سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1987ع

مضمون

صفحو :2

سرورق

جامع مسجد خدا آباد، دادو

نامور ڪلهوڙي حڪمران، ميان يار محمد خان، دادو ضلعي ۾ ”خدا آباد“ مرڪز جو بنياد رکيو ۽ جيئن خاندان ترقي ڪندو ويو، تيئن مرڪز جي رونق، آرائش ۽ حسن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو. ميان غلام شاهه جي دور تائين خداآباد جي عظمت ۾ ڪو به فرق نه آيو. عبدالنبيءَ جڏهن مير عبدالله خان ٽالپر ۽ مير فتح خان ٽالپر کي قتل ڪرايو، تڏهن ٽالپرن انتقام جي جوش ۾ اچي خداآباد تي حملو ڪيو. هنن شهر کي لُٽيو ۽ جاين کي باهه ڏئي ڇڏي. اهڙيءَ طرح 1781ع ۾ خداآباد جو شهر تباهه ٿي ويو.

هينئر خدا آباد ۾ فقط ٻه جايون بچيل آهن: هڪڙي جامع مسجد ۽ ٻيو ميان يار محمد خان جو مقبرو.

جامع مسجد اڄ به موجود آهي، جيتوڻيڪ پوڻا ٻه سئو سال گذري چڪا آهن، باغ علي خائف، ”نامہء نغز“ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن هيءَ مسجد جوڙي وئي، ته منجهس نقاشيءَ جو ڪم نهايت عمدو ڪيو ويو. قبو ايترو بلند ٺهرايو ويو، جو آسمان سان وڃي مليو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ شنگرف گهڻو استعمال ڪيو ويو. هن کي بيت المقدس ته نٿو چئي سگهجي، پر اُتي هر وقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو. نحو ۽ صرف جا استاد، عربيءَ جي تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول آهن. صحيح بخاري پڙهائي وڃي ٿي. حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، ۽ ذاڪر تسبيح ۾ مصروف آهن.“

هينري ڪوزنس جي بيان مطابق ”هيءَ مسجد ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ٺهرائي هئي. هن جا ٻه حصا هئا: هڪڙو اسي فوٽ ڊگهو ۽ ايڪيهه فوٽ ويڪرو، ۽ ٻيو اسي فوٽ ڊگهو ۽ پنجويهه فوٽ ويڪرو. اُچائي چوٽيهه فوٽ هئي. ٻاهرئين دروازي تي، ٻنهي پاسن ڪاشيءَ جو نهايت دلاويز ڪم ٿيل هو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ هن کان اڳ تڪلف ۽ بناوت کان ڪم ورتو ويندو هو، ميان صاحب انهيءَ پراڻي طريقي کي ترڪ ڪري نئون طريقو اختيار ڪيو ۽ مسجد ۾ جيترو به ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو، ان جي اصليت جي شان کي قائم رکيو.“

تاريخ ڪلهوڙا، حصه 2 (ص 973- 974)

(سلائيڊ: بشڪريه شاهنواز بابر سومرو،

سنڌ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي، ٽنڊوآدم.)

”جو ڪلام مستقبل تي روشني وجهندڙ ۽ ترقي لاءِ ايندڙ نسل کي اُڀاريندڙ آهي، صرف اُهوئي ڪلام قائم رهندو ۽ جٽاءُ ڪندو، باقي ٻيو سڀ بيسود هئڻ سبب ميٽجي ويندو.“

- علامه آءِ آءِ قاضي

شاعري جو ڀاڱو

 

”.....هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دور جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان ڇڄي وينداسين. جيستائين اسين ادب جي اوسر جو هيءُ سلسلو قائم نه رکنداسين، تيستائين اسان جي ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو. تان جو اُهو اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو. جئين ڪنهن ٻيءَ ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي ۽ اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو ۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غير معمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪ خسيس کان خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شئي جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نيست ۽ نابود ٿي ويندي.....“

- ٽي. ايس. ايليٽ

(شاعريءَ جو سماجي ڪارج)

مخدوم محمد زمان طالب المولى

(نعتيه ڪلام)

