سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :10

ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو تنزل ميان محمد سرفراز خان جي تخت نشينيءَ (1186هه/1772ع) جي وقت کان ئي شروع ٿي چڪو هو. سندس درٻار ۾ رات ڏينهن سازشون ۽ منصوبا سٽجي رهيا هئا. بلوچن ۽ مقامي ليکي سردارن جي وچ ۾ باهمي رساڪشيءَ جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي. ليکي سردارن، ڪلهوڙن جي درٻار ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ٿي گهريو. انهيءَ ڪري هو ڪلهوڙن جي وفادار ۽ سرفروش درٻارين جي بي عزتي ڪرڻ ۾ رُڌل هئا. پلاندن جي بازار سرگرم هئي. اهڙيءَ طرح انهيءَ خانه جنگيءَ سنڌ جي حالتن کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچايو. ڌارين طاقتن کي ڪافي موقعا مليا، جن سنڌ جي عوام کي تباهه ۽ برباد ڪيو. اهو هميشہ جو دستور آهي ته جڏهن حڪومت ڪمزور ٿيندي آهي، ته حاڪم ۽ عوام بي عمل ۽ بي وقار ٿي ويندا آهن. سستي، ڪاهلي ۽ نااهلي اچي واسو ڪندي آهي. زندگيءَ جون سموريون قوتون ۽ خوشيون مفلوج ٿي وينديون آهن. ڪئين فروعي مسئلا نمودار ٿيندا آهن، جنهن جو آخرين نتيجو جنگ جي صورت هوندو آهي. ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ سنڌ جون اهڙيون ئي سنگين حالتون هيون. هر روز نوان نوان واقعا رونما پئي ٿيا، خون خرابي جي بازار گرم هئي. تخت ۽ تاج لاءِ ڪيترائي سر وڍيا ويا، جنهن جو آخرين انجام اهو ٿيو جو سرفروش ۽ وفادار سردار ۽ سپهه سالار بدگماني ۽ بيوسيءَ جو شڪار ٿي جنگ لاءِ آماده ٿيا ۽ پنهنجن آقائن جو پاڻ ئي خاتمو آندائون.

”تاريخ ڪلهوڙا“ جي ڳوڙهي مطالعي کانپوءِ انهي ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته ميان غلام نبي خان سن 1190هه/1786ع ۾ ”لانياري“ (لاڻياري) واري ويڙهه ۾ قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ ٽالپورن جي مکيه سردار مير بجار خان ٽالپور جي اها مرضي هئي ته خانداني خانه جنگي کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ جي سلامتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ميان سرفراز خان کي حيدرآباد جي قلعي جي بندي خاني مان ڪڍي، کيس ٻيهر سنڌ جي تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻائجي. (1) مير بجار خان اڃا ان باري ۾ پنهنجن ٽالپور اميرن ۽ ٻين درٻاري سردارن سان صلاح مشورو ڪري رهيو هو، ته انهي وچ ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ خوني واقعو ٿي گذريو. ميان غلام نبي خان ڪلهوڙي جي قتل واري واقعي جو ٻڌي، سندس سڳو ڀاءُ ميان عبدالنبي چرين وانگر تلوار کڻي حيدرآباد واري قلعي ۾ ڪاهي پيو ۽ اتي نظربند ٿيل تخت ۽ تاج جي وارث ڪلهوڙن شهزادن کي بي گناهه قتل ڪري ڇڏيائين. (2) انهن مقتول ڪلهوڙن شهزادن ۾ ميان سرفراز خان پڻ هو. جوڻيجا قوم جا ماڻهو، جي انهن قيدين جي پهري تي مقرر ٿيل هئا ۽ ميان عبدالنبي خان جا ناناڻا هئا، (3) تن ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي سڀني قيدين کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اهو دردناڪ خوني واقعو سن 1186هه ۾ ٿيو، ڪنهن انهي واقعي جي تاريخ هن ريت ڪڍي آهي:

پنج ڪم از ”گل باغ عباس“ 1186هه.(4)

