سر پهريون ڪلياڻ: سر جي موضوع جي سمجهاڻي ۽ ٽن
فصلن جو جدا جدا بيان.
سر ٻيو جمن: مضمون ساڳيو، ڇهن فصلن جو مختصر بيان
۽ سمجهاڻي.
سر ٽيون سريراڳ: ڇهن فصلن جو بيان ۽ مختصر
سمجهاڻي.
سر چوٿون سامونڊي: مختصر سمجهاڻي ۽ ٽن فصلن جو
بيان.
سر پنجون سهڻي: سهڻي ميهار جو قصو (پنجاب واري
روايت) ۽ سنڌي قصي جو مختصر اختلاف، خاص خاص
ڳالهيون ۽ اشارا، حقيقت ۽ مجاز جي معنائن بابت
اشارا ۽ نون فصلن جو بيان.
سر ڇهون کنڀات: مضمون بابت مختصر ڳالهه ۽ ٽن فصلن
جو بيان.
سر ستون سارنگ: مختصر مضمون ۽ چئن فصلن جو بيان.
سر اٺون ڪيڏارو: مختصر مضمون، ڪربلا جي واقعي جو
قصو، خاص اشارا، سمجهاڻي ۽ ڇهن فصلن جو بيان.
سر نائون آبري: مختصر مضمون، سسئي پنهونءَ جو قصو،
ڏهن فصلن جو بيان ۽ آخر ۾ ٽرمپ واري رسالي ۾ آيل
هڪ ننڍي سر ”آبري ڇوٽڪي“ جو تت.
سر ڏهون معذوري: مضمون ساڳيو سسئي وارو ۽ ستن سرن
جو مختصر بيان.
سر يارهون ديسي: مضمون ساڳيو ۽ ستن فصلن جو بيان.
سر ٻارهون ڪوهياري: مضمون ساڳيو ۽ ستن فصلن جو
بيان.
سر تيرهون حسيني: مضمون ساڳيو ۽ تيرهن فصلن جو
بيان.
سر چوڏهون سورٺ: سمجهاڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو
۽ چئن فصلن جو بيان.
سر پندرهون بيراڳ: فصل جو مختصر بيان، شاهه جو چيل
ڪونهي.
سر سورهون هير رانجهو: سر جي سمجهاڻي بابت اشارا
شاهه جو چيل ڪلام ڪونهي.
سر سترهون بروو سنڌي: مختصر سمجهاڻي، ٽن فصلن جو
بيان ۽ ٽرمپ واري رسالي جي هڪڙي ننڍي سر بروي
ڇوٽڪي جو مختصر بيان ۽ اشارو.
سر ارڙهون مومل راڻو: مومل راڻي جو قصو، سمجهاڻي،
اشارا ۽ اٺن فصلن جو مختصر بيان.
سر اُڻويهون کاهوڙي: سمجهاڻي ۽ ٽن فصلن جو بيان.
سر ويهون رامڪلي: سمجهاڻي، خاص اشارو ۽ نون فصلن
جو بيان.
سر ايڪيهون کيپ (رپ): مختصر سمجهاڻي ۽ ٻن فصلن جو
بيان.
سر ٻاويهون ليلا چنيسر: ليلا چنيسر جو قصو ۽ سر جو
مختصر بيان.
سر ٽيويهون بلاول: سمجهاڻي، سلطان علاء الدين جي
ڪاهه، مظلومن کي پناهه ڏيڻ- راهو سمي ۽ ابڙي سردار
جو قصو (دودو چنيسر واري ڳالهه) مختصر اشارو چئن
فصلن جو بيان.
سر چوويهون ڏهر: سمجهاڻي ۽ چئن فصلن جو يبان.
سر پنجويهون ڪاپائتي: مختصر سمجهاڻي
سر ڇويهون پرڀاتي: مختصر سمجهاڻي.
سر ستاويهون گهاتو: سمجهاڻي ۽ مورڙي جو قصو.
