سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :3

سنگدل اهڙو به ڇا ساٿي ٿجي،

ڇو ائين همدرد کان پاسو ڪجي.

التجا منهنجي کي مڃ نام ڌڻي،

هيءَ علالت بخش تون مون کي کڻي.

هي دعا آهي منهنجي آهي ليل و نهار،

تندرستي توکي ڏئي پروردگار.

قوتِ برداشت عزمِ بيڪران،

ضبط تي حيران آهي آسمان،

مون کي ٿيو تنهنجو گوارا هر ستم،

تون آهين منهنجي محبت جو ڀرم.

تون گلستانِ دهر ۾ انتخاب،

حسن تنهنجي جو بهارون ٿيون جواب.

غير لئه حشمت نگاهن مان عيان،

پر محبت دوستن لئه بيڪران.

مسڪراهٽ مهرو الفت جو نشان.

قهقهن کان تنهنجي لرزن آسمان.

تنهنجي قد تي رشڪ ٿو طوبى ڪري،

۽ وجاهت تي زمانو ٿو مري.

تو ڪيو وعدو سدائين ساٿ جو،

ڪو به پنهنجن سان ائين وڇڙي نه ٿو.

اوچتو راهه عدم اختيار ڪئي،

ڇا زماني کان سندءِ دل وئي کڄي.

سور پنهنجن ۽ پراون جا سٺا،

جي سهڻ کان سچ ته اُهه ٻاهر هئا.

دلشڪسته ٿي پئين سردار ڇو،

هار آخر تو مڃي ڇو اوچتو.

فطرتاً ڪوه گران مشهور هئين

۽ اٽل دراصل مثلِ طور هئين.

ڪهڙو ڏوراپو ڀلا توکي ڏجي،

دوستن کي تون وئين روئيندو ڇڏي.

دوستن جي هاڻي بس آهي دعا،

پنهنجي رحمت ۾ رکي توکي خدا.

سيدِ ملت هئين سردار علي،

ثبت مُهرِ خُلق دلين تي ڪئي.

نظم ناهي پر هي آهي مرثيو،

دوست جي غم ۾ جو مون آهي چيو.

”جوش“ ڪر اختيار هاڻي خامشي،

نيٺ ٿي سا ڳالهه جا رب کي وڻي.

شبير ”هاتف“

غزل

وڃي شهر ۾ هل هلايو وري،

ڪو سرمد سردار آيو وري.

پرينءَ کي اسان پنهنجو ڀانيو وري،

اکين جي اشارن ڀُلايو وري.

گهڻو دوستن آزمايو وري،

اسان پنهنجو وارو وڄايو وري.

اکين ساڻ اکيون ملايو وري،

نئين سر نئون نينهن لايو وري.

متان آسرن ۾ رهايو وري،

اسان تان نه ماڻهو کلايو وري.

اسين پرت پيالن جا پياسا آهيون،

صبح ساڻ ٿئي ڪو سوايو وري.

ورڻ جا ته ويساهه ڏاڍا ڏنئين،

وڃڻ وارو موٽي نه آيو وري.

اسان عادتاً بس اوهان جا آهيون،

اوهان عادتاً منهن مٽايو وري.

اُهو جنهن سان ڪي روح رچنديون هيون،

اهو رات خوابن ۾ آيو وري.

استاد بخاري

حيلا ڪيا، ڀلي ته ڳڻيو، بي شمار اٿئون،

شايد اگهن ٻه چار، اميدون هزار اٿئون.

 

اهڙو ته زهر پياريو، يارن مذاق ۾،

سنجيدگي جا سر تي چڙهي ويا خمار اٿئون.

 

ساگر ۾ سونهن جي ٿا گهڙيو تُڙڳندا وتون،

گهاگهر ۾ گم نه ٿياسون برابر ميار اٿئون.

 

فنڪار تنهنجي شهر جا توسان جُڙيا رهن،

ڳائين يا نه ڳائن، پنهنجا ڳنوار اٿئون.

 

هڪ عمر هئي سا عشق ۾ خوار ۽ خراب ٿي،

هڪ عشق هو سو يار اڃا باوقار اٿئون.