اي شفيعِ روز بيم اي رحمت للعالمين

اي خوفناڪ ڏينهن (قيامت) تي شفاعت ڪندڙ ۽ تون هر جهان لاءِ رحمت

 

چشمئه دريا قياس و تو سراج السالڪين

اي عقل ۽ قياس جي دريا جا چشما، اي سالڪن جا چمڪندڙ شمعدان

 

سيد المتعظمين و سيد المتواضعين

اي عالي مرتبن وارن جا سردار ۽ نيازمندن جا اڳواڻ

 

سيد المتقابلين و سيد المتدبرين

اي سڀني نبين جا سردار ۽ عقل مندن جا سرواڻ

 

سيد المتاخرين و سيد المتقدمين

اي پوين جا سرگروه ۽ جملي اڳين جا سردار

 

سيد الڪونين آقا اي سراج العارفين

اي ٻنهي جهانن جا والي، آقا، اي عارفن جي راهه جي شمع

 

احمدِ قوسين مڪان و عذر خواهِ عاصيان

اي احمد قاب قوسين جا صاحب، اي گنهگارن لاءِ معافي گهرندڙ

 

شهسوارِ ملڪ هستي يا شفيع المذنبين

اي ساري ڪائنات جا سپہ سالار، اي گنهگارن جا شافع

 

حاڪمِ ڪشور ڪفايت قبلئه دورِ جهان

اي ڪافي هئڻ جي ولايت جا حاڪم اي جهان جي هر دور جا قبله

 

شاهِ تختِ ڪائنات و سيد المتصدقين

اي ڪائنات جي تخت جا تاجدار ۽ سچن جا سائين

 

اي شفاعت خواه ڪار افتادگان شاهِ خرد

اي گنهگار بندن جا سفارش گهرندڙ اي عقل جا بادشاهه

 

توئي شرفِ دو جهان و سيد المتفاخرين

ٻنهي جهانن جا سينگار ۽ سڀني سردارن جا سرخيل

 

طالب المولى بخواهد پرده پوشي از گناه

طالب المولى عرضدار آهي، منهنجي هر گناه تي پردو ڏي

 

سيد المستغفرين و سيد المتورعين

توبه ڪندڙن جو سردار آهين ۽ پرهيزگارن جو مهندار آهين

   (فارسيءَ ۾)

مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“

ويس ٿي تنهنجو ”غلام حسين“ اڄ بيدام   (غلام)

رقيب لاءِ ته ”هر هنٽر“ آهيان يار مدام                (هنٽر)

نه آهي آهُن ۾ منهنجي هاڻ ”عبدالله“                (اثر)

رهيو نه آئون به آهيان انهيءَ جي ”ليلارام“   (لائق)

نگاههِ لطف هٽايو نه ”حاجي پيرو“ تان         (سائل)

هو آهي ”جمع خان“ پيو ڦري سدا ناڪام     (غريب)

اوهان جي تير مزه آهي ڪيو ”عزيز الله“       (مجروح)

”ڪشن چند“ آهيان محبت ۾ تنهنجي مان بيدام(بيوس)

”رسول بخش“ تان آهيان ”محمد اسماعيل“   (دوست/فدا)

شهيد آهي ڪيو مون کي قرب جي صمصام

مون کي آ مست نگاهن ڪيو ”امام علي“   (بيخود)

عطا ”محمد بخش“ آ ڪيو اهو انجام                (ساقي)

طبيعت آهي گهڻو ئي اي يار ”عبدالحئي“   (سليم)

بنائي يار تڏهن ڀي نٿو هو پنهنجو غلام

مٺا ڪا مهر ”محمد صديق“ تي ڪريو               (مسافر)

ڪيو ”محمد عيسى“ گهڻو ئي آ اُلام                (عاجز)

نه ”ليکراج“ ٿا سمجهن هو پنهنجي عاشق کي       (عزيز)

نه آهي ڪو به رقيبن کان وڌ ڪڏهن بدنام

بناءِ مون کي ”غلامِ محمد“ اي دلبر          (گرامي)

ته تو سان گڏ رهي دنيا ۾ خوب منهنجو نام       

ڏکن ورايو اچي آ مان هوس ”حيدر شاهه“      (ناعم)