سر اٺاويهون حُسيني ڪيڏارو: سمجهاڻي ۽ فصل جو
مختصر بيان، اشارو هيءُ سُر شاهه جو چيل ناهي.
سر اڻٽيهون آسا: سمجهاڻي ۽ چئن فصلن جو بيان.
سر ٽيهون مارئي: عمر مارئي جو قصو ۽ ڏهن فصلن جو
بيان.
سر ايڪٽيهون ڍول مارئي: شاهه جو چيل ڪونهي.
سر ٻٽيهون ڌناسري: مختصر اشارو، شاهه جو ڪلام
ڪونهي.
سر ٽيٽيهون ڪاموڏ: نوري ڄام تماچيءَ جو قصو، اشارو
۽ ٻن فصلن جو مختصر بيان.
سر پنجٽيهون ڪارايل: مختصر سمجهاڻي ۽ ٻن فصلن جو
بيان.
سر ڇٽيهون بسنت: شاهه جو چيل ڪونهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي جي ترتيب بلڪل ساڳي آهي.
مرزا صاحب جي ۽ ان جي ترتيب ۾ تمام ٿورو فرق آهي،
جو هن ريت آهي، ايتري معمولي فرق سان ترتيب ۾ ڪو
تفاوت نظر نٿو اچي:
·
مرزا صاحب سهڻي ميهار جي قصي جون ٻه روايتون (سنڌي
۽ پنجابي) بيان ڪري ٿو ۽ گربخشاڻي، ٻين داستانن جي
هيٺ آيل داستانن جون جيتريون روايتون ملي سگهيون
آهن، بيان ڪري ٿو.
·
مرزا صاحب رسالو گڏ ڪيو ته ان سان گڏ ڏکين لفظن جي
معنى به بيان ڪئي ۽ پوءِ لغات لطيفي جدا مرتب ڪري
ڇپايو. گربخشاڻي صاحب هر سر کانپوءِ ڏکين لفظن جون
معنائون ڏنيون آهن.
·
مرزا صاحب فصلن سان متعلق راڳن جو بيان ته نه ڏنو
آهي، پر راڳ جي باري ۾ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ضميمي ”د“
هيٺ راڳن جو بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي
جي هر سر هيٺ پهرين راڳ بابت سمجهاڻي ڏئي ٿو.
·
مرزا صاحب بمبئي واري سنگي ڇاپي واري رسالي ۽ ٻين
جهونن نسخن جي آڌار تي پنهنجي رسالي ۽ جائزي ۾
ڇٽيهه سر شامل ڪيا آهن، پر ڊاڪٽر گربخشاڻي رڳو
شاهه جي چيل سرن کي رسالي ۾ شامل ڪيو آهي ۽ جيڪو
به سر شاهه جو چيل ڪونهي، انهن کي خارج ڪري ڇڏيو
آهي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب ڪل ٽيهه سر چونڊيا هئا، پر
رسالو مڪمل نه ٿيو.
·
مرزا صاحب رسالي ۾ شاهه صاحب کان سواءِ ٻين ڪيترن
شاعرن جي ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي ۽ رسالي مان انهن کي
ڌار ڪرڻ جو خيال به ظاهر ڪيو هو، پر گربخشاڻي
جيتريقدر ٿي سگهيو آهي، اهڙو ڪلام خارج ڪيو بلڪ
ڪجهه ڪلام شاهه جو به انهيءَ شبهي ۾ ڪڍي ڇڏيو آهي.
·
مرزا صاحب ٽرمپ جي رسالي جي ننڍن سرن آبري، ڇوٽڪي
۽ بروي ڇوٽڪي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهڙو بيان ڪرڻ سان
رسالي جي ڪيترن نسخن جي ڀيٽڻ جو سلسلو شروع ڪيو
آهي. بلڪ مرزا صاحب پنهنجي رسالي جي ترتيب ۾ تعليم
کاتي لاءِ تاراچند شوقيرام ۽ ٻين رسالن جو ذڪر ڪيو
آهي، پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي رسالي جي پهرين
جلد ۾ چار، ٻئي جلد ۾ پنج ۽ ٽئين جلد ۾ ڇهن رسالن
کي ڀيٽي پنهنجو نسخو تيار ڪيو آهي. ٽنهي صاحبن
پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پڙهڻين کي به درست ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي.
