نائين ڏينهن، ماسٽر گاهه جو هڪ مُچو پاڻ سان کڻي
آيو ۽ چيتي آڏو اڇلائي هن کي چيائين، ”هي کاءُ!“
”هي ڇاهي؟“ چيتي چيو، ”مان ته گوشت خور آهيان.“
”اڄ کان پوءِ“ ماسٽر چيو، ”تون گاهه کان سواءِ ٻي
ڪابه شئي نه کائيندين!“
جڏهن چيتي جي بک برداشت کان ٻاهر ٿي وئي، تڏهن هن
گاهه چکي ڏٺو، پر ان جو سواد هن کي اهڙو اُگرو لڳو
جو اوڪارو اچي ويس ۽ خار مان پري هٽي ويو. پر ٿوري
ويرم کان پوءِ هو وري گاهه ڏانهن وريو ۽ آهستي
آهستي هن کي کائڻ سان اهو گاهه وڻڻ لڳو.
ڏهين ڏينهن، اهو ماسٽر، اهي شاگرد، اهو چيتو ۽ اهو
پڃرو غائب ٿي ويا. چيتو شهري بڻجي ويو ۽ اهو پڃرو
شهر ٿي ويو.
هن ڪهاڻيءَ جو ليکڪ زڪريا تامر آهي. هن کي ملڪ
نيڪالي مليل آهي ۽ لنڊن ۾ رهي ٿو. هو شام جو رهاڪو
آهي. هيءَ ڪهاڻي ”ويو پوائنٽ“ رسالي تان انگريزيءَ
مان ترجمو ڪئي وئي آهي. (نجم عباسي)
آڙاهه
رزاق مهر
سوچي ٿو، جي مري ويو ته هيڏي وڏي دنيا ۾ ڪير هن جي
ٻارن جي سار لهندو. ڪير انهن جي ننڍڙين ننڍڙين
خواهشن جو مان رکندو. هن وانگر انهن جا انگل پورا
ڪندو ۽ لاڏ ڪوڏ سان انهن کي پاليندو. اکين ۾ ڳوڙها
ڀرجي ٿا وڃنس. ننڍي اک وڌيڪ ننڍي ۽ وڏي اک وڌيڪ
وڏي ٿي وڃيس ٿي. ڦريل واڇ ۾ کُٻ پئجي وڃيس ٿو.
انهن لمحن ۾ هن کي ائين لڳي ٿو، ڄڻ ته هن جو گهر
ديوارن کان آزاد ٿي ويو هجي. کليل آسمان هيٺان هو
سڀني ڀاتين سميت پاڻ کي ڪنهن اهڙي هنڌ ڏسي ٿو، جتي
ماڻهن جو بي پناهه هجوم آهي. ڪارون آهن. موٽرون
آهن، بي قابو ٽريفڪ آهي، ۽ انهن ماڻهن کي ڄڻ ته هڪ
جنون ٿي ويو آهي ته ڪنهن طرح اڳتي نڪري وڃجي. اهڙي
سمي ڪو به هنن جي تباهه حال زندگيءَ متعلق نٿو
سوچي. ڪو به ساڻن همدردي نٿو ڪري. هر ڪنهن کي فقط
اڳتي نڪري وڃڻ جي ڇڪتاڻ آهي، بس.
”بابا.....“ هن جو پنجن سالن جو ساجد هن جي ڀر ۾
اچي بيهي ٿو. ”بابا،“ قلفي وارو آيو آ، قلفي وٺي
ڏي.“
هو اڃا ڪجهه ڳالهائي، ان کان اڳ ٻار وري چوي ٿو.
”وٺي ڏيندين نه – هاڻ؟“ هو سڄو ٿڙڪڻ لڳي ٿو. چچريل
لفظن ۾ کيس چوڻ ٿو چاهي ته ماءُ کان وڃي وٺي، پر
ٻار ڪجهه به سمجهي نٿو سگهي.
”بابا ڏي نه – هليو ويندو.“
”زبيده....او زبيده.“
”وري ڇا ٿيو؟“ ٻاهران جوڻس جو چڙ ڀريل آواز اچي
ٿو.
