”هسٽري آن ٽومب اسٽونس“ جي تقريب رونمائي
سنڌي ادبي بورڊ طرفان جناب علي احمد بروهي جي
ڇپايل انگريزي تحقيقي ڪتاب
History on Tombstones: Sind and Balochistan
جي رونمائي جي تقريب گذريل 23-
اپريل 1987ع تي ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ منعقد ٿي، جنهن
جو اهتمام سنڌ سرڪار جي تعليم ۽ ثقافت کاتي ڪيو
هو. ان باوقار تقريب ۾ سنڌ جي علم دوست وزيراعلى
جناب سيد غوث علي شاهه صاحب، ڪتاب جي رونمائي ڪئي.
جلسي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، ميمبر صاحبن،
اعلى سرڪاري عملدارن، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اديبن،
شاعرن، پنجاب ۽ بلوچستان مان آيل محققن جناب ڊاڪٽر
محمد رفيق مغل ۽ جناب عطا شاد پڻ شرڪت ڪئي. ان جي
ڪارروائي جناب عبدالحميد آخوند نهايت دلنشين
پيرايي ۾ هلائي.
رونمائي جي تقريب کي خطاب ڪندي جناب سيد غوث علي
شاهه، وزير اعلى سنڌ فرمايو ته ”ننڍي کنڊ جي تاريخ
۾ سنڌ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ کي مضبوط
خوشحال ٿيڻ گهرجي، جيئن پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال
بڻجي. سڪندراعظم به سنڌ ۾ آيو هو ۽ محمد بن قاسم
اسلام ۽ محبت جو پيغام کڻي سنڌ ۾ آيو. قرآن پاڪ جو
پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ٿيو. تاريخ هتي ئي جنم
ورتو ۽ پاڪستان جي قيام ۾ به سنڌ مکيه ڪردار ادا
ڪيو.“
وزيراعلى صاحب فرمايو ته ”مان ليکڪن جو گهڻو
احترام ڪريان ٿو، ڇو جو ليکڪ ئي عوامي راءِ
ٺاهيندڙ آهن. اهي کلائي توڙي روئاري سگهن ٿا.“
وڏي وزير صاحب نشي جي لعنت ۽ معاشري جي بڇڙاين جو
ذڪر ڪندي چيو ته نئين نسل کي صحيح راهه کان هٽائڻ
جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن صاحب ليکڪن کي مخاطب
ٿيندي چيو ته حڪومت سان گڏ اوهان جو به فرض آهي ته
بڇڙاين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪريو. هن افسوس
ڏيکاريو ته ليکڪ هيل تائين ان ڏس ۾ خاموش رهيا آهن
ته ڇا ٿيو آهي. ۽ ڇا ٿي رهيو آهي.
ان موقعي تي ڪتاب جي مصنف جناب علي احمد بروهي،
وزيراعلى جي ڌيان تي هيءَ ڳالهه آندي ته ڪراچي کان
جهرڪ تائين تاريخي اعتبار کان 30 کان 40 نهايت اهم
قبرستان آهن، جن جي حفاظت جي ضرورت آهي. هن صاحب
مثال ڏنو ته چوکنڊي جي قبرستان مان اڪريل نقش ۽
تصويرن سان سينگاريل سرون ڪيترائي سرندي وارا
ماڻهو شايد پنهنجن بنگلن جي زينت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ
کڻي ويا آهن، جنهن ڪري اهي قبرستان ”لٽيا“ پيا
وڃن! بروهي صاحب تجويز ڏني ته انهن تاريخي هنڌن جي
حفاظت لاءِ صوبائي حڪومت جي ضابطي هيٺ هڪ کاتو هئڻ
گهرجي.