·
مرزا صاحب کي خبر هئي ته سر ڪيڏارو شاهه جو چيل
ڪونهي، (يا رڳو چند بيت شاهه جا چيل آهن). ان بابت
ميان محمد صالح ڀٽي هالا واري سان سندس خط ڪتابت
به ٿي هئي. ڀٽي صاحب جي هڪ خط جي جواب ۾، جو سر
ڪيڏاري جي شاهه صاحب جي ڪلام نه هجڻ بابت هو، مرزا
صاحب لکيو آهي:
”اوهان جي لکڻ موجب ڪتاب پڙهيو ويو ۽ اصلاح ڪئي
وئي. احسان فقير جو ڪيڏارو مون وٽ به هو، انهيءَ
سان مقابلو ڪري سڌار ڪئي وئي. جيڪي بيت اوهان نه
لکيا هئا ۽ هن (مون واري رسالي) ۾ هئا سي به صاف
صفحن تي نمبروار لکيا ويا آهن.“
ڀٽي صاحب لکيو هو ته شاهه جي سر ڪيڏاري جي عنوان
سان هڪ ننڍو ڪتاب تاليف ڪيو هو جو مرزا صاحب وٽ
سندن رايو معلوم ڪرڻ ۽ اصلاح لاءِ موڪليو هو، جنهن
جو ذڪر مرزا صاحب پنهنجي خط ۾ مٿاهين تحرير ۾ صاف
لفظن ۾ ڪيو آهي. انهي الحاقي ڪلام بابت مرزا صاحب
واضح لفظن ۾ پنهنجو رايو ڏنو آهي.
”ڏسڻ ۾ ايندو ته احسان فقير جي بيتن ۾ اسماعيل
(احسان فقير جي پٽ) ۽ جيئندل ۽ ٻين جا بيت به آهن،
يا انهن جون اهي مصراعون ڏنل آهن، جيئن شاهه جي
رسالي ۾ ٻين جا بيت ۽ انهن جون اهي مصراعون ڏنل
آهن.“ (18- مارچ 1920ع
(پر ان هوندي به مرزا صاحب ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي ٻئي
صاحب ڪيڏاري کي شاهه جي رسالي ۾ شامل ڪن ٿا، (رڳو
علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾
سر ڪيڏارو داخل نه ڪيو آهي).
عجيب ڳالهه آهي ته جڏهن گربخشاڻي جي رسالي جي نئين
۽ سهڻي ترتيب ۽ تعليقات ۽ تحقيقات جو ذڪر هلندو
آهي ته ان جو سڄو فائدو ان کي ئي پهچي ٿو ۽ ڪڏهن
ڪو مرزا قليچ بيگ جي ان نرالي ترتيب جي اوائلي ۽
جديد انداز جو اعتراف نٿو ڪري، حالانڪه گربخشاڻي
وارو رسالو مرزا صاحب واري ترتيب جي رٿا جو تفصيل
آهي، انهيءَ حقيقت جي اظهار سان اسان جو مقصد
ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪارنامي کي گهٽائڻ ۽ اُن جي
پورهئي جو فائدو مرزا قليچ بيگ کي ڏيارڻ نه آهي،
بلڪ ان سان گڏ مرزا صاحب جي جائز حق کي ظاهر ڪرڻ
آهي. گربخشاڻي ترتيب ۽ تعليقات جي ڪم کي اهڙي
قابليت ۽ محنت سان انجام ڏنو آهي، جو ان جو اعتراف
نه ڪرڻ به انصاف جي برخلاف هوندو. ٻين سان ڪهڙي
شڪايت ڪجي، جڏهن ڊاڪٽر صاحب جهڙو برک اديب ۽ محقق
پاڻ مرزا صاحب جي ڪم ۽ ان مان پنهنجي فائدي وٺڻ جو