”ساد کي پئسا ڏي.“
”هان؟“
”ساجد کي پئسا ڏي ته قلفي وڃي وٺي.“
”قلفي؟ هاڻي تون قلفي کائيندين؟“
هو پنهنجي ان بيوسيءَ تي روئڻ لڳي ٿو، ۽ ٻار قلفي
کائڻ جي خواهش دل ۾ دٻائي چپ چاپ پيءُ جي
پيرانديءَ کان وڃي بيهي ٿو.
مڙس جي روئڻ تي زال هن ڏانهن وڌي اچي ٿي. هن جا هٿ
ٿانون ملڻ ڪري ڪارنهن ۾ آلا ٿيل آهن، جن مان ڪارا
ريڳاڙا وهندا رهن ٿا.
”ڇا ٿيو؟ ڪنهن تي پيو پار ڪڍين؟“ جوڻس جي آواز ۾
ڏک ۽ چڙ پئي ملي ويا آهن.
”پنهنجي نصيبن تي پيو روئان!“ هٻڪي هٻڪي ائين ئي
ڳالهائي ٿو، جيئن اڌ رنگ جي زد ۾ آيل اڪثر بدنصيب
ڳالهائيندا آهن، جن جي زندگي بي رحم تماشو بڻجي
ويندي آهي.
”قلفي کائيندين نه؟“ هاڻي الائي ڪيئن جوڻس کي ترس
اچي وڃي ٿو ۽ هوءَ هن جي اڻ گهُر ڪيل خواهش کي
پورو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. ”گهرائي ٿي ڏيانءِ.
پر ڏس نه، توکي ته ٿڌيون شيون نقصان ڏينديون آهن.
پوءِ ڇو ڪرڻ لڳندو آهين. اهي فرمائشون. هان!؟“
”نه... مان نه....“ هو ڪنڌ کي نهنڪر ۾ لوڏي ٿو.
”ساجد کي پئسا ڏي ته اهو وڃي وٺي“. هو هڪ هڪ لفظ
الڳ الڳ ڪري وضاحت ڪري ٿو.
۽ زال غلط سمجهڻ تي ڪجهه ڦڪائي محسوس ڪندي اٿي ٿي
۽ سامهون وارو ڪٻٽ کولي، ان مان اٺ آنا ڪڍي ٻار کي
ڏئي ٿي. ٻار ننڍڙيون ننڍڙيون وکون کڻي ٻاهر نڪري
وڃي ٿو.
”مان غلط سمجهيو هو. سڄو ڏينهن ڳڻتين ۽ فڪرن ۾ ڪو
هوش ئي نه ٿو رهي.“ هوءَ صفائي پيش ڪندي انتهائي
پاٻوهه منجهان وراڻي ٿي.
هو وري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ”زبيده.... هتي
ويهه. منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه.“ زال هن جي ڀرسان سري
اچي ٿي ته هن جي اندر ۾ سمنڊ جي ڇولين جهڙو اضطراب
ڦهلجي وڃي ٿو. هو وري روئڻ لڳي ٿو. لانڍ ۾، جيئن
پريان ڪا ريل جي انجڻ ڪوڪ ڪري رهي هجي. ”اون
.....اون....اون....“
”بس ڪر.... هاڻي صبر ڪر“ زال گهرو شوڪارو ڀري ٿي.
”روئڻ سان ڪجهه ورندو به ڇا، جو روئين ٿو.“ کيس
ماٺ ڪرائڻ لاءِ رويي ۾ اڃا به گهڻي نرمي ڀري ٿي
ڇڏي.
پر هو ماٺ نه ٿو ڪري. ڀلا ماٺ به ڪيئن ڪري. وڏي
عرصي بعد ئي ته هن کي موقعو مليو آهي، زال جي دل ۾
همدردي پيدا ڪرڻ جو. هن جي ويجهي ٿيڻ جو. اهو
احساس ئي ته آهي جو هن کي روئاري ٿو ۽ هو چاهي ٿو
ته ائين ئي روئندو رهي. ۽ هن جي زال بار بار هن کي
آٿت ڏيندي رهي. هن کي پرچائيندي رهي. ان روڄ سان
هن کي هڪ قسم جي آسودگي ملي رهي آهي. ذهني سڪون
ملي رهيو آهي.