 

ابتو رواج عشق جو ”استاد“ ماڻبو،

گلزار ۾ خزان ته بَرَن ۾ بهار اٿئون.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

غزل

سُهڻيون سڀ، سُهڻن جون ڳالهيون،

سيباڻيون، سَڄڻن جون ڳالهيون.

مِٺڙا مِٺڙا ٻول مِٺن جا، ماکي ۽ مکڻن جون ڳالهيون.

چهرا، چنڊ ڪنان وڌ چهرا، ناز ڀريون نيڻن جون ڳالهيون.

لاڙ سڄو چاندي جان چمڪيو، ويهي ڪر وونڻن جون ڳالهيون.

ٿر ۾ ٿوهر ٿرها ڦرها، ڀانءِ پيون پهڻن جون ڳالهيون.

جام جبل تي بادل برسيا، پارس جيئن پهڻن جون ڳالهيون،

مارن هاءِ ميارون مُڪيون، مارن ٿيون مِهڻن جون ڳالهيون.

”آصف“، شهرين شور شرارت،

وڻندڙ ٿيون وهڻن جون ڳالهيون.

نواز علي شوق

غزل

اسان وٽ هميشہ زمانو ڏکن جو،

اوهان وٽ رڳو آ بهانو ڏکن جو.

لکن منجهه لائق اسان کي ئي سمجهي،

مقدر بنايو نشانو ڏکن جو.

سکن جا ته ساٿي گهڻائي هئا پر،

ڀڄي ويا ٻڌي سڀ فسانو ڏکن جو.

ٿيا سور سونهان، دکن درد دوهان،

هي دل ٿي وئي آستانو ڏکن جو.

لکيل آ مقدر ۾ منهنجي محبت،

ازل کان ڳچيءَ ۾ آ ڳانو ڏکن جو.

لٽايان ٿو ڳوڙهن جا مان لعل و گوهر،

مليل آهي مون کي خزانو ڏکن جو.

رني رات، سڏڪا ڀريا ٿي ستارن،

جڏهن مون ٻڌايو فسانو ڏکن جو.

عبدالقيوم صائب

غزل

هڪ ڪري جنهن لئه ڇڏيو تو ڏينهن رات،

تنهن اُڀو آهي ڪيو تو لاءِ ڪات.

جنهن سان تنهنجو آهه ناتو نينهن جو،

تنهن ۾ گهرجي جا هئڻ، سا ناهه بات.

اي خيالِ خوبرو، تنهنجو قسم،

مون ڏٺيون تو ۾ فقط اعلى صفات.

ياد تنهنجي سا گهڙي رهجي وئي،

جنهن ۾ سورن کان ملي ٿي ڪا نجات.

سيج سورن جي سڄڻ آڏو اٿم،

سور سي، جن ٿي ڪئي تڪميلِ ذات.

تنهنجو اڄ مون کي ڇڏي هليو وڃڻ،

اُهه ڪا، ڪنهن جي ڪسڻ جي واردات.

ڪيئن نه يارو، برغلائي ٿا ڇڏين،

ڪنهن دلِ معصوم کي اهل صفات.

تو ڏني ترجيح جنهن کي، سو ڏٺئه،

ڪيئن نه پڇتائي پيو لات ومنات.

هر قدم، سمجهي کڻڻ، وس ۾ نه هو،

ڇو نه الجهي پوءِ پون ڪيئي نڪات.

ضد ايڏو ڪر زماني سان مٺا،

جنهن ۾ خود رهجي اچي تنهنجي ئي بات.

يا الله العالمين! منهنجي به ٻڌ!

اهڙو ڪم ڪر، ڄاڻ دشمن کائي مات.

تو وساري ئي ڇڏيو هوندو ته ڇا!

ياد صائب کي ته آهين ڏينهن رات.

”محسن“ ڪڪڙائي

غزل

مُدتن کانپوءِ، ڪنهن جي گهُور گَرمايو اٿم،

آخري ڏينهن ۾، هي ڪيڏو نه سرمايو اٿم.