اعتراف نٿو ڪري. حالانڪه مرزا صاحب اهو پهريون
محقق آهي، جنهن اسان کي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي کي ٻڌايو
آهي ته شاهه جي رسالي کي ڪهڙي نموني ۾ مرتب ڪرڻ
گهرجي. ڇو جو مرزا صاحب جي زماني تائين بمبئي واري
سنگي ڇاپي جا 1867 (بقول مرزا قليچ بيگ 1866ع) کان
وٺي 1921ع تائين گهٽ ۾ گهٽ اٺ يا نو ايڊيشن ڇپجي
پڌرا ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ ۽ سرڪاري
تعليم کاتي جو رسالو ٻيا به ڪيترا رسالا اچي چڪا
هئا ۽ هر ڪنهن به رسالي جي ترتيب مرزا صاحب جي
ٻڌايل نموني مطابق نه هئي. بلڪ خود مرزا صاحب به
پنهنجي رسالي کي رواجي انداز ۾ ڪجهه ڌاريا بيت
خارج ڪري ۽ ڇڏيل بيت داخل ڪري جهوني صورتخطي جي
بدران سرڪاري صورتخطي ۾ لڳي مدون ڪيو، انهي سلسلي
۾ مرزا صاحب پهرين عالمن ۾ هو، جنهن جديد صورتخطي
کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گربخشاڻي انهي باري ۾
ٻنهي جي وچ جو رستو اختيار ڪيو. ان لاڙ جي صورتخطي
اختيار ڪئي.
وڌيڪ تعجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته گربخشاڻي جي رسالي
تي تنقيد ڪندڙ ۽ ان جي مخالف اديبن به انهي ڳالهه
بابت ڪو اشارو نه ڪيو، انهي سڄي تنقيد ۽ مخالفت جو
اندازو جيڪو رسالي ۽ ان جي مولف بابت هئي، ادبي
گهٽ ۽ ذاتي ۽ نيم مذهبي وڌيڪ هوندو هو. انهي جهيڙي
۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل مکيه ڪردار ادا
ڪندو هو. ڪجهه اديب گربخشاڻي جي مخالفت ۾ ۽ ڪجهه
موافقت ۾ لکي رهيا هئا. پر سڄو اختلاف ۽ سڄي تنقيد
يا اسلامي تصوف ۽ ويدانيت تي مرڪوز هئي يا
گربخشاڻي جي رسالي ۾ دائودپوٽي مرحوم جي ڪم جي
اهميت کي وڌائي ان جي استاد جي ڪم کان وڌيڪ ظاهر
ڪرڻ تي يا ڊاڪٽر گربخشاڻي جي اسلامي تصوف جي بدران
شاهه لطيف جي ڪلام کي فلسفه ويدانيت جي مطابق پيش
ڪرڻ جي خلاف هئي، پر اهڙن بحثن کان ڪنهن کي به ڪو
فائدو نه رسيو، ڇو جو استاد پنهنجي شاگرد جي ڪم کي
اڳي ئي مڃي چڪو هو ۽ جيتوڻيڪ فلسفه وحدت الوجود ۽
ويدانيت جي بحث جو تعلق آهي، ان ۾ به اختلاف براءِ
اختلاف وڌيڪ نظر اچي ٿو. ان ڪري جو ڊاڪٽر صاحب
فارسي جو پروفيسر هو ۽ تصوف ان جو خاص موضوع هو،
بلڪ هن تحقيق جي موضوع تي لنڊن يونيورسٽي مان
تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي
هئي.