هن صاحب، ڪتاب لکڻ بابت ڪيل جاکوڙ جو تفصيلي ذڪر
ڪيو ۽ ٻڌايو ته جي ڪتاب 1957ع کان 1977ع تائين سنڌ
۽ بلوچستان جي ڏورانهن هنڌن ڏانهن بار بار ڊگهين ۽
اڻانگين مسافرين جو نتيجو آهي. هن صاحب ٻڌايو ته
”ڪتاب جو لاڳاپو انهن اُڪريل ۽ سينگاريل سِرن سان
آهي، جن تي مسئلن جي يادگار طور محنت ڪئي وئي.
انهن قبرن کي سنڌ ۾ چوکنڊي جون قبرون ۽ بلوچستان ۾
رومي ۽ گنبذ سڏيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ان خيال کان
لکيو ويو آهي، ته پنهنجي وقت جي جنگجو قبيلن جون
اهي قبرون وڌيڪ ڌيان لهڻن ٿيون. اهي قبرون اسان کي
قبيلن جي اصليت بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون، ان
کانسواءِ انهن قبرن مان قبيلن جي رسمن ۽ رواجن
بابت معلومات ملي ٿي. دراصل اهي قبرون تاريخ جا
ماخذ آهن، جن جي حفاظت جي بي حد ضرورت آهي.“
آثار قديمه جي جڳ مشهور ماهر ۽ ڊئريڪٽر آرڪيالاجي،
ناردرن سرڪل، لاهور، جناب ڊاڪٽر محمد رفيق مغل،
ڪتاب جي مواد گڏ ڪرڻ لاٰءِ جناب علي احمد بروهي جي
کوجنا ۽ ان جي ڏنل سمجهاڻين جي بيحد تعريف ڪئي ۽
ٻڌايو ته بروهي صاحب جا ويچار ۽ رايا انهن سڀني
مصنفن جي راين کان معياري ۽ مٿانهان آهن، جيڪي هن
کان اڳ اسان جي آڏو آيل آهن. ڊاڪٽر مغل صاحب چيو
ته اهي قبرون ڄڻ آرٽ جون کليل گئلريون آهن، جن
ڏانهن بروهي صاحب محققن جو ڌيان ڇڪايو آهي، هن
صاحب پنهنجي عالمانه راءِ ڏيندي چيو ته هي ڪتاب
نهايت قيمتي آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ نهايت
خوبصورتي سان ڇپايو آهي.
بلوچستان جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ۽ برک اديب
جناب عطا شاد به بروهي صاحب جي تحقيق جي تعريف ڪئي
۽ موضوع جي اهميت تي ڳالهايو.
آخر ۾ بورڊ جي چيئرمين، علامه غلام مصطفى قاسمي
صاحب مهمانن جي شڪر ادائي ڪئي ۽ بورڊ جي هڪ فاضل
ميمبر جناب قاضي محمد اعظم صاحب سنڌ جي وزيراعلى
کي بورڊ پاران ڇپايل مختلف موضوعن تي ڏهن ڪتابن جو
تحفو پيش ڪيو.
ان خوشگوار تقريب ۾ سنڌ جي وزيراعلى، سنڌ جي اديبن
جي ڀلائي لاءِ ”چيف منسٽر ويلفيئر فنڊ فار
رائيٽرس“ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته
ابتدائي طور ان لاءِ هڪ لک رپيا منظور ڪيا وڃن ٿا.
هن صاحب سرندي وارن ماڻهن کي، ان مقصد لاءِ هٿ
ونڊائڻ جي به اپيل ڪئي.
وزيراعلى صاحب چيو ته فنڊ جي انتظامي ڪميٽي جو
سربراه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هوندو، جڏهن ته ٽي
قومي اسيمبلي ميمبر، ٽي سنڌ اسيمبلي ميمبر، ٽي
ليکڪ ۽ سنڌ جو ڊائريڪٽر ڪلچر ان جا ميمبر هوندا.
هن صاحب اعلان ڪيو ته سنڌ جي ٻن بيمار اديبن جناب
رشيد ڀٽي ۽ طارق عالم ابڙي جو سرڪاري خرچ تي علاج
ڪرايو ويندو.
