراڻي آهي، جنهن جوانيءَ ۾ ئي اجازت هٿ ڪري
ٻن سون ماڻهن کي فيض سان سيراب ڪيو آهي.
انهن بزرگن کانسواءِ پنجاب ۾ به ڪي خلفاءَ آهن، جن
متعلق اسان کي ڄاڻ نه آهي ۽ ڪي صحبت جا مجاز آهن
ته ڪن کي محدود اجازت مليل آهي. جهڙيءَ طرح مولانا
مدني صاحب ڪراچيءَ واري کي به خاص ماڻهن جي تربيت
لاءِ اجازت مليل آهي، اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته
مولانا محمد شاهه امروٽيءَ جي به چڱي تربيت فرمائي
ويا آهن. ساڳيءَ ريت مولانا محمد يوسف بنوري، جو
هڪ وڏو محدث ۽ اديب آهي، تنهن به حضرت صاحب جن جي
مجلسن مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي. اسان کي هڪ ملاقات
۾ مولانا محمد يوسف صاحب ٻڌايو ته حضرت هاليجويءَ
جي روحاني ۽ علمي مجلسن ۾ اسان جا اهي عقدا حل
ٿيندا رهيا، جيڪي اسان کي ڪتابن مان حل ٿي نه
سگهيا.
سيد الاحرار مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري ته گويا
مولانا هاليجويءَ جو عاشق ۽ پروانو هو، جڏهن به
سنڌ يا بهاولپور ۾ ايندا هئا ته تتيءَ ٿڌيءَ جو ڪو
به خيال نه رکي حضرت هاليجويءَ جي خدمت ۾ پهچي
ويندا هئا ۽ حضرت جن جا وڏا مداح هئا. سنڌ جي وڏن
ماڻهن مان خانبهادر حاجي مولابخش صاحب سومري گهڻو
ڪجهه پرايو آهي. هن امير ڪبير جي اها حالت هئي، جو
ڏينهن جا ڏينهن هاليجيءَ جي مسجد جي صحن ته سمهي
ذڪر ڪمائيندو هو ۽ امير هوندي به فقير بڻيو ويٺو
هوندو هو ۽ رات ڏينهن مجنون بڻجي، حضرت جي آخري
وقت تائين سندن تيمارداري ڪندو نظر آيو. جزاه الله
خير الجزاءَ.
حضرت هاليجوي تاريخ 12- ذوالحج 1381هه مطابق 18-
اپريل 1962ع اٽڪل روءِ 83 سال عمر جا هئا. طويل
علالت کانپوءِ حظيره القدس ڏانهن راهي ٿي، پنهنجي
سَوَن، هزارن مريدن معتقدن ۽ شاگردن کي غم و الم
سان همڪنار ڪري ويا. ”شائق“ نظاماڻي هيٺين مصرع
مان سندن وفات جي تاريخ ڪڍي آهي، ”حامد ذات حق
حماد الله“ (1381هه). پاڻ پويان چار فرزند
ڇڏيائون، جي سڀ علم ۽ فضل جا مالڪ آهن. الله پاڪ
کين صبر جميل عطا فرمائي. (آمين).
هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائيؒ
مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“
سن 1951ع ۾ جڏهن ميران محمد شاهه پهريون ڀيرو شاهه
ڀٽائي رحه جي ميلي ۾ ئي ڀٽائي جي ورسي ڀٽ تي
ملهائي، ان ورسي ۾ توڙي ان کانپوءِ شاهه جي سڀني
ورسين ۾ قلمي، قدمي ۽ درمي خدمتون خاص ڪري منهنجون
نمايان رهيون. منهنجي انهن خدمتن جو سلسلو ان وقت
تائين جاري رهيو، جيستائين اهو بار حڪومت پاڻ تي
نه کنيو هو. ٻي ورسي جي موقعي تي منهنجي ڪن دوستن
۽ ٻين خاص اديبن مون کان پڇيو ته ”هالن جي مخدوم
صاحبن ۽ شاهه ڀٽائي جو ته پاڻ ۾ اختلاف هو ۽
تنهنجون وري هي خدمتون ڪيئن ٿي رهيون آهن؟“ جيئن
ته ان ڳالهه بابت مون کي اڳ ۾ ڪابه خبر ڪانه هئي ۽
شاهه ڀٽائي رحه جي فقيرن توڙي ڀٽائي پيرن سان
خانداني قديم ۽ سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن، تنهن ڪري
مٿئين ڳالهه بابت مون بي خبري ظاهر ڪئي، تنهن تي
انهن دوستن ۽ اديبن ڪتاب ”لطف اللطيف“ جو نالو
کنيو. ان وقت مون کي ماٺ ڪرڻي پئي ۽ شاهه جي ورسي
ختم ٿيڻ بعد پنهنجي ڪتبخاني مان مٿيون ڪتاب ڳولي
ان جو مطالعو ڪيم ته نه رڳو اها غلط روايت ڏٺم پر
ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙيون
نڪتيون. مٿئين ڪتاب جي اٺين فصل جو عنوان آهي ”وقت
جي ڪن ماڻهن جون مخالفتون“. خيال ڪيم ته اها ڳالهه
تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي. ويتر جو پنهنجي
چاچي مخدوم مولوي غلام حيدر صاحب مرحوم جن جو
حاشيه ۾ هي نوٽ پڙهيم ته:
”مخدوم صاحب هالن وارن جي شاهه رحه صاحب سان
اختلاف جو ذڪر ڪن ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي، مگر اسان
وٽ خانداني روايت ۾ اهڙو احوال مطلق ٻڌل نه آهي.