اهڙيءَ طرح ميان عبدالنبي، ڪلهوڙا خاندان جي سڀني تخت جي دعويدارن جو خاتمو آڻي، سنڌ جي تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو. ٽالپورن جي سردار مير بجار خان ٽالپر ۽ ٻين درٻارين ميان صاحب جي پٺڀرائي ڪئي. مير بجار خان، حضرت غوث الحق مخدوم نوح هالائي رح جي درگاهه ۾ پنهنجي هٿن سان ميان عبدالنبيءَ جي سر تي سنڌ جي حاڪميت جي پڳ ٻڌرائي. (5) انهيءَ تاريخي واقعي تي مشهور انگريز مؤرخ جنرل هيگ هن طرح روشني وجهي ٿو. ”ميان غلام نبي خان ڪلهوڙي جنگ جي ميدان ۾ مير بجار خان ٽالپور جو مقابلو ڪيو ۽ مارجي ويو. سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي خان حيدرآباد ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو. هن پنهنجن ٽن ويجهن عزيزن کي مارائي، سنڌ جي ٽنهي اميدوارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. مير بجار خان حيدرآباد جي قلعي جي چوڌاري گهيرو ڪيو. پر جڏهن ڏٺائين ته قلعو تمام مضبوط آهي، تڏهن ميان عبدالنبيءَ سان صلح ڪيائين ۽ انهيءَ شرط تي ميان عبدالنبيءَ کي رئيس تسليم ڪيائين ته مير پاڻ وزيراعظم ۽ مدارالمهام ٿي رهندو.“(6)

جنرل هيگ جو اهو بيان حيرت ۾ وجهي ٿو ته مير بجار خان ٽالپور جهڙو غيور ۽ وڏي عظمت وارو شخص ڪيئن نه مجبور ٿي، ميان عبدالنبي جهڙي ظالم ۽ بي اعتماد شخص کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو ۽ ساڳئي وقت ان جو وزير به ٿي رهڻ قبول ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته ان دور جون سياسي حالتون اهڙيون هجن، جن مير صاحب کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو هجي.

اسان جي خيال موجب ته مير بجار خان جي آڏو سنڌ جي وحدت ۽ سالميت سڀ کان وڌيڪ عزيز هوندي، ليڪن تاريخي واقعا جي انهيءَ کانپوءِ رونما ٿيا، تن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ميان عبدالنبي سان صلح ڪرڻ مير بجار خان لاءِ ڪيتري قدر هاڃيڪار ثابت ٿيو. ميان عبدالنبيءَ جي دل ۾ حسد ۽ ڪينو سمايل هو. هُو حد درجي جو خود مطلبي ۽ خود غرض هو. سندس هٿ اڳ ۾ ئي پنهنجن جي خون ۾ رڱيل هئا، هن سخت دل حاڪم جي دل ۾ رعيت جي جان ۽ مال جو ذري جيترو به اونو نه هو.

ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مير بجار خان ٽالپور کان پنهنجا جڪڙيل پلو آزاد ڪرڻ ٿي گهريا. هُو هميشہ انهي تاڙ ۾ هو ته ڪهڙي طرح مير بجار خان جو هميشہ لاءِ خاتمو آڻجي. مگر ناعاقبت انديش ميان صاحب، انهن اُگرن نتيجن کان بلڪل غير واقف هو، جي مير بجار خان جي قتل کانپوءِ نڪرڻا هئا. ميان عبدالنبي، مير صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ جوڌپور جي راجا بجيسنگ (7) سان ڳجهه ڳوهه ۾ هڪ منصوبو سٽيو. آخرڪار سن 1194/1781ع ۾ مير بجار خان کي انهيءَ سٽيل سازش تحت قتل ڪرايو ويو.[1] مير بجار خان جي قتل جون تاريخون منشي ٻالچند هن ريت چيون آهن:

(الف) ”بمحفلِ شهدا جلوه ڪرد مير بجار“ 1194هه

(ب) از سر افسوس گفتا هاتفم.