اوچتو هن جي ڦريل واڇ وٽان گگ جي هڪ ڊگهي لار وهي،
هن جي کاڏيءَ وٽ مڙي بيهي رهي ٿي، جنهن کي ڏسندي
ئي زال جي منهن ۾ اڻ وڻندڙ گهنج پئجي وڃن ٿا. پوءِ
هوءَ اتان اٿي ٻاهر وڃي ويهي ٿي ۽ هو ساڳيءَ ريت
روئندو رهي ٿو. پنهنجي بيوسيءَ تي، پنهنجي تباهيءَ
تي، پنهنجي حال ۽ آئيندي تي.
ڪڏهن ته هو به ماڻهو هوندو هو. هڪ اهڙو ماڻهو، جو
سوسائٽي ۾ عزت ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندو هو. پيشي جي لحاظ
کان هيڊ ڪلارڪ هو. تڏهن بيمار نه ٿيو هو. پوءِ
جڏهن ڪريو ته دنيا ئي بدلجي ويس. دوستن جو وسيع
حلقو ٽٽي ويس. زنده دل ليکيو ويندڙ ساڳيو شخص بور،
چچڙ ۽ جهڳي هڻندڙ مشهور ٿي ويو. رستي تان هلندو هو
ته ڏٺل دڳ مٽائي ويندا هئا، جي ڪنهن کي وڃي زوري
چنبڙندو هو ته ”ها، هون“ کان وڌيڪ موٽ نه ڏيندا
هئس. تڏهن بيحد دکي ٿي، گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي
سڏڪندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ته دل ۾ ايندو هيس ته رڙهندو رڙهندو ريل
جي پٽن تي وڃي پهچي ۽ پنهنجو انت آڻي ڇڏي. ڀلا ڇا
رکيو هو ان زندگي ۾، جا رڳو ڏکن، سورن ۽ اذيتن سان
ڀريل هئي. پر هر ڀيري هو پاڻ مارڻ واري خيال کي
عملي صورت بخشڻ کان رهجي ٿي ويو ۽ زندگي جي ان ڳڻت
ذلتن ۾ وڃي ٿي ڪريو. هن جي نه مرڻ جو ڪارڻ اهو
هرگز نه هو ته ڪو هو موت کان ڊنو ٿي. موت، اهڙي
زندگي کان وڌيڪ اذيت رسائيندڙ هو ڇا؟، ان زندگيءَ
کان وڌيڪ به ڪو ڀوائتو روپ ٿي سگهيو ٿي ڇا، جو هو
خودڪشي نه ڪري ها. پر هن جي اهڙين حالتن ۾ به جيئڻ
۽ جيئڻ جي نالي ۾ مرڻ جو هڪڙو ڪارڻ هو، ۽ اهو هو
هن جو ساجد، پنجن سالن جو ننڍڙو ساجد، جيڪو هن جي
ڪمزوري بڻجي ويو هو، جو هر وقت هن جي حواسن تي
ڇانيل رهندو هو.
هو جڏهن ڀتين سان ڳالهائڻ چاهيندو هو، تڏهن ساجد
ئي هوندو هو، جو کيس ٻڌندو هو ۽ هو ٻڌائيندو هو
دنيا جون منافقيون، خود غرضيون ۽ دکن ۽ سورن جون
ڪهاڻيون ۽ وري جي ساجد ڳالهائيندو ته دل پئي چوندس
پيو ڳالهائي. ويٺو ڳالهائي ۽ هو ٻڌندو رهي.
”بابا.... مان توکي پارو (پيارو) آهيان“
”ها.“
”ڪيترو؟“
”تمام گهڻو.“
”ڀلا ساجو، مان توکي پيارو آهيان؟“
”ها، تون به مون کي پارو آهين....بابا، ماني کاڌي
ٿئي....پاڻي ڏيانءَ.“
خودغرضي ۽ منافقي جڏهن هر چهري پٺيان هن کي صاف
نظر ايندي هئي، تڏهن ساجد ئي هوندو هو، جنهن وٽ هن
کي خالص پيار ملندو هو، جنهن وٽ ڪا ملاوٽ ڪانه
هئي. چوربازاريءَ جي هن دور ۾ ننڍڙو ساجد ڪنهن
ليڪٽو ميٽر جيان ئي ته هو. کري ۽ کوٽي جي سڃاڻپ
ڪرائيندڙ.