سروري خاندان ۾ هميشہ کان اهلبيت جو ادب اتم درجي
تي رهندو آيو آهي. سيد اجن شاهه جي اختلاف بابت به
ڪا خانداني روايت ڪانهي.“ (غلام حيدر) تاريخ جي
روشني ۾ جيڪڏهن ڪو به شخص تحقيق ڪندو ته آسانيءَ
سان هن کي اهو معلوم ٿيندو ته سرور شاهه (مخدوم
نوح رحه) ۽ سندن اولاد سنڌ ۾ ابدي سڪون ۽ لافاني
محبت جو پيغام پهچائي خدا جي خلق جي خوب خدمت ڪئي
آهي. حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحه جا حالات لکندي
محترم جي ايم سيد پنهنجي تصنيف ”پيغام لطيف“ جي ص
85 تي ڄاڻايو آهي ته:
”پاڻ (مخدوم نوح رحه) وقت جي سياست کان جدا رهي
خلق الله کي روحاني فيض ڏيندا هئا.“
ساڳيءَ طرح حضرت غوث الحق جا پويان به ۽ خاص طرح
سجاده نشين بزرگ ساڳيو پيغام ڏيندا، دين جي تبليغ
۽ خلق جي خدمت ڪندا رهيا آهن. 15 يا 17 ص تي آهي
ته 1130هه (7- جنوري 1718ع) ۾ صوفي شاهه عنايت
جهوڪ شريف واري جي شهادت جو واقعو ٿيو، تڏهن حضرت
غوث الحق مخدوم نوح رحه جي گادي تي مخدوم مير محمد
(مخدوم مير پير، 1099هه- 1149هه) رونق افروز هو.
وقت جي حڪومت پنهنجي جبر ۽ استبداد جي وسيلي سنڌ
جي سربرآورده گادين ۽ عالمن کان صوفي صاحب جي
برخلاف فتوى ورتي، جڏهن حڪومت جو گماشتو هالن ۾
مخدوم صاحب کان به فتوى تي دستخط وٺڻ آيو، تڏهن
مخدوم صاحب هنن لفظن ۾ دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪيو
ته:
”صوفي صاحب جي پاران ته سر اڏيءَ رکڻ گهرجي، مگر
جيڪڏهن موجوده حڪومت جي ماحول مطابق ائين ٿي نٿو
سگهي ته به اسان جي هن فتوى تي (دستخط) ڪري الله
اڪبر جو ناراضپو سر تي نه کڻنداسين.“
شاهه شهيد جي گادي نشين صوفي حاجي عبدالستار (صاحب
ڪريم) جي لکڻ موجب مخدوم مير محمد صاحب هي لفظ
فرمايا هئا ته:
”فقير جي پاران ته فقير کي سر ڏيڻ کپي، سو فتوى تي
وري دستخط ڪيئن ڪندو؛“ لفظ بهرحال ڪهڙا به هجن، پر
انهن جو مطلب ۽ مفهوم ساڳيو ئي آهي. اهڙي سرفروش ۽
اهلِ دل شخصيت لاءِ ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته هو شاهه
ڀٽائي جي خلاف هو! مولانا دين محمد صاحب وفائي
مرحوم ”لطف اللطيف“ ۾ لکيو آهي ته:
”تاريخن جي ڪتابن ۾ شاهه صاحب سان جيڪي مخالفت جون
آکاڻيون اچن ٿيون، سي گهڻو ڪري مخدوم مير محمد جي
زماني جون آهن. اهو بزرگ حضرت پير مخدوم نوح رحه
جو چوٿون گاديءَ وارو هو.“
مولانا مرحوم لفظ ”آکاڻيون“ ڪم آڻي ان روايت کي
خودبخود غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي، تاهم مخدوم مير
مرحوم جو نالو به لکيو اٿس. ان مان مطلب هي ٿو
نڪري ته مولانا صاحب جو به رايو هو ته شاهه جي
مخالف هڪ اها ڌر به هئي.