مير شد باجسد هر هندو شهيد“ 1194هه(8)

مير بجار خان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ٽالپور سردارن، قبيلي جي سرداريءَ جي پڳ سندس پٽ مير عبدالله خان کي ٻڌائي. (9) هوڏانهن ميان عبدالنبي، مير بجار خان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ ٽالپور سردارن جي انتقامي ڪارروائيءَ جي ڊپ کان في الحال سنڌ مان ڀڄي قلات هليو ويو. ٻئي طرف پنهنجن پٽن کي جوڌپور ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين. (10) اهڙي طرح سنڌ جي گادي حاڪم کانسواءِ خالي رهي. انهي ڪري اهو نهايت ضروري هو ته سنڌ جي خالي تخت تي ڪنهن ڪلهوڙي شهزادي کي حاڪم بڻائي ويهارجي. ٽالپور سردارن ۽ راڄ جي ٻين قبيلن جي قومي سردارن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪري، سنڌ جي خالي تخت تي سن 1781ع ۾ ميان صادق علي خان ڪلهوڙي کي حاڪم مقرر ڪيو. (11) ميان عبدالنبي خان، جو سنڌ مان ڀڄي قلات هليو ويو هو، سو انهيءَ خيال ۾ هو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ سنڌ جو تخت ٻيهر حاصل ڪجي. جوڌپور جو راجا، جو ميان عبدالنبيءَ جو پڪو حامي ۽ اتحادي هو، تنهن مياڻ جي اشاري تي سنڌ تي ڀرپور حملو ڪيو. مير عبدالله خان ٽالپور، ميان صادق علي ڪلهوڙي جي پاران سنڌ جي بهادر فوج جي اڳواڻي ڪري، وطن عزيز جي آزادي ۽ سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ جوڌپوري فوج جو مقابلو ڪيو، جنهن ۾ جوڌپوري فوج هار کائي، پوئتي موٽي وئي. (13)

انهيءَ دوران قلات جي حاڪم نصير محمد خان بروهيءَ سنڌ جي بلوچن کي جوڌپور جي راجائي فوج سان جنگ ۾ رڌل ڏسي، پنهنجي سپهه سالار زيرڪ خان کي فوج ڏيئي، ميان عبدالنبيءَ سان گڏ سنڌ تي چاڙهي موڪليو. ميان صادق عليءَ ٽالپور اميرن ۽ سنڌ جي ٻين قومي سردارن جي مدد سان بروهين جي فوج جو سخت مقابلو ڪيو. انهيءَ ويڙهه ۾ بروهي فوج جو سپهه سالار زيرڪ خان، سنڌ جي سرويچ ۽ بهادر فوج جي هٿان قتل ٿي ويو ۽ باقي بچيل بروهي فوج ميان عبدالنبي خان سان گڏ ڀاڄ کائي وڃي قلات ۾ ساهه کنيو. ميان عبدالنبي کي پنهنجي وطن ۽ پنهنجن سان غداري ڪرڻ جو اهو پهريون سبق مليو، پر انهي هوندي به هو پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن کان باز نه آيو. (13)

جيئن ته ميان عبدالنبي خان هڪ نڪ نرڄو شخص هو. ايتري ناڪامي ۽ نراسائيءَ جي باوجود سندس دل ۾ اڃا به سنڌ جي تخت جي حوس باقي هئي. سنڌ جي لڄ ۽ ناموس جو ڪو به خيال نه ڪري، هن ڀيري قلات کان وڃي، افغانستان جي امير تيمور شاهه جي پيرن تي ڪريو ۽ هُن کان سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ، مدد جو هٿ ڊگهيريائين. (14) افغاني درٻار ۾ رات ڏينهن پنهنجي وطن سنڌ جي بربادي ۽ تباهيءَ لاءِ سٽون سٽيندو رهيو. پنهنجو سمورو ڪٽنب ”حاجن پور“ ۾ ڇڏيائين. حاجن پور جو پرڳڻو قلات جي حاڪم ميان نصير محمد خان بروهيءَ کيس گذاري لاءِ جاگير طور ڏنو هو. (15) اهڙيءَ طرح پنهنجو اهل و عيال ڌارين ۾ ڇڏڻ جي ڪا پرواهه نه ڪيائين.

افغانستان جي حاڪم امير تيمور شاهه پنهنجي فوجي سپهه سالار مدد خان پٺاڻ کي وڏي فوج ڏيئي، ميان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ، سنڌ جي طرف چاڙهي موڪليو. ساڳئي وقت افغاني امير، قلات جي حاڪم کي پڻ تاڪيد ڪيو ته هو به بلوچن ۽ بروهين جي فوج وٺي مدد خان پٺاڻ سان گڏجي، ميان عبدالنبي خان کي سنڌ جو تخت موٽائي وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. (16)*

