استاد ڪنهن ضروري سبب کانسواءِ سبق پڙهائڻ ۾ سستي
نه ڪري، جيڪڏهن شاگرد ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مشغول هجي ته
کيس ان وقت سبق پڙهڻ جو حڪم نه ڪجي. شاگرد کي سبق
سندس لياقت مطابق ڏجي ته جيئن جلدي سمجهي وڃي.
استاد، الله تعالى کان پنهنجي شاگردن، سندن دوستن
جي حق ۾ دعا ڪندو رهي، ته انهن کي ديني علم، ان تي
عمل ۽ استقامت جي توفيق نصيب ڪري. گهڻي سبق جي شوق
کان وڌيڪ ان کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن
شاگرد گهڻا هجن ته انهن کي الڳ پيرڊن وانگر سبق
ڏجي، پوءِ کڻي انهن لاءِ وقت ۽ جاءِ مقرر هجي يا
نه، جيڪڏهن استاد کان ڪو سوال پڇيو وڃي ۽ ان باري
۾ کيس ان جو جواب معلوم نه هجي ته چوي ”الله اعلم
ولاادري“ مطلب ته، الله تعالى ڄاڻي ٿو ۽ مون کي
خبر نه آهي، جيڪڏهن کيس اها خبر آهي ته اهو علم يا
ان سوال جو جواب ٻئي ڪنهن استاد وٽ آهي ته ان جي
نشاندهي ڪري، ان کي عيب نه ڄاڻجي. جيڪڏهن پڇيو وڃي
ته هن وقت ملڪ يا روءِ زمين ۾ وڏو عالم ڪير آهي؛
جيتوڻيڪ دنيا ۾ پاڻ ئي وڏو عالم هجي، پر وڏائي ۽
فخر جي ڪري، ائين نه چوي ته آئون دنيا ۾ وڏي علم
وارو آهيان. جيڪڏهن پنهنجي استاد جي فرزند کي
پڙهائي ته ائين سمجهي، آئون پنهنجي استاد جي ڏنل
عمل جي امانت ان جي حوالي ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ استاد
جي فرزند تي به لازم آهي ته پنهنجي پيءُ جي شاگرد
۽ هن وقت درس ڏيندڙ استاد جي دل وجان سان عزت ۽
تعليم بجا آڻي.
استاد کي گهرجي ته پنهنجي شاگردن کي ان ڳالهه کان
روڪي ته جيئن اهي سندس تعريف ۾ وقت جي ٻين عالمن ۽
اڳين بزرگن کان زياده مبالغو ۽ واڌارو نه ڪن ۽ هن
ڳالهه جو به چاهيندڙ نه هجي ته هو جڏهن مجلس ۾ اچي
ته شاگرد سندس تعظيم خاطر اٿي بيهن ۽ شاگردن تي هن
ڳالهه جو ٿورو نه ڦڦي ته هو سندن استاد آهي، بلڪه
الله تعالى جو احسان سمجهي، جنهن کيس علم پکيڙڻ ۽
ثواب حاصل ڪرڻ جي توفيق بخشي آهي، جڏهن شاگرد بحث
مباحثي ۾ تمام حد ٽپي وڃن ته انهن کي روڪي يا في
الحال اتان اٿي وڃي، جو سنت يا چڱو طريقو اهڙي طرح
آهي. خلق کي عمل جي دعوت ڏيڻ کان پهريان، چڱين
ڳالهين جي دعوت ڏئي. چڱن ڪمن جو امر ڪرڻ ۽ بڇڙن
ڪمن کان روڪڻ هٿ کان نه ڏئي يعني امر ۽ نهي جاري
رکي. لائق، سچي طالب ۽ صالح شخص کان اهي ڳالهيون
نه لڪائي. جن ماڻهن بابت هي يقين هجي ته اهي علم
ذريعي خلق خدا کي ايذائيندا يا ذليل ڪندا ته انهن
کي تعليم نه ڏئي. هميشہ درس ڏيڻ تي حريص هجي، ڇو
ته عبادت کان به ديني علم جي تعليم ڏيڻ بهتر آهي.
درس تدريس وقت علم کان وڌيڪ عمل ڪرڻ جو جذبو
جاڳائڻ ضروري آهي، ڇو ته سڀني علمن جو مقصد ئي نيڪ
عمل ڪرڻ آهي.