اڄ به اسين ڏسي سگهون ٿا ته ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي
رسالي جي مقدمي ۾ اسلامي تصوف تي تمام سهڻي انداز
۾ بحث ڪيو آهي ۽ ڪنهن تعصب کانسواءِ اظهار خيال
ڪندي قرآن ۽ حديث جي حوالن سان تصوف جي صداقت کي
ثابت ڪري ٿو. ان جي ان محققانه ڪم تي ڪنهن مسلمان
کي به ڪو اعتراض نٿو ٿي سگهي، ڇو جو هن شروع کان
آخر تائين علمي انداز برقرار رکيو آهي. هندوءَ
هوندي به اهڙي سلجهيل نموني ۾ بحث ڪرڻ تي ان جي
جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي، باقي رهيو تصوف سان
گڏ فلسفه ويدانيت جو بيان، ته ان ۾ به ڪو قابل
اعتراض پهلو ڪونهي، بلڪ هن صاحب ٻنهي جي تقابلي
مطالعي جي سلسلي ۾ جا معلومات فراهم ڪئي آهي، ان
مان اڄ به پڙهندڙ فائدو پرائي ٿو. ٻنهي صوفيانه
مڪتبن جي بيان جي هڪڙي ٻي وجهه به آهي ۽ اها هيءَ
آهي ته هو هندن کي شاهه جي ڪلام مان وڌيڪ مايوس
ڪرڻ ٿو چاهي، ان لاءِ جو شاهه ۽ سچل جي درگاهن جي
مريدن ۽ عقيدتمندن هندن کانسواءِ جي فارسي پڙهيل
به هوندا هئا، ٻيا هندو فلسفهء وحدت الوجود کي
ويدانت جي ذريعي ئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ اهڙو
انداز هندو اهل ذرق ۽ خود گربخشاڻيءَ جي لاءِ به
فطري هو. انهي موضوع کي بنا ڪنهن واضح سبب جي
هروڀرو اختلاف جو موضوع بڻايو ويو.
ان سڄي اختلاف ۾ اصل ڳالهه شاهه جي رسالي جي ترتيب
۽ ان تي مرزا قليچ بيگ جي تحقيقي ڪم جي اثر بابت
هئي ۽ ڪنهن اديب هڪ سِٽ به ان بابت نه لکي آهي،
جنهن سان خيال پيدا ٿئي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ
جڏهن هيءُ ادبي معرڪو هليو هو. شايد اسان جا نقاد
مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جو مطالعو گهٽ ڪندا هئا يا
شايد انهي دور ۾ مرزا صاحب جا ڪتاب دستياب نه هئا.
وجه ڪجهه به هجي، افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته مرزا
صاحب ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي واري ترتيب بابت ڪنهن هڪڙي
ماڻهوءَ به انصاف جي ڳالهه نه ڪئي ۽ نه وري اصل
موضوع سان پورو انصاف ڪيو، حالانڪه هيءَ هڪ اهڙي
حقيقت آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري
جو گربخشاڻي جي رسالي جا ٽي ڀاڱا سن 1923ع، 1924ع
۽ 1931ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيا هئا ۽ ان جي مقابلي ۾
مرزا صاحب جو ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“
جو پهريون ڇاپو سن 1905ع ۾ آيو هو ۽ ان کانپوءِ ٽن
ٻين ايڊيشنن ۾ شايع ٿي چڪو هو، جنهن سان گربخشاڻي
جهڙي اسڪالر ۽ محقق جي اڻواقف هئڻ جو سوال ئي پيدا
نٿو ٿئي، ان ڪري جو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي رسالي جي
پهرين جلد ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن مان فائدو وٺڻ
جو پاڻ اعتراف ڪيو آهي. اهڙي حالت ۾ رسالي جي ان
باڪمال مولف جي مرزا قليچ بيگ جي رسالي جي جائزي ۽
تدوين جي رٿا سان تجاهل عارفانه تي تعجب آهي. مرزا
صاحب جي انهي ڪتاب جو پنجون ۽ آخري ڇاپو ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز پاران 1972ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي،
جنهن کي ڏسي هرڪو حقيقت حال کي معلوم ڪري سگهي ٿو.