تاريخ جي ڪن ٻين لکندڙن مخدوم مير محمد کي ”پنج
پاڳو پير“ به ڪري ڄاڻايو آهي. هوڏانهن پنجون پڳدار
مخدوم محمد زمان اول هو ۽ مخدوم مير محمد ڇهون
پڳدار هو. خبر نه آهي ته مولوي صاحب مرحوم اهو
احوال تاريخ جي ڪهڙن ڪتابن تان ورتو آهي، جو سراسر
غلط آهي.
سن 1882ع ۾ ديوان ڏيارام گدومل ”سگما“ پنهنجي
ننڍڙي انگريزي تاليف ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ ۾ مخدوم
صاحبن ۽ شاهه جو ذڪر آندو آهي، پر ان صاحب ته
مخدوم محمد زمان ستين پڳدار کي پنجون پڳدار ڪري
لکيو آهي، جنهن جي مخالفت ديوان ليلارام وطڻ مل
لعلواڻي پنهنجي انگريزي تصنيف ”شاهه لطيف جي
حياتي، مذهب ۽ شعر“ ۾ صاف لفظن ۾ بيان ڪندي لکيو
آهي.
”انهن صاحبن کي، جي شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح رحه جي
حياتين مان واقف آهن، بخوبي معلوم هوندو ته مخدوم
نوح رحه ۽ شاهه ڪريم جو ڪيترو نه پاڻ ۾ گهاٽو تعلق
رهيو آهي.“
سگما حقيقت تي مبني نه آهي.
ان کانپوءِ ديوان صاحب پنهنجي رنگ ۾ ثبوت ڏئي ۽
پراڻن هالن جي قديم نسخن تان جانچ جونچ ڪري اهو
ڄاڻايو آهي ته مخدوم محمد زمان صاحب، شاهه ڀٽائي
جو پورو همعصر نه آهي، مگر مخدوم مير محمد ان جو
پورو پورو همعصر آهي. مخدوم محمد زمان سن 1117هه ۾
وفات ڪئي، يعني شاهه ڀٽائي جي عمر ان وقت پنڌرهن
سال هئي.
وري مرزا قليچ يبگ مرحوم پنهنجي تصنيف ”احوال شاهه
عبداللطيف“ ۾ شاهه جي مخالفت ڪندي لکي ٿو ته شاهه
صاحب جا ٽي مخالف هئا، جن ۾ مرزا صاحب اسان جي
خاندان ڏي به اشارو ڪيو آهي. عجب ٿو لڳي ته اهڙا
بزرگ به اهڙين غلط روايتن تي هلن ٿا ۽ بنا سوچڻ،
سمجهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙيون
روايتون داخل ڪريو ڇڏين.
آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي به هن ذڪر کي مرزا صاحب جي
لفظن ۾ ٿوري ئي ڦير گهير سان پنهنجي ڪتاب ”مقدمه
لطيفي“ ۾ آندو آهي، انهن سوانح نگارن کانسواءِ ٻئي
ڪنهن هنڌ به اهڙن عنوانن جو پتو ڪو نه ٿو پوي.