شاگرد جا فرائض ۽ آداب:
شاگرد کي تعليم حاصل ڪرڻ دوران جيڪي ذميواريون ۽
جوابداريون لازم آهن، ته پهريان الله تعالى جو شڪر
بجا آڻي، جنهن کيس علم حاصل ڪرڻ جي لياقت ۽ طاقت
بخشي آهي، تعليم پرائڻ کان اڳ ۾ پاڻ ۾ علم جا آداب
پيدا ڪجن ته جيئن جلد ئي علم حاصل ٿي سگهي. تعليم
دوران دل ۾ اها نيت ڪري ته جيستائين علم حاصل ڪرڻ
جو پورو مقصد حال ٿيندو، هن استاد کي ڇڏي نه
ويندس. جڏهن ڪامل استاد کان علم جو مقصد پورو حاصل
ٿي وڃي ته الله تعالى جو شڪر ادا ڪري ۽ چوي، ”يا
واجد يا ماجد لاتزل عني نعمة“ مطلب ته منهنجا ڌڻي!
جا علم جي نعمت تو مون کي عطا ڪئي آهي، اها ختم نه
ڪر، استاد جي خدمت ۾ اچڻ مهل اجازت طلبي. استاد جي
دوست جي به چڱي طرح عزت ڪري. شاگرد پاڻ پنهنجي حسب
نسب، شان مان، ڀلائي، علم ۽ دعوى کان پاسو ڪري.
پاڻ کي عجمي يا گونگو ڄاڻي. استاد جي خدمت دل و
جان سان ڪرڻ کپي. شاگرد پاڻ هميشہ هن ڳالهه جو
خيال رکي، جو کانئس ڪا اهڙي اڻ وڻندڙ ڪم يا غلطي
ظاهر نه ٿئي، جو ان سبب ڪري استاد کيس چوي ته هن
کانپوءِ مون وٽ نه اچ. استاد جي خدمت ۾ پوري طرح
ڪوشش ڪجي. استاد جي خدمت ڪندي، جا به تڪليف ۽
ڏکيائي ٿئي، ان تي صبر ڪجي.
الله تعالى کان استاد جي خدمت ۽ راضپي جي توفيق
طلبي. اهڙيءَ ريت الله تعالى کان ماءُ – پيءُ جي
راضپي جي دعا به ڪري، جنهن وقت استاد پريشان دل
هجي ته ان مهل کيس سبق وٺڻ جي تڪليف نه ڏجي، جنهن
وقت استاد، شاگرد کي سبق پڙهڻ يا مطالعي جو چوي ته
شاگرد سستي ۽ غفلت نه ڪري. استاد کي گهڻن سوالن ۽
گهڻي سبق لاءِ تنگ نه ڪري. سوال واسطي استاد کان
اجازت طلبي. پنهنجي استاد کي ڇڏي، ٻئي استاد وٽ نه
وڃي ۽ اهو يقين رکي ته منهنجو جو به نصيب هوندو،
مون کي هن استاد جي هٿ کان ضرور ملندو. البت
جيڪڏهن استاد جي اجازت سان وڃي يا ڪنهن ضرورت وقت
يا ٻيو استاد پهرئين استاد کان ديني علمن،
پرهيزگاري ۽ سنت طريقي ۾ تمام افضل هجي.
جيڪڏهن شاگرد تمام مسڪين آهي ۽ استاد خوشحال آهي،
ته به شاگرد استاد جي مال ۾ لالچ ۽ دنيا جي نظر نه
وجهي، پر جيتري قدر ٿي سگهي ته استاد جي خدمت ڪجي
۽ کيس سوکڙي پاکڙي ڏجي. استاد کي تڪليف ڏيڻ خاطر
استاد جو مهمان به نه ٿئي. البت جيڪڏهن استاد رنج
ٿئي ته پوءِ ڀلي وٽس ترسي. استاد جي حق ۾ معاون ۽
مددگار رهي. جيڪڏهن استاد ڪنهن شئي جو امر ڪري ۽
اها شئي يا ڪم مشڪل هجي ته اهڙي طريقي سان ان کي
نباهي، جيئن استاد جي دل رنج نه ٿئي.