پروفيسر اڪرم انصاري –
سرت ۽ ساڃاهه جو صاحب
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
پروفيسر محمد اڪرم انصاري سان منهنجي ملاقات ان
وقت ٿي، جڏهن هو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال
هو، ۽ آءٌ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پروفيسر ۽ سنڌي
شعبي جو صدر هوس. ادبي جلسن ۾ گڏيا هئاسين ۽ مقالا
پڙهندا هئاسين. سندس مقالن ۽ تقريرن ۾ فڪر جي
گهرائي به هوندي هئي ۽ خيال جي پاڪيزگي به نمايان
هوندي هئي. ان سان گڏ مون ڏٺو ته هن ۾ نهٺائي هئي،
سنجيدگي هئي، علم ۽ ادب جي پانڌيئڙن جي قدرداني
هئي ۽ شاهه لطيف جي شعر سان عشق جي حد تائين محبت
هئي. ٿورو ڳالهائيندو هو، پر جيڪي ڪجهه ڳالهائيندو
هو، اهو ائين معلوم ٿيندو هو ته ڄڻ ماڻڪ موتي لعل
۽ هيرا لعل هزار ورکا ٿي رهيا آهن. هو مون کي شاهه
لطيف جي شعر جو تمام وڏو ڄاڻو معلوم ٿيندو هو. ان
هوندي به هو مون ناچيز کان شاهه صاحب جي ڪن شعرن
جو مفهوم پڇندو هو ۽ تبادلهء خيالات ڪندو هو. اهو
ئي سبب هو، جو هو مون کي حقيقي معنى ۾ عالم ۽ فاضل
نظر آيو. عالم کي غرور نه هوندو آهي ۽ هو پاڻ کي
حرف آخر نه سمجهندو آهي. ”پڇڻا نه منجهڻا، جي پڇن
سي وير“، صحيح عالم جي سڃاڻ هوندي آهي. انصاري
صاحب به اهڙوئي عالم هو. مان دل سان سندس عزت ڪرڻ
لڳس ۽ هن جو به مون سان انس ٿي ويو. اهو محبت ۽
خلوص جو تعلق هميشہ قائم رهيو. شاهه لطيف لفظن ۾:
جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين،
تڏهانڪر تر جيترو، وير نه وسريام،
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
دل جي ڳالهه دل سمجهندي آهي. هو علم جي لحاظ کان
به قدآور شخصيت هئي، ته عهدي جي لحاظ کان به کيس
وڏي حيثيت حاصل رهي. ڪجهه وقت کانپوءِ هو اسان جو
ڊائريڪٽر ٿي ويو، ان جي باوجود هن ۾ ڪو به فرق نه
آيو. هو مون سان ساڳي ئي نموني سڪ ۽ ساڃاهه سان
ملندو هو ۽ شاهه صاحب جي شعر جي معنى ۽ مفهوم بابت
مون سان تبادلهء خيالات ڪندو هو. مون کي پنهنجا
مقالا پڙهائيندو هو ۽ مون کان راءِ پڇندو هو، ته
شاهه صاحب جي فڪر جي صحيح معنى ۾ وضاحت ٿيل آهي،
يا نه؟ اها سندس عظمت هئي، ورنه حقيقت اها آهي، ته
هو شاهه صاحب جي شعر جو اسان کان وڌيڪ ڄاڻو هو ۽
شاهه جي شعر جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪيو هئائين. هن
قديم ۽ جديد فلسفي ۽ مغربي ادب جو ڳوڙهو مطالعو
ڪيو هو. ۽ ان اڀياس کي سامهون رکي شاهه صاحب جي
شعر کي پرکيو ۽ پروڙيو هو. ان جي نتيجي ۾ هو ان
راءِ جو هو، ته شاهه صاحب جو فڪر مڙني مفڪرن کان
مٿانهون آهي. اها سندس محبت، شفقت ۽ قدرداني هئي،
جو هن ڊائريڪٽر ٿيڻ سان مون کي پرنسپال مقرر ڪيو،
وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪيائين، ته جيئن مون کي لياقت جي
بنياد تي پروفيسر جو گريڊ ملي، پر هو ان ۾ ڪامياب
ٿي نه سگهيو. حقيت اها آهي ته هو عالم هو، اديب هو
۽ صحيح معنى ۾ استاد هو ۽ سياسي جوڙ توڙ ڪري نه
سگهندو هو. سادو، سٻاجهو ۽ سلڇڻو هو. وڏن ماڻهن جي
خوشامند ڪري نه سگهندو هو ۽ ڪن جي درن تي جُتيون
نه گسائيندو هو ۽ اهوئي سبب آهي جو هو ڊائريڪٽر آف
ڪاليج ايڊيوڪيشن جو عهدو ڇڏي، وڃي يونيورسٽيءَ جي
انگريزي شعبي ۾ پروفيسر ٿيو.