هڪ ڏينهن الائي ڪيئن هو ساجد کي چئي ويٺو. ”ساجد،
مان جي مري وڃان ته روئندين؟“
”ڇو مرين ڏاڻ (ڏائڻ) الله پنا (پناهه) ڏئي.“ وڏن
کان ٻڌل جملو ورجايو هئائين. تڏهن پيءُ جي اکين ۾
ڳوڙها ڀرجي ويا هئا ۽ اهڙين حالتن ۾ به پاڻ کي
جيئڻ لاءِ آٿت ڏني هئي. هو ٻيو ڪجهه ڪري نٿي سگهيو
ته. گهٽ ۾ گهٽ ننڍڙي ساجد لاءِ هڪ ڳالهائيندڙ ۽*
گهمندڙ ڦرندڙ رانديڪي جو ڪم ته ڏئي ٿي سگهيو. جو
بازار مان خريد ڪرڻ ڪيڏو نه مشڪل هو.
۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هو صفا بِر ٿي ويندو هو. انسان هو،
تڪليف پهچڻ تي ڀڄي ڀُري پوندو هو، تڏهن ڪجهه به نه
وڻندو هوس. نفرت ٿي ويندي هئس پنهنجو پاڻ کان.
سڀني رشتن ناتن کان ۽ دنيا کان، تڏهن دل ۾ ايندو
هوس ته دنيا تباهه ٿي وڃي. لمحن جي وڇوٽيءَ اندر
هر شئي نهس نهس ٿي وڃي. ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾
زندگي نه بچي، تباهيءَ جا آثار بچن. کنڊر بچن ۽
موت جهڙي ماٺ رهجي وڃي.
پر ائين ڪٿي ممڪن هو. ماڻهو جي وس ۾ هجي ها ته، هن
دنيا ۾ اچي ئي ڇو ها.
جتي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين رڳو ڏک آهن. اذيتون
آهن. جا ڀوڳائڻ جي دنيا آهي. جتي ماڻهپي ڪنهن
گمنام جاءِ تي وڃي پناهه ورتي آهي. جتي بيوفائي
آهي. خود غرضي آهي. مفادپرستي آهي ۽ ماڻهو جي
ماڻهوءَ سان ويساهه گهاتي آهي. اهڙي دنيا جي تباهي
لاءِ هو سوچيندو هو. پر جڏهن ڪجهه به نه ورندو هوس
تڏهن زهر جو ڍڪ ڀري ماٺ ٿي ويندو هو، ۽ اهڙا
زهريلا ڍڪ هن کي ڏينهن ۾ ڪيئي ڀيرا ڀرڻا پوندا
هئا.
هن کي سڀ کان وڌيڪ اذيت ڏيندڙ هن جي زال هوندي
هئي، جا هن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندي هئي. هن جي
هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ تي هن کي دڙڪا ڏيندي هئي. مٿس
چٿرون ڪندي هئي، پر ان ۾ هن جو ڏوهه به ڪهڙو هو.
هو ته گهڻي ئي ڪوشش ڪندو هو ته چٽو ڳالهائي، پر
ڪٿي نه ڪٿي الجهي ضرور ويندو هو.
”توکي به وينڌي ڪرڻ جي عادت پئجي وئي آهي.“ هن جي
هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ تي پهريون ڀيرو جوڻس ٽوڪيو هو.
”بيزار ڪري ڇڏيو اٿئي سڀني کي.“
تڏهن هو روح تائين رتوڇاڻ ٿي پيو هو. ”توکي به مون
مان بيزاري ٿيڻ لڳي آه زبيده.“
هڪ هڪ لفظ الڳ الڳ ڪري ڏوراپو ڏنو هئائين ته جيئن
هو دل کي رسيل چوٽ جو احساس ڏياري سگهي.
”پنهنجو ڳالهائڻ ڏٺو اٿئي. ايندو آ ڪنهن کي سمجهه
۾. اڃا بيزاري نه ٿيندي؟“
”ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آ، مان ڪو ڄاڻي واڻي ته
ائين ڪو نه ٿو ڪريان.“
”منهنجي ئي قسمت ڦٽل آهي جو تون ڪرمن ۾ لڳي وئين.
منهنجو ئي ڏوهه آ“
زال جي اهڙي بيرخيءَ تي هن کي ڀنواٽي اچي وئي هئي.