شاگرد تي لازم آهي ته استاد جي حق ۾ الله تعالى
کان دعا گهري ته استاد جا درجا بلند ٿين، دنيا ۽
آخرت ۾ سندس بخت ۽ ڀاڳ ٿئي ۽ الله تعالى ٻنهي
جهانن ۾ سندس دين ايمان جي حفاظت ڪري. استاد جي
باري ۾ دل ۾ اعتراض نه ڪري ۽ ظاهري طرح سان زبان
سان به ان کي نه رنجائي، ڇو ته استاد کي دل ۾ برو
سمجهڻ ۽ ان کي زبان سان رنجائڻ به حرام ۽ هميشہ جي
بدبختي آهي، بلڪ بربادي جو سبب آهي.
شاگرد، استاد ۽ ٻين بزرگن جي سامهون هلڻ، کائڻ،
پيئڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اڳرائي نه ڪري، جيتوڻيڪ استاد،
شاگرد کي همت افزائي طور انهن ڳالهين ۾ اڳرائي جي
اجازت به ڏئي، پر شاگرد هر حال ۾ ادب جو دامن هٿان
نه ڇڏي. جڏهن ڪو شاگرد ننڍي ڀاءُ وٽ پڙهي، ته ان
جو به ادب ۽ احترام ڪري، پيءُ جي احترام کان به
زياده، ڇو ته پيءُ وٽ پڙهيو نه آهي. اهڙي طرح پيءُ
جي شاگرد وٽ پڙهي ته ان جي به ساڳي طرح عزت ڪري.
جڏهن استاد کي علم جي مذاڪري، وعظ، مراقبي، يا
تلاوت قرآن ۾ مصروف ڏسي ته ان وقت ان مشغولي ڪري
کيس سلام نه ورائي. استاد جي اڳيان ۽ ساڄي ۽ کاٻي
نه ويهي. استاد جي سامهون مجلس ۾ مناسب جڳهه تي
ويهي يا جتي استاد ويهڻ جو چوي اتي ويهي. استاد جي
سامهون خاموشي سان ويهي. ڪوشش ڪري پنهنجي مقرر
جاءِ تي ويهي.
شاگرد نماز پڙهائڻ کانپوءِ استاد جي مصلي تي نه
ويهي، جيتوڻيڪ استاد کڻي کيس ان مصلي تي نماز
پڙهائڻ جي اجازت ڏئي مقرر ڪيو هجي. استاد جا ڪپڙا
به نه پائي، جيڪڏهن استاد اجازت ڏئي، ته به انهن
ڪپڙن مان سلوار نه سبرائي. جڏهن استاد ۽ شاگرد هڪ
نهر تان وضو ڪن، ته شاگرد، استاد کان هيٺئين طرف
ويهي وضو ڪري ۽ استاد جي مٿئين پاسي کان نه ويهي.
استاد جڏهن اچي ته شاگرد ادب خاطر اٿي بيهي، اگرچه
مسجد ۾ به هجي. استاد جي سامهون وڏو آواز نه ڪري،
جيڪڏهن استاد شاگرد کي سڏي ته جلد اچي حاضر ٿئي،
توڙي جو شاگرد نفل نماز ۾ هجي.
استاد جي خدمت ۾ اجازت کانسواءِ نه وڃي. استاد جي
سامهون غفلت ۽ ننڊاکو ٿي نه ويهي. جيستائين استاد
سبق هلندي پنهنجو بيان پورو نه ڪري ته ان وچ ۾
شاگرد سوال نه ڪري. استاد جي موجودگي ۾ به استاد
جي اجازت کانسواءِ شاگرد پاڻ اڳرائي ڪري، ٻئي ڪنهن
جي سوال جو جواب نه ڏئي، جيڪڏهن ڪنهن وقت استاد،
شاگرد جي سوال جو جواب نه ڏئي ته شاگرد ان سوال کي
ٻيهر نه دهرائي ۽ ڪو به سوال ٽن ڀيرن کان زياده نه
ڪيو وڃي ۽ شاگرد استاد سان ڪڏهن به جهيڙو نه ڪري،
جو ان سان دشمني پيدا ٿئي ٿي. شاگرد سوال مختصر،
واضح ۽ نرمي سان ڪري ته ان جو جواب به نرمي سان ۽
فائدي وارو ملي. شاگرد، استاد يا ڪنهن ٻئي کان
دشمني، آزمودي ۽ امتحان خاطر ڪو به سوال نه ڪجي.