وڏي وزير صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي کي
ساراهيو ۽ تجويز ڏني ته نظريه پاڪستان کي آڏو
رکندي نوجوان ليکڪن کي همٿايو وڃي، هن صاحب چيو ته
بورڊ آزاد آهي ۽ ان کي هڪ وڏو ادارو بڻجڻ گهرجي.
سنڌي ادبي بورڊ جو جديد آفسيٽ پرنٽنگ پريس ۽
فوٽو ٽائيپ سيٽنگ سسٽم جي افتتاحي تقريب
سنڌي ادبي بورڊ طرفان نصب ڪيل جديد آٽوميٽڪ آفسيٽ
پرنٽنگ پريس ۽ سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو
ڪمپيوٽرائيزڊ ڪمپوزنگ مشين، ”فوٽو ٽائيپ سيٽنگ
سسٽم فار ڪمپوزنگ سنڌي/انگريزي“ جي افتتاحي تقريب
30- اپريل 1987ع تي بورڊ جي ڄام شوري آفيس ۾ منعقد
ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ جي وزيراعلى جناب سيد غوث
علي شاهه صاحب ڪئي. ان موقعي تي بورڊ ۾ عبادت جي
سهولت لاءِ تعمير ڪرايل مسجد شريف ۾ وزيراعلى صاحب
مغرب جي نماز ادا ڪرڻ فرمائي.
وزيراعلى سنڌ جي بورڊ ۾ پهچڻ تي بورڊ جي چيئرمين،
فاضل ميمبر صاحبن، سيڪريٽري ۽ معززين گرمجوشيءَ
سان استقبال ڪيو. ان کانپوءِ صاحب موصوف، بورڊ جي
جديد آٽوميٽڪ آفسيٽ پرنٽنگ پريس جو رسمي افتتاح
ڪرڻ فرمايو. ان موقعي تي هُن صاحب، جڳ مشهور عالم
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جي مشهور تصنيف ”تفسير
هاشمي“ جي شروعاتي ڇپائي جي ابتدا، مشين جو بٽن
دٻائي ڪئي. ان موقعي تي صاحب موصوف جديد مشينري جا
مختلف شعبا گهمي ڏٺا ۽ تفصيلي معائنو ڪيو. بعد ۾
وزيراعلى، سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو قائم ڪيل فوٽو
ٽائيپ سيٽنگ سسٽم فار ڪمپوزنگ سنڌي/انگريزي جو
معائنو ڪيو ۽ ان ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ بورڊ جي
ورتل هن غير معمولي ڪاوش تي مسرت جو اظهار ڪيو.
تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، جا حاجي
عنايت الله زنگيجي ڪئي ۽ ڪاروائي بورڊ جي سيڪريٽري
جناب محمد حسين ترڪ هلائي.
بورڊ جي چيئرمين علامه غلام مصطفى قاسمي، وڏي وزير
صاحب ۽ معزز مهمانن جي آجيان ڪندي پنهنجي خطاب ۾
سنڌ جي علمي خدمتن جو تذڪرو ڪيو ۽ ٻڌايو ته بورڊ
جي ڪارڪردگي کي علمي حلقن ۾ وڏي قدرشناسي حاصل
آهي. هن صاحب ان سلسلي ۾ پنهنجي مشرق وسطى ۽
هندستان جي علمي مرڪزن جي دورن جا مثال ڏنا ۽
ٻڌايو ته بورڊ جو، خاص ڪري اسلامي دنيا جي ملڪن ۾
وڏو مان ۽ مرتبو آهي.
قاسمي صاحب، وڏي وزير صاحب کي ٻڌايو ته اڳي اسان
جي بورڊ کي گرانٽ گهٽ ملندي هئي، پر توهان جي
ايامڪاري ۾ وڌائي وئي آهي، ”اها اسان جي خوش بختي
آهي، جو قدرت اسان کي علمي وزيراعلى عطا ڪيو آهي.