مدد خان پٺاڻ هڪ وڏو ڪٺور دل ۽ ظالم فوجي سپهه سالار هو. هن سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿيندي ئي ميان عبدالنبيءَ کان فوجي اخراجات لاءِ وڏي رقم طلب ڪئي. ميان صاحب في الحال اهو سبب ڏئي پٺاڻ سپهه سالار کي راضي ڪيو، ته هو پاڻ هن وقت غريب الوطنيءَ جي حالت ۾ آهي ۽ بلڪل هٿين خالي آهي. هن اهو واعدو ڪيو ته حيدرآباد جي قلعي تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ قلعي وارو دفن ٿيل سمورو خزانو کيس جنگي تاوان ۾ ڏيندو. باقي تيستائين فوجي خرچ جي پورائي لاءِ سنڌ جو سکيو ستابو ۽ سائو ملڪ اوهان جي نذر آهي، ڀلي ڦرلٽ ڪري پنهنجين ضرورتن کي پورو ڪيو.(17).

انهيءَ ۾ به ميان عبدالنبيءَ جي وڏي سياسي چالبازي، مصلحت ۽ مڪاري هئي. هن اهو چاهيو ٿي ته ان طرح سان سنڌ جا طاقتور ٽالپور سردار ۽ سندن حامي سنڌي قومي سردار ڪمزور ٿي ويندا. عوام بدحالي ۽ بدنظمي جو شڪار ٿي سندن حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏيندو. اهڙيءَ طرح ٽالپورن جي سموري قوت ختم ٿي ويندي ۽ ساڳئي وقت افغاني فوج ٿوري وقت لاءِ، سنڌ جي تباهي ۽ بربادي ڪري لاچار ۽ مجبور ٿي واپس هلي ويندي ۽ پوءِ سمورو ملڪ وري به هڪواري سندس قبضي ۾ اچي ويندو! ليڪن ميان صاحب جا اهي سمورا خيالي پُلاءَ غلط ثابت ٿيا. مدد خان پٺاڻ اٽلندو سنڌ جي عوام ۾ سندس لاءِ نفرت ۽ حقارت پيدا ڪئي.

افغاني فوجن جي ظلم ۽ ستم کان سنڌ جو سمورو عوام تباهه ۽ برباد ٿي ڏتڙجي ويو. شهرن جا شهر، واهڻن جا واهڻ ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ٿي ويا. سموري ملڪ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو. ٽالپورن جي سردار مير عبدالله خان کي جڏهن سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جو ڏکوئيندڙ داستان معلوم ٿيو ته هو نهايت ئي جوش ۽ جذبي ۾ ڀرجي ويو. هن پنهنجي سردارن جهڙوڪ مير فتح خان وغيره کي گهرائي چيو ته هيءَ مهل آهي جو ڪيئن به ڪري سنڌ کي ظالم کان بچائي وٺجي، نه ته سنڌ جو معصوم عوام ڪڏهن به اسان کي معاف نه ڪندو. مير فتح خان جواب ڏنو ته هيءَ شاهي فوج آهي ۽ بادشاهه زمين تي خدا جو سايو آهي. ان ڪري تلوار کڻڻ شرعي جائز نه آهي. (18). انهي باري ۾ مولانا غلام رسول مهر ڪهڙو نه سچ لکيو آهي:

”هي ارڙهين صديءَ جون ڳالهيون آهن، جڏهن بادشاهن جي باري ۾ نهايت غلط ۽ بيهودا تصور رائج هئا. ايتريقدر جو نادرشاهه جهڙي ظالم ۽ جابر جو مقابلو به شرعي توڙي اخلاقي لحاظ سان گناهه ڄاتو ٿي ويو!، ليڪن مير عبدالله خان جا تصورات هن اونداهي ۽ ظالمانه دور ۾ به ڪيترا نه روشن ۽ پاڪيزه هئا، ۽ هن مردِ خدا جي دل ۾ ملڪ جي انتظامي فرائض جو ڪيڏو نه قابلِ قدر احساس موجزن هو“ (19).

انهي افراتفري جي دور ۾ ٽالپورن جا سردار مير فتح خان ۽ مير باگو خان عمرڪوٽ جي طرف هليا ويا. (20). مدد خان پٺاڻ پڻ سندن پيڇو ڪندو اچي عمرڪوٽ کان نڪتو.