البت شاگرد نئين استاد وٽان معلومات خاطر ڀلي سوال
پڇي ته جيئن ان استاد کان مطمئن ٿي، کانئس علم
پرائي ۽ سندس شاگرد ٿئي، جيڪڏهن شاگرد کي پورو
يقين آهي ته استاد جواب ڏيڻ ۾ خطا ڪري رهيو آهي ته
استاد کي گهٽ وڌ چوڻ نه جڳائي، بلڪ اڪيلائي ۾ ادب
۽ احترام سان ان باري ۾ استاد کي عرض ڪري، جيئن ڪو
ٻيو مجلس وارو نه ٻڌي ۽ استاد شرمسار نه ٿئي.
استاد کي رکو نالو وٺي نه سڏي، ڪو به ڪم استاد کي
گهر جي ٻاهران ۽ پري کان بيهي نه سڏي، پر ڪو به ڪم
استاد جي خدمت ۾ روبرو پيش ڪري ۽ پنهنجي اچڻ جو
اطلاع به استاد جي در تي نه ڪري، يعني استاد جي
اچڻ جو انتظار ڪري، البت تمام سخت لاچاري حالت هجي
يا استاد طرفان کيس اهڙي اجازت مليل هجي ته پوءِ
سڏ ڪري سگهجي ٿو. استاد جي گهر ۾ سندس اجازت
کانسواءِ نه اچي، خاص ڪري جڏهن استاد باعيال گهر ۾
رهيل هجي. استاد جي گهر واري ۽ نياڻين جو ادب ۽
احترام به پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻن وانگر ڪري. هر ڪم ۽
ڳالهه ۾ پنهنجي رضا کان وڌيڪ استاد جي رضا مڃي.
هرحال ۾ استاد جي ڪم ۽ ضرورت کان وڌيڪ ۽ اڳ ۾ بجا
آڻي. مسافري ۾ به پهريان استاد جو سامان ٻڌي ٺاهي
۽ پنهنجو سامان ان کان پوءِ ٻڌي تيار ڪري.
شاگرد جيڪو علم پڙهيو آهي، ان کي دور ڪندو رهي،
جيڪڏهن ٻيو ڪو نه هجي ته اڪيلو ئي مطالعو ڪندو
رهي. شاگرد جيڪو به ٻڌي يا پڙهي ته ٻين طالبن کي
به سيکاري. اهو ڪتاب ۽ علم جو شاگرد جو ذهن انهن
جي سمجهڻ جي لياقت ۽ طاقت نه رکندو هجي ته نه
پڙهي، جو ائين ڪرڻ اجائي خواري ۽ وقت جو زيان آهي.
شاگرد جيڪو به پڙهي ته ان جي زڪوات هن طرح ڏئي،
يعني چاليهه مسئلن مان چاليهين تي عمل ڪري ته سندس
عمل زياده ٿئي ۽ مرتبو بلند ٿئي. لڄ يا وڏائي جي
ڪري علمي استفادي کي ڇڏي نه ڏئي.
جيڪڏهن شاگرد سمجهي ته سندس استاد دنيا جو طالب يا
بي عمل آهي ته به ان کان علمي استفادو حاصل ڪرڻ نه
ڇڏي. علم ۽ عمل جي نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪري،
يعني ائين نه چوي ته، پڙهندي گهڻو وقت گذريو آهي،
مون کي ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيو آهي، بلڪ ان ۾ به
پنهنجو قصور ڀانئي.