هي نماڻا نيڻ، نيڻن ۾ سوالن جا نشان،

سُونهن جي هن روپ ڏاڍو دل کي تڙپايو اٿم.

پيار کان پاسي رهي اڳ ۾ به پڇتايو اٿم.

دوستن جي اصل چهري کي ڏسڻ جي باوجود،

دوستن کي، ڪنهن به ڌاڪي تي نه شرمايو اٿم.

هي منافق ٽهڪَ، رسمي گفتگو، هي محفلون،

پاڻ کي ڄڻ ڪوڙڪيءَ ۾ پاڻ ڦاسايو اٿم.

انتهائي درد، پيڙا، ڪرب ۽ لُڇ پُڇ منجهان،

پنهنجي ڏُکڻي ڏات کي مس مس ته پرچايو اٿم.

ماستر جو رُولُ، ابهم ٻارُ، ”بابا، يا حُسين!“

هانءَ ۾ چَڪ ٿا پون، آنڊن کي وٽ آيو اٿم!

سُونهن کي سجدا، ڪتابن جو مطالع، سوچ – لوچ،

زندگي! تو فائدو ڪيڏو نه پهچايو اٿم!

ضبط جي بندن ۾ گهارو ٿو تڏهن محسن پوي،

ڪو اُگهاڙو انگُ جي ڪاٿي نظر آيو اٿم!

انور هالائي

مطلب پرست دوست ۽ يارن کي ڇا ڪبو،

بي فيض رهنما جي سهارن کي ڇا ڪبو.

طوفان تندو تيز ۽ گرداب ڪر قبول،

خاموش بي زبان ڪنارن کي ڇا ڪبو.

تنهنجي اکين ۾ آه ڪا مستي شراب جي،

مئه پي اجايو ڪيف و خمارن کي ڇا ڪبو.

تاريڪ دل جي گوشه ۾ آ نور جو ضرور،

داغ جگر جلاءِ ستارن کي ڇا ڪبو.

خاموش زندگي ۾ تلاطم جو آ ضرور،

موجن کي ڇا ڪبو ۽ ڪنارن کي ڇا ڪبو.

خود اعتماد ٿي تون قدم راهه ڏي وڌاءِ،

هن پر فريب گرد وغبارن کي ڇا ڪبو.

افسانه حيات ڪرين مختصر متان،

اي دل! رڳو ڪنايه اشارن کي ڇا ڪبو،

مقتل ۾ مُرڪ اسان جو شعار آهه،

خنجر کي ڇا ڪبو ۽ ترارن کي ڇا ڪبو.

سچ کي سداءِ دل ۾ تون انور هنڊائي ڏس،

هن بي بقا جهان جي نظارن کي ڇا ڪبو.

نور شاهين

ديارِ زيست ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪر،

نئون حيات جو اهڙو نظام پيدا ڪر.

سحر ڏيئن جي وسائڻ سان ڪين ٿي سگهندو،

سحر جي لاءِ نئون اهتمام پيدا ڪر.

غبارِ راه ٻڌائي ٿو قافلي جو نشان،

قدم وڌاءِ رسي پنهنجو نام پيدا ڪر.

طلسمِ فتنه کي ٽوڙي وڌي وڃون اڳتي،

اهائي دل ۾ طلب صبح و شام پيدا ڪر.

نه ٿيندو ڪفر سان سودو ڪڏهن مسلمان جو،

تون لاالہ چئي هم ڪلام پيدا ڪر.

متان ضرر نه رسائين تنهنجي عظمت کي،

تون حادثن سان سلام و ڪلام پيدا ڪر.

سجاڳ ٿي نه سگهئين تون ٻڌي اذان سحر،

تون غفلتن کي ڇڏڻ لئه نظام پيدا ڪر.

ڪري جو موت کان اڳ موت کي به ماري فنا،

قفس ڪو اهڙو، ڪو اهڙوئي دام پيدا ڪر.

نئي جو نيٺ نهوڙي جفا جي راوڻ کي،

وفا سان پنهنجي تون اهڙو ڪو رام پيدا ڪر.