جيئن ننڍپڻ ۾ چيڪلي تي چڪر ڪاٽيندي ڀنواٽي اچي
ويندي هئس. هن کي لڳو هو ڄڻ ته هو چيڪلي تان چڪر
ڪاٽيندي ڪري پيو هجي.
جڏهن نئين نئين شادي ٿي هئس ته زال ڪيڏو نه خيال
رکندي هئس. ڪيڏو نه فخر محسوس ڪندي هئي جو سلجهيل
۽ اعتدال پسند مڙس مليو هوس، جنهن وٽ عورت جو تصور
روايتي مرد وانگر پير جي جتي نه هو. جو گهر جي ڪم
ڪار ۾ ڪنهن سٺي دوست وانگر هن جي مدد ڪرڻ ۾ عيب نه
سمجهندو هو ۽ جنهن سگهڙ هئڻ جي اعتراف ۾ گهر جي هر
شئي زال جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي هئي. اهو ساڳيو شخص جڏهن
ڪريو ته شروع ۾ زال به وسان ڪو نه گهٽايو، جيڪو
پڄي سگهيس سو ڪيائين، پر جڏهن پينشن جا پئسا اڌ
کان وڌيڪ سندس بيماري تي خرچ ٿي ويا ته وٺي ڌاڙ
ڌاڙ ڪيائين. مهانگائي جو پٽڻو پٽيائين. ماضي وساري
حال ۽ مستقبل جو اونو ڪرڻ لڳي، ۽ هڪ ڏينهن صفا پڙ
ڪڍي بيهي رهي.
”هاڻي علاج ٻلاج جي سڌ ڇڏ، اهو ڪي سوچ جنهن سان
گهر جو چرخو هلائي سگهجي.“
”مان ٺيڪ ٿي ويندس ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. زبيده!“
”تون خوش ٿيندين ۽ ڏيهه ڏسندو. اجايو ٿو پاڻي
ولوڙڻ جون ڳالهيون ڪرين.“
زال جي سرد مهريءَ جي نتيجي ۾ دوا درمل بند ٿي
ويس. نه صرف ايترو پر علاج موجب ملندڙ کاڌو به
جڏهن رڪجي ويو ته مرض وڌيڪ بگڙي ويو ۽ هو تيزي سان
تباهي ڏانهن ڌڪجڻ لڳو.
هاڻي ته چوڏهن سالن جي ڌيءَ به ماءُ سان ٻٽ ٿي
بيهي رهي هئي. ان وٽ به هن لاءِ ڪا همدردي ڪا
پنهنجائپ نه رهي هئي، تنهن ڏينهن جي ئي ته ڳالهه
آهي. ڌيڻس صفحي ۾ کٽ رکڻ جي ڪيئن نه کليل لفظن ۾
مخالفت ڪئي هئي ۽ پيءُ ڏکويل لهجي ۾ رڳو ايترو چيو
هو، ”مان جڏهن ٺيڪ هئس تڏهن به ته اتي ئي سمهندو
هئس، پوءِ هاڻي ڇو جاءِ مٽايان؟“
”هاڻي تون بيمار آهين بابا، آيو ويو اچي ٿو، ڪجهه
ان جو خيال ڪر. ڪمري جو حال ته ڏس ڇا ٿي ويو آهي.
سچ مون کي ته ٻڌڻ ٿو اچي.“
هو ڏک ۽ پيشماني جي شديد احساس کان هڪ لفظ به ڪڇي
نه سگهيو هو. ماٺ ڪري ورانڊي ۾ کٽ کڻائي آيو هو.
ڪالهه ته هن جي بيعزتي ڪرڻ ۾ زال انتها ڪري ڇڏي،
تڏهن ڌيڻس ڪجهه نه چوندي به ڄڻ ته گهڻو ڪجهه چئي
ورتو هو. اگرو، تکو ۽ دل کي مُٺ ۾ پڪڙي نپوڙڻ
جهڙو.