طالب علمن کي زياده کل ڀوڳ، کلڻ، وڏا ٽهڪ ڏيڻ ۽
اجائي راند روند ۾ مشغول نه ٿيڻ کپي ۽ ڪنهن تي به
ٺٺول نه ڪن، ڇو ته اهي ڳالهيون دل کي ڪارو ڪن
ٿيون. هر هڪ سان چڱي ڪم جو امر ڪرڻ ۽ برائي کان
روڪڻ واسطي به تواضح دوستي، سهڻي گفتار ۽ اخلاق
سان پيش اچڻ گهرجي. بحث مباحثي ۾ استاد يا ٻئي
ڪنهن سان گفتگو ڪرڻ مهل، انهن جي مرتبي ۽ ترتيب جو
لحاظ رکجي. مجلس ۾ ٻئي کي اٿاري پاڻ اتي نه ويهي،
پر مجلس وارن تي لازم آهي ته ازخود ڪشادگي ڪري
ايندڙ کي جاءِ ڏين. جيڪڏهن ڪو ماڻهو وضو يا ڪنهن
ٻئي اهڙي ڪم لاءِ مجلس مان اٿي وڃي ۽ وري موٽي اچي
ته ان جاءِ جو ٻين کان پهريان اهو ئي ماڻهو ويهڻ
جو وڌيڪ حقدار آهي، جيڪڏهن ڪو به ماڻهو مجلس ۾
اچي، هروڀرو مٿاهين يا صفا ڪنڊ ۾ ويهڻ جي ڪوشش نه
ڪري، پر جتي ويهڻ جي مناسب جاءِ ڏسي ته اتي ويهي.
شاگرد، استاد وٽ ڪوڙ بدوڙ، گلا غيبت ۽ اجايون
ڳالهيون نه ڪري ۽ استاد سان ڪنهن به قولي، فعلي،
عهدي يا مالي شين ۾ خيانت نه ڪري. استاد جيڪو به
شاگرد سان دل جو راز اوري ته ان راز کي ظاهر نه
ڪري. جيڪڏهن شاگرد کي استاد جو قرب ۽ پيار حاصل
هجي ته به استاد سان ادب ۽ احترام ۽ اخلاق سان پيش
اچي. ناز نخرا نه ڪري، جو اهڙي چلولائي ۽ ڇيڳرائي
ڪرڻ سان پاڻ کي خوار ڪرڻو آهي. شاگرد انهن ڳالهين
۾ نه پوي، جو هروڀرو پنهنجي استاد کي ٻين بزرگ
عالمن کان مٿاهون ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. ڪنهن
به ماڻهو جي گلا نه ڪري، خاص ڪري استاد جي گلا نه
ڪري، ڇو ته ڪفر کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ دل کي ڪاري
ڪرڻ وارو گناهه، گلا غيبت ۽ ساڙ ٽاڙ ئي آهي. استاد
جي گلا جهڙو ٻيو ڪو بڇڙو ڪم ناهي پر استاد جي باري
۾ رڳو دل ۾ به خراب گمان نه ڪجي. مطلب ته استاد
سان هر حال ۾ ادب ۽ رعايت سان پيش اچي.
جيڪي به ڳالهيون مٿي گذري آيون، انهن کي بجا آڻي.
باقي جيڪي استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ ضروري آداب آهن،
انهن کي علم تصوف وانگر شرعي علمن جي ڪتابن مان
طلب ڪرڻ ۽ ڏسڻ لازم آهي.
انهن مٿين آدابن مان، جي ڪا شئي ترڪ ڪندو ته حقيقي
عالمن جي مرتبي تي نه پهچندو. البت شرعي آدابن ۾
ائين نه آهي ته سبق پوري ٿيڻ کانپوءِ هروڀرو شاگرد
تعظيم واسطي اٿي بيهي، ڇو ته ائين ڪرڻ حضور صلي
الله عليہ وسلم، صحابن سڳورن، تابعن، مجهدن ۽ اڳين
صالح بزرگن کان ثابت ناهي. پوءِ ان تي واڌارو ڪرڻ
نه جڳائي، ڇاڪاڻ ته ٻانگ رڳو فرض نماز لاءِ ضروري
آهي پر عيد، وتر، تراويح، تهجد ۽ ضحى نماز لاءِ
ٻانگ ڏيڻ شرعا لازمي ڪانهي. هر شاگرد کي لازم آهي
ته هن آدابن سان پنهنجي استاد سان پيش اچي.