هو منهنجو ڪهڙو هُو آغاز ٿيو ۽ ڇا انجام

ٿي ساڙي هجر جي هاڻي مون کي ”عباس علي“(آتش)

زبان کان هاڻي زياده نه ٿيندو منهنجو ڪلام

سڙيو غمن ۾ وڃي ”رامداس“ ساري رات      (شمع)

ته پڻ خوشي جو نه ”ڀڳڙي“ کي ٿو ملي پيغام      (پروانو)

ڏسان ٿو ڪو نه جهان ۾ ڪو ”پير شاهنواز“   (عارف)

ڦران گهڻوئي ”محمد زمان“ ٿي صبح و شام (طالب)

                                        (هالا، 1943ع)

تنوير عباسي

بسنت جهڙو سپرين جنهن جو،

گفتو گفتو گل.

مورک ماپين ٿا موتين سان،

تنهنجي مرڪ جو مل.

سونهن هلي آ منهنجي گيتن جي،

جهوليءَ ۾ جهل.

سانت هيا سڀ ساز مگر هئو،

هٻڪارن جو هل.

هائو بتن سان پيار ڪريون ٿا،

ڪافر آهيون ڪل.

امداد حسيني

ڇا ڇا نه مليو آهي پيار ۾،

ڪجهه پُور مليا،

ڪجهه سُور مليا،

واهه جو وِ رهه مليو وهنوار ۾.

دل جي ڪوري ڪاڳر تي مون توکي من جو ميت لکيو،

ايئن ڀاسيو ڪنهن شاعر ڪوئي مڌر رسيلو گيت لکيو،

من ميت مليو،

هڪ گيت مليو،

ڇا ڇا نه مليو آهي پيار ۾!

خالي خالي هو هر منظر، هر منظر کي هڪ رنگ مليو،

ڪجهه لڙڪ مليا ڪجهه مُرڪ ملي، جذبن کي آهنگ مليو،

هڪ رنگ مليو،

اُهنگ مليو،

ڇا ڇا نه مليو آهي پيار ۾!

نياز همايوني

غزل

حسن اسود نڪي اشهب آهي ميان!

حسن جئن آهه تئن انسب آهي ميان!

زندگي ڪا قباحت قبولي نٿي

پاڻ کي سونهن سان مطلب آهي ميان!

عشق جي راهه تي ڪونه گمراهه ٿيو،

عشق جي راهه اصوب آهي ميان!

هر تصور ۾ تصوير ان جي بکي،

يار جي دور، ته به اقرب آهي ميان!

تون نه ڪر کيس تبليغ ڪنهن ڳالهه جي،

عشق انسان جو مذهب آهي ميان!

قول هڪڙو هجي فعل ڪوئي ٻيو،

هي ته ابليس جو ڪرتب آهي ميان!

بافتي جي ڪفن تي به ڌاڙا هتي،

هرڪو هن دور ۾ اشعب آهي ميان!

حسن تنهنجو ٿو پردي پٺيان ائين لڳي،

سج ڪڪرن ۾ جئن اصهب آهي ميان!

عشق جو برج اٿئي ڪال جي ڪوٺڙي،

هت نه سرطان يا عقرب آهي ميان!

شاعري رت ولوڙڻ جو رؤنشو ”نياز“،

هن نه ڌنڌو نڪي منصب آهي ميان!

عنايت بلوچ

گيت

مور مٺا تون موٽ، گهڙي کن گهوٽ،

ڪريون ڪي روح رهاڻيون،

روح رهاڻيون، ساهه سيباڻيون.

ويهي پنهنجا اندر اوريون،

سور به سوريون، ڏکڙا ڏوريون،

منهنجا اٽل اڻموٽ:

مٺا تون موٽ، ڪريون ڪي روح رهاڻيون.

تن من دل جي ڌڙڪن ۾ تون،

اُڌمن، جلون، جذبن ۾ تون،

تنهنجي چاهت چوٽ:

مٺا تون موٽ، ڪريون ڪي روح رهاڻيون.

تون منهنجو، مان تنهنجو آهيان،

سچ سان هر دم نينهن نباهيان،

ڪوڙ جا ڪرندا ڪوٽ:

مٺا تون موٽ، ڪريون ڪي روح رهاڻيون.