ٿئي جو صُور ۽ خوابيده پيارُ جاڳائي،

تون پنهنجي ماٺ مان شورِ پيام پيدا ڪر.

مئي وفا جون ازل کان وهن پيون نهرون،

تراش ڪاسئه دل کي ۽ جام پيدا ڪر.

درِ حبيب تي سجده لٽائي، سڀ پنهنجا،

وفا جي راه ۾ تون پنهنجو نام پيدا ڪر.

جهانِ عشق ۾ ”شاهين“ بلند رتبي لئه،

سو روز و شب ۽ اها صبح و شام پيدا ڪر.

تاج بلوچ

گيت

منهنجا خط تصويرون، جيون سوچون سپنا،

گيت غزل ۽ تحريرون، وکري وکري ويندا،

سڀ ياد ڪري تون روئندينءَ، ڪي عڪس نه باقي بچندا.

مون کي ياد ڪري تون روئندينءَ. سڀ ياد ڪري تون روئيندينءَ

منهنجون آهون واڪا، منهنجا قصا هوندا،

پولارن ۾ ٻُرندا، ڳليءَ ڳليءَ ۾ چرچا هوندا،

تو لئه مون جيڪي گيت لکيا، ماڻهو توکان پڇندا،

سڀ ياد ڪري تون روئيندينءَ. سڀ ياد ڪري تون روئيندينءَ.

ولي محمد ”وفا“

غزل

مان زيرِ خاڪ پڻ ڪنهن جو ڪرم محسوس ڪريان ٿو،

هي پنهنجي قبر تي ڪنهن جا قدم محسوس ڪريان ٿو.

ڪو پنهنجي مان ئي پڪ هوندو، هتي غيرن جو ڇا آهي،

درِ زندان ڏي ڪنهن جا قدم محسوس ڪريان ٿو.

مقدر دوستو ناهي، مسرت ڪا زماني جي،

سدائين بخت ۾ رنج و الم محسوس ڪريان ٿو.

شبِ هجران ڪڏهن گذري، ڪڏهن روشن ٿيا ميخانا،

مقابل ڪنهن کي هي اي چشمِ نم محسوس ڪريان ٿو.

ٻڌايان مان وڃي هن کي ”وفا“ رودادِ غم ليڪن،

هو غافل ڪين ڪي اُهي صنم محسوس ڪريان ٿو.

 احمد خان ”مدهوش“

غزل

سردار دو جهان، شہِ شاهان جي ڳالهه ڪر،

بس، بي نظير سُونهن جي سلطان جي ڳالهه ڪر.

جانِ غزل جي چشم، غزالان جي ڳالهه ڪر،

ڪيفِ نظر جي، شربتِ عرفان جي ڳالهه ڪر،

دلبر هلي ته نازو خرامان جي ڳالهه ڪر،

بيهي رهي ته سروِ گلستان جي ڳالهه ڪر،

پردو کڻي ته نيرِ تابان جي ڳالهه ڪر،

ٿورو کلي ته صبحِ درخشان جي ڳالهه ڪر،

گذري وڃي ته حسرت و ارمان جي ڳالهه ڪر،

ترسي پوي ته عيدِ فروزان جي ڳالهه ڪر،

جنهن جڳ سڄي کي عشق ۾ مجنون ڪري ڇڏيو،

اُن خوبرو جي زلفِ پريشان جي ڳالهه ڪر،

دلدار جي لبن جو ڪرين ذڪر ٿو اگر،

تشبيهه طور لعل بدخشان جي ڳالهه ڪر،

گل قند ۽ نبات مثل وات ٿو لڳي،

شيرين زبان جي لطفِ نمايان جي ڳالهه ڪر.

حيران ٿي نه حسنِ خدا داد کي ڏسي،

اي ديندار قدرتِ يزدان جي ڳالهه ڪر.

حُور و قصور و خلدِ پرين ڪير ٿو گهري؟

جنت جي ڳالهه ڇڏ، درِ جانان جي ڳالهه ڪر.