شاهه جي رسالي جو پهريون محقق- مرزا قليچ بيگ
الياس عشقي
سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ نهايت قدآور ۽ روشن
نالو آهي. ادب جي ڪابه صنف هجي، انشاپردازي جو
ڪهڙو به انداز هجي، ان جي شروعات گهڻو ڪري مرزا
صاحب سان ئي ٿئي ٿي. شاهه سائين جي سلسلي ۾ به
مرزا صاحب جو ڪم وڏي اهيمت رکي ٿو. ڇپيل رسالن جي
تاريخ ۾ مرزا صاحب جي مرتب ڪيل رسالي کي سنگ ميل
جي حيثيت حاصل آهي. مولانا دين محمد وفائي ”لطف
اللطيف“ ۾ لکي ٿو:
”مرزا قليچ بيگ مرحوم سن 1913ع ۾ رسالي جو هڪ جامع
نسخو جمع ڪيو. سندس ارادو هو ته مختلف نسخن ۾ جيڪي
گهٽ وڌ ۽ پنهنجا پرايا شعر آهن، تن سڀني کي هڪ هنڌ
گڏ ڪري ڇڏي، جيڪڏهن هن دنيا ۾ رسالي جا سمورا نسخا
کڻي گم ٿي وڃن ته به مرزا صاحب وارو رسالو سڀني جو
ڪم ڏئي ۽ ايندڙ زماني ۾ تحقيق ڪندڙن لاءِ در کليو
رهي.“
مرزا صاحب پنهنجي رسالي کي سن 1900ع ڌاري تعليم
کاتي لاءِ ڀٽ شاهه واري رسالي (گنج) جي آڌار تي
مرتب ڪيل تاراچند شوقيرام جي رسالي کانپوءِ مرتب
ڪيو هو، ڇو جو مرزا صاحب کي ان ۾ تمام گهڻيون
چُڪون ۽ گهٽتايون نظر آيون هيون، ان ڪري سچ پچ
مرزا صاحب جو ترتيب ڏنل رسالو ڇپيل رسالن ۾ پنهنجي
انداز جو قابل قدر نسخو آهي.
جيئن ته سنڌي ۾ گهڻن ادبي ڪمن کي مرزا صاحب شروع
ڪيو آهي، تيئن رسالي جي تحقيق جي پيڙهه جو پٿر به
مرزا صاحب ئي رکيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اوليت جو شرف به
مرزا صاحب کي ئي حاصل آهي. جيستائين شاهه سائينءَ
جي حياتيءَ جو تعلق آهي، مرزا صاحب پهريون اديب
آهي، جنهن هڪ مفصل ڪتاب لکي ڇپرايو. اول هيءُ ڪتاب
مرزا صاحب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو هو ۽ پوءِ پاڻ ان
جو ترجمو سنڌي ۾ ڪري شايع ڪيو. مرزا صاحب کان اڳ
هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي وڏي محبت ۽ ڪوشش
سان درگاهه شاهه لطيف جي وڏن مريدن ۽ وڏي عمر جي
ڄاڻو ۽ معتبر ماڻهن سان ملي شاهه جي سوانح بابت
مفيد معلومات ۽ مواد گڏ ڪيو هو. مير صاحب کي شاهه
صاحب سان جيتري عقيدت ۽ محبت هئي، ان جي ثابتي مير
صاحب جي مرتب ڪيل شاهه جي قلمي رسالي ۽ سوانح بابت
املهه مواد سان ملي ٿي، جنهن کي هن معتبر راوين
کان پڇي گڏ ڪيو هو، انهيءَ عقيدت جي تقاضا هئي جو
هن شاهه جي حياتي مرتب ڪرڻ جو پهه پچايو هو. مير
صاحب وارو زمانو شاهه جي حياتيءَ بابت معتبر راوين
جو آخري دور هو، جنهن سان مير صاحب پورو پورو
فائدو حاصل ڪيو. اڄ مير صاحب جو گڏ ڪيل مواد
پنهنجي نوعيت جو پيش قيمت سرمايو آهي ۽ بنيادي
ماخذ ليکيو وڃي ٿو. مرزا قليچ بيگ به پنهنجي ڪتاب
”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ لاءِ سڄو مواد مير
صاحب کان ئي حاصل ڪيو هو. ”لطائف لطيفي“ جي مهاڳ ۾
مير صاحب لکيو آهي:
”آخر يک رساله درسندي که هنوز تا تمام بود بنظر
محبت اثر عظيم الشان مير گل حسن خان بهادر رسيده و
اوشان آن نسخهء متبر که بہ جهت مطالعه و الاشان
مير صاحب امير علي خان بردندو بعد مدتِ مديد عالي