پاڻ اديب ۽ عالم آهن. پاڻ وقتاً فوقتاً مون سان
جيڪي علمي ڳالهيون ڪيون آهن، تن تي مان حيران ۽
خوش آهيان. اسان جا حاڪم اهڙا هجڻ گهرجن.“ قاسمي
صاحب واضح ڪيو ته اها محض وزيراعلى سنڌ جي علم
پروري ئي آهي، جو بورڊ جي گرانٽ بتدريج 5 لکن مان
وڌي 22 لک ٿي آهي.
هن صاحب ان ضرورت تي زور ڏنو ته بورڊ کي مالي
سهوليت لاءِ ان جي گرانٽ اڃا به وڌائي وڃي، ڇو ته
ملندڙ پئسو سنڌ ۽ پاڪستان تي خرچ ٿيندو.
قاسمي صاحب، بورڊ جي تازه ڪارڪردگي جو مجمل جائزو
پيش ڪندي ٻڌايو ته بورڊ جي ڪتابن جو هڪ نئون بڪ
شاپ حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويو آهي.، پراڻي ليٽر
پريس ڄام شوري ۾ آندي وئي آهي، نئين آفسيٽ پريس
لڳائي وئي آهي، ڪمپوزنگ جي سهولت لاءِ جديد
ڪمپيوٽر مشين نصب ڪئي وئي آهي.
هن صاحب تقاضا ڪئي ته جڳهه ۽ مشينن جي ضرورت لاءِ
فنڊن جي ضرورت آهي ۽ مسجد تي آيل خرچ جي سلسلي ۾
خاص گرانٽ ڏني وڃي. نئين آفسيٽ پريس لاءِ 18 لک
رپيا ڏنا وڃن ۽ سنڌ جي اسلامي ثقافتي ورثي جي
اشاعتي اسڪيم لاءِ پڻ مالي مدد ڪئي وڃي، جنهن تي
ڪم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ مون متعدد ڪتاب
چونڊيا آهن.
بعد ۾ جناب سيد غوث علي شاهه صاحب پنهنجي خطاب ۾
فرمايو ته خوشي جي ڳالهه آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ ۾
اشاعت جو نئون نظام آفسيٽ جي شڪل ۾ آيو آهي. اها
سنڌ جي ماڻهن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ۽ پوري
پاڪستان جي عزت آهي.
صاحب موصوف فرمايو ته جڏهن 1981ع ڌاري آءُ سنڌ جو
وزير تعليم و ثقافت بنيس ته ڏٺم ته اهو بورڊ 5 لکن
تي هلي رهيو هو، مون ان کي درجي بدرجي 22 لکن
تائين پهچايو. هن صاحب بورڊ کي مشورو ڏنو ته ڪم جي
رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انشاءَ الله بورڊ جي مالي
امداد جي رفتار ۾ پڻ واڌارو آندو ويندو.
هن صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته بورڊ ۾ جديد فوٽو
ٽائيپ سيٽنگ سسٽم ۽ آفسيٽ مشينري جي تنصيب کانپوءِ
اديبن ۽ شاعرن لاٰءِ ڇپائي جون شڪايتون دُور
ٿينديون.
صاحب موصوف فرمايو ته وزيراعظم جي پنج نڪاتي
پروگرام تي عمل ڪندي اسان جي سنڌ صوبي خوب پيشرفت
ڪئي آهي ۽ انشاءَ الله ”علم جي روشني“ ڦهلائڻ ۾
اسان جو صوبو ڪافي فعال ثابت ٿيندو ۽ ان طرح سنڌي
ادبي بورڊ پنهنجو ڪردار بخوبي ادا ڪندو.
وزيراعلى صاحب، ان موقعي تي، سنڌي ادبي بورڊ جي
سالانه گرانٽ ۾ ٻن لکن رپين جي اضافي جو اعلان
ڪيو، جيڪا گرانٽ اڳ 22 لک هئي.