”سليم“ ڳاڙهوي

ڇا آهي

حال جي ڳالهه ڳري، هول جو هوڪو آهي،

سُور هر وقت سڄر، پُور پروڪو آهي.

ٽُوهه کي ٽُوهه چوڻ گهرجي، نه گدرو آهي،

پنهنجو پنهنجو نه، پرائو به پرائو آهي.

هڪڙي داناءَ سندو قول به نُڪتو آهي،

جو کلي خلق مٿان، خُوب سو کوٽو آهي.

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي ڪير سُڻائي ڪنهن کي،

داستان درد جو اِنسان کان لمبو آهي.

واٽ ويندي چيو هڪ اَهلِ نظر حيرت سان،

هن سڄي شهر ۾ اِنسانُ ته ڪو ڪو آهي،

حال جو حال پِريان نال رکان ٿو روئي،

ساه ۽ سر ۾ سدا سُور ۽ صدمو آهي.

ڳالهه ڪنهن جي نه ڳُڻن جهڙي نه ڳائڻ جهڙي،

قول ڪنهن جو نه بڻيو لوهه تي ليڪو آهي.

سچ جي ٻيڙي جا لُڏي پيئي، ٻڏي ڪين ڪڏهن،

سچ چوڻ سان ٿو لڳي مچ، هي پهاڪو آهي،

پنهنجو ئي پيٽ ته پنهنجو ئي مُڪُون ڇا چئجي،

پنهنجي ئي پير تي پنهنجو ئي ڪُهاڙو آهي.

بخت الله جي وَس، سِيٽ مگر پنهنجي وَس،

جو به گهر کان ٿو رُسي، مرد سو دودو آهي.

لعلُ لِڏ ۾ ته لڪائڻ تي لڪي ٿو مُشڪل،

ليڪن اڄ ڪوڏ کي پڻ سونَ جو چمڪو آهي.

گهٽ شريف آه، گهڻو زور ڪميڻو اَڄڪلهه،

لٺ رهي جنهن جي، اُنهيءَ جو ٿيو گابو آهي.

پنهنجي هانڊي ٿو پيو ڌار هلائي هرڪو،

ديس ۾ رنگ سياست جو نرالو آهي.

ووٽ جي واٽ ڏسو، يار جا ڪردار ڏسو،

ڪنهن کي دڙڪو ته وري ڪنهن کي دلاسو آهي.

موت مروان جو ٿئي ٿو ته ملُوڪن جو شڪار،

عقل جي لاش مٿان جِهُل جو لاڏو آهي.

جي ڀريا هنڌ، هميشہ پيا ڀرجن سي ئي،

ميڙ مڇرن جو اُنهيءَ لاءِ جو ڏٻرو آهي.

ڪارَ ڪوئلي جي بنائي ٿي هٿن کي ڪارو،

ٻير ٻٻرن کان گهُرڻ، خطب اَجايو آهي.

وات کُوهن جا ۽ ماڻهن جا ڪڏهن بند ٿيا،

شور ۽ شر ٿو هلي، خير جو هوڪو آهي.

جهڙي ڪرڻي ٿي ٿئي، تهڙي ئي ڀرڻي ٿيندي،

خوُب خاصن جو پُروڙيل هي پهاڪو آهي.

سونُ سو گهورجي، ڪَن جيڪو ڇني ۽ چيري،

بُک برم جي به ڀلي، شانُ ته پنهنجو آهي.

جيڪا سکڻي ٿي ڪُني، سائي اُڀامي اَڪثر،

جو نه ڇُلڪي ٿو، ڀريل مانَ جو مَٽڪو آهي.

ڪانگ ڪانگن سان ٺهن، مور ٺهن مورن سان،

ڌڻ ڇڏي ڌار ٿئي، کاڄ بگهڙ جو آهي.

وات هر هڪ جو الڳ، ٿي وري وائي به اَلڳ،

هاءِ اَڄڪلهه جو مُسلمانُ معمو آهي.

حيفُ، توحيد جي تعليم وئي اَڄ وسري،

هر نئين ڏينهن نئون ڦند ۽ فتنو آهي.