شان مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ بہ ساختن رساله
حضرتِ اولياء شايقِ مزيد شد و راقم هم از شنيدنِ
آن بکمال مسرت محين او شان شدم و هرقدر اخبار محقق
داشتم بہ مرزا رسانيدم و مرزا ازان انتخاب نموده
باندک اکتفا کرد و دو نسخهء چيده تيار ساخته که
يکي در لغتِ انگريزي است و ديگر بزبان سندي مي
باشد.“
يعني: ”آخر هڪ سنڌي رسالو جو ان وقت تائين اڻپورو
هو، مير گل حسن خان جي نظر مان گذريو ۽ هن هيءُ
نسخو مطالعه ڪرڻ لاءِ مير صاحب امير علي خان کي
ڏنو. وري ڪافي ڏينهن کانپوءِ مرزا قليچ بيگ شاهه
سائين بابت رسالو (ڪتاب) مرتب ڪرڻ جو وڌيڪ شوق
ڏيکاريو. هيءَ ڳالهه ٻڌي آءٌ خوشي سان ان جو
مددگار ٿيس ۽ جيترو تحقيقي مواد وٽم موجود هو،
مرزا صاحب کي ڏنو ۽ مرزا صاحب ان مان ٿورو انتخاب
ڪري ٻه نسخا جوڙيا، جن مان هڪ انگريزيءَ ۾ ۽ ٻيو
سنڌي زبان ۾ هو.“
مرزا صاحب شاهه جي حياتيءَ تي 1880ع ڌاري ڪم ڪرڻ
شروع ڪيو هو ۽ سندس سنڌي ڪتاب 1887ع ۾ مڪمل ٿيو،
جنهن کي پهريون ڀيرو 1905ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
بقول سانگي، مرزا صاحب ڏنل مواد مان چونڊي ٿوري
معلومات پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪئي، ان ڪري شايد مير
صاحب کي خيال ٿيو جو، متان محنت سان گڏ ڪيل ناياب
مواد ضايع ٿي وڃي. ان خيال سان هن پنهنجو ڪتاب
”لطائف لطيفي“ پارسي ٻوليءَ ۾ لکي، مرزا صاحب جي
ڪتاب جي هڪ سال کانپوءِ 1888ع ۾ پورو ڪيو. بعد ۾
مصنفن لاءِ هيءُ ڪتاب شاهه جي حياتي بابت بنيادي
ماخذ بڻجي ويو.
مرزا صاحب جو مرتب ڪيل ”رسالو“ ۽ ”احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي“ ته سنڌي ادب ۾ وڏا ڪارناما
سمجهيا ئي وڃن ٿا، پر اسان جي خيال ۾ شاهه جي
موضوع تي مرزا صاحب جو سڀ کان نمايان ۽ اهم ڪم
شاهه جي رسالي جو تجزيو آهي، جو هن پنهنجي ڪتاب
”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي ستين، نائين ۽
ڏهين بابن ۾ پيش ڪيو آهي.
اڄ شاهه جي رسالي جي سلسلي ۾ جنهن ڪم کي مثالي چئي
سگهجي ٿو، ان جي شروعات مرزا صاحب جي ڪتاب جي مٿي
حواله ڏنل بابن سان ٿئي ٿي. علم طور سان سمجهيو
ويندو آهي ته شاهه جي رسالي جي جديد ترتيب، ان جي
سُرن جي سمجهاڻي، شاهه جي ڪلام جي فني اپٽار، پس
منظر ۽ تشريح جو ڪم ڊاڪٽر گربخشاڻي سڀ کان
پهريائين ڪيو آهي ۽ بيشڪ هن شاهه جي رسالي کي نئين
سر مرتب ڪري وڏو ڪم انجام ڏنو آهي، جنهن ۾ سڀني
سُرن ۽ راڳن کانسواءِ سنڌ جي روماني داستانن جو
بيان به ڪيل آهي. هيءُ سچ پچ تعريف جوڳو ڪم آهي،
ڊاڪٽر گربخشاڻي ان رسالي جي ڪم ۾ تعاون لاءِ
پنهنجن شاگردن عمر بن محمد دائود پوٽي ۽ غلام
دستگير پانڌياڻي جا ٿورا مڃيا آهن ۽ جيڪو ڪم هنن
ڪيو آهي، ان جو اعتراف ڪيو آهي. هيءَ ان جي وڏي
محقق ۽ اسڪالر هجڻ جي نشاني آهي. پر تعجب جي ڳالهه
آهي ته پنهنجي ان ڪارنامي ”شاهه جي رسالي“ جي
ترتيب جي بنيادي خيال لاءِ، جو مرزا صاحب جي رسالي
جي تجزيي جي صورت ۾ اڄ ”احوال شاهه عبداللطيف
ڀٽائي“ جي نائين ۽ ڏهين بابن جي صورت ۾ موجود آهي.