وڏي وزير صاحب چيو ته تازو اسان چيف منسٽر ويلفيئر
فنڊ فار رائيٽرس قائم ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جي اديبن
جي فلاح ۽ بهبود طرف هڪ خاص قدم آهي. هن صاحب واضح
ڪيو ته اسان جو مقصد آهي ته ان مان اديب جي ضمير
کي اجاگر ڪجي ۽ نه ان جي ضمير کي خريد ڪجي. هن
صاحب لکندڙن کي مشورو ڏنو ته نظريه پاڪستان جي
حفاظت لاءِ پنهنجون قلمي ڪاوشون وقف ڪن ۽ مختلف
صوبن درميان قومي يڪجهتي ۽ يگانگت وڌائڻ لاءِ
پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن صاحب ياد ڏياريو ته لکندڙ
”ڳنڍڻ“ جا پرچارڪ هوندا آهن. اهي ”ڇنڻ“ مُور نه
سکيا آهن، انهن کي گهرجي ته اهي صوبن کي ڳنڍڻ طرف
توجهه ڪن ۽ ان عمل کي جاري رکن.
ان کانپوءِ وزيراعلى صاحب، بورڊ طرفان تعمير ڪرايل
مسجد شريف ۾ مغرب جي نماز ادا ڪئي، جيڪا تازه جُڙي
راس ٿي هئي.
گذارش
پير علي محمد راشدي جو انتقال پُرملال
سنڌي ٻوليءَ جي بي مثل وينجهار پير علي محمد شاهه
راشدي 14- مارچ 1987ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. انا
لله وانااليه راجعون.
سنڌي ادب ۾ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جهڙي ڪلاسيڪي
تصنيف جي خالق پير صاحب ٻولي، ادب، صحافت ۽ سياست
جي ميدانن ۾ جيڪي نشان ڇڏيا آهن، سي لافاني آهن.
پير صاحب مرحوم سنڌي صحافت جي بنيادي معمارن مان
هو ۽ سنڌي ادب کي ترقي وٺائڻ وارين ڪوششن ۾
پهرينءَ صف جي ممتاز عالمن مان هو. سياست ته پير
صاحب جي سڃاڻ هئي ۽ تحريڪ آزاديءَ جي ممتاز ڪارڪنن
۾ سندس شمار هو. قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ سندس
خدمتن کي هڪ قدر لائق مقام حاصل آهي. پير صاحب جي
سياسي، صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو ايڏو
ته وسيع آهي، جو ان کي ڪنهن ضخيم ڪتاب وسيلي ئي
اجاگر ڪري سگهجي ٿو، پر سنڌي ٻوليءَ جي بي مثل
اهلِ قلم جي حيثيت ۾ سندس ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي
شينهن“ کي سنڌي ادب ۾ هڪ جاودان مقام حاصل آهي ۽
رهندو. پير صاحب مرحوم جو اهو ڪتاب، ٽن ڀاڱن ۾
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو ۽ جيستائين سنڌي ٻولي
قائم آهي، پير صاحب جي ان تصنيف جي حوالي سان سندس
نالو چمڪندو رهندو.
پير علي محمد شاهه راشدي، 5- آگسٽ 1905ع تي،
لاڙڪاڻي ضلعي جي بهمڻ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سنڌ جو
قابلِ فخر مورخ ۽ عالم مرحوم پير حسام الدين
راشدي، سندس ننڍو ڀاءُ هو. سندن خاندان جو سلسلو
حضرت سيد محمد راشد رح سان ملي ٿو. سندن ڏاڏو سيد
پير شاهه راشدي، سنڌ جو هڪ وڏيءَ حشمت ۽ ڏيا وارو
بزرگ هو، جنهن جي زير سايه، ٻنهي ڀائرن جي تربيت ۽
پرورش ٿي. ننڍي هوندي، تعليم پنهنجي گهر ۾ ئي حاصل
ڪيائين، ڪنهن به اسڪول يا ڪاليج ۾ پڙهائي جو مرحلو
پيدا نه ٿيو، پنهنجي غير معمولي ذهانت سان پير
صاحب، مختصر تعليم وسيلي اهو ڪجهه حاصل ڪري ورتو،
جيڪو يونيورسٽين جي اعلى تعليم جي حاصلات کان پوءِ
مس ميسر ٿي سگهندو آهي.