حيفُ، ٻوڙن جي اڳيان، مُلڪ جي گُونگن آڏو،

ٻول ٻولي نه سگهيو آدمي، ٻاتو آهي.

مُرڪ ۽ مهر جي کيتي ۾ رهي ٿي، خشڪي،

امن ۽ عدل پُٺيان ڏاڍ جو ڏاٽو آهي.

پنهنجي گهر ۾ به رهي ڪين ٿو ڪوئي محفوظ،

پنهنجو گلزار به آغيارجو ڪوشو آهي.

قافلي وارا ڇڄي، واٽ وڃائيندا ويا،

پاسبان جو نه پتو، ٿاڪ نه ٿاڻو آهي.

ويڄ وينجهار ويا، مرد مڻيادار ويا،

مور جي ماڳ مٿي ڪانگ جو ڪرڪو آهي.

اختلافن ۾ اڃا قوم رکي ٿو قابُو،

مولويءَ کي به مليو ور جو ورثو آهي،

ڪُوڙ کي سچ ٿا چون، سچ کي چون ڪُوڙ آهي،

چست ۽ ڪٽ تي چڙهيل سون جو پردو آهي،

پنهنجي پاڇي کي نهاري ٿو سدائين سڀ ڪو،

دُور جي چيز ڏسڻ لاءِ ڇڊو ڪو آهي.

ظُلم ڪنهن تي ٿو ٿئي خَلق ڏسي بيٺي،

حيفُ، مظلوم ۽ مجبور تماشو آهي.

ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي، ڪو به نه آهي ڪنهن جو،

فرش گُونگو ٿي پَيو، عرش به ٻوڙو آهي.

حرص جا ڪوٽ ٺهي ڪين ٿين ٿا پورا،

سَو وَرهه بعد به اِنسانُ آڌُورو آهي.

صبح ٿيندو يا نه ٿيندو هي خُدا ئي ڄاڻي،

سج مٿي آه، مگر سرس اَنڌيرو آهي.

خاڪسارن کي خسارو ئي خسارو اَڄڪلهه،

جو وڌائي ٿو ڪري سوئي وڏيرو آهي.

نقد دل جو هُجي يا نقد وفا جو، ليڪن،

بر ۽ بازار ۾ آزار جو سودو آهي.

خَلق مان خُلق جي سُرهاڻ سراسر غائب،

نوجوانن جي دماغن ۾ ڌماڪو آهي.

نيڻ نادار جا منڇر جي مِثل تر آهن،

پيٽ زردار جو دوزخ جو ڪو طبقو آهي.

اي ”سليم“ اڄ به سُخنور نه سنواريو سچ کي،

شعر جي ٿانوَ ۾ ”چُون چُون جو مُربو“ آهي.

مظفر حسين جوش

پنهنجي مرحوم دوست سيد سردار علي شاهه جي ياد ۾

ڇا ٻڌايان توکي منهنجا هم سبق،

تنهنجي بيماري جو ٿيو ڪيڏو قلق.

تنهنجي بيماري ڏسي اي مهربان،

روز شب اکيون آهن شبنم فشان.

درد کان تون ٿيو آهين وهلور ڇو،

اهلِ طب آهن ٿيا مجبور ڇو.

ڪجهه ته چئو لله مون کي همنشين،

درد هي چپ چاپ تون ڇو ٿو سهين.

تنهنجي پيشاني پسي انجم کِڙيا،

تنهنجي اکين کي ڏسي غنچا ٽڙيا.

درد کان تڙپين ٿو تون سيماب وار،

تنهنجو هر پهلو رهي ٿو بيقرار.

درد تنهنجي جو اهو آهي اثر،

مضطرب آهن سندم شام و سحر.

اڄ انهن اکين ۾ ٿيا رنج و محن،

۽ ويو ڪومائجي دل جو چمن.

مسڪراهٽ وئي ڪيڏي ڪافور ٿي،

ڇا سمائي آهه جگر ۾ سور ٿي.

مان به ٿو توسان اها سختي سهان،

ڪاش ڪنهن ڪم مان اچي تنهنجي سگهان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com