مان محسوس ڪندو هوس، ته هن کي ان ڳالهه جو دلي
افسوس هو، ته هو مون کي پروفيسر جو پروموشن وٺي
ڏئي نه سگهيو. الله تعالى ڪارساز آهي. هڪ ڀيري
جڏهن هو ڊائريڪٽر هو، ته آءٌ پرنسپال جي حيثيت ۾
سندس آفيس ۾ ويٺو هوس. ائين ڪندي سندس ٽيبل تي ڪي
ڪاغذ آيا. هڪ ليٽر اهو به هو، جنهن ۾ حڪومت کانئس
پڇيو هو، ته حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معرفت
پروفيسر گريڊ جون جايون ڀرڻ گهري ٿي، اوهان ان
سلسلي ۾ جن سبجيڪٽس جا پروفيسر مقرر ڪرائڻ گهرو،
ان سبجيڪٽس جا نالا لکي موڪليو. ليٽر پڙهي، مون کي
چيائين ته ڏاڍو سٺو موقعو مليو آهي، اوهان جيڪڏهن
ڊائريڪٽ سليڪشن ۾ ويهڻ گهرو ته آءٌ ٻين سبجيڪٽس
سان گڏ ”سنڌي“ سبجيڪٽ به لکي موڪليان. مون خوشي
سان هائو ڪئي، ۽ هن ٻين سبجيڪٽس سان گڏ سنڌي به
لکي موڪليو. اتفاق وري اهڙو ٿيو، جو جڏهن سنڌ پبلڪ
سروس ڪميشن ۾ مون پروفيسر آف سنڌي جي آساميءَ لاءِ
فارم ڀريو، ته ان کان پوءِ جلد ئي انصاري صاحب
ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو. ڪميشن ۾ پروفيسر آف سنڌي
جو انٽرويو ڏيڻ ويس، ته انصاري صاحب منهنجو
انٽرويو وٺڻ واري بورڊ ۾ ميمبر هو. شاهه صاحب جي
خاص بيتن جي لسٽ ٺاهي کڻي آيو هو، جن جو مفهوم هن
مون کان سمجهڻ گهريو ٿي. هو مون کان بيتن جي معنى
پڇندو رهيو، ۽ لفظن جي معنى ۽ مفهوم تي بحث مباحثو
ڪندو رهيو. هو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سندس منهن ٻهڪڻ
لڳو. حقيقت اها آهي، ته عالم کي ڪنهن علمي مسئلي
جي سلجهاءَ تي جيڪا دلي مسرت حاصل ٿيندي آهي، ان
جو ڪاٿو ڪٿي نه ٿو لڳائي سگهجي.
انصاري صاحب ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، سندس
شخصيت ۾ ڪيترائي گڻ هئا. سُرت ۽ ساڃاهه سان گڏ،
سنجيدگي، سلڇڻائي، نهٺائي، سٻاجهائي، حضور شرمي،
حياءُ، خلوص، سچائي، سچيتائي ۽ سڪ سندس سيرت ۾
سمايل هئا. مون ڪڏهن به هن ۾ غرور ۽ تڪبر نه ڏٺو ۽
نه ڪڏهن کيس وڏ ماڻهپائي جتائيندو ڏٺم ۽ ٻڌم. هو
اندر ٻاهر هڪ جهڙو لڳندو هو ۽ سراپا خلوص نظر
ايندو هو. مون ساڻس ڪيتريون ئي رهاڻيون ڪيون، پر
ڪڏهن به کيس هام هڻندو ۽ پاڻ پڏائيندو نه ڏٺم. مون
کي سندس شخصيت ۾ اهڙي جاذبيت نظر ايندي هئي، جو دل
گهرندي هئي ته وٽس ويٺو رهجي، هو شاهه تي ويٺو
ڳالهائي ۽ آءُ ويٺو ٻڌان!.