ٽالپور سردارن اهو فيصلو ڪيو ته جنگ ڪرڻ بدران في الحال صلح ڪجي، مير فتح خان ۽ مير باگو خان، مدد خان پٺاڻ جي اڳيان اچي پيش پيا ۽ عمرڪوٽ جو قلعو سندس حوالي ڪيائون. مدد خان پٺاڻ ٻنهي ٽالپور سردارن کي قيد ڪرايو، بعد ۾ مير فتح خان ڪنهن حيلي وسيلي سان افغاني فوج کان جان بچائي ڀڄي نڪتو (21).

مدد خان پٺاڻ، ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي کي سنڌ جي تخت تي ويهاريو ۽ کانئس واعدي موجب جنگي خرچ گهريو. ميان صاحب پنهنجي روايتي عادت موجب چالبازي ۽ مڪاريءَ سان مدد خان پٺاڻ کان جند ڇڏائڻ ٿي گهري، پر هن ظالم جي اڳيان سندس هڪ به نه هلي. ان کانپوءِ مدد خان پٺاڻ اچي مڇريو ۽ سنڌ اندر ظلم ۽ بيرحميءَ جي بازار گرم ڪري ڏنائين. سندس ظالمانه ڪارروايون چنگيز خان ۽ هلاڪو خان کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هيون. ميان عظيم الدين ٺٽويءَ انهيءَ واقعي جي ماده تاريخ هن ريت ڪئي آهي:

چنان هول درملڪ سند اوفتاد،

            کہ هول قيادت درآمد بہ ياد! 1141هه (22)

هڪ ٻئي شاعر انهيءَ دردناڪ واقعي جي ماده تاريخ هيٺين لفظن ۾ چئي آهي:

اي داد از ظالم بي داديءَ منحوس! 1141هه

آخرڪار مير عبدالله خان جي حڪمت عملي سان مدد خان پٺاڻ ڪابل موٽي ويو. ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي ڪجهه وقت لاءِ سک جو ساهه کنيو. ميان عبدالنبيءَ جي يقين دهانيءَ تي مير عبدالله خان، مير فتح خان ۽ مير مرزو خان موٽي پنهنجي ماڳ تي آيا. سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا لٽجي چڪي هئي، شاهي خزانو خالي ٿي ويو هو. انهي هوندي به ميان عبدالنبي جي دل مان اڃا به بغض ۽ ڪينو نه ويو هو. ملڪ سان هيڏو هاڃو ڪيائين، ته به سندس دل تي ڇنڊو نه پيو. وجهه وٺي ٽالپورن تي ٻيو وار ڪيائين ۽ ٽالپورن جي پڳدار مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان کي قتل ڪرائي ڇڏيائين (23).

مير عبدالله خان جي قتل ٿيڻ کانپوءِ جيئن ته سندس پٽ ننڍڙا هئا، انهيءَ ڪري سنڌ جي ٽالپور سردارن، قبيلي جي پڳ مير فتح علي خان کي ٻڌرائي. مير فتح علي خان پڳ ٻڌڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي پاڻي سر کان مٿي چڙهي ويو آهي ۽ ڪيئن به ڪري ڪلهوڙن جي حڪومت کي ختم ڪرڻ گهرجي. مير فتح علي خان ٽالپور جي سرڪردگي ۾ ٽالپورن، ميان عبدالنبي خان تي ڀرپور حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهريائين مير فتح علي خان جو ارادو هو ته هڪدم ميان عبدالنبي تي حملو ڪجي، پر مير سهراب خان ٽالپور جو مشورو هو ته سڀ کان اول پنهنجو اهل ۽ عيال ڪنهن محفوظ جاءِ تي رهائجي، ته جيئن اهي جنگي ميدان کان پري رهن، انهي تي ٽالپور سردارن اهو فيصلو ڪيو ته ”دين ڳڙهه“ تي قبضو ڪري، ٻارن ٻچن کي اتي رهائجي (24). آخرڪار سڀني ٽالپور سردارن پنهنجا ٻار ٻچا وٺي وڃي دين ڳڙهه ۾ رهيا. ان کانپوءِ جنگ جي مڪمل تياري ڪري، ميان عبدالنبيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪتا.