جوڻس ڪاڪڙو وٺي ڪيو هو. ”مئا، مان ڪا تنهنجي غلام
آهيان جو سڄو ڏينهن تنهنجون ٿڪون ۽ کانگهارا ويهي
ميڙيان، واڇ ڦري اٿئي. انڌو ته ڪو نه ٿيو آن، جو
ڏسين ڪو نه ٿو. ڪيڏن حيلن سان فرش ڌوتم ته ان جو
کڻي ستياناس ڪري ڇڏيئي. گدلا، بدفضيلتا.“
تڏهن هو هڪو ٻڪو ٿي ويو هو. هيڏي وڏي تذليل ۽ هيڏي
بي عزتي ٿيندي هن جي، هن ته ڪڏهن سوچيو ئي نه هو.
پنهنجو پاسو کڻڻ لاءِ ڌيءَ ڏانهن ڏٺائين ته وڌيڪ
ٽٽي پيو.
ڌيڻس نڪ تي رئو ڏئي اندر صفحي ۾ وڃي ويٺي. پوءِ هو
اٿيو، رڙهندو رڙهندو نلڪي ۾ ويو ۽ اتان پاڻيءَ
پسيل ٽپڙيءَ جو ٽڪرو کڻي واپس اچي، فرش جو اهو حصو
صاف ڪيائين، جنهن جي خراب ٿيڻ تي جوڻس گهر کڻي مٿي
تي کنيو هو.
”بابا، قلفي کائيندس؟“ ننڍڙو ساجد پيءَ جي ڀرسان
اچي چوي ٿو.
”نه....“ پيءُ ننهڪر ڪري ٿو.
”کاءُ نه.“ هو تيليءَ ۾ چنبڙيل مائي جو ذرو چٽي
وري چوي ٿو.
”ٻاهر هلندين ساجد....هان؟“
”هل....هل نه....“ ٻار ڄڻ ته اڳ ۾ ئي تيار آهي.
هو اٿي ٿو. پير جي گيساڙي تي جوڻس ٻاهران ئي پڇي
ٿي. ”ڪاڏي ٿو وڃين؟“
”ٿورو ٻاهر....“
ٻاهر وڃي گلا جو گهانگهو نه ڏجانءِ. آئي وئي سان
ٿو شڪايتون ڪرين، ڪجهه غيرت به ڌار. منهنجي گلا
ڪري پنهنجو ئي ڪپڙو ٿو لاهين.“
هو ڪو به جواب نٿو ڏئي ۽ چپ چاپ ٻاهر نڪري ٿو اچي.
ٻاهر جون مهيني جي ڪچڙي منجهند پنهنجي عروج تي
آهي. سج ڪنهن ماٽيلي ماءُ وانگر پڄري، بغض جي باهه
دنيا تي اڇلي رهيو آهي. گرمي معمول کان وڌيڪ ٿي
ڀاسجي. هو سامهون موريءَ تي نظر ايندڙ سرهن جي وڻ
ڏانهن ڏسي ٿو، ۽ پوءِ اوڏانهن وڌڻ لڳي ٿو. ڪنهن
نئين پنڌ ڪندڙ بار وانگر، جنهن کي ڊپ هوندو آهي ته
ڪنهن وقت به پاڻ نه سنڀالي هيٺ وڃي ڪرندو. حال به
ته اهڙو ٿي ويو اٿس نه. ساڄو پاسو فالج هجڻ سبب
ٽنگ ۽ ٻانهن ڦري وئي اٿس، جنهن ڪري هلي ٿو ته هڪ
پير سان گيساڙو ڏئي پوءِ ٿو هلي.
وڏي مشڪل سان پاڻ گهليندو، ساهيون پٽيندو، پنجن
منٽن جو پنڌ ويهن منٽن ۾ طئي ڪري موريءَ تي پهچي
ٿو. پوءِ هلندو سرهن جي گهاٽي ڇانوَ ڏانهن وڌي وڃي
ٿو، جتي اڪثر اچي ويهندو آهي.
ننڍڙو ساجد آڱر ڇڏائي ڀرسان واهه جي ڪڙ تي اچي
بيهي ٿو.
”ساجد.... هيڏانهن اچ.... هيڏانهن اچ پٽ، ڪٿي پير
نه ترڪي وڃنئي.“ پيءُ خوف وچان کيس سڏ ڪري ٿو. ٻار
تجسس ڀريل نظرن سان واهه مان گذرندڙ هڪ ننڍي
ٽاريءَ ڏانهن ڏسي ٿو، جنهن جي پنن تي ٻه ماڪوڙا
پاڻيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن اچ وڃ
ڪري رهيا آهن. |