”مدهوش“ پيچ پائي محبت جو يار سان،

تون تون جي ڳالهه ڪر نڪي مان مان جي ڳالهه ڪر.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

دوها

اُڀ ۾ ڪيئن ٿئي انڊلٺ ريکا، بادل اڳ نه پوءِ،

لوچ بنان ڪيئن ڪارج واري، ساجن سوچ سندوءِ.

سوچ ته ساجن اڪ جي ماکي، سڀ لئي سولي سا،

پر امرت ڌارا ڪو ڪو ماڻي، لوچ چون ٿا جا.

جڳ جڳاندر جنم جنم کان، جيوت جيوت جوت،

هيءَ حياتي محبت ماٽي، ايندي ايندي اوت.

بخت به تو ۾ تخت به تو ۾، تون ئي سڀ ڪجهه تون،

جيڪو چاهين پوکي لڻندين، تو اندر ٻاهر ڀون.

هي گهڙيءَ گهڙيءَ ٿا گهائن، آهن نيڻ نشيلا جي،

وري وري ٿيون جيءَ جيارن، دليون ڏس ڪي ڪي.

بند ڪر پنهنجا نيڻ نشيلا کول اکيون، دل کول،

پاڻهي ايندءِ من جو مالڪ، تون پاڻ ته پنهنجو ڳول.

ڪير تون آهين؟ سڀ ڪجهه ناهين، آهين. ناهين ڪوءِ،

ڇا لئي تو ۽ تو ڌرتيءَ تي هيئن هي اڀ تتوءِ.

ج. ع. منگهاڻي

ترائيل

هلو! خوشبوءِ جو پيڇو ڪريون ڪنهن – در ٿي کڙڪائي

اسان جا آسري ۾ ٿيا سڀيئي ڀڙڀانگ اوتارا،

سمورن بي حسن کي ٿي هميشہ ٿي هو ڳر لائي

هلو! خوشبوءَ جو پيڇو ڪريون ڪنهن – در ٿي کڙڪائي

 

اچو! ڪنهن ڀي بهاني کيس آڻيون پاڻ پرچائي

هوا بڻجي گهٽا بڻجي يا بڻجي چنڊ ۽ تارا

هلو! خوشبوءَ جو پيڇو ڪريون ڪنهن – در ٿي کڙڪائي

اسان جا آسري ۾ ٿيا سڀيئي ڀڙڀانگ اوتارا.

رحيم بخش ”قمر“

ڪافي

عشق نه آهي عُقاب،

نينهن خُدا جي نعمت آهي!

عشق آ رهبر، عشق آ راحت،

عشق اَلستي آهي امانت،

عشق برهه جو بابُ!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

نينهن ”ذبيح الله“ نڀايو،

ڪاتيءَ سان ٿي ڪَنڌ ڪٽايو،

خُوبُ خليلَ جو خواب!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

موسيٰ ”ڪيلم الله“ ڀلارو،

نيڻن ڏٺو جنهن، نينهن نظارو،

طور نه جَهليو ٿاب!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

سسيون ڏيئي سُورهَه سڏجن،

”قمر“! ڪسڻ کي قرب ٿا سمجهن،

سوريءَ چڙهڻ ثواب!

نينهن خدا جي نعمت آهي!

عشق نه آهي عُقاب!

وفا ناٿن شاهي

غزل

صحبتون وڌنديون ويون،

قربتون وڌنديون ويون.

نانگ ديڳن جي مٿان، دولتون وڌنديون ويون.

زر پرستن جو جنون، غربتون وڌنديون ويون.

هر طلب مطلب پرست، نفرتون وڌنديون ويون.

واسطا گهٽبا رهيا، حسرتون وڌنديون ويون.

جيئن چراغن سمان چراغ، چاهتون وڌنديون ويون.

محبتن جا مُعجزا، راحتون وڌنديون ويون.

شاعري پيغمبري،

قدرتون وڌنديون ويون.

مير محمد پيرزادو

اوسيئڙو ۽ آس!

هو اُٺ ڪجاوا آڻيندا،

۽ سونهن سموري ماڻيندا.