سن 1782ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديم شهر ”هالاڻيءَ“ جي ڀرسان قومي شاهراهه جي وٽ سان هيءَ فيصلي ڪُن جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي جي نحوست کان في الحال سنڌ آجي ٿي. ميان عبدالنبي جي فوج هالاڻي جي اوڀر – اتر ڪنڊ تي ”پير ولي درويش“ جي مشهور قبرستان وٽ مقابلي لاءِ اچي منزل انداز ٿي. پير ولي درويش کي ساهتيءَ ۾ عام ماڻهو ”پير دلو مشائخ“ به ڪري چوندا آهن. ٻئي طرف ٽالپورن جي فوج مير فتح علي خان ٽالپور جي اڳواڻي ۾ ”پريالوءِ“ وٽ اچي ڇانوڻي هنئي. ٻئي فوجون هڪٻئي جي رت جون پياسي هيون. ڪلهوڙن جي شاهي فوج ۾ پٺاڻ ۽ قلات جي خان جي فوج جا ماڻهو به شامل هئا. ميان عبدالنبيءَ پاران محمد حسن کهاوڙ فوج جو سپهه سالار هو. ڪلهوڙن جي فوج ۾ اٽڪل ٽيهه هزار سپاهي هئا، جن ۾ ليکي، کوسا، نومڙيا ۽ ٻين قومن جا ماڻهو شامل هئا.

ڪلهوڙا حڪمرانن جي پاران انهيءَ وقت ساهتي پرڳڻي جو گورنر ڌڱاڻو خان جتوئي هو. هُو هالاڻي شهر جي ٻاهران پنهنجي ٺهرايل ڪچي قلعي ۾ رهندو هو. هو پڻ پنهنجي طرفان وڏي فوج وٺي اچي انهي جنگ ۾ شامل ٿيو. ڌڱاڻو خان جتوئي ۽ محراب خان جتوئي، انهي جنگ ۾ نهايت ئي دليري ۽ بهادري سان وڙهيا. ميان عبدالنبي جي فوج ۾ کهاوڙن جي فوج کانسواءِ راڄي ليکيءَ جو پٽ بلاول ليکي پڻ پنهنجي جانباز سپاهين سان گڏ اچي شامل ٿيو.(25)

ٽالپورن جي فوج مير فتح علي خان جي اڳواڻيءَ هيٺ لڙائيءَ لاءِ ميدان ۾ آئي. مير باگو خان، مير الهيار خان ۽ مير ٺارو خان پڻ پنهنجا فوجي دستا وٺي اچي جنگ ۾ شامل ٿيا. اهڙيءَ طرح سان ٽالپورن جي فوج ۾ ڇهه هزار کن سپاهي هئا. مير سهراب خان، نندو خان ڀرڳڙي ۽ ٻيا ٽالپور سردار ٽيهن هزارن جي لڳ ڀڳ سپاهين سان اچي انهي جنگ ۾ شريڪ ٿيا.


[1]   مير بجار خان کي شروع ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ دعا ڪئي هئي جو لاڻياري جي جنگ ۾ ڪامياب ٿيو. پر جڏهن گرهوڙي صاحب سامي دت گر تي ڪاهيو ته مير صاحب سندس ڪابه مدد نه ڪئي ۽ وعدي تان ڦري ويو، جڏهن سندس ڪنهن معتقد چيو ته ”سائين بجر ڦري ويو“ ته گرهوڙي صاحب فرمايو ته ”مڙئي خير آهي!“

اسان پاري، بجر نه پاري،

وئي بجر جي ساري ساري

انهيءَ پاراتي سبب بجر جو موت ٿيو. ڏسو ڪلام گرهوڙي (دائود پوٽو) ديباچو 31- 51. (معمور يوسفاڻي)

*  انيڪ روايتن موجب مدد خان پٺاڻ نه بلڪ نومڙيو آهي، جيڪو پٺاڻن ۾ لشڪر جو سپهه سالار هئڻ ڪري پٺاڻ سڏجڻ ۾ آيو. نه ته اصل ۾ هو نومڙيو آهي. نومڙيا نهڙين جا ڀاءُ آهن ۽ ٽيان ڀاءُ اٿن ٻيلائي. اهو ئي سبب آهي جو مدد خان فوج مان رٽائر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ سندس قبر تعلقي ٽنڊي محمد خان جي هڪ مشهور قبرستان ۾ آهي، جيڪو ٽنڊي محمد خان کان 5 – 6 ميل پري آهي. (معمور يوسفاڻي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com