ٿورا مڃڻ ته وڏي ڳالهه آهي، هن صاحب اعتراف جو هڪ
لفظ به نه لکيو آهي. رواجي طور رڳو ايترو لکيو آهي
ته ”مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌ جي مشهور مصنف به هن
ڪم کي راس ڪرڻ لاءِ منهنجي هر طرح همت افزائي ڪئي
آهي ۽ شاهه تي پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتابن مان مدد وٺڻ
جي فراخدليءَ سان اجازت ڏني آهي. انهيءِ لاءِ آءٌ
سندس گهڻو شڪر گذار آهيان.“ حالانڪه ڊاڪٽر صاحب،
دائودپوٽي مرحوم جي خدمت جو اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي
ته ”پهرين جلد جو نسخو تيار ڪيو، ڇاپي جي درستي
ڪئي ۽ شرح لکي، سندس مدد ڪئي“ ته پوءِ مرزا صاحب
کان رسالي جي ترتيب جي سڄي رٿا مان فائدو وٺڻ جي
اعتراف ۾ به سندس ڪم جي اهميت ۾ فرق نه پوي ها.
خبر ناهي ڊاڪٽر گربخشاڻي جهڙي محقق ائين ڇو ڪيو!،
ان ڪري جو سندس رسالي جي ترتيب به تاريخ ادب جو
حصو بڻجي وئي آهي. ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جي محسن
مرزا قليچ بيگ جو هيءُ ڪارنامو به سنڌي ادب جي
تاريخ ۾ محفوظ آهي
ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي رسالي جو بنياد ڇهن تاريخي
اهميت وارن رسالن تي رکيو آهي، جن مان چار قلمي
نسخا آهن. بلڙي واري درگاهه جو نسخو (جو ان
کانپوءِ غائب ٿي ويو) درگاهه ڀٽ شاهه جو نسخو
(گنج)، مير عبدالحسين خان سانگي وارو نسخو ۽ برٽش
ميوزم وارو خطي نسخو ( جو بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلو مرتب ڪري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڇاپي ڇڏيو
آهي) ان کانسواءِ بمبئي مان شايع ٿيل سنگي ڇاپي
وارو نسخو ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ وارو ليپزگ (جرمني) ۾ ڇپيل
سنڌي ٽائيپ جو پهريون نسخو، انهن رسالن کي ڀيٽي
ڊاڪٽر صاحب پڙهڻين کي درست ڪري معتبر نسخو تيار
ڪيو، جنهن ۾ لفظن جي تلفظ جو به خيال رکيو ويو آهي
۽ ڏکين لفظن جي معنى ڏيڻ جو اهتمام به ڪيو ويو
آهي. اهڙيءَ ريت سندس ڪم قابل قدر ۽ يادگار آهي.
افسوس اِهو آهي ته هيءُ يادگار تقابلي نسخو اڻپورو
رهجي ويو. ٽي ڀاڱا شايع ٿيا ۽ چوٿون ۽ آخري ڀاڱو
مڪمل نه ٿيو ۽ ٿيو ته ڇپجي نه سگهيو ۽ سنڌي ادب ۽
شاهه جي لٽريچر ۾ اهو هڪ وڏو نقصان آهي، جنهن کي
محسوس ڪيو پيو ويندو
جيئن اسين اڳي چئي چڪا آهيون، رسالي جي ترتيب جو
بنيادي خيال ۽ رٿا مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي“ جي نائين ۽ ڏهين بابن ۾ کولي
ٻڌائي چڪو آهي، پڪ آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻي کي رسالي
جي ترتيب جو خيال انهن بابن جي مطالعي کان پوءِ ئي
ٿيو. ڇو جو سندس رسالي جا ٽيئي جلد مرزا صاحب جي
مختصر جائزي ۽ رٿا جو تفصيل آهن. پنهنجي دعوى جي
دليل طور مرزا صاحب جي جائزي ۽ ترتيب جي رٿا جو
مختصر خلاصو هيٺ ڏجي ٿو: |