آ اوسيئڙو ڪن ايندن جو، ۽ مون سين سور سليندن جو.

جي ايندا جهر مر تارن ۾، ۽ ڪارين راتين پارن ۾.

آ جن کي منهنجي آس وڏي، ۽ جن لئه جئي پئي جيءَ جڏي.

سي مرد مهارون موڙيندا، نت مون سان ناتا جوڙيندا.

آ اوسيئڙو ۽ اُس اڃا، هو ڪين اچن ٿا ڪيئن مڃا!

آ کڙڪو کڙهه خيالن ۾، اوجاڳو اکڙين آلن ۾.

آ جوڀن ڦوهه جوانيءَ ۾، ۽ جذبن جي جولانيءَ ۾.

ٿي آڌيءَ اڀ ۾ جهانجهه وڄي، ۽ چنڊ ننڊاکو پير کڄي.

سڳنڌ گلن جي پولارن ۾، ماڪ، مڻيا ڄڻ وارن ۾.

ڪا موسيقيءَ جي مڌر لهر، آ رات جي پوئين ڄڻ ته پهر.

بي سرت مستيون جاڳن ٿيون، ۽ مندرن ٻوليون گهنٽين جون.

آءٌ ويل انهيءَ کي چهٽان ٿي، ۽ اميدن جي لئه اُٻران ٿي.

آءُ منٿون ڪيان او رات نه وڃ، هو تو ۾ ايندا، منٿ ته مڃ.

پر رات بکايل شينهڻ جيان، ٿي ڌوڪي ڊوڙي خوب اڳيان.

پوءِ سورج چوڪيدار بڻي، ۽ ڪرڻا ٽارچ وانگ هڻي.

ٿو باهه اوڳاڇي ڪاوڙ مان، ۽ آءُ انهيءَ جي ڊپ وچان.

پوءِ ايندن اوسيئڙو لاهي، کڙهه – ٻنڀي تان خيال مٽائي.

لڙڪ هٿن جي پٺ سان اگهندي، ننڊ ٿڪڻ کان آرس ڀڃندي.

اوٻاسيون ڏئي اهلان ٿي، ۽ سپنن سان پوءِ جهُلان ٿي.

ايندڙ رات جي آس لڳائي،

ڏينهن ڪٽيان ٿي جيءُ جلائي!

نثار بزمي

ڪربلا

زمانو بي وفا آهي،

نه نيت جو صفا آهي.

وَسايو مون آ ويرانو، مقام هي پر فضا آهي.

نه ڪوئي رازدان پنهنجو، نه ڪوئي هم نوا آهي.

وفا جي موٽَ چوٽ آهي، دَيا ڪانهي دغا آهي.

ڪرڻ وارا اسين آهيون، ڏسڻ وارو خدا آهي.

هڻي نعرو ٿو نفرت جو، چون ٿا پارسا آهي.

چڙهي ٿي عقل تي اوندهه، قلم تي ڪربلا آهي.

محل آ ڪاڪ جو دنيا، نٿو ڄاڻان ته ڇا آهي،

محبت آ گناهه ”بزمي“،

ڏُکي ان جي سزا آهي.

مهر پروين

غزل

تو ڇاجي ڪري بي وفائي ڪئي؟ رکي قلب ۾ ڪچ، ڪچائي ڪئي.

ڪري دل حوالي تو منهنجي حبيب، پروين پوءِ ڇا لئي پرائي ڪئي؟

کڻي نيڻ نرگس ڪري قابو قيد، جهٽي دل تو جاني جفائي ڪئي.

گڏي دل کي دل سان، ملائي سڄڻ، تو جهٽ پٽ وري ڇو جدائي ڪئي؟

جي اڻ کٽ هئا، قرب تنهنجا قريب! گهٽائي آهي، ڇو ٻيائي ڪئي؟

ڪري سوگها سيني ۾ سڪ جا سَلا، وري ڇو انهن جي پَٽائي ڪئي؟

رکي پرت ”پروين“ سان، اي پرين!

نه ساجن ڪڏهن تو سچائي ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com