ابتدائي عمر ۾ ئي صحافت سان دلچسپي پيدا ٿيس ۽
ڪاغذ، قلم ۽ ڪتاب کي زندگي جو مقصد بنايائين.
اوائل ۾ ”الراشد“ نالي اخبار جاري ڪيائين ۽ بعد ۾
سکر مان ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستاره سنڌ“ نالي مشهور
زمانه اخبارن جو ايڊيٽر رهيو. اڳتي هلي ڪراچيءَ ۾
”قرباني“ اخبار جو ايڊيٽر بنيو ۽ هڪ مرحلي تي
”مسلم وائس“ نالي پنهنجي انگريزي اخبار ڪڍيائين.
1949ع کان 1952ع تائين مشهور انگريزي اخبار ”سنڌ
آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو. صحافت ۾ پير صاحب ايڏو ته
بلند مقام حاصل ڪيو، جو پاڪستان نيوز پيپرس
ايڊيٽرس سوسائٽي جو صدر منتخب ٿيو ۽ انڊيا –
پاڪستان جائنٽ ايڊيٽرس ڪميٽي جو صدر بڻيو. لياقت
نهرو معاهدي جي موقعي تي، پير صاحب جي ئي سربراهي
۾ صحافين جو وفد هندستان ويو هو. مرحوم، 1953ع ۾
سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ مرحوم عبدالستار
پيرزاده جي ڪابينه ۾ روينيو وزير مقرر ٿيو. 1954ع
۾ خانبهادر کهڙي جي ڪابينه ۾ نائب وزيراعلى ۽ وزير
روينيو ۽ صحت جي حيثيت سان شامل رهيو. آگسٽ 1955ع
۾ پير صاحب کي فلپائين ۾ سفير مقرر ڪري موڪليو
ويو، جتي 1961ع تائين خدمتون انجام ڏنائين. حڪومت
فلپائين، پير صاحب کي پاڪ – فلپائين تعلقات جي
سلسلي ۾ اعلى خدمتون سرانجام ڏيڻ ڪري پنهنجي ملڪ
جو اعلى سول اعزاز ڏنو. 1961ع ۾ چين ۾ پاڪستان جو
سفير مقرر ٿيو، جتي 1963ع تائين عمديون خدمتون بجا
آندائين. ان دوران پاڪ – چين سرحدي معاهدي کي عملي
شڪل ڏيڻ لاءِ نمايان ڪوششون ڪيائين. 1972ع کان
1977ع تائين وفاقي وزارت اطلاعات و نشريات ۾ مشير
جي عهدي تي رهيو. مرحوم پير صاحب 1963ع کان وٺي
روزانه جنگ ۾ مڪتوب مشرق بعيد جي عنوان سان
هفتيوار ڪالم شروع ڪيو ۽ بعد ۾ مشرق و مغرب جي
عنوان سان آخر وقت تائين تسلسل سان ڪالم لکندو
رهيو. سندس ڪجهه ڪالمن جو مجموعو ”رودادِ چمن“
نالي سان شايع ٿيو.
مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي هڪ بي مثل صاحبِ
قلم، هڪ ممتاز سياستدان، هڪ ڪامياب سفارتڪار، هڪ
صلاحيتمند صحافي جي حيثيت ۾ ڀرپور زندگي بسر ڪئي ۽
بذات خود صحيح معنى ۾ تاريخ جو هڪ دؤر هو، جنهن جي
پڄاڻي 14- مارچ 1987ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس مطالع
نهايت وسيع هو ۽ دنيا جهان جي سڀني علمن ۽ فنن جو
مجموعو هو. مرحوم پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو،
جنهن جي پايه جا انسان صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا
آهن. سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ جا هزارين
دفتر، سندس دل تي نقش هئا ۽ پاڻ پنهنجي ڪالمن
وسيلي ان کي اجاگر ڪندو رهندو هو. پير صاحب هڪ بي
انتها ذهين انسان جي حيثيت ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو،
جهڙس انسان، سندس پنهنجن لفظن ۾ ”قدرت جي ڪارخاني
مان روز روز پيدا ڪو نه ٿيندا آهن.“
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان، پير صاحب جي لازوال
تصنيف ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ سندس ڀرپور سڃاڻ آهي،
جنهن وسيلي پير صاحب جو نالو لافاني چمڪ رکي ٿو.
هڪ اهڙي چمڪ، جنهن تي ڪڏهن به ڪا ڪَٽ چڙهي نٿي
سگهي. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان، پير علي محمد
راشدي، سداحيات آهي ۽ جاودان رهندو.
بنده کي فخر حاصل آهي، جو پير صاحب مرحوم کي مون
سان ڏاڍي اڪير هوندي هئي. سندس شفقتن ۽ محبتن،
پنهنجائپ ۽ ڪريمي جا ڪي ئي وڻندڙ سلسلا بنده جي دل
تي نقش آهن. 1976ع ۾ بنده کي ساڻس نيازمنديءَ جو
شرف حاصل ٿيو ۽ مهرباني ڪري مون کي پنهنجي شفقت ۽
ٻاجهه ۾ ورتائين. منهنجي دل نوازي سندس خاص شعار
رهيو، ان ڪري ڪڏهن به کانئس مايوسي نه ٿي. ”اهي
ڏينهن اهي شينهن“ جهڙي لافاني ڪتاب جو پهريون ڀاڱو
1966ع ۾ شايع ٿيو هو ۽ ان کانپوءِ پير صاحب وڌيڪ
لکڻ لاءِ آمادگي نٿي ڏيکاري. منهنجي خواهش تي،
چوڏهن ورهين جي وٿيءَ کانپوءِ، پير صاحب دوباره
قلم کي جُنبش ۾ آندو ۽ ان جو ٻيو ڀاڱو لکي ورتو،
جيڪو بورڊ طرفان منهنجي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيو ۽ ان
طرح بعد ۾ ٽيون ڀاڱو به لکجي مڪمل ٿيو، منهنجي
خوشنصيبي آهي، جو پير صاحب جهڙو، پنهنجي دور جو
”بي مثال صاحبِ قلم“، منهنجي ناچيز علمي صلاحيت جو
وڏو مداح رهيو ۽ مذڪوره تحرير هيٺ ڪتاب جو ڪو به
حصو تيستائين بورڊ کي ڇپائيءَ لاءِ نه موڪليندو
هو، جيستائين مون کي پڙهائي، ان بابت اطمينان جي
راءِ حاصل نه ڪندو هو. اها ڳالهه مون لاءِ بجا طور
فخر ۽ عزت جو باعث آهي. ٻئي ڀاڱي جي مهاڳ ۾ بنده
جي محنتن لاءِ جيڪو تحسين جو اظهار ڪيو اٿس، اهو
سندس دل نوازيءَ جو چٽو دليل آهي.
بهرحال، پير صاحب جي لاتعداد ۽ گوناگون خوبين ۽
صلاحيتن جو ڪنهن مختصر تحرير ۾ احاطو نٿو ڪري
سگهجي، ان لاءِ دفتر درڪار آهن.
پير علي محمد شاهه راشدي صاحب جي انتقال پُرملال
جي موقعي تي اداره مهراڻ، مرحوم جي بيگم، محترمہ
ممتاز راشدي، ڀاءُ اياز راشدي، پُٽن حسين شاهه،
عادل ۽ ٻين سان دلي ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم جي
مغفرت لاءِ دعاگو آهي. رب ڪريم پوين کي صبر جميل
عطا فرمائي. آمين.
- نفيس احمد شيخ |