هو شاهه لطيف جو سچو عاشق ۽ سندس فڪر جو وڏو ڄاڻو
هو. هن شاهه جي شعر جو تمام ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو.
ان سان گڏ هن قديم ۽ جديد انگريزي ادب جي نون
رجحانن ۽ فلسفي جي مختلف نظرين، مسئلن ۽ لاڙن جو
به تمام گهڻو مطالعو ڪيو هو. جڏهن شاهه لطيف جي
فڪر ۽ فلسفي تي ڳالهائيندو ۽ لکندو هو ته سمورو
مغربي ادب ۽ فلسفو سندس سامهون هوندو هو. هو
تقابلي مطالعو پيش ڪري، چٽائيءَ سان ثابت ڪندو هو،
ته شاهه لطيف مڙني کان مٿانهون آهي. هو ٻڌائيندو
هو، ته مغربي اديب ۽ فلسفي جيڪي ڳالهيون اڄ چون
پيا، اهي اڳ ۾ ۽ وڌيڪ سهڻي ۽ اثرائتي نموني سان
شاهه صاحب چئي ويو آهي. هو واضح ڪندو هو ته اهو
انهي ڪري آهي جو شاهه صاحب اسلامي تعليم جي
روشنيءَ ۾ پنهنجو پيغام ڏنو آهي.
شاهه لطيف بابت منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس يا سيمينار ۾
کيس دعوت ڏني ويندي هئي ته ڪيترائي ڪم ڇڏي، وڏي
خوشي سان وڃي شريڪ ٿيندو هو ۽ پنهنجو پرمغز مقالو
پڙهندو هو. هو گهڻو ڪري انگريزي ۾ لکندو هو، پر
موقعي ۽ مهل آهر سنڌي ۾ به مقالو پڙهندو هو. يا
وري انگريزي مقالي جو تت نهايت پر اثر نوع ۾
واتين- ويڻين ٻڌائيندو هو. ساڻس آخري ملاقات 1985ع
واري شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي
ڪانفرنس ۾ ٿي.
هو اصل ۾ انگريزي ادب جو استاد هو ۽ پڙهائڻ ۾ دلي
خوشي محسوس ڪندو هو. انگريزيءَ ۾ وڏي مهارت رکندو
هو ۽ ڏاڍي رواني سان تقرير ڪندو هو ۽ موضوع سان
تعلق رکندڙ مختلف پهلو، فلسفي ۽ اسلامي تعليم جي
روشنيءَ ۾ بيان ڪندو هو ۽ خاص طرح سان شاهه صاحب
جي شعر کي سمجهڻ لاءِ هن قرآن حڪيم ۽ اسلامي اقدار
جو ڀليءَ ڀت مطالعو ڪيو هو. هڪ ڀيري گورنمينٽ
ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه ۾ سيرت النبي جي جلسي جي
صدارت ڪيائين. مون کي به ان موقعي تي ڳالهائڻ لاءِ
گهرايو ويو هو. مون ڏٺو ته هن عالمانه انداز ۾
سنڌي ۾ نهايت سهڻي تقرير ڪئي. هوڏانهن ڏينهن ۾
ڊائريڪٽر ڪاليج هو ۽ آءٌ گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج
قمبر جو پرنسپل هوس، ان جي باوجود هو مون سان اهڙي
ته پيار ۽ پاٻوهه سان مليو هو، جو منهنجي دل موهي
وڌي هئائين.
|