حقيقت ۾ انهن لکندڙن تحقيق ڪانه ڪئي ۽ فقط روايتون
لکي خلق کي منجهائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو
نه رڳو هالن جي مخدومن ۽ شاهه جي تعلقات بابت صحيح
ڳالهه نه لکيل آهي، بلڪ غلط روايتن ئي سنڌ جي
تاريخ تي اونداهي جا پردا وجهي ڇڏيا آهن. حضرت غوث
الحق مخدوم نوح رح کان وٺي شاهه ڀٽائيءَ تائين
سجاده نشينن جا دور هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
1- حضرت غوث الحق مخدوم نوح رح 911هه؛ 998هه
2- مخدوم امين محمد اول 952هه: 1015هه
3- مخدوم ابوالخير عرف ابوالمحمد 980هه: 1050هه
4- مخدوم عبدالخالق
1030هه: 1081هه
5- مخدوم محمد زمان اول 1055هه: 1117هه
6- مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير 1099هه:
1149هه
7- مخدوم محمد زمان دوم 1119هه: 1184هه
جيئن ته شاهه ڀٽائي سال 1102هه ۾ ڄائو ۽ 1165هه ۾
وصال ڪري ويو، ته هن حساب سان مخدوم محمد زمان
”پنج پاڳئي“ (پنجون پڳدار) کان وٺي مخدوم محمد
زمان ست پاڳئي تائين حيات هو. مولانا وفائي صاحب
جي لکڻ موجب شاهه صاحب جا همعصر مخدوم محمد زمان
اول (1119هه: 1183هه) ۽ مخدوم مير محمد (1095:
1149هه) هئا. هڪ ته مخدوم محمد زمان دوم کي مولانا
صاحب مخدوم محمد زمان اول ڪري لکيو آهي ۽ ٻي وڏي
غلطي هيءَ ڪيل آهي ته سن غلط لکيا ويا آهن.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ”مقدمه لطيفي“ ۾ هي احوال به
لکيل آهي ته:
”شاهه صاحب جا مريد زياده ٿيندا ويا. اها ڳالهه
آسپاس جي پيرن ۽ مشائخن کي نه آئڙي ۽ سندن سينن ۾
باهه ڀڙڪي، انهن مان هڪڙا هالن وارا پير، مخدوم
نوح جو اولاد به هئا، تن مان پير پنج پاڳئو گادي
نشين هو.“
ان جو جواب مولائي شيدائي صاحب به ڏنو آهي ته:
”مٿيون بيان ڊاڪٽر صاحب شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ
جي انهيءَ دور متعلق ڏنو آهي، جڏهن شاهه ڀٽائي
مغلن مان شادي ڪئي هئي.“ پر اهو بيان به غلط آهي،
ڇو ته ويهن سالن جي عمر ۾ شاهه، مغل بيگ جي
نياڻيءَ تي عاشق ٿئي ٿو ۽ 1124هه ۾ مغل بيگ دل قوم
جي هٿان مارجي وڃي ٿو. تنهن کانپوءِ شاهه صاحب مغل
بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪري ٿو. هوڏانهن مخدوم
محمد زمان پنج پاڳئو 1117هه ۾ وفات ڪري ٿو. جڏهن
شاهه صاحب جي عمر 17 سال آهي.
مولائي وفائي صاحب ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ذڪر ۾
لکيو آهي ته ”شاهه کي زهر ڏيڻ جي سلسلي ۾ مخدوم
صاحب به شامل هو ۽ اهو ڪم مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ
جي هٿان ڪرايو ويو.“
مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ جو مصنف، جيڪو
شاهه ڀٽائي جو نه رڳو مدح خوان آهي، پر معتقد به
آهي، ان اهو ڪتاب شاهه صاحب کانپوءِ سورهين سال
لکي پورو ڪيو، تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه صاحب سان
ڪنهن جي به اختلاف ۽ زهر وغيره بابت ڪجهه به نه
لکيو آهي ۽ مخدوم عبدالرئوف بابت سندس هي لفظ آهن:
”پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل هو. هو اڄوڪي زماني جي
مشائخن ۾ ممتاز هو. سمجهدار ٿيڻ کان وٺي وفات جي
وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سهڻا رهيا ۽ هميشہ
رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪرامتون
شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد هن جي ڏاڍي خدمت
ڪندو هو ۽ سندس اکر اکر جي تابعداري واسطي دل و
جان سان تيار رهندو هو. هو 1166هه ۾ وڃي خدا جي
رحمت سان واصل ٿيو.“
جيڪڏهن مخدوم عبدالرئوف بابت به شاهه جي خلاف ڪا
ڳالهه هجي ها ته لازمي طرح مير علي شير لکي ها، ڇو
ته انهيءَ وقت جو واقعو بلڪل تازو هجي ها. تعجب جي
ڳالهه آهي جو اهڙي غلط روايت به مولانا مرحوم لکي
ويو. ڪير چئي سگهندو ته اهڙي الله واري شخص وقت جي
حاڪم جي چوڻ جي ڪري هڪ ٻئي اهل الله کي زهر ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي هوندي.
پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنهنجي تصنيف ”شاهه“ جي
صفحي 30 تي واضح طرح ڄاڻايو آهي ته:
”شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو هو ۽ رات
ڏينهن پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو هو ته سندس پٽ وري
کيس سلامت اچي ملي. مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي به
هر روز اهائي دعا پنندو هو.“
هت اعتراض وٺڻ وارو ماڻهو هي اعتراض اٿاري سگهي ٿو
ته شاهه صاحب جي موٽي اچڻ بعد مخالفتون پيدا ٿيون
هونديون. پر انهيءَ قسم جي سڀني اعتراضن جو هڪڙو
ئي جواب ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. آنجهاني ديوان
ليلارام 1890ع ۾ ئي انهن غلط روايتن جي ترديد ڪري
فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، مگر افسوس آهي جو ويچاري جي
تحقيق ڏي ڪنهن به مصنف يا ڪنهن ٻئي اديب ڌيان ڪو
نه ڏنو، نه ته هيترو مغالطو پيدا ڪو نه ٿئي ها.
(1)
شاهه ڪريم بلڙائي مخدوم نوح رحه وٽان روحاني فيض
جا درجا حاصل ڪيا ۽ سندن خاص مريد هو. بلڙيءَ ۾ به
پنهنجي مرشد جي ارشاد موجب وڃي دين جي تبليغ ۾
مشغول ٿيو. مخدوم نوح رحه ۽ سندن اولاد جو شاهه
ڀٽائي هميشہ معتقد رهيو، ڇو ته مخدوم ۽ ان جو
اولاد سندس مائٽاڻو مرشد هو ۽ شاهه صاحب به اهو
ناتو آخر وقت تائين نڀايو. هالن جي درگاهه تي
هميشہ شاهه صاحب رياضتون ۽ خدمتون ڪيون. نه رڳو
ايترو، پر ”مراة السالڪين“ جي لکڻ موجب هن درگاهه
تي چِلو ڪڍي فيض به پرايو.
(2)
مخدوم نوح رحه جي وقت ۾ ئي سندن نوَ لک مريد هئا،
جنهن ڪري ئي مخدوم نوح رحه صاحب جن کي ”نوَ لکي
گودڙي جو صاحب“ چئي ياد ڪيو ويندو آهي، ۽ سروري
خاندان تي اڄ به اهو ساڳيو ”نوَ لکي گودڙي“ جو لقب
مشهور آهي. سو اهو سوال اٿي نٿو سگهي ته شاهه صاحب
جا مريد زياده ٿيندا ويا، تنهن ڪري وقت جي سجاده
نشين جو اختلاف ٿيو.
(3)
شاهه صاحب لاولد ٿي وفات ڪئي. ان بعد شاهه جي
درگاهه توڙي ڪلام جي خدمت توڙي حفاظت سندس فقيرن
جي هٿ ۾ رهي، جيئن اڄ تائين به آهي، اسان جا شاهه
جي فقيرن سان اصل کان وٺي اڄ تائين نهايت سٺا
تعلقات آهن ۽ ساڳيءَ طرح ابتدا کان اڄ تائين بيحد
قرب جا ناتا آهن ۽ هلندا رهندا.
(4)
اسان جي درگاهه توڙي سروري فقراء جي خليفن جي
درگاهن تي اول کان وٺي اڄ تائين ميلن جي موقعن تي
راڳ ٿيندڙ آهي. ٻي وڏي ۾ وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته
سڀڪنهن اسلامي مهيني جي سڀڪنهن پهرئين سومار رات ۽
سومار (سومر) ڏينهن ذڪر ۽ سماع ۾ مخدوم مير محمد
جي زماني کان وٺي فقط شاهه ڀٽائيءَ جا بيت ئي ڳايا
ويندا آهن، اگرچه شاهه صاحب کان اڳ جي شاعرن جو
ڪلام به بهترين موجود هو. ڌارين شاعرن کي ڇڏي، رڳو
مخدوم نوح رحه جي پوٽي ”لاکي لطف الله“ ولد مخدوم
محمد امين اول جو ڪلام ئي ڪافي آهي، جو شاهه جي
رسالي ۾ به ڪافي موجود آهي. مثلا: سر سهڻي جي
داستان چوٿين مان هن وقت صرف ٻه بيت پيش ڪجن ٿا.
(1)
کَرِ ڪِنِ کجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي
ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن وري وَههَ وڌياس
لاکو لطف الله چئي، اچي آب گهڙياس
وسان ٿي وياس، پر مليس محب ميهار کي.
(2)
کَرِ ڪِنِ خوش ڪياس، محبتي ميهار جي
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، آڌي ٿي اٿياس
ستي جاڳاياس، سانڀر سپرين جي.
جرار پهوڙ هاڻي خانپور تعلقي جي حدن ۾ آهي.
گورو پهوڙ هاڻي خانپور تعلقي ۾ شامل آهي.
اهو بزرگ به گذاري ويو آهي.
|